Home / ڪرنٽ افيئر / آمريڪا بهادر، سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي جوڪر
above article banner

آمريڪا بهادر، سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ ۽ سياسي جوڪر

ٿي سگهي ٿو ته “ڦاٽي پوندڙ انبن” واري ناول جو ليکڪ ايلس ڀٽيءَ کان واندو ٿي هن موضوع تي ڪا طبع آزمائي ڪري ته ڪري، باقي محبتن ۽ شادين جي باري ۾ اسان وٽ اڃا تائين ڪنهن اهڙو ناول نه لکيو آهي جنهن جو موضوع هجي: “Love in the days of loadsheding”(لوڊ شيڊنگ جي ڏينهن ۾ محبت.)

پنهنجي ناول “ڪالرا جي ڏينهن ۾ محبت” ۾ گارشيا مارڪيز ڪنهن ڪردار کان چورايو هو ته: “شادي اهڙي شيءَ آهي جيڪا هر رات پيار ڪرڻ کان پوءِ ٽٽيو پوي. ٻئي ڏينهن ناشتي کان اڳ ان کي وري ٽانڪو هڻڻو پوي ٿو.” لوڊ شيڊنگ، گيس شيڊنگ، ڊينگي ۽ برساتي ٻوڏن جهڙن مسئلن ۽ بحرانن ۾ غوطا کائيندڙ هن ملڪ جي شاديءَ کي به اڄڪلهه روز ٽانڪو هڻي هلايو پيو وڃي. چيو ويندو آهي ته شاديءَ جي ستن سالن کان پوءِ زال مڙس کي هڪٻئي مان بيزاريءَ واري خارش (seven years itch) ٿيندي آهي. ستين سال ته خيريت رهي پر 64 سال گذرڻ بعد پراڻي لو ميريج کي گهليندا گهليندا آمريڪا ۽ پاڪستان اتي اچي پهتا آهن جتي هاڻي ٻنهيءَ جا هٿ هڪ ٻئي جي ڄنڊن ۾ آهن. ۽ جهيڙو افغانستان تي آهي جتي، سيڪيورٽي ماهرن جي چوڻ موجب، پاڪستان جي مدد کان سواءِ امن ٿي نٿو سگهي. ۽ ساڳيا ماهر اهو به چون ٿا ته “پاڪستان arsonist (ٽانڊو ڏيندڙ) به آهي ته fire-fighter (باهه وسائيندڙ) به.”


جيڪڏهن ڏسجي ته تازي صورتحال ۾ ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا هاڻي زبردستيءَ جي شاديءَ جهڙا ٿي ويا آهن. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته جارج بش نائين اليون وارن همراهن ۽ طالبانن سان ان ڪارروائيءَ ۾ برابر جو شريڪ سڏي نڙيءَ تي ننهن ڏيئي پاڪستان کي رات وچ ۾ انهن خلاف سلطاني گواهه بنائي ڇڏيو هو، جنهن بعد ان کي افغانستان مان اڄ تائين جهڙو ڪر نيڪالي مليل آهي. ان لاءِ سينٽرل ايشيا تائين پهچ جا رستا بند ڪيا ويا. جنگ سٽيل ملڪ جي ريڪنسٽرڪشن جا ٺيڪا به وچان ڀارت کي وڃي مليا جنهن پنهنجي ڪمپنين جا دفتر کولڻ سان گڏ جام سارا فوجي به آندا ته اڌ ڊزن کان وڌيڪ سفارتخانا کولي اسلام آباد لاءِ ڳڻتيءَ جهڙي صورتحال پيدا ڪري وڌي. اڳتي هلي ڊرون حملن ۽ ڊو مور جي دڙڪن سان پاڪستان کي مجبور ڪيو ويو ته اهو “وقت ضرورت ڪم اچڻ” لاءِ قبائلي علائقن ۾ سنڀالي رکيل پنهنجي سامان کي پنهنجي هٿن سان ناس ڪري. جيئن تيئن ڪري همراهن حڪم جي ڪجهه تعميل ڪئي پر “ڪم وارن ماڻهن” تي هلڪو هٿ رکيو جيڪي اتر وزيرستان مان سرحد پار خوست واري علاقي ۾ اڄڪلهه ناٽو لاءِ رڻ ٻاريو ويٺا آهن. خوست ناٽو لاءِ اهڙو نوگو ايريا بنيل آهي جنهن جي چاٻي اتر وزيرستان ۾ ويٺل حقانين وٽ آهي. ڪجهه عرصو اڳ ڪابل ۾ آمريڪي سفارتخاني ۽ ناٽو هيڊڪوارٽر تي حملي ۽ اڳوڻي صدر برهان الدين ربانيءَ جي قتل کان پوءِ اهو بچائي رکيل سامان هاڻي هتان وارن همراهن جي ڳچيءَ ۾ پئجي ويو آهي. ٿيو ايئن جو رٽائرڊ ٿيڻ کان هفتو اڳ آمريڪي سينيٽ اڳيان پنهنجي آخري پيشيءَ دوران ايڊمرل مائيڪ مولن حقاني نيٽ ورڪ کي “بنا ڪنهن شڪ شبهي جي آءِ ايس آءِ جي ساڄي ٻانهن” سڏيو ۽ چيو ته انهن جو ڪجهه ڪرڻو پوندو. سولي سنڌيءَ ۾ صورتحال جو ترجمو اهو آهي ته اتر وزيرستان ۾ ڪنهن به وقت ڊائريڪٽ پرسوٽ شروع ٿي سگهي ٿي.

هاڻ شادي باضابطي خطري ۾ پئي آهي ته سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ کي ماما يعني سياستدان ياد آيا آهن. هنن کي اهو به اندازو ٿيو آهي ته پ پ سرڪار جي مفاهمت واري پاليسي مان هو ڪيئن فائدو وٺي سگهن ٿا. ويرم ئي ڪانه ٿي، آل پارٽيز (مائنس بلوچ پارٽيز) ڪانفرنس گهرائي وئي ۽ هڪڙو يڪراءِ ٺهراءُ پاس ڪرايو ويو ته سڀ پارٽيون بلڪه سڄي قوم سيڪيورٽي ادارن جي پٺڀرائي ڪري ٿي ۽ جيڪڏهن ڪنهن انهن ادارن ڏانهن ميري اک سان ڏٺو ته ان سان گهٽ نه ٿيندي. ڪانفرنس ۾ “روتي شڪل” ٺاهي ويٺل عمران خان جي فرمائش تي “قبائلي علائقن ۾ موجود طالبان سان ڳالهيون ڪرڻ” تي راضپي وارو جملو به شامل ڪيو ويو. مزي جي ڳالهه ته ان کي لکيت ۾ آڻڻ مهل آمريڪا ۽ مغربي ملڪن جي امڪاني تنقيد کان بچڻ لاءِ جيڪي لفظ استعمال ڪيا ويا تن ان جملي کي تهائين وڌيڪ معنيٰ خيز بنائي ڇڏيو. هنن لکيو: “قبائلي علائقن ۾ موجود پنهنجن ماڻهن سان ڳالهيون ڪيون وينديون!”

ٻئي طرف يارهن ڪلاڪ هلندڙ ڪانفرنس کي اسٽوڊيو مان ڪوريج ڏيندڙ ميڊيا جا جري جرنيل چئي رهيا هئا ته پاڪستان ڏوهه ته نه ڪيو آهي جو اهو افغانستان تان هٿ کڻي وڃي. پاڪستان کي گهرجي ته نه رڳو پنهنجي لاءِ نوان ساٿي ۽ همدرد ڳولي پر موجوده ساٿين کي به تحفظ ڏئي ته جيئن ناٽو جي نڪرڻ وقت ڪابل جو انتظام هلائڻ لاءِ اسان کي گهڻي ڏکيائي نه ٿئي. اپيلون اهي ڪيون پئي ويون ته جيڪڏهن قوم متحد ٿئي ته آمريڪا جا ڌاڻا ڪڍي ڇڏينداسين.

اميدن جي عين مطابق اي پي سيءَ جي ٻئي ڏينهن وائيٽ هائوس ايڊمرل مائيڪ مولن جي موقف کان لاتعلقيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته اها هن جي ذاتي راءِ هئي. هڪ سينيئر صحافي اي پي سي ذريعي سيڪيورٽي ادارن جي مشڪل ڪشائي ٿيڻ تي تبصرو ڪيو ته “ڪيڏو نه الميو آهي ته سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ پنهنجو پاڻ کي بچائڻ لاءِ قوم ۽ سياستدانن کي هيومن شيلڊ وانگر استعمال ڪيو آهي.”

هن سال مئي مهيني ۾ڪاڪول ڇانوڻيءَ کان ڪجهه فرلانگن جي مفاصلي تي اسامه بن لادن جي مارجي وڃڻ واري واقعي (جنهن کي اردو ميڊيا “سانحو” سڏي ٿي،) ۽ ريمنڊ ڊيوس مامري کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي وفادار عوام ۾ آمريڪا جي مخالفت ٻه سئو سيڪڙو وڌي آهي. مخالفت جا اهم سبب ته پنهنجي جاءِ تي موجود ئي آهن پر هڪ نئون پاسو اهو وڌيو آهي ته آمريڪي ڊفينس اسٽيبلشمينٽ جي وڏن عهدن تي هن وقت اهي ماڻهو ويٺل آهن جيڪي پاڪستان جي سيڪيورٽي لڏي مان بيزار آهن. مثال طور جوائنٽ چيفس جي ڪمان هن وقت تائين آمريڪي نيويءَ وٽ هئي جيڪا هن هفتي آمريڪي آرميءَ کي ملي آهي. چارج ڇڏڻ واري تقريب ۾ ايڊمرل مائيڪ مولن پريس کي ٻڌايو ته “مون مارٽيءَ (نئين چيئرمين جوائنٽ اسٽاف ڪميٽي جنرل مارٽن ڊيمسيءَ) کي سمجهائي ڇڏيو آهي ته پاڪستان سان ڪهڙي طريقي سان هلڻو آهي.”

آمريڪي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي اسان واري سيڪيورٽي لڏي مان بيزاري ايڏي عالم آشڪار ڳالهه آهي جو نه رڳو هتان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جو وفادار عوام ان کان واقف آهي پر انهي اسٽيبلشمينٽ جي مخالف عوام کي به صورتحال جي ان نقشي جو اندازو ٿي ويو آهي. اي پي سي واري رات ٽي وي چينلز جا بنا ورديءَ ۽ بندوق جي وڙهندڙ اينڪر پرسن “آمريڪا ڪي ساٿ ٺن گئي” جي عنوان سان پروگرام ڪري چئي رهيا هئا ته قوم سڄي گڏ آهي، ڏسجو ويٺا، اسين آمريڪا جا ڏند کٽا ڪري سگهون ٿا. ان ئي شام ٿيندڙ هڪ ملاقات دوران بلوچ سياسي ڪارڪن مذاق مان چئي رهيا هئا:“واجا زمانا مٽجي ويا آهن. هاڻي مائيڪ مولن، پيٽرياس ۽ پنيٽا اسان جا هيرو اٿئي.” ڪوئي هن مذاق کي حقيقت کان الڳ ڪري ڏيکاري ته ڪمال ٿيندو.

پنجاب جي رائيٽ ونگ سوسائٽي هونئن ئي آمريڪا جي دشمن آهي. اتي سطح تي نظر نه ايندڙ پر بلڪل سطحي ۽ اڄ به تقريبا انڊر گرائونڊ انقلابي کاٻا اڳ ئي آمريڪا جا مخالف آهن. ان کي ڀوڳ نه سمجهجئو، حقيقت اها آهي ته پنجاب ۾ پروگريسو هجڻ، ليفٽسٽ هجڻ بلڪه انقلابي هجڻ جو مطلب آهي پيپلز پارٽيءَ ۾ هجڻ. نئين زماني ۾ ٽوني بليئر جي ليبر پارٽيءَ وانگر ان پارٽيءَ جو به ڪو حلال حرام ڪونه رهيو آهي ۽ حاڪمن جي قوم ۾ ته اها ديوار سان لڳل آهي. قومي غيرت سان سرشار هنن ماڻهن مان تمام ٿورڙا جيڪي پاڪستان کي ڪلين شيو ڏسڻ چاهين ٿا سي چون ٿا ته پاڪستان کي ترڪي جهڙو بنجڻ گهرجي. ترڪي جيڪو اسرائيل جو مخالف آهي، آمريڪا جو مڪمل حسابي ڪتابي پارٽنر آهي، ۽ خيرن سان اسان واري ملڪ وانگر ئي هڪڙي تمام وڏي فوج کي کارائيندڙ ملڪ آهي.

هنن جو اپر ۽ اپر مڊل ڪلاس، انگريزي کائيندڙ، پيئندڙ ۽ ڳالهائيندڙ ميڪڊنالڊز، هرڊيس ۽ ڪُڪوز ڪلاس، فيس بوڪ ۽ ٽوئٽر ڪلاس، سڌي يا اڻ سڌي ريت رنجيت سنگهه واري نقشي ۾ پنهنجو اقتداري نيشنل ازم ڳولهي ان سان رومانس ڪري ٿو. هي انهن جي غيرت جو سوال آهي. ۽ قومي غيرت جي پڪار تي وڌيڪ چٽو ۽ ريڊيڪل موقف رکندڙ عمران خان هنن جو “دولها ميان” آهي.

خبر ڪانهي ته پاڻ وارن وڏيرن کي اها خبر آهي يا نه ته اليڪشني نظام جا انجنيئر هينئر ساڻ اها تياري پيا ڪن ته ايندڙ اليڪشن (جيڪڏهن ڪا ٿي، ته) جو نعرو ۽ پاور ٽرانسفر ڪرڻ جو شرط ئي اهو رکجي ته ڪير ڪيترو آمريڪا مخالف آهي.

اي پي سيءَ کان پوءِ وارن ڏينهن ۾جنهن به هنن جون ڳالهيون ٻڌيون هونديون يا ليک پڙهيا هوندا ته ان کي اندازو ٿي ويندو ته اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي حامي عوام جي گهرن ۾ ڪيئن نه منجا اونڌا ٿيل آهي. هنن کي اندازو ٿيڻ لڳو آهي ته 64 ورهين کان هن ملڪ تي لاڳيتو حڪمراني ڪرڻ ۽ ان کي پنهنجي مفادن لاءِ شڪارگاهه وانگر هلائڻ واري ڪهاڻي هاڻي خطري ۾ آهي. ڪلاڪن جا ڪلاڪ ان امڪان تي ڳالهايو وڃي ٿو ته عظيم دوست ملڪ چين جي ساٿ سان آمريڪا کي شڪست ڏبي. پر وري ان ڳالهه تي ڳڻتي به ڏيکاري وڃي ٿي ته خبر ناهي ته ڪو مدد ڪرڻ ايندو به الائجي نه؟ ڪٿي اڪيلا نه مارجي وڃون!

64 ورهين ۾ اسٽيبلشمينٽ لاءِ هي گريٽ ڊپريشن جهڙو وقت آيو آهي جنهن ۾ هنن جي سڄي سوسائٽي سوچ ويچار ۾ هلي وئي آهي. ايتري قدر جو جيڪي وڏا ڪنڌار پنجابي جُڳت باز ليڊر “ايسي ڪي تيسي” ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون ڪرڻ لاءِ مشهور آهن سي هن ڀيري اهي صلاحون ڏيندي ڏٺا ويا آهن ته “ٽارزن ٿيڻ جي ضرورت ڪانهي. اونڌا ڪم نه ڪجو نه ته کيل ختم ٿي ويندو.” ظاهر آهي ته هنن کي ان ڳالهه جو پوريءَ ريت احساس آهي ته هي تاڙيون وڄرائڻ لاءِ تقريرون ڪرڻ جو نه پر فڪرانگيز صلاحون ڏيڻ جو وقت آهي ڇو ته جيڪڏهن ڪو مسئلو ٿيو ته هن ملڪ اندر سڀ کان وڌيڪ نقصان انهن ماڻهن جو ٿيندو جن سڄي ملڪ جو مال ميڙي رکيو آهي. جن وٽ وڃائڻ لاءِ فقط زنجيرون آهن، تن کي فڪر ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي ؟

شهيد صبا دشتياري چوندو هو ته “بلوچ ڪڏهن به مسلمان نٿو ٿي سگهي ۽ پٺاڻ ڪڏهن به ڪميونسٽ نٿو ٿي سگهي.” منهنجو ان ۾ اضافو اهو آهي ته پنجابي پناهگير ڪڏهن به تبديلي پسند نٿو ٿي سگهي ڇو جو هن ملڪ اندر جنهن کي تبديلي چئجي سا هن جي پنهنجي ديڳڙي اونڌي ڪرڻ کان سواءِ اچي ئي نٿي سگهي.

ويجهڙ ۾ ڪوئٽا ۾ هڪڙي گروپ سان ڊگهي ڪچهريءَ جو موقعو مليو جنهن ۾ همراهه نظرياتي سامان جو تمام گرافيڪل تجزيو ڪري رهيا هئا. چيو پئي ويو ته ٻه قومي نظرئي جو اصل مطلب آهي “نئين ۽ مفت ۾ هٿ اچي ويل ملڪ جي اقتدار تي دائمي طرح قابض رهڻ لاءِ ٻن قومن يعني پنجابي ۽ پناهگيرن جي پارٽنرشپ جو نظريو.” آبجيڪٽو ريزوليوشن (قرارداد مقاصد) معني “ڦرلٽ جي پروجيڪٽ جا مقصد متعين ڪرڻ ۽ ڪاروباري اصول ٺاهي رکڻ ته جيئن پروجيڪٽ بنا ڪنهن روڪ رڪاوٽ جي گهربل رخ ۾ هلندو رهي.” هن پروجيڪٽ پناهگير لڏي کي مفت ۾ هٿ اچي ويل نئين مغليه سلطنت جي سيڄ تي ويهاري ڇڏيو. ۽ هن پروجيڪٽ پنجاب جي ساڄن، کاٻن سڀنيءَ کي فائدو ڏنو آهي. هن وقت انهن مان ڪوبه اقتدار جي توازن کي تبديل ٿيندي ڏسڻ نٿو چاهي. سو هاڻي آمريڪا سان ٽڪراءُ جهڙي صورتحال پيدا ٿي رهي آهي ته اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي حامي خواص توڻي عوام کي اندازو ٿيو آهي ته پروجيڪٽ جي قرارداد مقاصد لوڏن ۾ اچي سگهي ٿي.

هجي نه هجي پر جيڪي ان پروجيڪٽ پارٽنرشپ هٿان ڦرجندا ۽ لٽجندا آيا آهن تن کي هن صورتحال ۾ پاڻ لاءِ ڪو موقعو نڪرندي نظر اچي رهيو آهي. پر پنهنجي ئي ديس ۾ دربدر ٿيل، ڪيمپن ۾ مڇرن هٿان پٽجندڙ سنڌين کي ڇا نظراچي رهيو آهي، يا انهن جي ليڊرن ڪجهه ڏسڻ جي به ڪوشش ڪئي آهي، ان باري ۾ ڪجهه چئي نٿو سگهجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو