Home / سياسي افيئر / انتهاپسنديءَ جو انڌ ڪٿي ڪندو
above article banner

انتهاپسنديءَ جو انڌ ڪٿي ڪندو

سلمان تاثير جي شهادت نه رڳو ملڪ اندر انتهاپسنديءَ بابت هلندڙ بحث کي شدت ڏني آهي، پر ساڳي وقت ملڪ اندر روشن خيال ۽ اعتدال پسند ڌرين لاءِ ڳڻتيءَ جي لهر پڻ اڀاري آهي. ملڪ ۾ مٺ جيترن ماڻهن جي سول سوساٽي جيتوڻيڪ انتهاپسنديءَ کي نندي رهي آهي، پر ڪجهه سال اڳ تائين اسرندڙ سول سوسائٽي جي مهندار بڻيل وڪيل، صحافتي برادري جي روئي ان کي سخت مايوس ڪيو آهي. اخباري رپورٽن موجب سلمان تاثير کي قتل ڪندڙ  انتهاپسند اڄڪلهه مذهبي جماعتن سان گڏ وڪيل برادريءَ جو هيرو پڻ بڻيل آهي. آمريت کي للڪاريندڙ اسلام آباد ۽ پنجاب جي وڪيل برادري انتهاپنسديءَ جي اهڙي آجيان ڪري ثابت ڪيو آهي ته ملڪ اندر  انتهاپسندي رڳو اڻ پڙهيل يا هيٺئين طبقي تائين محدود ناهي، پر ان جون پاڙون هر پاسي پکڙيل آهن.


پاڪستان ۾ انتهاپسندي جي اسريل وڻ جون پاڙون ان جي تاريخ جيتريون ئي پراڻيون آهن. خود ملڪ جو باني ان ڳالهه تي اڻ چٽو رهيو ته هي ملڪ اسلامي رياست هوندو يا گهڻ قومي ۽ گهڻ مذهبي سيڪيولر رياست هوندو. هو مختلف وقتن تي مختلف نوعيت جا سياسي بيان ڏيندو رهيو. جيتوڻيڪ سندس يارهين آگسٽ 1947ع واري صدارتي تقرير ملڪ ٺهڻ کانپوءِ ان جي مذهب ڏانهن پاليسيءَ کي وڏي حد تائين چٽو ڪري ڇڏيو، پر تنهن هوندي به پاڪستان مٿان اسلامي رياست واري ڇاپ نهايت گهري ٿي چڪي هئي. قائداعظم کان اڳ هن ملڪ جي اسلامي رياست هجڻ واري خواب ڏسڻ جو ڪريڊٽ علامه اقبال کي ڏنو ويو، جنهن جي شاعري مذهب جي غلط سمجهاڻين خلاف چٽو اظهار رهيو آهي. علامه اقبال پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي چٽو ڪري ڇڏيو هو ته هن بابت پاڪستان جي ارپيل تصور سان هن جو تعلق ناهي. 1930ع ۾ الهه آباد واري سندس خطبي جي حوالي سان کيس مصور پاڪستان قرار ڏنو ويندو آهي، پر هن خود ان تصور کان لاتعلقي جو اظهار هن پروفيسر ٿامپسن کي 4 مارچ 1934ع تي لکيل خط ۾ ڪيو. ان خط ۾ هن کيس لکيو ته مون جيڪو پاڪستان تجويز ڪيو هو ان مان منهنجي مراد اتر اولهه هندستان اندر هڪ مسلم اڪثريت صوبو قائم ڪرڻ هو ۽ هي پاڪستان منهنجي اسڪيم ناهي. پاڪستان ٺهڻ تائين اڄوڪي شريعت لابي جو مهندار مولانا مودودي پاڪستان ۽ قائداعظم جو سخت مخالف هو. اها الڳ ڳالهه آهي ته پاڪستان ٺهڻ کانپوءِ مولانا کي خود پاڪستاني فوج پنهنجي تحفظ ۾ پاڪستان منتقل ڪيو ۽ اڳتي هلي سندس تنظيم جماعت اسلامي نظريه پاڪستان جي سڀ کان وڏي سرواڻ بڻجي وئي ۽ پاڪستان کي دنيا اندر اسلام جو قلعو قرار ڏئي مذهبي تنگ نظري واري زهريلي سياست جو بنياد وڌو.

اڃا ملڪ کي ٺهئي پنج سال مس گذريا هئا ته شريعت لابي 1953ع ۾ پنجاب اندر احمدين کي ڪافر قرار ڏيڻ لاءِ خونريزي ڪرائي، جنهن ۾ 300 جي لڳ ڀڳ احمدي قتل ڪيا ويا، نتيجي ۾ ملڪ اندر پهرين مارشلا لاهور ۾ لڳائي وئي ته جيئن مذهبي رتوڇاڻ کي قابو ڪري سگهجي. اڳتي هلي مذهبي لابي ڪشمير جهاد ۽ بنگالين خلاف آپريشن دوران پنهنجي مذهبي جنونيت کي ملڪ مٿان مڙهيو. سندن اثر ايترو شديد هو جو ذوالفقار علي ڀٽي جهڙن سياستدانن کي به مولوين کي خوش ڪرڻ لاءِ قاديانين کي ڪافر قرار ڏيڻو پيو. شراب تي بندش لاڳو ڪيائين ۽ جمعي تي عام موڪل ڪيائين. نه رڳو ايترو پر هن 1973ع جي آئين ۾ ملڪ کي اسلامي جمهوريه پاڪستان قرار ڏنو ۽ پهريون ڀيرو عوامي عهدي جي قسم ۾ اسلامي نظرئي جي تحفظ جو وچن شامل ڪيو ويو. ايترو ڪجهه ڪرڻ جي باوجود شريعت لابيءَ کيس اڪيلو ڪري مارائي ڇڏيو. پاڪستان اندر مذهبي انتهاپسنديءَ کي پکيڙڻ ۾ شروعاتي سالن دوران عالمي سپر پاور آمريڪا ۽اولهه جو به وڏو هٿ رهيو. افغانستان ۾ روس نواز حڪومت هجڻ سبب اولهه ۽ آمريڪا کي هر وقت انديشو هوندو هو ته پاڪستان ۾  ڪميونسٽ لابي مضبوط ٿي ته هي خطو سندس هٿن مان نڪري ويندو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو پنجاهه ۽ سٺ وارن ڏهاڪن ۾ پاڪستان اندر مذهبي ڌرين کي آمريڪا ۽ اولهه جي مڪمل مدد ۽ حمايت رهي. انهن ملڪن جا سفارتخانا ۽ سفارتڪار کلي عام مذهبي انتهاپسنديءَ کي سرخ خطري جو ٽوڙ قرار ڏئي ان جي حمايت ڪندا رهيا. انهن ملڪن جي سڌ سماءَ وارن ادارن اپڪستان اندر ڪميونسٽن کي لادين مشهور ڪرڻ ۽ ڪميونزم بجاءِ اسلامي سماجي ۽ اقتصادي ماڊل کي مسئلن جو حل قرار ڏيڻ لاءِ باقاعده مهم هلائي. ايئن ملڪ عالمي طاقتن جي مفادن ۽ ملڪي آمر حڪمرانن جي اقتداري هوس جي ميلاپ سبب ملڪ مٿان مذهبي تنگ نظريءَ واري رياست جا چنبا مضبوطيءَ سان کپندا ويا. ان تابوت ۾ آخري ڪوڪو جنرل ضياءَ الحق ٽنبيو، جنهن ملڪي قانونن ۽ ادارن کي مذهبي جنونيت جي تابع بنائي پاڪستان کي هڪ اهڙي انڌيري کاهيءَ ۾ اڇلي ڇڏيو، جتان نڪرڻ لاءِ اهو اڃا تائين هٿوراڙيون ڏئي رهيو آهي. ضياءَ دور جي قانون سازيءَ هن ملڪ کي هڪ اهڙي تنگ نظر رياست ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جنهن مان جان آجي ڪرائڻ مشڪل ٿي پيو آهي. ضياءَ دور ۾ خاص طور تي ملڪي فوج ۽ سيڪيورٽي ايجنسين اندر جهڙي ريت مذهبي جنونيت کي ڀريو ويو، ان مان هاڻي فوج اندر موجود وچٿري سوچ رکندڙ قيادت به پريشان آهي. نامور دفاعي تجزئي نگار شجاع نواز پنهنجي ڪتاب “Crossed Swords” ۾ لکيو آهي ته ضياءَ دور ۾ مذهبي جنونيت کي ايتري هٿي ڏني وئي جو تبليغي جماعتن جا مولوي هر جمعي ڏينهن مليٽري اڪيڊمي ۾ نماز جو خطبو ڏيڻ ويندا هئا. ان روايت کي اڳتي هلي جنرل آصف نواز اهو چئي بند ڪرايو ته هي ملٽري اڪيڊمي آهي مدرسو ناهي. افغان جهاد هڪ صنعت جيان جنرل ضياءَ ۽ سندس مذهبي لابيءَ لاءِ دولت ڪمائڻ جو وسيلو بڻجي ويو. اولهه ۽ آمريڪا ڪميونزم کي شڪست ڏيڻ لاءِ جنهن جن کي شيشيءَ مان ٻاهر ڪڍيو، اهو هاڻي سندن وس کان ٻاهر ٿي ويو آهي. خود آمريڪا ۽ اولهه سڄي دنيا جا اسلامي ويڙهاڪ گهرائي کين تربيت ۽ هٿيار فراهم ڪري ايترو سگهارو بڻايو جو اڄ اهي کين ڏنگي رهيا آهن.  ضياءَ دور ۾ مذهبي جنونيت کي نئين نسل جي ذهنن ۾ بارود جيان ڀرڻ لاءِ ديني مدرسن جو ڄار وڇايو. ان مدرسا مهم کي اسلامي ملڪن توڙي اولهه ۽ آمريڪا ساڳي جذبي سان همٿايو ۽ هر طرح جا وسيلا فراهم ڪيا. ڪرائسز گروپ جي هڪ رپورٽ موجب 1947ع ۾ پاڪستان اندر صرف 137 مدرسا هئا. 1979ع ۾ انهن جو انگ وڌي 1745ع ۽ ضياءَ جي موت واري سال يعني 1988ع ۾ وڌي 3000 ٿي ويو. ضياءَ الحق مدرسن جو جيڪو ڄار وڇايو اهو سندس انجام سان ختم نه ٿيو، بلڪه سندس پئداوار مذهبي ۽ فرقيوار تنظيمن ان کي جاري رکيو ۽ 2003ع جي انگن اکرن موجب مدرسن جو انگ 10430 هو. انهن ۾ يقينن اڻ رجسٽر ٿيل گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ کليل مدرسا شامل نه هوندا. بدقسمتيءَ سان اهي مدرسا رڳو ديني تعليم ڏيڻ تائين محدود رهڻ بجاءِ فرقيواراڻي ۽ مذهبي نفرت کي پکيڙيندڙ فيڪٽريون بڻجي ويا ۽ اڄوڪن طالبان جي اوسر جو اهم مرڪز بڻيل رهيا. جيتوڻيڪ ڪجهه مذهبي سرواڻ اها دعويٰ ڪن ٿا ته مدرسا ڪنهن به قسم جي دهشتگرديءَ جي سکيا نه پيا ڏين، پر ان حقيقت کان مڪمل انڪار ممڪن ناهي ته اڪثر مدرسا انتهاپسنديءَ وارن خيالن جي پرچار ۽ هٿيارن جي سکيا جو ڳڙهه بڻيل آهن. انهن مدرسن کي پکيڙڻ ۽ انهن جي وسيلي مذهبي جنونيت کي عام ڪرڻ ۾ برادر اسلامي ملڪن اولهه ۽ آمريڪا هر طرح جي مدد فراهم ڪئي. 23 مارچ 2002ع تي دي واشنگٽن پوسٽ ۾ جو اسٽيفنز ۽ ڊيوڊ او ٽاوي جي لکيل مضمون “The ABC of Jihad in Afghanistan” ۾ ڄاڻايو ويو ته 1950ع واري ڏهاڪي جي شروع ۾ نيبراسڪا يونيورسٽي جي شعبي سينٽر فار افغانستان اسٽڊيز پاران دري ۽ پشتون زبان ۾ خاص درسي ڪتاب ڇپرايا ويا. جن ۾ جهادي قدرن ۽ افغانن ۾ جهادي تربيت کي اڀاريو ويو هو. ان قسم جا 13 لک ڪتاب افغان پناهگير ڪيپمن ۽ پاڪستاني مدرسن ۾ ورهايا ويا. مضمون ۾ ڄاڻايو ويو ته انهن مدرسن اندر شاگردن کي بنيادي حساب سيکارڻ وقت مارجي ويل روسين ۽ ڪلاشنڪوفن تي ڳڻپ سيکاري ويندي هئي. مذهبي ۽ فرقيواراڻي تعليم جا اهڙا مرڪز قائم ڪري هڪ پوري نسل کي جنرل ضياءَ ملڪي سياست جا بنياد تبديل ڪندي قائداعطم جي قول “اتحاد، تنظيم ۽ پختو يقين” کي بدلائي “ايمان، تقويٰ ۽ جهاد في سبيل الله” جو فارمولو عام ڪيو. اهڙي ريت جنرل ضياءَ ملڪ اندر جنونيت واري بدبختيءَ کي اهڙي عروج تي پهچايو، جنهن کي اڄ سڄو  ملڪ ڀوڳي رهيو آهي.

سلمان تاثير واري واقعي تي سنڌ اندر تمام محدود ردعمل نظر آيو. ان جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي جو اهو واقعو پنجاب جي هڪ سياسي شخصيت سان پيش آيو ۽ اهو پڻ سنڌ جي سرحدن کان ٻاهر. منهنجي راءِ ۾ سنڌ اندر روشن خيال ڌرين کي ان لاتعلقي جو اظهار ڪرڻ بدران ان معاملي تي پنهنجو اصولي موقف جرئت سان واضح ڪرڻ گهرجي. مسئلو سلمان تاثير جي شخصيت جو نه، پر مذهبي جونيت جي ان تيزيءَ سان پکڙجندڙ باهه جو آهي، جيڪا صوبائي سرحدن کي نه ٿي سڃاڻي. هينئر تائين سنڌ نفرت جي ان باهه کان گهڻي ڀاڱي بچيل رهي آهي، جنهن جو وڏو ڪارڻ سنڌ اندر روشن خيال سيڪيولر قومپرست سياسي، سرگرم ثقافتي ۽ ادبي محاذ ۽ ان ڏس ۾ ترقي پسند سوچ رکندڙ سنڌي ميڊيا آهي. اڄ جي سنڌ ۾ جيتوڻيڪ سائين جي ايم سيد، شيخ اياز، رشيد ڀٽي، نذير عباسي جهڙا لبرل ۽ سيڪيولر اڳواڻ موجود نه رهيا آهن، تنهن هوندي به هيئنر به سنڌ جي قومپرست قيادت، سول سوسائٽي ۽ ثقافتي ڌريون ترقي پسند سوچ رکندڙ آهن. پر جيئن جيئن انهن جي سياسي تحريڪ ۾ گهٽتائي ايندي سنڌ اندر مدي خارج انتهاپسند قوتون جاءِ پيدا ڪرڻ شروع ڪنديون. سنڌ جي ڪجهه ضلعن ۾ مذهبي ۽ فرقيواراڻي نفرت جي بيماري ڪر کڻي رهي آهي ۽ سنڌ جي تاريخ صوفياڻي مزاج واري امن پسند مذهبي رواداريءَ کي سلامت رکڻ لاءِ سنڌ جي گهڻ گهرن کي پنهنجون صفون نئين سر جوڙڻ جي ضرورت آهي. ان ڏس ۾ ڪا به لاپرواهي يا خوشفهمي خطرناڪ ٿابت ٿي سگهي ٿي. سنڌ ۾ ون يونٽ ٺهڻ کان وٺي جيڪا مزاحمتي تحريڪ شروع ٿي هئي، اها ثقافتي ۽ سياسي لحاظ کان سيڪيولر ۽ ترقي پسند روين تي بيٺل هئي، ان مزاحمت جو ڪمزور ٿيڻ انتهاپسند وقتن کي هٿي ڏيندو. سنڌ ۾ انتهاپسندي جي ان انديشي کي روشن خيال کاٻي ڌر جي سوچ رکندڙ سياسي ڌريون، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن (سگا) ۽ سنڌي ادبي سنگت جهڙيون ادبي ۽ ثقافتي تنظيمون ۽ سگهاري سنڌي ميڊيا منهن ڏئي سگهن ٿيون. مذهبي ۽ فرقيواراڻي رواداري جي حوالي سان پاڪستان اندر هينئر به سنڌ جون ٻهراڙيون ۽ بلوچستان جا ٻروچ آبادي وارا علائقا هينئر به مختلف سڃاڻپ رکن ٿا. جيتوڻيڪ انهن علائقن ۾ نماز، روزي جا پابند مسلمان ڪروڙن جي انگ ۾ رهن ٿا، پر اهي اسلام جي حقيقي روح۽ اصولن پٽاندڙ زندگيون گذارن ٿا، جنهن جو احساس سمورن مذهبن ۽ فرقن کي هڪ جهڙو مان ڏيڻ ۽ مذهب کي بندي ۽ خدا جي وچ جو معاملو سمجهڻ آهي. اهو ئي رويو آهي، جنهن سبب هن خطي ۾ شاهه، سچل ۽ ساميءَ جي مذهبي روادري  تي ٻڌل سماج ڪيني ۽ ڪٽرپڻي کان آجو رهيو آهي. يورپي نئين سجاڳي واري دور ۾ جنهن طرح يورپي سماج پندرنهين صديءَ تي پکڙيل چرچ جي هڪ هٽي مان جان آجي ڪرائي اها تاريخ اڄوڪي پاڪستان اندر مذهبي رواداريءَ تي ويساه رکندڙ ڌرين لاءِ اهم ترين حوالو آهي. پر يورپ اندر اهو انقلاب گهڻ طرفي جدوجهد جو نتيجو هو، جنهن ۾ سائنس، آرٽ ۽ سياست گڏجي ٻن صدين تائين عقيدي جي انڌ سان ويڙهاند ڪئي. اڄوڪي يورپ جي اڏاوت ۾ ڪا پرينڪس، گليلو ۽ برونو جهڙن انهن مهان ڪردارن جو بنيادي ڪردار آهي، جن عقل ۽ فهم کي عقيدي کان اتم ثابت ڪرڻ ۾ نه رڳو پنهنجون زندگيون اڻٿڪ جستجو کي ارپيون، پر برونو جيان مچ ۾ سڙڻ کي به قبوليو ته سقراط جيان زهر جو پيالو پيئڻ کان به منهن نه موڙيو.

nmemon2004@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو