Home / افيئر / انقلاب جو هوڪو ۽ ضمير جا قيدي
above article banner

انقلاب جو هوڪو ۽ ضمير جا قيدي

The cock crew, the red cock crew

But never came the day;

And crooked shape of Terror crouched,

In corners where we lay;

And each evil sprite that walks by night

Before us seemed to play.

………..

He lay as one who lies and dreams,

In a pleasant meadow-land,

The watcher watched him as he slept,

And could not understand,

How one could sleep so sweet a sleep

With hangman close at hand.

(Oscar Wilde- The Ballad of Reading Gaol)

روزانو هڪڙي شخص سان ملاقات ٿيندڙ. کيس قنوطي ڪوٺي سگهجي ٿو. هر معاملي جو اونداهو يا هاڃيڪار پاسو اول ڏسندڙ. گهڻو ڪري ته فقط اهو طرف ئي نهاريندڙ . آءٌ پنهنجي ڪُوڙي اميد پسندي کڻي وٽس پهتو ناهيان. مون وارن خيالن جا بَکيا اُڊيڙي واپس ٻوٿ ۾ وهائي ڪڍندم. ڪا دير ته ڌُڌڙ ۾ اڇلائي اهڙي حالت ڪندو جو آءٌ پاڻ ڇنڊڻ ۾ پورو. ان طرح جا انسان به دنيا کي کپن ٿا. جياپو ڪيترا ڏهاڙا هيانءَ جي سڄائيءَ تي گذاربو؟ سچاين سان منهن سامهون اَوَس ٿيڻو پوندو. ٻئي اتفاق ڪريون ٿا ته هيٺ ڄاڻايل سِٽون پوئين ڏهاڪي جو وڏو سچ آهي جيڪو اسان روبرو آيو. لفظ ته الائي ڪنهن جا آهن-

“You can avoid the reality.

But, can not avoid consequences

of avoiding the reality.”


حقيقت کان ڪن لاٽار ڪري جهمريون پائيندڙ سنڌي ماڻهن مٿان کيس ڏند ڪُرٽيندي ڏٺم. عظمت ۽ معتبرائي جي حق ۾ ديوار تي سلوگن پڙهيائين يا نعرو ڪَنَ تي پيس- هُو ڪپڙن کان ٻاهر نڪرڻ شروع ڪندو.

غيرپارلياماني اُچارن جون ڪسيون سندس وات مان جاري ٿينديون. اخبارون ۽ رسالا چٻاڙي پڙهڻ جي عادت. واقعا ڏسندو ويندو. گڏوگڏ ڳاڙهو به ٿيندو ويندو.“خلق جي مرضي آهي. لوڪ جيئن چاهي.” اوهان وٽ ڪهڙو بَدَلَ آهي؟”- ڳالهائڻ لڳندس ته پٽڪي ڌوڙ. ڪُوڙ ناهي ته هن جهڙا ڪردار هر ڳوٺ ۽ وسنديءَ ۾ موجود آهن. آخر به پاڻ سڀني مامرن جا روشن پهلو ئي رڳو نهارڻ جو شوق ڇو ٿا پاليون؟ ايئن به ٿي سگهي ٿوته واقعن جا تاريڪ پاسا وڌيڪ وزنائتا هجن. اهو پڻ ته کوڙ لقاءَ صرف اونداها طرف ئي سانڍيندڙ ملن. نراسائي سگهاري سچ طور آڏو آهي ته کانئس انڪاري هئڻ جي ڪامڻ ۾ مبتلا ڇو رهون؟

تنهن منجهند وٽس ڊوڙندو ويس. حاصل بزنجي جي سرپئنچي ۾ بلوچن جو ڪٺ، نائين زيرو رسيل. هزار کان مٿي گم ٿيل نوجوانن جي واپسيءَ لاءِ سرڪار مٿان دٻاءَ وجهڻ خاطر ڀائي لوگن کي منٿون ڪندڙ. مون وارو قنوطي دوست بيچينيءَ وچان پسارُ ڪندڙ. “گهٽ ۾ گهٽ مون کي ته ٻُڏي مرڻ کپي.” ٻروچ نسل جو سنڌي. چاڪيواڙي ۾ ڀاءُ جو قتل. سائيٽ ايريا ۾ ٻن سوَن جا لڱ پروڻ. مظلومن جي ساٿيءَ ڏانهن پيرا. پيپلز پارٽيءَ جي جمهوريت مان وِڏُون ڪڍڻ وارا بلوچ. انصاف ڪاڻ ٻاڪاريندا ڪٿي پهتا آهن؟ “ويرم ئي ڪا نه لنگهندي ته پاڻ فرئنچ انقلاب جهڙي تبديليءَ کي سامهون پسنداسين. جهان خان جي راڄ ۾ رهنداسين. مير غوث بخش بزنجي جو روح اسان کان ڪجهه پُڇي رهيو آهي.” اڳتي وڌي هُن آسمان ڏانهن ڦوٽاريو- “حيف اي زمانا! تو مون کي ٻارن آڏو ذليل ڪيو…” شام تائين وڌيڪ ٻڙڪ نه ڪڍيائين. آءٌ چپ ڪيو موٽي آيس. وائڙي ٻالڪ وانگر پاسو وٺي سمهي رهيس.

“سائين جي ايم سيد جي ويچارن سان اُصولي طور سهمت آهيان، پر تو وارن آجپي پسندن کان بُڇان ٿي وٺي.” ٻئي ڏينهن سامت ۾ هو. ”عظيم سنڌي قوم. مَهَان سڀيتا ۽ ڪلچر. ماڻهپي کان وانجهو لوڪ. رَتَ جا نيسر وهائيندڙ غيرت. پوليس جي سلامي ڀريندڙ ڳوٺاڻا. خاڪيءَ وارن جا بُوٽ چٽيندڙ وڏيرو. شهري واگههَ. تاريخي قوتن جي عمل ۾ اچڻ جو اوسيئڙو ڪندڙ ڏاها. مڇلائپ جي هيراڪ ميڊيا. مڙئي تبديلي ٿا چاهين. ڌرتيءَ جي نماڻي پُٽ ڀٽائيءَ جي تڏي تي سَندي رت سان هٿ رڱيل سڏين. اسان ڊوڙندا وڃئون. ضمير جا قيدي به هليا اچن. ڪومل ڪومل ڪويتائون سرجيندڙ به اتي هجن. انقلاب….انقلاب…. هَوڪَا ٻڌجن. پنهنجو رت قاتل جي آڱرين مان ڳڙندو ڏسئون. سرمستيءَ ۾ زبان اڳتي وڌايون. ماريءَ جي تري تي پکڙيل پنهنجو خون پاڻ چٽڻ لڳئون. کيس ساٿي، دوست ۽ ڀاءُ مڃئون. هڏ ڏوکي سمجهئون. سڀ ان ۾ خوش هجن ته تون ۽ مان اعتراض وارڻ وارا ڪير ٿيندا آهيون؟ چوندو رهيو آهيان ته شڪار ۽ شڪاري انوکي ٺاهه ۾ آهن. تنهن ٻنڌڻ کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪندين ته اول تو مٿان شڪار ٽپ ڏيندو. پاڻ پارا جيتامڙا شڪارين لاءِ نه هوندا آهن. سندن شڪار جو کاڄ، ڀائو!.”

گهڻو اڳ جي نه پر پوئين هفتي جي ڳالهه آهي. آءٌ سندس احوال ٻُڌي واپس گهر آيس. کائڻ پيئڻ بِنا هنڌَ ۾ گهڙيس. اکيون ٻوٽيم ته امان اُٿاريو. سندس مَٿَو اڇو نه هئو جنهن سان هوءَ گذاري وئي. پيرن ۾ چانديءَ جي ڇَير هئس. آءٌ پويان هلڻ لڳس. رات جو وڳڙو ڳوٺ مان نڪري پاڻ به ۽ مون کي اَڪَ جا پاٻوڙا ٻڌائين. چَولَي جا ڊگها پلاند منهنجي اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ ناڪافي هئا. واَههَ جي ڪنڌيءَ وڃڻ لڳاسين. اوندهه انڌوڪار. “ڏِمر جي مُند آهي. پير سنڀالي کڻجانءِ.” سندس پلئه پڪڙي مان هيٺ نهاريندو اڳتي وڌيس. گدڙن جون اونايون ۽ اَمان جي ڇَير جي ڇَمڪَ. باقي سانت. ماءُ اوچتو هوريان هوريان قدم کڻڻ لڳي. ڇَير جو آواز جهَڪو ٿي ويو. سامهون ٻه ڀوائتا اِيڏر، ڪلهي تي گهوٻاٽو جهلي رستي جي ٻنهي پاسي بيٺل. خوف وچان امڙ جي گوڏي سان چنبڙي ويس. ويجهو پهچي سندس بَي ڊَپو ڳالهائڻ ٻڌم. “هن ٻار جو پيءُ ۽ منهنجو وَرُ ڪٿي آهي؟ مون لاءِ هيءَ ڇير لاهڻ حرام آهي جيسيتائين ڪانڌَ جي ڇاتيءَ کي هٿ نه لايان.” “عبدالرحمان جو سينو ٿڌو ٿي چڪو آهي، مائي! چڱو ٿيندو جي موٽي وڃين. شڪار جي گهڙي آهي. عورت ۽ ابهم تي وار ڪرڻ کان استادن روڪيو آهي.” – کُهرو آواز. ماءُ جا سڻڪاٽ ڪن تي پيم. مون کي گهِليندي واهه جي ڪپ مٿان لڳل ڍير ڏانهن وڌي. اَبي جي پهراڻ جي پگهر بوءِ کيس پنهنجي سڃاڻپ ڪرائي. هوءَ ڪا دير روئيندي رهي. پيرن ٻڌل ڇير لاهي پويان بيٺل ماريءَ جي مُنهن ۾ اڇلايائين. مون کي ڀاڪر ۾ ڀَري پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏنائين.

ڇرڪ وچان اُٿي پيس، پگهر ۾ شَلُ. ٻاهر ڪُڪڙن جا دَس هئا. صبح ٿيڻ ۾ اڃا دير هئي جو آءٌ پنهنجي قنوطي دوست جي دروازي پهتس. اندر مرڻينگ روشنيءَ ۾ ويٺو هئو. نه محسوس ٿيندڙ مُرڪ چپن تي تري آيس. اونداهه جي سائنس جو ڏاهو. آءٌ پنهنجي خواب جي تعبير ڪاڻ وٽس ويس. منهنجي ڪارائي پڪڙيائين. تيز وکون کڻندو ملير جون گهٽيون لتاڙيندو رهيو. ميمڻ ڳوٺ جا فصل لنگهي پٿرائين واٽ ورتائين. سُڪل ڪنڊيءَ آڏو بيهي رهيو. هيٺ جهُڪي ٻِر اندر ٻانهن وڌائين. مون به ايئن ڪيو. عجب سُرور وجود منجهه گهڙندي محسوس ٿيو. ڏِمر جي وِههَ جو ذائقو زبان تي ڊوڙڻ لڳو. زمان ۽ مڪان کان آجا اسان الاهي وقت اُتي ويٺا رهياسين. مان خواب وساري چُڪو هئس

سا رات دماغ تان ميسارجي نه ٿي. قنوطي گُرو منهنجي من کي ايئن سيراب ڪندو رهيو. آءٌ ريج ۾ ڀِڄندو ٿڌو ٿيندو ويس. اونداهه جو گنج ڄاڻيندو ويس. اماوس جون چار راتيون گذاري چڪيون آهن. آءٌ پنهنجي دوست سان پيار ڪرڻ لڳو آهيان. جيڪي مزاج جا موالي آهن سا هيءَ لگن شايد نه پروڙي سگهن. مان سندس شڪار نه آهيان. زماني جي ان ڪرڀ ڏياريندڙ رشتي کان هو مون کي آجپو بخشي رهيو آهي. سمئه پري نه آهي جڏهن آءٌ مُڪتي پائي هڪ آزاد انسان طور توهان ربرو هوندس.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو