Home / افيئر / بدين جو پاڻي ڪنهن بند ڪرايو
above article banner

بدين جو پاڻي ڪنهن بند ڪرايو

بدين شهر ۾ پاڻيءَ جو زبردست بحران رهيو.مظاهرا ٿيا، بک هڙتالون ٿيون، ميڊيا پاران پاڻيءَ معاملي تي شاندار سرخيون لڳيون ۽ هڪ اهم عوامي اشو کي شخصي پسند ناپسند جي بنياد تي هوا ڏني ئي. شهر ۾ اها رڙ هئي ته ڊاڪٽر عزيز ميمڻ پاڻي بند ڪري ڇڏيو آهي. ڇو بند ڪيو اٿس اهو جواب ڪنهن وٽ ڪو نه هو! “الائي چون ٿا ڊاڪٽر عزيز پاڻي بند ڪيو آهي.” ايوان صحافت ۽ پريس ڪب بدين سامهون ٿيندڙ مظاهري ۾ شامل هڪ چنگچي رڪشي واري جواب ڏنو. ٻئي طرف جڏهن ڊاڪٽر عزيز ميمڻ پريس ڪانفرنس پئي ڪئي تڏهن ساڻس گڏ پريس ڪانفرنس ڪندڙ ڪجهه شهرين صحافين کي اهو واضح ٻڌايو ته بدين شهر ۾ پاڻيءَ جي ڪا به کوٽ ڪونهي، ٽينڪرن جي وسيلي سڄي شهر ۾ پاڻيءَ جي سپلاءِ جاري آهي. هي واويلا پ پ  مخالف سياسي پارٽين ۽ صحافين پاران پئي ٿئي، باقي معاملو ايترو سنگين ناهي. معاملو سنگين ڪيترو هو، انهيءَ جو اندازو ته انهيءَ عوامي سگهه مان ظاهرٿي ويو جنهن سمورين سياسي پارٽين کي انهي ڳالهه تي مجبور ڪيو ته هو پبلڪ سان گڏ اچي بيهن. ظاهر آهي ته هڪ اپوزيشن پارٽيءَ کي اهو ئي ڪرڻ کپي جيڪو عوامي تحريڪ ۽ جيئي سنڌ وارا ڪن ٿا. انهيءَ معاملي کي هروڀرو سياسي مخالفن واري اک سان ڏسڻ جي بجاءِ ايئن ڇو نه ڏسجي ته جمهوري نظام جي خوبصورتي ئي انهيءَ ۾ آهي ته اظهار جي آزاديءَ هجي ۽ اهڙو ڪو بي تُڪو ڪم ئي نه ڪجي جو مخالفن کي هوا ڏيڻ جو جواز ملي.

قاضيه واهه جيڪو بدين شهر جي وچ مان گذري ٿو، اهو نه رڳو شهر جي ٻه لک کن آباديءَ کي پاڻي فراهم ڪري ٿو، (واٽر سپلاءِ بدين جي تلائن ۾ 80 لک گيلن في هفتي جي گنجائش آهي) پر سندس ڪمانڊ ايريا ۾ ڪامارو شاخ، گڙهو، گنج بحر، سعيدا ۽ نور واهه کي به پاڻي فراهم ڪري ٿو. قاضيه واهه ۾ پاڻي بند ٿيڻ جي ڪري انهيءَ سڄي علائقي ۾ فصلن کي ڌڪ به لڳو ۽ پوکي ۾ به دير ٿي. هن وقت جيتوڻيڪ بدين شهر ۾ پاڻي ته اچي چڪو آهي، پر پوڇڙ ۾ اهو بحران ايئن جو ايئن موجود آهي، جنهن کي ڪنهن سياسي مخالفت جو نالو ڏئي درگذر نٿو ڪري سگهجي.

پاڻي بند ڇو ٿيو؟ ڳالهه دراصل اها آهي ته قاضيه واهه جي اسٽون پچنگ جي اسڪيم 76 ملين رپين جي لاڳت سان اريگيشن ڊپارٽمينٽ پاران شروع ڪئي وئي. بجاءِ انهي جي ته اها اسڪيم شروع ڪرڻ کان پهرين ٽي ايم اي بدين ۽ ٻيا واسطيدار کاتا پاڻ ۾ ڪا مشاورت ڪن ها، ڪو متبادل ڏين ها، پر بجاءِ انهيءَ جي قاضيه کي ڳنڍو ڏئي بند ڪيو ويو ته شهر جي ڏاکڻئي حصي وارن تلائن جو پاڻي بند ٿي ويو، جڏهن ته اترئين پاسي وارن تلائن جي سپلاءِ جاري رهي. شهر ۾ ٿيندڙ پاڻيءَ جي کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ ٽي ايم اي بدين پاران ٻين تعلقن مان ٻاويهه ٽينڪر هٿ ڪيا ويا، جن جي وسيلي شهر ۾ واٽر سپلاءِ جاري رکي وئي. پر ظاهر آهي ته شهر جي هيڏي وڏي آباديءَ کي اهي ٻاويهه ٽينڪر ڇا منهن ڏيندا؟

ڊاڪٽر عزيز ميمڻ جيڪو پراڻو عوامي تحريڪ جو سرگرم ورڪر ۽ هاڻوڪو ڊاڪٽر مرزا جو پوليٽيڪل سيڪريٽري ۽ ٽي ايم اي بدين جو انچارج آهي، تنهن “افيئر” کي ٻڌايو ته “پاڻي جو بحران اهڙو هو ڪو نه جهڙو ڪجهه ميڊيا وارن ۽ پ پ مخالفن پيش ڪيو، سڀ مظاهرا ۽ بک هڙتالون هٿ ٺوڪيا هئا.” جڏهن ته عوامي تحريڪ جي ئي اڳوڻي ورڪر ۽ هاڻوڪي نواز ليگ اڳواڻ علي احمد جوکئي جو انهيءَ سلسلي ۾ چوڻ هو ته “روزانو جي حساب سان بدين جي شهرين کي پاڻي وڪرو ڪيو ويو، سرڪاري ٽينڪرن ۽ عملي جي نالي ۾ گذريل هڪ مهيني کان ڪروڙن رپين جا ووچر ۽ بل ٺاهيا ويا، پوڇڙ جي شاخن تي آباد ٿيندڙ فصل هٿ وٺي تباهه ڪيا ويا، انهيءَ ايڏي وڏي معاملي کي صرف سياسي مخالفت جو نالو ڏئي ڳالهه لئه مٽي ڪرڻ ڪو نه ڏبي.” هن ته اهو به چيو ته جيستائين پوڇڙ ۾ پاڻي نه پهچندو، تيستائين احتجاج جاري رهندا.”

ڏٺو وڃي ته ڪنهن به شاخ ۾ پاڻي هلائڻ، بند ڪرڻ، وارابندي ڪرڻ جي ذميواري ته اريگيشن کاتي جي آهي، پر هن سڄي “شو” ۾ هو سئو سيڪڙو ذميوار هئڻ جي باوجود صرف “تماشو” ڏسندا رهيا. بدين جو ٽي ايم او مهتاب خواجو، واٽر سپلاءِ انچارج غلام نبي خاصخيلي، فائربرگيڊ انچارج نذير ترڪ ۽ خود ڊاڪٽر عزيز ميمڻ هڪ لمحي لاءِ به اهو نه ٿا مڃين ته ڪو هي ڪو پاڻيءَ جو ايڏو وڏو بحران هو، جنهن لاءِ اخبارون، رسالا، اليڪٽرانڪ ميڊيا پورو مهينو سرگرم رهي، عوامي عدالتون لڳيون ۽ شهرين کي سياسي جهنڊن هيٺ گڏ ڪيو ويو.

بدين ۾ جيڪڏهن پاڻيءَ جو ڪو به بحران نه هو ته پوءِ هي ٽينڪر ڪهڙيءَ خوشي ۾ آيا؟ جڏهن به واهن جي کوٽائي يا اسٽون پچنگ ٿيندي آهي تڏهن اريگيشن ۽ ٽي ايم اي ڪيئن رابطو ڪندا آهن؟ وارابنديءَ وقت شهر کي ڪيئن پاڻيءَ جي ورهاست ڪئي ويندي آهي؟ مظاهرا ڪندڙ سياسي پارٽيون ڇا عوامي مسئلن ۽ مونجهارن سان وابسته ٻين مامرن تي به ايترو سنجيده آهن جيترو هن دفعي هنن ٽي ايم اي بدين ۽ پاڻيءَ اشو تي مظاهرو ڪيو آهي؟؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو