Home / ڪرنٽ افيئر / تيونس انقلاب، جنهن عرب دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو
above article banner

تيونس انقلاب، جنهن عرب دنيا کي ڌوڏي ڇڏيو

تيونس جي هاڻوڪي انقلاب کي انقلاب ياسمين چيو ويو آهي. پاڪستان وانگر تيونس جو قومي گل چنبيلي آهي، ان مناسبت سان تيونس جي عوام ان جدوجهد کي “انقلابِ ياسمين“ قرار ڏنو آهي.

تيونس ۾ زين العابدين علي جي اقتدار جي زوال کي عالمي مبصر ۽ خود عرب تجزئي نگارن هڪ اهم تبديلي سان تعبير ڪيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ عرب دنيا جي آمر، غيرجمهوري ۽ استبداد جي بنياد تي قائم ٻيون حڪومتون به ڊنل نظر اچن ٿيون. تيونس فرانسيسي نو آباد رياست ۾ شامل هو ۽ جڏهن فرانس هن ملڪ کي آزادي ڏني ته حبيب بورقيه ڊگهي عرصي تائين اقتدار ۾ رهيو. 1975ع ۾ کيس تاحيات صدر بڻايو ويو. ليڪن 7 نومبر 1987ع تي حبيب بورقيه جي اقتدار جي خاتمي کانپوءِ زين العابدين علي نئين صدر طور سامهون آيو. هن ڊگهي عرصي تائين حڪمراني ڪئي، هن جي سياسي مخالفن جو چوڻ آهي ته هن سڄي ملڪ کي پوليس اسٽيٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو،  ڳجهن ادارن کي وڌيڪ اختيار ڏنا ويا ۽ تيونس ۾ هڪ اهڙو سخت گير نظام قائم ڪيو ويو جنهن جي بنياد تي پنهنجي مخالفن سان انتهائي ظالماڻو رويو اختيار ڪيو ويو. ڪجهه سياسي تجزئي نگارن جو خيال آهي ته زين العابدين علي جي زوال ۾ فلپائن جي مارڪوس وانگر سندس گهر واري ليليٰ ۽ سندس ڪٽنب جو به هٿ آهي، جن زين العابدين علي جي آڙ ۾ بدعنوان سياست کي اڳتي آندو ۽ سڄي ملڪ جو خزانو بي درديءَ سان لٽيو. اهو ئي ڪارڻ آهي جو نئين عارضي حڪومت زين العابدين علي جي 33 ويجهن عزيزن کي گرفتار ڪري ورتو  آهي ۽ کانئن زيور، جواهر، سون ۽ گهڻو ڪجهه هٿ ڪيو آهي.


نئين نگران حڪومت کي قبوليت جوڳو بنائڻ لاءِ زين العابدين علي جي سياسي  دوستن کي به هٽايو ويو آهي. نئين نگران حڪومت جي سربراهه جو چوڻ آهي ته پراڻي حڪومت ۽ پراڻي اقتدار جا سڀ نشان ميساريا ويندا، تيونس جي عوام جي خواهش موجب ڪجهه مهينن اندر چونڊون ڪرائي اقتدار تيونس جي عوام جي نمائندن کي منتقل ڪيو ويندو. زين العابدين علي جي اڳوڻي حڪومت جن سياسي مخالفن کي گرفتار يا جلاوطن ڪيو هو، اهي به هاڻ واپس اچي ويا آهن. پابندي وڌل سياسي جماعتن ۽ گروپن به چونڊ مهم جي سرگرمين ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي.

عرب دنيا ۾ تيونس جي انقلاب کي هڪ غيرمعمولي سياسي تبيديلي چيو پيو وڃي. جنهن جي ڪري تيونس جي عوام جي سوچ ۽ فڪر کي به اهميت ڏني پئي وڃي. عوام جي نفرت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته زين العابدين علي جي اڳوڻي برسرِ اقتدار جماعت RCD جو هاڻي تيونس ۾ ڪو نالو ٻڌڻ لاءِ به تيار ناهي. روڊ رستن تي مظاهرن دوران تيونس جو عوام مظاهرن ۾ واضح طور چوي ٿو ته اسان پاڻي ۽ کاڌخوراڪ کانسواءِ ته زنده رهي سگهون ٿا ليڪن RCD سان گڏ هڪ پل به برداشت نه ڪنداسين، زين العابدين علي هاڻي تاريخ جو حصو بڻجي چڪو آهي. هن ٻين آمرن وانگر پنهنجو اقتدار بچائڻ جي ڪوشش ڪئي، هر ممڪن طريقي سان مزاحمتي تحريڪ کي چيڀاٽيو، جنهن جي ڪري 117 کان وڌيڪ مظاهرو ڪندڙ موت جو کاڄ پڻ ٿيا،  ليڪن هو پنهنجو اقتدار قائم رکڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيو،  فرانس شروع ۾ انهي تحريڪ کي غيرموثر رکڻ لاءِ پنهنجو فورس موڪلڻ جي آڇ ڪئي هئي، پر هن تحريڪ جي شدت کين ايئن نه ڪرڻ تي مجبور ڪيو، جڏهن زين العابدين علي مزاحمتي تحريڪ کان ڊڄي پرڏيهه وڃڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو فرانس وڃڻ پيو چاهي، ليڪن فرانس جي صدر نڪولس سرڪوزي تيونس جو سياسي انقلابي ڏسي کيس پئرس اچڻ جي اجازت نه ڏني. ان کانپوءِ هن جي جهاز کي جدي وڃڻو پيو ۽ کيس سعودي عرب ۾ رهڻ جي اجازت ڏني وئي. چيو وڃي ٿو ته زين العابدين علي جي ڊگهي اقتداري دور جي بدعنوانين ۽ آمريت سبب ملڪ ۾ غربت، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جنم ورتو. بيروزگاري ۾ ڏينهون ڏينهن ايندڙ واڌ حڪومت جي خاتمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن تحريڪ ۾ نوجوانن جو نهايت اهم ڪردار آهي. خاص طور تي يونيورسٽي ۽ تعليمي ادارن جي شاگردن هن جدوجهد ۾ هر اول دستي جو ڪردار ادا ڪيو. دنيا ۾ وڏا وڏا انقلاب ۽ سياسي تبديليون ڪڏهن ڪڏهن ننڍن واقعن کان جنم وٺنديون آهن، اهو ئي تيونس ۾ ٿيو آهي، جتي يونيورسٽي جي هڪ شاگرد محمد بو عزيزي بيروزگاري کان تنگ ٿي ريڙهي تي سبزي ۽ فروٽ کپائڻ جو فيصلو ڪيو. تيونس پوليس سندس ريڙهو ضبط ڪيو. ان صورتحال کان مايوس ٿي محمد بو عزيزي پاڻ کي 17 سيپٽمبر 2010ع تي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. کيس اسپتال نيو ويو، جتي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ هو گذاري ويو، ان واقعي سبب تيونس جي نوجوانن ۾ تمام گهڻو ردعمل پئدا ٿيو، هو رستن تي نڪري آيا. انهن زين العابدين علي جي سمورن اقتداري ادارن کي مفلوج ڪري ڇڏيو. تيونس جو گسٽاپو طرز جو انٽيليجنس نظام منتشر ٿي ويو. ايئن نوجوانن عرب دنيا ۾ ڀونچال مچائي ڇڏيو.  جيتوڻيڪ تيونس ۾ اخبارن ۽ ميڊيا تي پابنديون لڳل هيون، ليڪن نوجوانن انٽرنيٽ وسيلي هن تحريڪ کي هڪ موثر سياسي طاقت ۾ تبديل ڪري عرب دنيا کي هڪ نئين اطلاعاتي تجربي کان واقف ڪرايو، جنهن جي شدت کي سمورن عرب ملڪن ۾ محسوس ڪيو پيو وڃي. تيونس جي هاڻوڪي تحريڪ ۾ فسلطين تڪرار به اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. جڏهن مصر جي صدر انور سادات اسرائيل سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ۽ اسرائيل وڃڻ جو فيصلو ڪيو هو ته ان وقت عرب ملڪن جي قيادت سخت مزاحمت ڪئي هئي.  سعودي عرب تڏهوڪي بادشاهه شاهه خالد مرحوم خاص طور تي ڪعبته الله کولرائي سڄي رات دعا گهري هئي ته “ڪعبته الله ۾ ڪنهن مسلمان خلاف دعا گهرڻ کي درست نٿو سمجهي، ليڪن انور سادات جنهن رستي تي وڃي رهيو آهي، منهنجي دعا آهي ته اسرائيل پهچڻ کان اڳ سندس جهاز تباهه ٿي وڃي.”

مصر ۽ اسرائيل وچ ۾ رابطن جي سلسلي ۾ مک ڪردار ادا ڪندڙ اڳوڻي آمريڪي صدر جمي ڪارٽر فلسطين بابت لکيل پنهنجي ڪتاب ۾ خود ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو آهي ته فلسطينين جا حق پائمال ڪيا پيا وڃن ۽ اڳوڻن اسرائيلي وزيراعظمن سان سندس ملاقاتون ٿيون آهن، اهي عرب دنيا جي هاڻوڪي صورتحال کي سمجهڻ کان قاصر آهن.

اهو به نه وسارڻ کپي ته جڏهن آمر زين العابدين پنهنجي خلاف تحريڪ هلائڻ لاءِ تيونس جي فوج کي استعمال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته نوجوانن تيونس جي فوج جي سنگينن ۽ بندوقن سامهون اچي جذباتي انداز ۾ جڏهن چيو ته توهان فوجي تيونس جي روڊ رستن تي ڇا ڪري رهيا آهيو، توهان فوجين کي ته يروشلم ۾ هجڻ گهرجي ها. تيونس جي شاگردن جو اهو سوال تاريخي حيثيت اختيار ڪري ويو. تيونس جي فوجين مظاهرو ڪندڙن مٿان گوليون هلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ اهو ئي اهو لمحو هو جنهن زين العابدين علي کي اقتدار ڇڏڻ ۽ ملڪ مان ڀڄي وڃڻ تي مجبور ڪيو. تيونس جي نوجوانن رستن کي هڪ اهڙي مورچي ۾ تبديل ڪيو، جو هڪ آمراڻي حڪومت پنهنجي موت مري وئي.

تيونس جي انقلاب مصر، لبيا، الجيريا، شام ۽ ٻين عرب ملڪن کي به حيران ڪري ڇڏيو آهي. خاص طور لبيا جي صدر ڪرنل قذافي تيونس جي انقلاب جي کليل طور مخالفت ڪئي آهي. لبيا جي سرڪاري ٽي وي تي هن پنهنجي تقرير ۾ زين العابدين علي کي تيونس جي عوام جي جذبن جو مظهر قرار ڏنو آهي، هن چواڻي زين العابدين علي تيونس جو اصل حڪمران هو ۽ سندس حڪومت کي ختم نه ڪرڻ گهربو هو، اها تيونس جي عوام جي وڏي غلطي آهي. شام حڪومت جي هڪ حامي اخبار لکيو آهي ته تيونس جو انقلاب عرب دنيا لاءِ هڪ اهم سبق آهي ۽ کين ان انقلاب ۽ ان جي عرب دنيا ۾ ردعمل مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي، گڏيل عرب امارتن ان کي داخلي معاملو قرار ڏيندي تيونس جي آزادي ۽ خودمختياري جي حمايت ڪئي آهي. جڏهن ته مصر جي پرڏيهي وزير سمورن عرب ملڪن آڏو اها تجويز رکي آهي ته عرب ملڪن کي انهن يورپي ۽ اولهه جي ملڪن خلاف ٺوس حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي، جيڪي عرب ملڪن جي اندروني معاملن ۾ مداخلت  ڪري رهيا آهن. هن جو اشارو تيونس جي هاڻوڪي انقلاب ڏانهن هو، جنهن مصر سميت ٻين عرب ملڪن کي اڻ ڏٺي خوف ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. 29 ڏينهن جي جدوجهد ۾ 23 سالا زين العابدين جي اقتدار جي خاتمي عرب دنيا ۾ اهڙو ڀونچال آڻي ڇڏيو آهي، جنهن جي ردعمل کي هر سطح تي محسوس ڪيو پيو وڃي. ٻئي طرف گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل بان ڪي مون به تيونس ۾ مقامي ماڻهن جي حڪمراني جي بحالي ۽ نين منصفاڻين چونڊن ڪرائڻ ۾ يورپي يونين، آمريڪا سميت ٻين عالمي ادارن جي سهڪار جي آڇ ڪئي آهي. ياد رهي ته آمريڪا جي اڳوڻي صدر جارج بش پنهنجي ٻئي دور اقتدار دوران عرب دنيا ۾ جمهوري سڌارن جو منصوبو پيش ڪيو هو،  جڏهن ته سيپٽمبر 2005ع ۾ بش جي سيڪريٽري آف اسٽيٽ ڪونڊا ليزا رائيس واشنگٽن پوسٽ ۾ شايع ٿيندڙ پنهنجي مضمون ۾ لکيو هو ته جيتوڻيڪ وچ اوڀر ۾ جمهوريت جي ڪا تاريخ ناهي، پر اسان لاءِ اها شئي ان سلسلي ۾ ڪجهه نه ڪرڻ جو جواز مهيا نٿي ڪري، جيڪڏهن هر ڪم لاءِ اڳ ۾ مثال موجود هجڻ ضروري سمجهيو وڃي ته پوءِ ڪنهن نئين ڪم جي شروعات نٿي ڪري سگهجي.

حقيقت اها آهي ته تيونس جي هاڻوڪي انقلاب کي رڳو عرب دنيا نه، پر دنيا جي اسرندڙ سمورن ملڪن ۾ هڪ مثال طور پيش ڪيو پيو وڃي. تيونس جي عوام سياسي مزاحمت وسيلي هڪ نئين تاريخ لکي آهي، اهو هڪ اهڙو فڪري انقلاب آهي، جيڪو بنا ڪنهن فوجي بغاوت جي ممڪن ٿي سگهيو، هن کان اڳ مصر سميت گهڻن تڻن عرب ملڪن ۾ جيڪي انقلاب آيا انهن ۾ فوج جو اهم ڪردار هو. ساڳي وقت اهو انقلاب اهو به پيغام آهي ته عرب ملڪن ۾ هاڻي هڪ اهڙي سياسي نظام جي ضرورت آهي، جنهن ۾ عرب عوام جي سياسي خواهشن جو احترام ڪيو وڃي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو