Home / ڪور افيئر / يل لياري
above article banner

يل لياري

 

منهنجي 12 سالن جي نياڻي چئن ڏينهن اندر هزارين گولين جا آواز ٻڌا آهن. هو صدمي کان ذهني مريض بڻجي پئي وڃي. ڪٿان ڪا نڀاڳي گولي نه لڳي وڃي اسين پنهنجي ٻارڙن کي گهرن جي دروازن تي ته ڇا درين يا بالڪونين ۾ به بيهڻ نه ٿا ڏيون .


مان چيل چوڪ سر تري تي رکي ٻاهر نڪتو آهيان. گهر ۾ نه اناج آهي نه ئي پاڻي، بجلي ۽ موبائل فون به بند ڪري ڇڏي اٿئون، ننڍڙي پڇي ٿي ته اسين گهرن کان ٻاهر نڪري سگهنداسين يا اتي ئي مري وينداسين

 

”.سول سوسائٽيءَ سان تعلق رکندڙ الاهي بخش بلوچ گذريل سومر ڏهاڙي، جوائنٽ ايڪشن ڪاميٽيءَ جي پريس ڪانفرنس دوران ڪراچي پريس ڪلب ۾ صحافين کي خاموش ڪري ڇڏيو. هو جڏهن ڳالهائڻ لڳو ته پريس ڪانفرنس ۾ ماٺ ڇانئجي وئي. هن جو چوڻ هو ته سندس گهر تير چوڪ وٽ افشاني گليءَ جي منڍ ۾ آهي. افشاني گلي اهو علائقو آهي

جتي پوليس جو چوڻ آهي ته بندش پيل پيپلز امن ڪميٽيءَ جا گهربل اڳواڻ (جن جي موت يا گرفتاريءَ تي 15 کان 25 لک روپين جو انعام رکيل آهي.) لڪل آهن.انهن وٽ ڪو به اهڙو هٿيار آهي جو سڄي ڪراچيءَ جي پوليس آپريشن جي ڇهين ڏينهن (هنن سٽن لکڻ تائين) افشاني گليءَ ۾ گهڙڻ جي همٿ نه ڪري سگهي آهي.

لياري آپريشن هڪ اهڙو ڳجهه بڻجي چڪو آهي، جنهن جا ٽئي ڪردار ڦاسي چڪا آهن. پاڪستان پيپلز پارٽيءَ تي نه فقط اندروني بلڪه سڄي سنڌ جو دٻاءُ وڌي ويو آهي ته اهو آپريشن ايم ڪيو ايم جي دٻاءَ تي ڪيو ويو آهي. ان ڪري اهو فوري طور تي بند ٿيڻ کپي. پيپلز امن ڪميٽيءَ جا ماڻهو لياريءَ ۾ غير بلوچ سياسي ماڻهن حسن سومرو، ملڪ محمد خان جي ڏينهن ڏٺي ۽ کلي عام قتل کانپوءِ لياريءَ ۾ سياسي حمايت وڃائي چڪا آهن. اهڙين حرڪتن سبب هنن جو سٽي الائنس ٺاهڻ وارو تير به ضايع ويو. جڏهن ٽين ڦاٿل ٽيم ڪراچيءَ جي مشهور انڪائونٽر ماسٽر چوڌري اسلم ۽ سندس ساٿي آهن. چوڌري اسلم گذريل ٻن ڏهاڪن کان هر حڪومت جو پسنديده انڪائونٽر ماسٽر رهيو آهي. جنهن کي نه فقط متحده قومي موومينٽ بلڪه پيپلز پارٽيءَ جي پڻ حمايت حاصل آهي. وڏا وڏا مشڪوڪ انڪائونٽر ڪري ساک ماڻيندڙ اسلم چوڌري کي جڏهن لائيو انڪائونٽر ڪرڻو پيو آهي ته هو گهٽ ۾ گهٽ 6 ڏينهن کان ته لاچار نظر اچي رهيو آهي. پريس ڪلب جي ڪمپيوٽر سيڪشن ۾ پريس فوٽو گرافر هڪ ٻئي کي اهي تصويرون ڏيکاري اڃا به کلندا آهن جن ۾ ڏوهارين راڪيٽ لانچر سان حملو ڪيو هو جنهن ۾ چوڌري اسلم هڪ گاڏيءَ هيٺان لڪل ويٺو آهي.

لياري آپريشن ڇو ڪيو ويو؟ آپريشن واري علائقي جي اصل صورتحال ڇا آهي؟ آپريشن سان پيپلز پارٽيءَ کي ڪهڙا نقصان يا فائدا حاصل ٿيندا؟ آپريشن ڪير ڪير ۽ ڪنهن جي چوڻ تي ڪري رهيا آهن؟ اهي اهڙا سوال آهن جن جو جيڪڏهن تفصيل سان جائزو وٺبو ته ڳالهه ڪنهن ڪتابي صورت تائين مَس پوري ٿيندي. پر تنهن هوندي به ڳالهه جي تهه تائين پهچڻ جي ڪوشش ضرور ڪبي.

سنڌ بلوچستان جو ماڻهو جڏهن بيروزگاريءَ سبب ڪراچي ۾ ايندو آهي ته ان جي پهرين منزل لياري هوندي آهي. اڪثر ماڻهو لياريءَ مان ئي اقتصادي طور پاڻڀرو ٿيڻ کانپوءِ شهر جي ٻين علائقن ڏانهن منتقل ٿيندا آهن. لياريءَ جي ماڻهن ڪڏهن به آمريت جي حمايت نه ڪئي آهي. هو بنياد پرستي ۽ انتها پسنديءَ واري چوغي ۾ ڪڏهن به نه رهيا آهن. ان جي باوجود لياريءَ جو هڪ منفي پهلو اهو به رهيو آهي ته هتي هميشھ گينگ وار ۽ ڏوهارين جي حڪمراني رهي آهي. اها ڌار ڳالهه آهي ته انهن ڏوهاري گروپن کي هميشھ حڪومت يا اسٽيبلشمينٽ جي حمايت حاصل هوندي آهي. جيئن اسان سنڌي هميشھ ڌارين جي آبادڪاري کان پريشان هوندا آهيون. اهڙيءَ طرح لياري ۾ پڻ ڌارين جي آبادڪاري هڪ سنگين مسئلو رهيو آهي. لياريءَ ۾ هن مهل به ٻن قسمن جا بلوچ آباد آهن. جن ۾ اڪثريت لياريءَ جي وارثن جي آهي جيڪي صدين کان هتي آباد آهن. هي بلوچ ماهي گيري کان مزدوريءَ تائين، مڪينڪ، ٽرانسپورٽ سان لاڳاپيل، سينمائن ۾ گيٽ ڪيپر کان بس ڪنڊڪٽر جهڙن ڌنڌن ۾ شامل رهيا آهن. پر هڪڙو گروپ ايران کان هتي پهتو. هي گروپ ڏوهاري ذهنيت رکندڙ رهيو آهي. جيڪڏهن توهان باريڪ بينيءَ سان تجزيو ڪندو ته ارشد پپو کان رحمان ڊڪيت ۽ عزير بلوچ کان غفار ذڪري سڀني جو تعلق ايراني نسل سان آهي. جيڪي مهاجر بڻجي لياري آيا پر بلوچي زبان سبب اهي لياريءَ جي بلوچن تي قابض ٿيا. اڄ به لياري جا اصل وارث سياسي طور تي پيپلز پارٽيءَ سان لاڳاپيل آهن. جيڪڏهن ويجهڙ واري سياسي تاريخ تي نظر وجهبي ته اها ڳالهه واضح ٿيندي ته آمريت خلاف پاڪستان ۾ هميشھ ٽن قومن عملي جدوجهد ڪئي آهي. انهن ۾ سنڌي قوم، سرائيڪي ۽ بلوچ شامل آهن. جنرل ضياءُ الحق 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ جي جواب ۾ سرائيڪي علائقن ۾ سپاهه صحابه، سنڌ ۾ مهاجر قومي موومينٽ ۽ لياريءَ جي بلوچن ۾ گينگ وار گروپ پيدا ڪيا ته جيئن اهي ماڻهو هڪٻئي سان وڙهندا رهن. اهي آمريتن خلاف عملي جدوجهد نه ڪري سگهن. اهي ٽئي قوتون اڄ به آمريتن جي ضرورت آهر سرگرم هونديون آهن. 1967 ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي قيام کان اڳ اڄ تائين 45 سالن تائين ڳڙهي خدابخش جي غم ۽ خوشين جي ڪاڄن ۾ شريڪ ٿيندڙ ڪراچي واسين جي اڪثريت جو تعلق لياري سان رهيو آهي. پر هن سال 2012ع ۾ پهريون ڀيرو امن ڪميٽيءَ لياريءَ ۾ کلي عام پڙهو گهمائي اعلان ڪيو ته هن ڀيري لياريءَ مان ڪو به ماڻهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ ۾ شرڪت لاءِ لاڙڪاڻي نه ويندو. هنن چيو ته جيڪو شخص لاڙڪاڻي ويندو اهو زنده نه بچندو. هنن اها صرف ڌمڪي ئي نه ڏني پر لاڙڪاڻي لاءِ بسن جو انتظام ڪندڙ پي پي اڳواڻ حسن سومري کي اَٺ چوڪ تي کلي عام گولين سان پروڻ ڪيو. پيپلز پارٽيءَ جا جيڪي اڳواڻ ورسيءَ جي بائيڪاٽ واري اعلان کان اڳ ۾ ڳڙهي خدا بخش پهچي چڪا هئا اهي اڄ تائين پنهنجي گهرن ۾ واپس نه ويا آهن. ضلعي اڳواڻ هوت خان کي سندس ئي گهر ڏٺي مهينو گذري ويو آهي. ڪجهه ماڻهو بائيڪاٽ جي ڌمڪي کانپوءِ سيوهڻ کان واپس لياري وريا هئا. گذريل هفتي جڏهن سپريم ڪورٽ وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلانيءَ کي سپريم ڪورٽ تاريخي طور 31 سيڪنڊن جي سزا ٻڌائي ته لياريءَ مان ملڪ محمد خان هڪ احتجاجي ريلي لياري کان ڪراچي پريس ڪلب وٺي اچڻ چاهيو پئي. اڃا ڪجهه ماڻهو گڏ ئي مَس ٿيا ته ٻه هٿياربند موٽر سائيڪل تي آيا. هڪ ڄڻي اچڻ سان ملڪ محمد خان جي ڄنگهه ۾ گولي هنئي. هو ڪنهن سان فون تي ڳالهائي رهيو هو. شايد مٿان کان حڪم ٿيس. بعد ۾ هن ملڪ محمد کي مٿي ۾ گوليون هڻي قتل ڪيو. ملڪ محمد خان لياريءَ ۾ پيپلز پارٽي جي حلقي پي ايس 111 جو صدر ۽ اڳوڻو ناظم هو. پيپلز امن ڪاميٽي هڪ ٻيو غلط سياسي پتو اهو کيڏيو ته انهن مسلم ليگ (ن) ۾ شموليت جو اشارو ڏنو. علائقي ۾ سيد غوث علي شاهه جو اثر رسوخ وڌندو پئي ويو جيڪو پيپلز پارٽيءَ لاءِ قابل قبول نه هو. انڪري بلاول هائوس ۾ صدر آصف علي زردريءَ جي صدارت ۾ ڪيل اجلاس ۾ گذريل مهيني جي آخري هفتي ۾ ٻه وڏا فيصلا ڪيا ويا. هن ۾ پهريون فيصلو منظور وساڻ کي گهرو معاملن واري وزارت تان هٽائڻ جڏهن ته ٻيو فيصلو لياري آپريشن جو ڪيو ويو.

لياري آپريشن شروع ڪيو ويو ته اهو خيال ڪيو پئي ويو ته آپريشن 48 ڪلاڪن ۾ مڪمل ٿيندو. پر جڏهن پوليس اٺ چوڪ کان چيل چوڪ پهتي ته کين خبر پئي ته معاملو ايترو آسان ناهي جيترو هو سمجهن ٿا. ڇهه ڏينهن تائين پوليس افشاني گلي ۾ داخل ٿي نه سگهي آهي. سڄي دنيا ۾ جيڪڏهن ڪنهن هنڌ تي پوليس ۽ دهشتگردن جو مقابلو ٿيندو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ورديءَ ۾ جڏهن ته دهشتگرد منهن لڪائي فائرنگ ۽ حملا ڪندا آهن. پر هي دنيا جو واحد مقابلو آهي جتي دهشتگرد کلي عام پوليس تي فائرنگ ڪندي نظر اچن ٿا. جڏهن ته ان جي مقابلي ۾ پوليس جا رومال سان منهن ڍڪيل آهن. “منهن ڍڪيل پوليس جي ورديءَ ۾ شخص ايم ڪيو ايم جا هٿياربند آهن جيڪي عزير جان بلوچ کي مارڻ چاهين ٿا.” جماعت اسلامي جو اڳواڻ ۽ اڳوڻو ناظم ڪراچي نعمت الله ايڊوڪيٽ لياريءَ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چوي ٿو. نعمت الله آپريشن کان متاثر ماڻهن لاءِ خوراڪ کڻي لياري ويو ته سندس قافلي تي سڌي فائرنگ ڪئي وئي ۽ کيس سامان ورهائڻ جي اجازت نه ڏني وئي. هو چوي ٿو ته “منهنجي قافلي تي ٻٽ ٻڌل ايم ڪيو ايم جي هٿياربندن فائرنگ ڪئي ته جيئن انهن جي سڃاڻپ پڌري نه ٿي سگهي”. هن اهڙن ٻُٽ ٻڌل همراهن جي تصوير به جاري ڪئي آهي. نعمت الله خان جي ڳالهه جي تصديق ان مان به ٿئي ٿي ته متحده قومي موومينٽ جي ذيلي اداري خدمت خلق فائونڊيشن (ڪي ڪي ايف) پاران جيڪڏهن آپريشن جي متاثرن لاءِ خوراڪ ۽ دوائون پهچي رهيون آهن ته نعمت الله جي “الخدمت فائونڊيشن” کي اهو حق حاصل ڇو نه آهي. پيپلز پارٽيءَ جو نبيل گبول خوراڪ پهچائڻ تي متحده جي قائد الطاف حسين کهڪ ڊرامو آهي؟ آخر ان جوا انت ڪهڙو ٿيندو؟ ٻئي ڌريون هڪ ٻئي خلاف روايتي طريقا استعمال ڪري رهيون آهن. “اسانکي پيپلز پارٽيءَ ايم ڪيو ايم سان وڙهڻ لاءِ هٿيار وليس جو ڪو به عملدار داخل ٿيڻ جي همت  نه پيو ڪري سگهي اتي گذريل اربع ڏهاڙي هڪ مقامي ٽي وي چينل جي سڄي رپورٽنگ ٽيم افشاني گلي پهچي وئي ۽ اتان جي مقامي ماڻهن سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. “مون عزير بلوچ سان رابطو ڪيو. مونکي لياري جي هڪ هنڌ اچڻ جو چيو. مان ويس ته هڪ ڪار آئي جيڪا اسانجي اڳواڻي ڪندي افشاني گلي پهتي. اسان پيپلز امن ڪميٽي جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي”. سنبرين آغا چوي ٿي. هوءَ ٻڌائي ٿي ته هنن اسان کي مختلف علائقن جو پاڻ سان گڏ دورو ڪرايو. جتي سڀ ڪجهه نارمل هو. “هتي ڪو به آپريشن ناهي. پوليس ڊرامو ڪري رهي آهي. اسين روڊن تي ڪي به کڏون کاهيون ناهن کوٽيون” عزير جان سنبرين آغا سان ڳالهائيندي چوي ٿو. بهرحال ڪجهه به ٿئي پر لياريءَ ۾ ڪالهه جيڪي ولين هئا اهي اڄ هيرو بڻجي چڪا آهن. سنڌ جي مڙني قوم پرست جماعتن 5 مئي تي سڄي سنڌ ۾احتجاجي مظاهرن جو سڏ ڏنو آهي. “لياريءَ جو آپريشن غلط رٿابنديءَ جو نتيجو آهي. سڄي شهر ۾ رينجرز جي مدد سان آپريشن ڪيو وڃي” سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو اڳواڻ سيد جلال محمود شاهه پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چوي ٿو. جيئي سنڌ قومي محاذ جا اڳواڻ نياز ڪالاڻي، آصف بالادي، سنڌ نيشنل موومينٽ جو اڳواڻ علي حسن چانڊيون پڻ ساڻس گڏ هئا.

 

هن سٽن جي ڇپجڻ تائين امڪان آهي ته لياري آپريشن جو انت اچي چڪو هجي ڇو ته 3 مئي تي رينجرز لياري ۾ داخل ٿي چڪي آهي. ممڪن آهي ته عزير بلوچ، ظفر بلوچ پنهنجي رضاڪارانه گرفتاري پيش ڪن يا وري لياري مان ڪنهن حڪمت عملي تحت فرار ٿي وڃن. ڇاڪاڻ ته هاڻي انهن جي سياسي مالڪي ايتري ٿي آهي جو اهو ممڪن ناهي ته اهي ماريا وڃن. جيڪڏهن لياري آپريشن ۾ عزير بڇو نه هجن هن سڄي آپريشن جا فاتح سمجهيا ويندا. آپريشن ڊگهو هُجڻ جو هنن ڀرپور فائدو ورتو آهي. اين جي اوز سان تعلق رکندڙ الاهي بخش بلوچ  جي نياڻي سميت لياري جي لکين ماڻهن گهڻو ڪجهه ڀوڳيو آهي. پر هاڻي شايد انهن جا ڏکيا ڏينهن ختم ٿيڻ وارا آهن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو