Home / سياسي افيئر / سلمان تاثير جو قتل: ترقي پسند ڌريون خاموش
above article banner

سلمان تاثير جو قتل: ترقي پسند ڌريون خاموش

 

غيرسياسي مذهبي اسڪالر شيخ الاسلام مفتي محمد ادريس عثمانيءَ پنجاب جي گورنر سلمان تاثير کي شهيد ڪندڙ ملڪ ممتاز قادريءَ بابت قرآن شريف جي روح مطابق فتويٰ جاري ڪئي آهي. جامعيه اسلاميه جي هن مفتيءَ فتويٰ بابت پاڪستان ۾ ڀارت جي ڪيترن ئي مذهبي اسڪالرن سان صلاحون پڻ ڪيون. سندس فتويٰ مطابق گورنر سلمان تاثير کي قتل ڪندڙ ملڪ ممتاز قادري ۽ سندس حامي اسلام جي توهين ڪندڙ آهن. ملڪ ممتاز قادريءَ گناهه ڪبيره ڪيو آهي، جيڪو معاف ٿيڻ جوڳو ناهي. سندس چواڻي ملڪ ممتاز قادري ۽ سندس حامي خدا جي زمين تي فساد ڦهلائيندڙ (فساد الارض) آهن. جن بابت قرآن شريف جون سوره مائره جون ٻه آيتون واضح آهن. هن فتويٰ موجب ملڪ جي اڪثر مذهبي جماعتن جا اڳواڻ، تحفظ ناموس رسالت ڪميٽيءَ جا سمورا ڳواڻ، ڪجهه ناليوارا ٽي وي اينڪرز ۽ صحافي، 500 ڪلرڪ، 200 لاهور جا وڪيل ۽ اُهي سڀ هزارين ماڻهو فسادالارض قرار ڏنا ويا آهن، جن پنجاب جي گورنر سلمان تاثير جي قتل کي ٺيڪ سڏيو. فتويٰ موجب قرآني آيتن جي روشنيءَ ۾ مٿيان سڀ ماڻهو هڪ بي گناهه انسان جي قتل جي ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ انهن اسلام جي نه رڳو توهين ڪئي آهي، پر اسلام جا منڪر پڻ ٿيا آهن. مفتي محمد ادريس جي هيءَ فتويٰ انٽرنيٽ تي پڻ جاري ٿي چڪي آهي ۽ اهڙي فتويٰ ڏيندڙ مذهبي اسڪالر لاءِ وري انتهاپسند مولوي هي فتويٰ جاري ڪرائڻ جي چڪر ۾ آهن ته کيس به سلمان تاثير وانگر واجب القتل قرار ڏياريو وڃي. انتهاپرست مذهبي اڳواڻ ساڳي ريت قومي اسيمبليءَ جي ميمبر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير شيري رحمان لاءِ پڻ فتويٰ جاري ري چڪا آهن. ڇو ته شيري رحمان قومي اسيمبليءَ ۾ هڪ عام ايم اين اي جي حيثيت ۾ هڪ پرائيويٽ بل جمع ڪرايو آهي، هن بل ۾ توهين رسالت جي اُن قانون ۾ تبديلي ڪئي وئي آهي. جيڪو قانون آمر ضياءَ آئين ۾شامل ڪيو هو ۽ مولوين آئين ۾ اهڙو قانون شامل ڪرايو هو.


قانون جي پيچيدگين ۾ وڃڻ بدران سادن لفظن ۾ جيڪڏهن ان جو مفهوم بيان ڪيو وڃي ته هيئن ٿيندو: مثال ڪو شخص اها شڪايت ڪري ته فلاڻي ماڻهوءَ رسول ڪريم جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي ۽ ان لاءِ وٽس ٽي شاهد به آهن ته پوءِ گستاخي ڪندڙ شخص واجب القتل آهي. ان جي خلاف ڄاڻايل قانون تحت گستاخ جو ڪيس داخل ٿيندو. اهڙي قانون جي تبديليءَ لاءِ سڄي ملڪ جي سول سوسائٽي به مطالبو ڪندي رهي آهي. بلڪه انساني حقن لاءِ جدوجهد ڪندڙ ڌرين ۽ ناليوارن قانون دانن گڏجي “توهين رسالت” جي قانون ۾ تبديليءَ لاءِ هڪ دستاويز به تيار ڪيو، جنهن کي شيري رحمان پنهنجي بل ۾ شامل ڪيو، اها ئي ڳالهه پنجاب جو گورنر سلمان تاثير به ڪندو رهيو. هي ڳالهه غريب عيسائي عورت آسيه بي بي خلاف ڪيس داخل ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿي. جڏهن گورنر سلمان تاثير پنهنجي گهرواريءَ کي ساڻ ڪري آسيه بي بي سان ملاقات ڪرڻ پهتو ۽ اهو چيو ته هُو صدر آصف زرداريءَ کي اپيل ڪندو ته آسيه بي بي جي سزا معاف ڪئي وڃي ۽ توهين رسالت جي قانون ۾ ترميم ڪئي وڃي. هن صورتحال ۾ بنيادپرست، انتهاپسند ۽ انسان دشمن قوتن ٻن قسمن جي پروپيگنڊا ڪري عام مذهبي ماڻهن کي ورغلايو ۽ کين اشتعال ۾ آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. پهرين پروپيگنڊا اها ڪئي وئي ته سلمان تاثير رسول ڪريم جي شان ۾ گستاخي ڪئي آهي. سندن خلاف ڳالهايو آهي. هي بلڪل غلط ڳالهه هئي. توهين رسالت ڪرڻ (يعني رسول ڪريم جي شان ۾ گستاخي ڪرڻ) بلڪل الڳ ڳالهه آهي ۽ توهين رسالت جي قانون کي تبديل ڪرڻ بلڪل الڳ ڳالهه هئي، پر رجعت پسندن اها پروپيگنڊا عام ڪئي ته سلمان تاثير گستاخي ڪئي آهي. ان پروپيگنڊا جو زور پنجاب ۾ هو ۽ پنجاب ۾ سلمان تاثير جي مخالف سياسي قوت مسلم ليگ (ن) ۽ پنجاب جي صوبائي سرڪار پروپيگنڊا ڪندڙ قوتن کي همٿايو. جنهن کانپوءِ لاهور سميت پنجاب جي اڪثر شهرن ۾ هٿ ٺوڪين فتوائن وارا بينر ۽ پوسٽر هنيا ويا. جن ۾ سلمان تاثير کي گستاخ رسول ۽ واجب القتل قرار ڏنو ويو. لاهور سميت مختلف هنڌن تي تبليغي ميڙاڪا ٿيڻ لڳا، جن ۾ پڻ ماڻهن کي ڀڙڪايو ويو ته سلمان تاثير گستاخ رسول آهي. ايليٽ فورس جو سپاهي ملڪ ممتاز قادري پڻ اهڙن تبليغي ميڙاڪن ۾ ويندو رهيو ۽ مٿس مولوين جي ڳالهين جو اثر ٿيندو ويو. ممتاز قادريءَ بابت هڪ رپورٽ اِها به آهي ته هُو ذهني طور تي منتشر ماڻهو آهي. سندس ڪراچيءَ جي هڪ ڇوڪريءَ سان عشق هلندڙ هو. سندس موبائيل فون جي رڪارڊ مان ڄاڻايل ڇوڪريءَ سان ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالهائڻ جو ثبوت هٿ ڪيو ويو آهي. سندس شاديءَ کي ٿورو وقت ٿيو هو. ڪڏهن ڏاڙهي رکندو هو ته ڪڏهن ڏاڙهي ۽ مُڇون ڪوڙائي ڇڏيندو هو. 4 جنوري تي اسلام آباد ۾ گورنر سلمان تاثير جي قتل کان اڳ سندس ايليٽ فورس اندر هڪ ٻن ٻين سپاهين به کيس اُڪسايو. جنهن کانپوءِ هُن 4 جنوري جي شام جو اسلام آباد ۾ گورنر سلمان تاثير جي حفاظت تي مقرر ٿيل باقي پوليس اهلڪارن ملڪ ممتاز قادريءَ کي ٿڏي تي قتل ڪرڻ بدران گرفتار ڪيو. هاڻي قاتل قادريءَ کي وري مذهبي ڌريون هيرو ڪري پيش ڪري رهيون آهن.

گورنر سلمان تاثير جي قتل کان اڳ ۽ قتل کانپوءِ ڪراچي ۾ ٻه جنوري ۽ 9 جنوري تي مذهبي جماعتن وڏيون ريليون ڪڍيون، جن ۾ فضل الرحمان ۽ منور حسن سميت اهلِ سنت جي سمورن مولوين شرڪت ڪئي. مولانا فضل الرحمان توهين رسالت جي تحفظ لاءِ جدوجهد جو اعلان عين ان ڏينهن ڪيو، جنهن ڏينهن هُن سرڪار کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو. جماعت اسلامي ٽن سالن تائين مولانا فضل الرحمان کان مطالبو ڪندي رهي ته هُو سرڪار کان الڳ ٿئي ته متحده مجلس عمل کي ٻيهر سرگرم ڪجي، پر ٽن سالن تائين فضل الرحمان اها ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار نه هو، پر هاڻي فضل الرحمان پاڻ ئي متحده مجلس عمل يا مذهبي ڌرين جي اتحاد جي ڳالهه ڪري ٿو، ان لاءِ “تحفظ ناموسِ رسالت” جي پليٽ فارم کي جماعت اسلامي ۽ جي يو آءِ ٻئي استعمال پيون ڪن. ايم ايم اي جنهن آمر جنرل مشرف جي سرڪار کي پارليامينٽ اندر قانون بنايو هو، بلڪل ايئن ئي جيئن “قومي اتحاد. جنرل ضياءَ کي پارليامينٽ ۾ سياسي جلا بخشي هئي. جماعت اسلامي جنرل ضياءَ جي مجلس شوريٰ ۾ شامل هئي. بلڪه ان زماني ۾ ئي شرعي قانون جي آڙ ۾ اُهي سڀ قانون آندا ويا، جيڪي انسانيت جي وجود جي ته خلاف آهن ئي سهي، پر اسلام جي بنيادي تصور جي پڻ ابتڙ آهن. پاڪستان جا کوڙ مذهبي اسڪالر چون ٿا ته اسلام ۾ ڪٿي به ماڻهوءَ کي قتل ڪرڻ جو ذڪر ڪونهي، پر انتهاپسند خودڪش بمبارن کي به ٺيڪ ٿا سمجهن. طالبان جي به حمايت ڪن ٿا، پر مزيدار ڳالهه ته وري جمهويت پسند بڻجي وزارتون به وٺن ٿا، پارليامينٽ ۾ آهن. ڪرپشن جي الزام ۾ وزارت کسجي ٿي ته توهين رسالت جي آڙ ۾ سڄي ملڪ ۾ فساد به کڙو ڪن ٿا. مفتي محمد ادريس هنن کي “فسادي” سڏيو آهي، قرآن شريف ۾ به خدا جي زمين تي فساد پکيڙيندڙ اهڙن ماڻهن کي اسلام جو منڪر سڏيو ويو آهي. ساڳي ريت ملڪ ۾ سموريون جمهوريت پسند، انسان دوست، ترقي پسند، عوام دوست ۽ روشن خيال قوتون پڻ ملڪ ۾ وڌندڙ انتهاپرستيءَ تي پريشان آهن. ان جنونيت ۽ انتهاپرستي ڦهلائڻ ۾ سڀ کان اهم ڪردار مذهبي جماعتن جو آهي.

پاڪستان جي تاريخ آهي ته هن ملڪ ۾ مذهبي جماعتن ئي براين ۾ واڌارو ڪيو آهي. فرقيواريت، لسانيت، آمريتن جي مدد، اسلام جي نالي تي سڄي دنيا کان چندا وٺي سڄي دنيا جي جهادين کي هن سرزمين تي پناهه ڏيڻ جا سمورا ڪم هتان جي مذهبي ڌرين سگهارين ڌرين جي اشاري تي ڪيا. ڇو ته اسٽيبلشمينٽ هميشه جمهوريت ۽ عوام دوست قوتن جي خلاف رهي آهي ۽ هاڻي به خلاف آهي. هاڻي ته قادري پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪندي اهو چيو آهي ته هن راولپنڊي ۾ ڪيترن ئي مولوين جي تقريرن ۾ ٻڌو ته سلمان تاثير رسول ڪريم جو گستاخ آهي، ان ڪري کيس قتل ڪرڻ جو ارادو ڪيو. ان مان اها ڳالهه واضح ٿي ته بنيادپرست جيڏي مهل چاهين ڪنهن کي مارائي ڇڏين. ملڪ ۾ ترقي پسند ۽ جمهوريت پسند قوتن جي ڪمزوريءَ جو واضح مثال اهو ئي ڪافي آهي جو سلمان تاثير جي قتل خلاف پنج هزار ماڻهن جو به ڪو احتجاج اڃا تائين سامهون نه آيو آهي. خود پيپلز پارٽي جو ڏاڍو ڪمزور موقف رهيو. سڄي دنيا ۾ اسلام جي نالي تي پاڪستان ۾ اچي ڪم ڪيو وڃي ٿو، بنگلاديش، ايران ۽ سعودي عرب سميت ڪيترن ئي اسلامي ملڪن ۾ مذهب جي نالي تي سياست ڪرڻ مٿان پابندي آهي ۽ مذهبي جماعتون ڪالعدم آهن. پاڪستان ۾ به لبرل ۽ جمهوريت پسنديءَ جي دعويدار سرڪار کي مولوين ۽ مذهبي جماعتن جي سياست تي پابندي هڻڻ گهرجي ۽ عالمي برادريءَ کي چوڻ گهرجي ته هو انتهاپسندن جا فنڊ بند ڪري.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو