Home / افيئر / سنڌ بئنڪ ۽ ايم ڪيو ايم جي “خداڪارڻ” مخالفت
above article banner

سنڌ بئنڪ ۽ ايم ڪيو ايم جي “خداڪارڻ” مخالفت

پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ جي وچ ۾ اختلاف پهرئين ڏينهن کان موجود آهن ۽ اهي جاري رهڻا آهن. ٻنهي پارٽين جا مختلف نطريا ۽ منزلون آهن پر هاڻوڪي حڪومت جي گذريل ٽن سالن جي اقتداري دور ۾ اها ڳالهه ته بهرحال چٽي ٿي وئي آهي ۽ ان ۾ هاڻي ڪو به شڪ نه رهيو آهي ته پيپلز پارٽي ڪراچي ۽ حيدرآباد جي معاملن بابت سنڌي ماڻهن کي سخت مايوس ڪيو آهي ۽ ايم ڪيو ايم جي سامهون لاڳيتو هٿيار ڦٽا ڪندي آئي آهي. هٿيار ڦٽا ڪرڻ مان اسان جو مقصد جهيڙو جهڳڙو نه، پر سنڌي ماڻهن جو اصولي موقف آهي.

هينئر به ٻيا مسئلا ته گهڻا اهن، پر هڪ اهم ترين مسئلو ڪمشنري نظام جي بحالي ۽ ٻيو سنڌ بئنڪ جو ٺاهڻ آهي. ڪمشنري نظام جي حوالي سان گذريل ڪجهه ڏينهن کان ميڊيا جي بازار ۾ تيزي هئي. فيبروي جي شروع ۾ سنڌ گورنر هائوس ۾ پيپلز پارٽي ۽ متحده قومي موومينٽ ۾ ان معاملي تي ٿيل ملاقات کانپوءِ هڪ ڌر پاران “قومي ميڊيا” کي اها خبر “وات ۾” وڌي وئي ته ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڪمشنري نظام جي معاملي تي ٺاهه ٿي ويو آهي.  مئجسٽريسي اختيار بحال ڪيا ويندا، پر اهي ڪم مڪاني ادارن جي هٿ هيٺ ڪندا. ماڻهن کان کل نڪري ئي. يعني ڳالهه ته ساڳي ٿي جيڪا ايم ڪيو ايم چاهي پئي، ماڻهن کي هڪ دفعو وري پيپلز پارٽي جي لاچاري، ويچارگي، تي رحم نه ڪاوڙ آئي. پر پوءِ خبر پئي ته اندر ۾ قصو ٻيو هو. ان تي پوءِ ٿا اچون، پهرين سنڌ بئنڪ جي معاملي تي نظر وجهون.


نومبر 2010ع ۾ سنڌ حڪومت سنڌ ۾ حڪومت پاران ڪمرشل بئنڪ جوڙڻ لاءِ چيف سيڪريٽري سنڌ جي سربراهي ۾ هڪ بورڊ ٺاهيو ويو ته جيئن بئنڪ قائم ڪرڻ سان گڏ سمورا معاملا طئي ڪيا وڃن. جڏهن سنڌ بئنڪ قائم ڪرڻ جا تفصيل سامهون آيا ته ايم ڪيو ايم پاران سنڌ اسيمبلي ۾ پارلياماني اڳواڻ سيد سردار احمد هڪ خط سنڌ جي وڏي وزير ۽ مراد علي شاهه کي لکيو جنهن ۾ هن ايم ڪيو ايم پاران ان معاملي تي تحفظات جو اظهار ڪيو. ان خط ۾ سردار احمد لکيو ته سنڌ بئنڪ قائم ڪرڻ وارو فيصلو ته سنڌ ڪابينا جي ڪنهن به اجلاس ۾ نه ٿيو هو ۽ نه ئي سنڌ اسيمبلي ان سلسلي ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو پوءِ هي فيصلو ڪيئن ٿيو؟ ايم ڪيو ايم کي ان تي سخت تحفظات آهن، ڇو ته سنڌ حڪومت جو ڪم ڪمرشل بئنڪ قائم ڪرڻ نه آهي،  پر سردار احمد جي ان خط جو جواب ڏيڻ بجاءِ 29 جنوري 2011ع تي سنڌ ڪابينا جو اجلاس گهرائي سنڌ بئنڪ جو معاملو ايجنڊا تي آندو ويو. ايم ڪيو ايم اتي به سخت مخالفت ڪئي، پر پيپلز پارٽي ٿڙي ٿاٻڙي ڪابينا مان اهو فيصلو ڪرائي ورتو ته سنڌ حڪومت پاران ڪمرشل بئنڪ قائم ڪئي وڃي. ان لاءِ اسٽيٽ بئنڪ وٽ 10 ارب رپين جي ايڪيوٽي به جمع ڪرائي وئي آهي ۽ ان منصوبي لاءِ 6 ارب رپيا به موجود آهن. جنهن کانپوءِ سيد سردار احمد هڪ ٻيو خط سنڌ جي وڏي وزير ۽ ناڻي واري وزير ڏانهن لکيو، جنهن ۾ هن هڪ دفعو وري پنهنجي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ تجويز ڏني ته هرڀرو بئنڪ قائم ڪرڻ ضروري آهي ته اها پرائيويٽ سيڪٽر ۾ قائم ڪئي وڃي يا مائڪرو فنانس بئنڪ قائم ڪئي وڃي، جيڪا ننڍا قرض جاري ڪري. ان سلسلي ۾ وڌيڪ تفصيلن لاءِ سنڌ اسيمبليءَ ۾ سيد سردار احمد جي چيمبر ۾ ساڻس ملاقات ڪري کيس بنيادي اختلاف معلوم ڪرڻ گهريم، سردار احمد جو موقف هو ته هڪ دفعو اڳ به جڏهن هو سنڌ جو چيف سيڪريٽري هو ۽ ڄام صادق علي وڏو وزير هو، ان وقت به سنڌ حڪومت پاران ڪمرشل بئنڪ قائم ڪرڻ جو معاملو تمام گهڻي سنجيدگيءَ سان اٿيو هو، پر چيف سيڪريٽري جي حيثيت ۾ هن ان منصوبي جي سخت مخالفت ڪئي ۽ وڏين ڪوششن کانپوءِ ڄام صادق علي کي پرائيويٽ سيڪٽر ۾ بئنڪ قائم ڪرڻ تي راضي ڪيو، جنهن کانپوءِ مهراڻ بئنڪ قائم ٿي. سردار احمد جو خيال هو ته اسٽيل مل، پي آءِ اي، ۽ ريلوي کي به پرائيويٽ پارٽين کي وڪرو ڪري ڏنو وڃي.

سردار احمد جي چيمبر کان نڪري سنڌ اسيمبلي جون ڏاڪڻيون لهندي سوچيندو آيس ته سردار احمد اها ڳالهه پهريون دفعو قبول ڪئي آهي ته ڄام صادق کان مهراڻ بئنڪ هن قائم ڪرائي ۽ پوءِ جنهن تيزيءَ سان اها بئنڪ اڀري، ان ئي تيزيءَ سان ڌڙام ڪري وڪري پرزا پرزا ٿي وئي. مهراڻ بئنڪ پنهنجي مختصر ڄمار ۾ جيڪي ڪارناما سرانجام ڏنا اهو هڪ قسم نامي جي صورت ۾ سپريم ڪورٽ جي سرد خاني ۾ پيل ڪيس ۾ موجود آهن. پاڪستان جي اقتداري ۽ سياسي تاريخ ۾ پيپلز پارٽي کي ٽوڙڻ لاءِ آءِ ايس آءِ پاران سياستدانن ۾ ورهايل رقمن جا تفصيل موجود آهن. مذڪوره اداري اهي رقمون مهراڻ بئنڪ ذريعي ورهايون هيون. اهو ڪيس پيپلز پارٽي نه پر ان جو سخت مخالف تحريڪ استقلال جو اصغر خان سپريم ڪورٽ کڻي ويو. گذريل ڪيترن ئي سالن کان اهو ڪيس جي ڪارروائي مڪمل ٿي وئي آهي. فيصلو محفوظ آهي، پر “آزاد عدليه جا ان ڪيس جي فيصلي لکڻ ۽ ٻڌائڻ تي هٿ ڏڪن ٿا. جيڪڏهن اهو فيصلو اچي ٿو ته نواز شريف سميت فوج جو اڳوڻو آرمي چيف اسلم بيگ سميت گهڻا سياستدان، فوجي ڪامورا لپيٽ ۾ اچن ٿا. آزاد عدليه ان ڪيس کي نه کني، ڪنهن کي بچائي رهي آهي؟ اهو سياڻن کي سمجهي وڃڻ کپي.

ان سلسلي م جڏهن سنڌ حڪومت جي تازو مقرر ٿيل ترجمان ۽ پيپلز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري تاج حيدر سان “افيئر” طرفان رابطو ڪيو ويو ته هن جو چوڻ هو ته اصل ۾ پبلڪ سيڪٽر پاران نئين ڪمرشل بئنڪ قائم ڪرڻ جي فيصلي پرائيويٽ سيڪٽر جي حمايت ڪندڙ ن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون آهن. ماضي جي تجربي ثابت ڪيو آهي ته بئنڪنگ سيڪٽر کي پبلڪ سيڪٽر مان ڪڍي پرائيويٽ ۾ وٺي وڃڻ سان سخت نقصان رسيو آهي. سنڌ حڪومت نه رڳو بئنڪنگ سيڪٽر ۾ جديد بئنڪ قائم ڪري رهي آهي، پر جديد بينڪاري جي تربيت لاءِ هڪ الڳ انسٽيٽيوٽ به قائم ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ سنڌ جي نوجوانن کي بئنڪنگ جي جديد سکيا به ڏني ويندي. جيئن هو ان شعبي ۾ پنهنجون صلاحيتون بهتر انداز ۾ استعمال ڪري سگهن.

پيپلز پارٽي حڪومت پهرين جنوري 1974ع تي نجي شعبي جي 16 پاڪستاني بئنڪن کي سرڪاري ملڪيت ۾ ورتو هو. ان وقت 16 مان 12 بئنڪن جي حالت خراب هئي ۽ کاتيدارن جون رقمون ٻڏڻ جو ڊپ هو. انهن بئنڪن کي ملائي 5 وڏيون بئنڪون قائم ڪيون ويون. اهو فيصلو ان وقت تمام گهڻو ڪامياب رهيو. پهرين ڏهن سالن ۾ انهن بئنڪن جو ڪل تعداد 3 هزار مان وڌي 7 هزار کان به ٽپي ويو. “تربيت يافته ملازمن جي تعداد ۾ 41473 جو واڌارو ٿيو هو. تاج حيدر چيو ته 1977ع ۾ شهيد ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ کانپوءِ بئنڪن جي معاملن ۾ آهستي آهستي ناجائز مداخلت جو بنياد پيو ۽ فيصلا سياسي رشوتون ڏيڻ ۽ سياسي وفاداريون خريد ڪرڻ جا ٿيڻ لڳا. 1990ع ۾ آمر ضياءَ الحق جي نظرياتي وارثن بينڪاري جي صنعت ۾ نجڪاري جو آغاز ڪيو. تڪڙ ۾ پهرين مرحلي ۾ الائيڊ بئنڪ ۽ مسلم ڪمرشل بئنڪ کي ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ڪيو ويو. نجڪاري جي ابتدا ۾ 2 هزار برانچن کي بند ڪيو ويو. 42 هزار کان وڌيڪ ملازمن کي نوڪرين کان جواب ڏنو ويو. حڪومت ۽ اسٽيٽ بئنڪ 1997ع کان 2001ع تائين بئنڪن کي ري اسٽرڪچرنگ جي نالي تي 55 ارب 6 ڪروڙ جو سرمايو فراهم ڪيو. ان وقت متحده مخالفت ڇو نه ڪئي هئي؟ انقلاب جي دعويٰ ڪندڙ پرائيويٽ سيڪٽر جا ايڏا حمايتي ڇو آهن؟ تاج حيدر چيو ته سنڌ بئنڪ تي متحده پاران ڪيل ڪنهن به اعتراض جو ڪو بنياد ئي نه آهي، هو نجي شعبي جي ونگار وهي رهيا آهن.

بهرحال سنڌ حڪومت سنڌ بئنڪ جي معاملي تي في الحال ايم ڪيو ايم جو ڪو دٻاءَ قبول نه ڪيو آهي ۽ ان لاءِ ڪم تيزيءَ سان جاري آهي. ٻيو خيال اهو به آهي ته ايم ڪيو ايم وٽ سنڌ بئنڪ کي قائم نه ڪرڻ لاءِ ڪو مضبوط جواز نه هو، پر ڇو ته اهو ڪم سنڌ حڪومت  پئي ڪري ۽ انهن جو گهڻو اثر رسوخ في الحال نه هوندو، تنهن ڪري ايم ڪيو ايم سنڌ بئنڪ جي اها مخالفت “خدا ڪارڻ” ئي ڪئي.

هلندي هلندي ڪمشنري نظام جي تڪرار جي ٿوري ڳالهه به ڪندا هلون. تاج حيدر کان ڳالهين ڳالهين ۾ پڇيم ته سردار احمد ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي مڪاني نظام جي حوالي سان راضي ٿي ويا آهن. آفيسرن کي مئجسٽريسي اختيار ڏنا ويندا، پر اهي ناطم جي هٿ هيٺ ڪم ڪندا. انهن آفيسرن کي مقرر سنڌ حڪومت ڪندي. تاج حيدر ٿورو کليو ۽ وراڻيائين. جيڪڏهن آفيسرن کي سنڌ حڪومت مقرر ڪندي ته اهي ڪم به سنڌ حڪومت جي اختيار هيٺ ڪندا، ناظمن جي هٿ هيٺ ڪيئن؟ ٻيو ته اهو درست ناهي ته ڪمشنري نظام جي حوالي سان ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ ڳالهيون طئي ٿي ويون آهن. اصل ۾ اسان ڪنهن پارٽي جي مفادن کي نظر ۾ رکندي مڪاني نظام ۾ تبديلي ڪرڻ نٿا چاهيون. نه پيپلز پارٽي نه ايم ڪيو ايم، اها تبديلي آئين کي نظر ۾ رکندي ٿيڻ گهرجي. ايس ايل جي او 2001ع، 1973ع جي آئين جي بنيادن جي خلاف هو. تاج حيدر ٻڌايو ته ايم ڪيو ايم 1200 صفحن تي ٻڌل نئين نظام لاءِ پروپوزل ڏنو آهي. اياز سومرو چوي ٿو ته ان کي غور سان پڙهڻ ۾ ئي ٻه مهينا لڳي ويندا. ها ڳالهه سادي آهي ته ان کي هروڀرو منجهايو ويو آهي، جو هڪ ڌر کي خوف آهي ته مڪاني نظام تبديل ٿيو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جا شهر سندن قبضي مان نڪري ويندا. پيپلز پارٽي 2001ع کان اڳ واري مڪاني نظا کي ٿوري ڦيرڦار سان لاڳو ڪرڻ چاهي ٿي. ان مطابق پهروين اهو فيصلو ڪرڻو پوندو ته هڪ ضلعي جي آئين مطابق وصف ڇا آهي؟ يعني هڪ ضلعو 5 لکن جي آبادي جو ۽ ٻيو هڪ ڪروڙ جي آبادي جو ايئن ڪيئن ممڪن آهي؟ ان ڪري ضلعن کي ڪجهه گهٽ وڌائي سان هڪ ڪري آبادي جي بنياد تي رکيو وڃي، ٻولي يا سياسي مفادن جي بنياد تي نه. ايئن ئي يونين ڪائونسلن کي به رکيو وڃي ته هڪ يونين ڪائونسل 20 هزارن جي آبادي ته تي ٻي 60 هزارن جي آبادي تي ٻڌل، اهو درست ناهي، ڪراچي ۾ 178 يوسيز جي جاءِ تي 400 يوسيز هجڻ گهرجن ۽ اها ڳالهه ايم ڪيو ايم جي مفاد وٽان ناهي جو هو سمجهن ٿا ته پوءِ هو ڪراچي ۽ حيدرآباد تي پنهنجو ڪنٽرول برقرار رکي نه سگهندا. ڏسون ته پيپلز پارٽي پنهنجو موقف مطابق مڪاني ادارن جي نظام ۾ تبديلي ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃي ٿي؟ وقت، پيپلز پارٽيءَ جي هٿن مان تيزيءَ سان نڪري رهيو آهي. هنن سنڌي ماڻهن جي مينڊيٽ کي اڃا به پٺي ڏني ۽ سندن مفادن تي اسٽينڊ نه ورتو ته اڳيان ڇا ٿيندو، اهو سمجهڻ گهڻو ڏکيو به نه آهي.

qasif@hotmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو