Home / افيئر / بنگالي سيٽلرن کي ڏنل هزارين ايڪڙ زرعي زمينون مقامي ماڻهن کي ڪڏهن الاٽ ٿينديون
above article banner

بنگالي سيٽلرن کي ڏنل هزارين ايڪڙ زرعي زمينون مقامي ماڻهن کي ڪڏهن الاٽ ٿينديون

ڪوٽڙي بئراج مڪمل ٿيڻ سان ئي اڳوڻي آمر صدر جنرل ايوب خان لاڙ جون لکين ايڪڙ زرخيز زمينون هڪ طرف اڪثر پنجابي ۽ پٺاڻ رٽائرڊ فوجين کي ڊفينس جي نالي ۾ بلڪل مفت ۾ ڏنيون، جنهن ۾ سڄي سنڌ ۾ ڊفينس جون سڀ کان وڌيڪ هزارين ايڪڙ زمينون بدين جي موجوده ضلعي جون ڏنيون ويون، جنهن ضلعي جا موجوده سڀئي تعلقا ان وقت حيدرآباد ضلعي جي حدن ۾ شامل هئا. انهن هزارين رٽائرڊ فوجين ۽ سيٽلرن کي مستقل طور آباد ڪرڻ ۾ انهن جي ئي زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ ڪوٽڙي بئراج جي چئن مين ڪئنالن مک وڏن واهن ۾ سڀني کان وڏو اٽڪل 20 هزار ڪيوسڪ پاڻي وهائڻ جي گنجائش رکندڙ لائينڊ چئنل (اڪرم واهه) کوٽايو ويو، جيڪو مين ڪئنال ڪوٽڙي بئراج کان بدين ضلعي جي تلهار شهر تائين اٽڪل 70 ڪلوميٽرن جي ڊيگهه ۾ سرن سان پڪو پلستر ٿيل آهي. حيرت جي ڳالهه آهي ته 60ع واري ڏهاڪي ۾ جنگي بنيادن تي اهو مين ڪئنال جيڪو فقط رٽائرڊ فوجين ۽ سيٽلرن جون زمينون آباد ڪرڻ جي مقصد سان وڏي لاڳت سان پڪو ڪرايو ويو، جڏهن ته ان بعد اڄ تائين اڌ صدي گذري وڃڻ جي باوجود  سنڌ جي ٽنهي بئراجن جو ڪو هڪ به مين ڪئنال لائينڊ پڪو نه ٿي سگهيو آهي. محض رٽائرڊ فوجين ۽ سيٽلرن جي ئي زمينن کي آباد ڪرائڻ وارن مقصدن لاءِ کوٽايل مذڪوره لائينڊ چئنل جو ٻيو ناقابل ترديد ثبوت اهو آهي ته ڪوٽڙي بئراج کان تلهار شهر تائين لائينڊ چئنل مين ڪئنال مان ٻيو ڪو هڪ به واهه کوٽايل نه آهي، نه ئي ماتلي ۽ ٽنڊو محمد خان جي ٻنهي تعلقن جي قانوني طرح سان ڪا پاڻي جي پيچ آهي،  اها ٻي ڳالهه آهي ته غيرقانوني طور تي ٽنڊو محمد خان ۽ ماتلي جي تعلقن جا ڪي سياسي طور تي بااثر زميندار آبپاشي کاتي جي اهلڪارن سان ملي ڀڳت ڪري لائينڊ چئنل تي هزارن جي تعداد ۾ لفٽ مشينون هڻي ۽علي پور ريگيوليٽر وٽان بدين، ٽنڊو باگو ۽ تلهار جي تعلقن جي آبادگارن جون پاڻي چورائي رهيا آهن. جڏهن ته سنڌ جي ٽنهي بئراجن جي ٻين مين ڪئنالن ۽ ان قسم جو ٻيو ڪو به مثال نٿو ملي. ڪوٽڙي بئراج جي چئن مين ڪئنالن مان کاٻي طرف وارن ٽنهي مين ڪئنالن ۾ اڪيلو لائينڊ چئنل اڪرم واهه ئي 12 ئي مهينا وهندڙ پيرينل مدامي ڪئنال آهي. جڏهن ته گوني ڦليلي ۽ پنڃاري ٻئي مين ڪئنال نان پيرينل يعني غيرمدامي ڇهه مهينا وهندڙ، فقط خريف جي زرعي فصلن خاص طور تي ساريال جي پوکائي وارا ڪئنال آهن. باقي ٻيو ڪوٽڙي بئراج جي ساڄي طرف کان نڪرندڙ ڪئنال ڪي بي فيڊر کي محض انهي ڪري مدامي ڪئنال بڻايو ويو آهي جو ان مان ڪراچي شهر کي پاڻي مهيا ٿئي ٿو.


اهڙي طرح هن ملڪ جي آمر حڪمرانن جو سنڌو درياهه تي ڪوٽڙي بئراج ٺهرائڻ جو اصل مقصد ئي لاڙ جي ٻن تاريخي ضلعن جون لکين ايڪڙ زرعي زمينون رٽائرڊ فوجين ۽ سيٽلرن کي ڏيڻ لاءِ ئي تعمير ڪرايو ويو، جن لاءِ لائينڊ چئنل جو هڪ الڳ مدامي پڪو مين ڪئنال ڳري لاڳت سان تعمير ڪرايو ويو. آمرن طرفان سڄي ملڪ تي ون يونٽ مڙهڻ جو خاص مقصد اوڀر بنگالي ۾ بنگالين جي اڪثريتي آبادي هئي، جنهن آبادي کي گهٽائڻ ۽ پنجابي سيٽلرن جي ڪٽڪن سان گڏ بنگالين کي پڻ لاڙ ۾ آباد ڪرڻ لاءِ ڪوٽڙي بئراج ٺهرائي لاڙ جون لکين ايڪڙ زرعي زمينون تين وال ڪري عام نيلام جي ڪاري قانون تحت ڀڳڙن مٺ تي ٻين صوبن جي سيٽلرن پنجابين، پٺاڻن ۽ بنگالين کي ڏنيون ويون. آبپاشي ڊويزن اڪرم واهه لائينڊ چئنل جي چئن آبپاشي سب ڊويزنن مان اڪيلي سب ڊويزن گاجاهه تلهار کانسواءِ باقي ٽن سب ڊويزنن ڪڍڻ شادي لال ۽ قاضيه سب ڊويزن بدين جي اٽڪل سڀني ننڍن وڏن واهن جي پاڻي جي پيچ واري ڪمانڊ جون هزارين ايڪڙ زرخيز زرعي زمينون پاڪستان جي ٺهڻ کان اڳ ۽ بعد جي رٽائرڊ عملدارن کي انعام طور ڏنيون ويون آهن، ڊفينس جي نالي ۾ ڏنل بدين ضلعي جون اهي هزارين ايڪڙ زمينون گهڻين ديهن ۾ سڀ الاٽ ٿي ويون آهن ۽ باقي ڪن ديهن ۾ جيڪڏهن ڪا ڊفينس جي زمين اڃا تائين رهيل آهي ته اها اڃا وڌيڪ رٽارئڊ ٿي ايندڙ فوجي آفيسرن لاءِ رزرو ٿيل آهي. جيڪا ڪنهن به مقامي قديم سنڌي لوڪ هارين کي ڪنهن به طرح هرگز الاٽ ٿي نه ملندي آهي. ڪوٽڙي بئراج جو آرو توڻي سنڌ روينيو بورڊ ڊفينس واري ان زمين کي مقامي بي زمين هارين ۽ ڌرتي ڌڻين کي الاٽ ڪرڻ جو اختيار نٿا رکن ۽ ملڪ جي ڪنهن به عدالت ۾ به مذڪوره زمين کي اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به چئلينج نه ڪيو آهي.

واضح رهي ته ڊفينس وارين رٽائرڊ فوجين لاءِ لاڙ خاص طور تي بدين ۾ رکيل زرعي زمينن جو ايف آر او پڻ الڳ هوندو آهي. رٽائرڊ فوجين لاءِ ڊفينس جون هزارين ايڪڙ زرخيز زمينون سڄي سنڌ ۾ اڪيلي ڪوٽڙي بئراج تي فقط لاڙ ۾ رکيون ويون آهن، جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ هزارين ايڪڙ زرعي زمين فقط بدين ضلعي ۾ رکيل آهي. ٻئي نمبر تي وڌيڪ هزارين ايڪڙ زرعي زمينون ٺٽي ضلعي جون ڏنيون ويون آهن. جڏهن ته عام نيلام واري ڪاري قانون تحت سڄي سنڌ جي لکين ايڪڙ زرخيز زمينن کي تين وال ڪري صوبن جي ماڻهن خاص طور تي سيٽلرن کي ڏنيون ويون، پر آمرايوب خان عام نيلام وارين زمينن ۾ پڻ ڪوٽڙي بئراج جي ڪمانڊ ايريا وارين لاڙ جي زمينن جي سڀ کان وڌيڪ ڀينگ ڪئي، جنهن ۾ پڻ بدين ضلعو مار کائي ويو. اهو ئي ڪارڻ آهي ته شهيد عوام فاضل راهو جي اباڻي تعلقي گولاڙچي ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽلرن جا ڪٽڪ آباد ڪيا ويا، جيڪي گولاڙچي تعلقي کي هڪ ننڍڙو پنجاب ٺاهيو ويٺا آهن، جتي اهي هاڻ دهشتگردي ڪرڻ تي پڻ لهي آيا آهن، شهيد ماجد ميمڻ جي سفاڪانه قتل وارو واقعو پڻ ان جو مظهر آهي.

اهي پڻ اطلاع آهن ته گولاڙچي ۾ سيٽلرن پابندي لڳل ڪن جهادي تنظيمن جو هڪ ڳجهو نيٽ ورڪ پڻ قائم ڪري ورتو آهي، ڪجهه عرصو اڳ هتان جي هڪ گولاڙچي شهر جو ويٺل نوجوان بندش پيل هڪ تنظيم جي ڪارروائي دوران ڀارتي ڪشمير ۾ مارجي ويو، اسرار احمد جي نالي وارو اهو نوجوان تازو گولاڙچي شهر ۾ شهيد ماجد ميمڻ جي سفاڪانه ٿيل قتل جي پلاند ۾ مارجي ويل نوجوان افتخار جو ننڍو ڀاءُ هو.

ياد رهي ته بدين ضلعي جون زمينون عام نيلام ڪري سيٽلرن کي ڏيڻ واري ڏوهه ۾ بدين جا ڪجهه وڏيرا پڻ شامل آهن، جن آمر ايوب خان ۽ سرڪاري عملدارن کي لکت ۾ لکي ڏنو ته بدين ۾ ڪوٽڙي بئراج جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ هتان جي هارين ۽ آبادگارن ۾ ڪا به مالي سگهه نه آهي، اهي فقط مال چارڻ جا شوقين آهن، عام نيلام جون زمينون اهي خريد ڪري نه سگهندا، ان ڪري لکين ايڪڙ زمينون آباد ڪرائڻ لاءِ پنجاب ۽ ٻين صوبن مان آبادڪار سيٽلر گهرائي انهن کي هتان جون زمينون نيلام ڪري ڏنيون وڃن. وڏيرن اهو ڪڌو ڪم بدين ۽ لاڙ ۾ نه ڪيو آهي، پر سکر بئراج جي ٺهڻ وقت سنڌ جا جاگيردار گبر وڏيرا انگريزن جي چاپلوسي نه ڪن ها ۽ شهيد عوام فاضل راهو جهڙي عام نيلام بند ڪريو جهڙي ڪا هارين ۽ آبادگارن جي عوامي تحريڪ هلائي مزاحمت ڪن ها ۽ پنهنجن ئي مقامي ماڻهن کي لکين ايڪڙ سکر بئراج جي کاٻي طرف وارن مين ڪئنالن ۽ واهن جي پيچ واريون زمينون کڻت ڪرائين ها ته سکر کان وٺي ٿر جي ڀٽن نئون ڪوٽ تائين سيٽلرن جا ڪٽڪ هرگز نه پهچن ها ۽ لکين ايڪڙ سنڌ جون زرخيز اي ڪلاس جون وارياسيون زمينون انهن جي قبضي ۾ نه اچن ها. واضح رهي ته هن وقت به سکر بئراج جي ڪمانڊ ايريا وارن ڦٽين ۽ مرچن جي بيلٽ وارن ضلعن سانگهڙ، ميرپورخاص ۽ عمرڪوٽ وغيره جون لکين ايڪڙ زرعي زمينون پنجابي سيٽلرن ۽ اڪثر سڀئي ننڍا وڏا شهر ورهاڱي بعد ڀارت مان لڏپلاڻ ڪري ايندڙ پناهگير ڪٽڪن جي مڪمل قبضي هيٺ اچي يرغمال ٿي ويا آهن. ان سان گڏ ڦٽين ۽ مرچن جي ايشيا کنڊ جي وڏي منڊي ڪنري، جهڊو ۽ نئون ڪوٽ وغيره جي اربين رپين جو ڪاروبار پڻ انهن ئي ڌارين ماڻهن جي هٿ ۾ آيل آهي.

1962ع ۾ جيئن ئي ڪوٽڙي بئراج جو پاڻي بدين ضلعي جي ڏاکڻي دنگ علي بندر، روپاماڙي ۽ رڻ ڪڇ جي ڪنڌيءَ تائين وڃي پهتو ته سگهو ئي 1964ع ڌاري پنجابي سيٽلرن ۽ رٽائرڊ فوجين جا ڪٽڪ پڻ ايستائين وڃي پهتا. جيستائين آبپاشي کاتي جي واهن جو پاڻي وڃي ٿي ٿر جي ڀٽن ۽ رڻ ڪڇ تائين ٿي پهتو، آمر ايوب خان ون يونٽ جو سهارو وٺي نه فقط پنجابي رٽائرڊ فوجين ۽ سيٽلرن جا بدين ۽ لاڙ ۾ وڏا ڪٽڪ آڻي آباد نه ڪيا، پر هن اڳوڻي سرحد صوبي جا پٺاڻ، بلوچستان جا بلوچ ۽ اڳوڻي اوڀر پاڪستان جا هزارين بنگالي به آڻي هتي بدين ۾ آباد ڪيا.  انهن سيٽلرن ۽رٽائرڊ فوجين جي ڳوٺن کي چڪن جو نالو ڏنو ويو، سيٽلرن جي انهن چڪن لاءِ زمين وقف ڪرڻ کان سواءِ انهن کي ڪيتريون ئي بنيادي سهولتون پڻ فراهم ڪيون ويون. ايتري قدر جو ان چڪ جي سيٽلرن کي زرعي زمينون ڏيڻ سان گڏ هر هڪ چڪ کي پاڏي ۽ سان ڍڳي جي نالي ۾ الڳ زرعي زمينون الاٽ ڪيون ويون. جڏهن ته رانديگرن جي انعام لاءِ پڻ زرعي زمينون مخصوص ڪيون ويون. سيٽلرن کي ته سڄي لاڙ  ۾ زمينون الاٽ ڪيون ويون، پر اڳوڻي اوڀر پاڪستان مان لڏائي آندل هزارين بنگالين کي ايوب خان فقط بدين ضلعي جي ٻن تعلقن گولاڙچي ۽ بدين ۾ آڻي آباد ڪيو. بدين تعلقي ۾ انهن بنگالي سيٽلرن کي وري يو سي ڪڍڻ ۽ يو سي ڀڳڙا ميمڻ واري علائقي ۾ چڪن ۾ آباد ڪيو ويو، هتي انهن کي هزارين ايڪڙ زرخيز زمينون مفت ۾ الاٽ ڪيون ويون، 1964ع ۾ اهي کي ٻولي ڳالهائيندڙ سانورا ۽ بندرا بنگالي بابو هتي جڏهن پاڻ کڻي اچي پهتا ته مقامي ماڻهو حيران ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته هتي جي ماڻهن کان اڳ هتي نه ڪڏهن اهڙي ٻولي ٻڌي هئي ۽ نه ئي وات ۾ چٻاڙي کائيندڙ پان ڏٺا هئا. هتي ڪڍڻ واري علائقي ۾ 1964ع ۾ جيئن ئي بنگالي اچي لٿا ته ان ئي ساڳي سال ۾ هتي هڪ ڀيانڪ سامونڊي طوفان سائڪلون اي ون آيو. جنهن تي هتي جا مقامي ماڻهو انهن سيٽلر بنگالين کي پاراتو ڏيڻ لڳا ته اهي سامونڊي طوفان به بنگالي، بنگال ماڻ پاڻ سان گڏ کڻي آيا آهن. 1971ع واري خونريز جنگ بعد جڏهن اوڀر پاڪستان هڪ آزاد ملڪ بنگلاديش بڻجي ويو، تڏهن 1972ع ۾ ڪڍڻ ۽ گولاڙچي جي چڪن ۾ آباد هزارين سيٽلر بنگالي پنهنجون زمينون ۽ ٽپڙ وڪڻي بنگلاديش هليا ويا. باقي پويان ڪي چند ايڪڙ ٻيڪڙ بنگالي هتي وڃي بچيا، تڪڙ ۾ بنگالي پنهنجون زمينون مقامي هارين مهاڳيدارن ۽ راڄوڻي طرح سان وڪڻي انهن کي قبضا ڏيئي ويا. 80 ۽ 90ع وارن ڏهاڪن ۾ پنهنجي وطن بنگلاديش ڏانهن ڀڄي ويل ڪجهه بنگالي لڪ چوري ۾ واپس هتي پهچي ويا، جن ماڻهن مقامي ماڻهن کي وڪيل زمينن جا ڪيس ڦڏا ڪري ٻيڻا پئسا وصول ڪيا. پر پنهنجي ملڪ ڏانهن ڀڄي ويل بنگالين جون تعلقي گولاڙچي ۽ بدين جون هزارين ايڪڙ زرعي زمينون جيڪي مقامي هارين جي قبضي ۾ آهن، جيڪي زمينون انهن هارين سيٽلر بنگالين کان بناقانوني لکپڙهه جي خريد ڪيون، اهي زمينون اٽڪل 40 سالن کان روينيو رڪارڊ ۾ اڃا تائين بنگالين جي نالي ۾ سروي ڏيکاريل آهن. ڪڍڻ واري علائقي ۾ اهڙيون بنگالين جون خالي ڪيل هزارين ايڪڙ زمينون ديهه ڪڍڻ، سنگهر، سينگاري ۽ ديهه مور وغيره ۾ پيل آهن، جيڪي اڃا تائين مقامي قبضيدار هارين ۾ الاٽ نه ڪيون ويون آهن.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو