Home / افيئر / اڇوت عورت خلاف ٿيل سنڌي شاعر
above article banner

اڇوت عورت خلاف ٿيل سنڌي شاعر

جن اوڏن، ڀيلن، مينگهواڙن ۽ ڪولهين کي نامور تاريخدان ڪاڪي ڀيرو مل سنڌ جا اصلوڪا رهواسي ۽ وارث لکيو آهي، انهن سنڌ جي اصلوڪن رهواسين ۽ وارثن جو هونئن ته وڏيري، مير، پير، سردار ۽ وڏيرڪي ذهانت واري هر فرد پئي استحصال ڪيو آهي، پر ان طبقي جي عورتن جو جيڪو سنڌ جي شاعرن پنهنجي شهرت جي لاءِ لفظن وسيلي استحصال ڪيو آهي. ان اڇوت عورت خلاف سنڌي ۾ ٿيل شاعري ڏانهن هن طبقاتي جهان ۾ ڪنهن شاعر ، نقاد  ۽ دانشور جو خبر ناهي ڇو ڌيان ئي نه ٿو وڃي؟! جڏهن ته سنڌي ادب جي ان سڄي ماحول ۾ اها ڳالهه ضرور هڪ شاعر جي نوٽيس ۾ آئي آهي ته،” حويلي جا راز“ لکندڙ نوابشاهه واري ماڻڪ پنهنجي نثر ۾ حويلين جي ڳالهين يا رازن کي نه رڳو وڌائي چڙهائي پيش ڪيو آهي، پر هن پنهنجي ڪتاب ۾ حويلين ۾ رهندڙ عورتن جا نالا به ڪردارن جي صورت ۾ ڏنا آهن، جيڪا ”هوا جي سامهون” رهندڙ ان ”رول“ شاعر صاحب جي طبقي ۽ ذات سان انتهائي وڏي ناجائزي آهي. ادب ۾ موجود ”صنفي اڻبرابري“ جي موضوع تي حيدرآباد ۾ عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ هڪ تنظيم پاران ڪرايل هڪ تقريب ۾ ان شاعر  انتهائي جذباتي ٿيندي هڪ موڙ تي ته، اهو به چئي وڌو هو ته، ”جيڪڏهن اڄ ماڻڪ حياتي هجي ها ته، آئون سندس خلاف ڪورٽ ۾ بيبين يا حويلين جي بيحرمتي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايان ها.“ ڪنهن به فرد جي سندي طبقي خلاف جڏهن ڪنهن به محاذ تي ڪٿي به ڪا ڳالهه يا ڪو ڪم ٿئي ٿو ته، هو پنهنجي ان طبقي جي حق لاءِ ضرور وس آهر جنگ وڙهي ٿو، جيئن مذڪورهه شاعر وڙهي. سنڌ ۾ هڪڙو بي آواز طبقو اهڙو به آهي، جنهن جي خلاف جنهن کي جتي موقعو ملي ٿو، هو اتي ان طبقي جو استحصال پنهنجي پوري زور، نڪ جي پڪائي ۽ وڏي  مهارت سان ڪري ٿو.  اهو طبقو آهي، هن خطي جي اصل رهواسين جو، جيڪي، ڀيل، ڪولهي، مينگهواڙ ، اوڏ ۽ ٻين ذاتين سان سڃاتا وڃن ٿا. جن جي حقن جي حاصلات لاءِ سڀ کان وڏي تحريڪ هندستان جي آئين ٺاهيندڙ اميبڊڪر هلائي هئي. هونئن ته سنڌي ادب ۾ عورت مخالف ڪئين لاڙا موجود آهن، پر هتي آءٌ صرف اڇوت عورت خلاف ٿيل سنڌي جي انهن شاعرن جي شاعري جا حوالا ڏيندس، جن جي ڪتابن ۽ ڪجهه شعرن تي شيخ اياز کان وٺي امداد حسيني جهڙن شاعرن جي مهاڳن جي صورت ۾ يا ڪنهن سٽ جي صورت ۾ ضرور ڪٿي نه ڪٿي ڪا راءِ موجود آهي. سنڌي شاعرن جي گڏيل شاعري واري اياز جي لکيل مشهور مهاڳ واري ڪتاب ”ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان“  جي صفحي نمبر 223 هين تي جهمپير جي شاعر ”ڪوي“ جون اڇوت عورت خلاف لکيل سٽون آهن ته،

مون من مياڻي وانگر

ٿر جي ڪنهن ڪولهياڻي وانگر،

ڪوتا منهنجي آهي ارڏي

ڪولهڻ جي جواڻي وانگر

بقول تاج جويو جي ته، شيخ اياز دنيا جي سمورن شاعرن کان گهڻو پڙهيل شاعر هو، سنڌ جي ان گهڻي پڙهيل شاعر شيخ اياز جي نظر مان به ضرور مٿيون سٽون گذريون هونديون، ڇاڪاڻ ته اياز ان مهاڳ ۾ ڪوي جي شاعري تي پنهنجي راءَ ڏني آهي. اسان جي ان ڪوي پنهنجي ان ”ارڏي ڪوتا“ کي  جيڪو لفظ ”ڪولهڻ“ لکي وري اڳيان ”جواڻي“ سان ڀيٽ ڏني آهي، ڪاش! جيڪڏهن هو پنهنجي اهڙي ”ارڏي ڪوتا“ جي ڀيٽ ٺٽي سان تعلق رکندڙ ۽ هن ملڪ جي هر دور جي حڪمراني ۾ يا حڪمران طبقي سان رهندڙ ڪنهن ذات سان ڪرائي ها ته، سندس شاعري ۾ حسن به وڌيڪ پيدا ٿئي ها ۽ گڏوگڏ کيس اها خبر به پئجي وڃي ها ته، شاعري ڪيترو ذميواراڻو ڪم آهي! ان ۾ رڳو رديف ۽ ڪافيا ئي ناهن ملائڻا پر ان شاعر کي اهو به سمجهڻ ۽ ياد رکڻ گهرجي ته، هو لفظن وسيلي جيڪو پيغام ڏئي رهيو آهي، ان جو ڪو نه ڪو ٻڌندڙ يا پڙهندڙ به هوندو، ڪٿي ان ٻڌندڙ يا پڙهندڙ جي اهڙي پيغام سان دل آزاري ته نه ٿيندي، يا ان جي عزتِ نفس مجروح ته نه ٿيندي؟! شيخ اياز جهڙي شاعر جي نظر مان به اهڙيون ناانصافي سان ڀريل سٽون شايد ائين گذري ويون، جو هن ان ”ڪوي“ کي  پنهنجي ”ارڏي ڪوتا“ ۾ ڪنهن اڇوت عورت کي ائين پورٽريٽ ڪرڻ کان منع نه ڪيو.

سنڌي ۾ لکندڙ اسان جي اڪثر شاعرن جو  اڇوت عورت کي پنهنجي شاعري ۾ ايئن پورٽريٽ ڪرڻ جي حوالي سان وڏي ۾ وڏو دليل اهو آهي ته، هو پنهنجي شاعري ۾ اڇوتن کي انهن جي ذاتين جو ذڪر ڪري ڳائين ٿا يا انهن کي حسين ڪري پيش ڪن ٿا يا انهن جي تعريف ڪن ٿا. هڪڙي اسان جي ٻئي سنڌي شاعر  به مهرباني ڪري دلت عورت کي پنهنجي شاعري ۾ ڳايو آهي، سندس سٽون ملاحظه فرمايو؛

سنڌ جي شاعري مون اکين سان ڏٺي،

ٻيلهڙن سان قدم مينگهواڙين کنيا

(ڪنارن جا سڏ، ايوب کوسو)

مٿيون سٽون به پڙهو ۽ مذڪوره شاعر جي اڇوت عورت خلاف پنهنجي پياري نثر ۾ لکيل سٽن کي به ڏسو. جنهن جي نثر کي نصير مرزا ۽ آسي زميني تمام گهڻو ساراهي ويٺا آهن. ” مينگهواڙين جي من ۾ ڪهڙا ستارا ٿا ڦٿڪن، ڪهڙا درياءَ ٿا پاسا ورائن، جو جڏهن اهي رقص ڪن ٿيون ته، وقت حواسن جي حدن کي ڀلجي وڃي ٿو، چنڊ پاڻ راسوڙو ٿي چمڪي ٿو.“( بارش سوچي ٿي: صفحو 20-21). ساڳئي ئي ڪتاب جي صفحي نمبر 30 تي لکيل اهڙيون ٻيون سٽون به آهن. اهي پوءِ پڙهو، پهريان اهو ياد رکو ته هي اهو شاعر آهي، جنهن جي نثر کي نثر جي بادشاهه چئي ويندڙ نصير مرزا،  اعجاز منگي، عبدالواحد آريسر ۽ رسول بخش پليجي جي نثر سان ڀيٽيو آهي. پنهنجي ان راءِ ۾ نصير مرزا صاحب ذڪر ته راشدي ڀائرن جي نثر جو به ڪيو آهي، پر ان کي ڇڏي توهان ڏسو ته بارش  ڇا ٿي سوچي؟ ” کپري جي ان نوخيز ميواٽي ڪولهڻ کي هر حال ۾ شاعر جو نطم ته ٿيڻو ئي هو، ڇو جو گلابن جي ٻنيءَ جهڙو حسن ان ڪولهڻ جي رڳن ۾ ليٽيل هو…..“.  پنهنجو ڪپڙو لٽو کپائڻ لاءِ ڪا ڪمپني ڪا فيڪٽري به اهڙي ٻولي ڪنهن اشتهار ۾ استعمال نٿي ڪري سگهي، جهڙي پنهنجو خيال ۽ ڪتاب کپائڻ لاءِ سنڌي جي هن شاعر اڇوت عورت جي لاءِ ڪئي آهي. پنهنجا ڪتاب ۽ خيال کپائڻ لاءِ اهڙوئي استحصال سنڌي جي هڪ ٻئي شاعر به ڪيو آهي، سندس غزل جو هڪ بند آهي ته،

ڇري ڄڻ ڇاڇرو پيئي، کٽياڻي خواب پنهنجي ۾،

ڀريو  پر   ڀرت ڀوڄاڪر تي ڀيلڻ ڀانءُ ڇو آهي!؟

(ٿوهر هيٺان گل: فراق هاليپوٽو، صفحو، 30)

اڇوتن جي عقيدي سان کيڏندي ساڳئي شاعر انتهائي بي مثال غير ذميواري سان وڌيڪ هڪ ٻئي غزل جي بند ۾ لکيو آهي:

مندر ۾ هي ننگي مورت ڇو ڀڳوان؟

ڇا پوڄا جو به تعلق آهي سيڪس سان؟

(ٿوهر هيٺان گل: فراق هاليپوٽو، صفحو، 80)

ڄاڻايل شاعر جي شاعري جي ڪتاب تي تاج جويو، وسيم سومرو ۽ حاجي ساند جا رايا به شامل آهن، جن لاڙ جي اڇوت عورت خلاف اهڙي شاعري ڪرڻ تي کيس خوب داد ڏنو آهي، جيڪو پڙهڻ کانپوءِ شايد سنڌ جا هر هنڌ استحصال جو شڪار ٿيندڙ اصلوڪا رهواسي به، اهو مڃي وٺن ته جنهن شاعر جي شاعري کي ايترن قومپرست خيال وارن اديبن، شاعرن ۽ ادب پڙهائيندڙ استادن ساراهيو هجي، اهو ڀلا ڪيئن ٿو اسان سنڌ جي وارثن خلاف اهڙي شاعري ڪري سگهي؟! جهڙي اسان جي سماج جي انتهائي حساس طبقي سڏئي ۽ سمجهئي ويندڙ شاعر ڪئي آهي. اڇوت عورت خلاف ٿيل شاعري ۾ پنهنجو حصو هڪ ٻئي شاعر ڪجهه هيئن شامل ڪيو آهي:

هوءَ جا ڪولهڻ ڪجراري

هو ڄڻ ڪاڪ ڪڪوريل ناري

هوءَ ڄڻ چانڊوڪي ۾ درياءَ

هوءَ ڄڻ ڪيسو ڦل جي ٽاري

(سارنگا: 7-8، 2009 ص 122)

جڏهن ته هڪ نوجوان شاعر به ان استحصالي روايت( اسان جهڙن سماجن ۾ استحصال به روايتن موجب ٿيندو آهي) کي پاڻي ڏيندي ساڳيو ڪم ڪيو آهي، هن به انتهائي وڏو احسان ڪندي دلت عورت کي ڪجهه هن ريت پنهنجي شاعري ۾ ڳايو آهي:

چوي ٿو روح اوڏڻي جي ڪنگن جي مير ٿيان جيڪر

مگر ڪا آس ماڻڻ جي کسي ويو عشق سامت آ.

(روشن ظفر راهو)

هي رڳو سنڌي شاعري ۾ اڇوت عورت خلاف ٿيل شاعري جا ڪجهه مثال آهن، جيڪي ڄاڻايا ويا آهن، جن ۾ ”بارش سوچي ٿي“ جي عنوان سان نثري نظمن جي انداز ۾ لکيل هڪ شاعر جي ڪجهه نثري سٽن کي به شامل ڪيو ويو آهي، جنهن جو اهو نثر جو تقريبن سڄو ڪتاب (ڪتاب ۾ شامل ٻين ليکڪن جي مواد کي ڇڏي ڪري) سنڌي ادب ۾ غير معياري اشتهاري ٻولي جو شاهڪار آهي.

ashfaqlaghari@yahoo.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو