Home / پروفائيل / شهيد فاضل راهو کي ڀيٽا سورهيه مرين سوڀ کي
above article banner

شهيد فاضل راهو کي ڀيٽا سورهيه مرين سوڀ کي

1932 ۾انگريز سرڪار سکر بئراج ٺاهي راس ڪيو،  اهو بئراج سنڌ جي وڏي حصي کي آباد ڪري رهيو هو. سکر بئراج جي ڪمانڊ ۾ ايندڙ ايراضين ۾ جهڙوڪر زرعي انقلاب برپا ٿي چڪو هو، جنهن ڪري انهن علائقن ۾ وڏي معاشي چرپر ٿي رهي هئي، جڏهن ته لاڙ پَٽ جو وڏو حصو اڃا به آبپاشي جي ڪنهن باقاعده نظام کان محروم هو، جتي فصلن جو دارومدار برساتن يا آبڪلياڻي  جي ٽائيم تي وهي ايندڙ درياهه جي قدرتي وهڪرن، ڦاٽن ۽ واهن تي هو. اتي ماڻهن جي گذر جو مک وسيلو زراعت نه پر چوپايو مال هو. لاڙ پَٽ جا ماڻهو بنيادي انساني سهولتن کان مڪمل طرح وانجهيل هئا، نه روڊ رستا، نه پورا اسڪول ۽ نه ئي بيماري جي صورت ۾ علاج معالجي جي سهوليت. عام خلق نه رڳو انگريز سامراج پر مقامي جاگيردار، وڏيري ۽ وياج خور واپاري جي ظلم ۽ معاشي ڦرلٽ جي به ستايل هئي. ان لاڙ پَٽ جي حيدرآباد ضلعي جي تعلقي گوني (ٽنڊو محمد خان) جي پٺتي پيل علائقي ۾ هڪ ننڍو ڳوٺ راهوڪي آباد هو، جنهن ۾ چند گهر راهو، ڦل، ڪنڀار ۽ ڪجهه ٻين ذاتين جا ماڻهو رهندا هئا. ان ڳوٺ جي پسگردائي ۾ راهُن جي زمينداري هئي، ان ئي نسبت سان 1890 جي ڏهاڪي ۾ انگريزن طرفان ڪرايل زمينن جي سروي ۽ ڪلاسيفڪيشن ۾ ان ديهه کي راهوڪي نالو ڏنو ويو.    راهوڪي ۾ هڪ گهر احمد راهُوءَ جو به هو، جنهن کي پهريائين پُٽ جو اولاد ٿيو، اهو ٻالڪپڻي ۾ ئي فوت ٿي ويو. اولاد جي نه بچڻ کيس ڪافي پريشان ڪيو. ان وقت جي روايتن ۽ عقيدن آڌار فقيرن ۽ درويشن کان دعائون گهريون ويون. درگاهن ۽ مزارن تي پڙ ۽ باسون باسيون ويون. احمد راهو کي ڪنهن الله واري چيو ته توکي پٽ ان صورت ۾ بچندو جڏهن ڄمندي ئي هن جو نڪ ٽوپي گهر جي ديوار مٿان ٽپائي لوڻ جي لپ تي ڪنهن کي اڌارو ڏئي ڇڏيندين. آخر احمد راهو کي سڪي سڪي وري پٽ ڄائو. هن انهي جو نالو پنهنجي والد جي نالي پويان محمد فاضل رکيو، محمد فاصل جو ڄمندي ئي نڪ ٽوپيو ويو. احمد راهو، سندس وڏي ڀاءُ عبدالرحيم راهو ۽ سندن ڀيڻ مصري جا گهر گڏ ئي هئا، وچ ۾ رڳو ڇپري جي ڀتين انهن کي جدا ٿي ڪيو. احمد راهو پنهنجي سڪيلڌي پٽ کي لوڻ جي لپ عيوض سندس گهر جي ڀت مٿان ٽپائي پنهنجي ڀيڻ مصري جي حوالي ڪيو. هڪ هٿ سان پنهنجي جگر جو ٽڪر ڏيئي ٻئي هٿ سان لوڻ (گهٽ ۾ گهٽ قيمت واري شيءِ) وٺي پنهنجي گهر ۾ رکيو. احمد راهو جي ڀيڻ مصري، جنهن کي بابا سميت اسين سڀ جيجي سڏيندا هئاسين. ان جي مڙس محمد صديق راهوءَ جواني ۾ ئي راهه رباني ورتي. کيس ٽن پٽن ۽ ٽن نياڻين جو اولاد ٿيو. جن مان ٽيئي پٽ ۽ هڪ نياڻي ننڍي وهي ۾ ئي گذاري ويا، جيجيءَ کي نه رڳو پنهنجي وَر پر چئن ٻارن جي وڇوڙي جو صدمو پڻ برداشت ڪرڻو پيو.

احمد خان ڀيڻ جي پيڙا ۽ درد کي محسوس ڪندي پنهنجو سڪي ۽ پني لڌو لخت جگر هميشه لاءِ هن جي حوالي ڪري سندس گهر جو اڱڻ آباد ڪرڻ جو وسيلو بنايو. ڀيڻ ۽ ڀاءُ جي وچ ۾ اولاد جو اهو تبادلو رڳو رسمي نه هو، فقط ڪنهن باسيل باس جي رسمي پورائي نه هو، پر اهو پراڻي وقتن ۾ خوني رشتن ۾ محبت، قرب ۽ هڪٻئي جي ڏک درد کي سمجهڻ ۽ ان لاءِ پنهنجي پياري ۾ پياري شيءِ قربان ڪرڻ جي جذبي جو بي نظير مثال پڻ آهي. رت جي رشتن نڀائڻ جون اهڙيون عظمت ڀريون روايتون پراڻن وقتن ۾ ئي ملي سگهن ٿيون.فاضل کي جيئن ئي ڀت جي مٿان پنهنجي پڦي جي گهر آندو ويو ته اتي جو ئي ٿي رهيو.جيجيءَ پنهنجي ڀائٽي کي وڏي لاڏ ڪوڏ سان پاليو، کيس پنهنجي مال ملڪيت زمين ۽ سڄي گهر جو وارث بڻايائين. کيس ماءُ ۽ پيءَ ٻنهي جو پيار ڏنائين. فاضل نه رڳو جيجيءَ جو، پر پنهنجي ماءُ، پيءُ مٽن مائٽن ۽ ڳوٺ وارن جي اک جو به تارو هو. سڀئي هن تان گهور گهور پيا ٿيندا هئا. احمد، عبدالرحيم ۽ جيجيءَ سندن والد جي نالي سبب کيس ابا ڪري سڏيندا هئا. مٽن مائٽن ۾ ڪي کيس ڏاڏا  ته ڪي نانا به چوندا هئا، جڏهن ته نڪ ٽوپيل هئڻ ڪري ڪي کيس ناٿڙو يا ناٿو به سڏيندا هئا. ان ئي نسبت سان پاڻ جڏهن وڏو ٿي سياست ۾ بهرو ورتائين ته کيس پارٽي جي اندر به ناٿو سڏيو ويندو هو.

شهيد فاضل جنهن دور ۽ ڌرتي جي جنهن حصي ۾ اک کولي اتي جون زمينون ته جاگيرون هيون ئي پر اتي جا رهواسي تر جي جاگيردارن جا زرخريد  غلام بڻيل هئا. آزاد سياسي معاشري ۽ سماجي زندگي جو تصور به ڪونه هو. ماڻهو نه رڳو معاشي طرح ڏڪاريل هئا، پر سياسي، سماجي ۽ ذهني طرح ان کان وڌيڪ قحط جو شڪار هئا. پاڻي جي ڏڪار جو ته ڪڏهن سڪار ٿي به پوندو هو. ڪڏهن درياهه جا ڦاٽ وهڪرا ۽ اسڪيپ وهي به ايندا هئا، انهن جون کاٽيون کڻي هرلا چاڙهي ڪجهه آباديون ٿي به پونديون هيون ۽ ٻاجهاري جي ٻاجهه سان آڪاش به برسي پوندو هو. ترايون ۽ مٿايون سڀئي ساوڪ ٿي وينديون هيون. ڪڏهن ته مال ۽ ماڻهن جون ورهين جون بکون، ڪشالا ۽ ٿڪ لهي به پوندا هئا، پر سياسي ۽ سماجي آسودگي جو پري پري تائين نالو نشان ڪونه هو. هر طرح سماجي اڻبرابري ۽ ناانصافي جو راڄ هو. فاضل سرت سنڀاليندي ئي اٻوجهن، غريبن ۽ مسڪينن جي ڏک درد  کي شدت سان محسوس ڪرڻ لڳو. هو نوجواني ۾ ئي محدود وس ۽ طاقت سارو پنهنجي علائقي جي ماريل ۽ ستايل ماڻهن جو ڀرجهلو ٿيڻ لڳو. هن ۾ ننڍپڻ کان ئي ظالم ۽ ڏاڍي کان نفرت ، مظلوم ۽ هيڻي سان همدردي جو ڀرپور جذبو موجود هو.

59-1958 ۾ ڪوٽڙي بئراج ٺهيو. ان جي ڪمانڊ ۾ زمين جي کڻت شروع ٿي. هيٺانهين سنڌ مان هميشه لاءِ ڏڪار ختم ٿيڻ جا ڏينهن هئا. غلام محمد بئراج (ڪوٽڙي بئراج) جو پاڻي لاڙ لاءِ سڪار جو سنيهو هو. ماروئڙن کي اميد  ۽ آسرو ٿيڻ لڳو ته هاڻي سندن اهنج ۽ ايذاءَ ختم ٿيڻ وارا آهن. بئراج جون ڪجهه زمينون ته مقامي حقدارن کي ڏنيون ويون، پر ان جي لکين ايڪڙ نئين ايراضين کي ڳڙڪائڻ  لاءِ ڪيئي مانگر مڇ نڪري آيا. مقامي مارو ماڻهن جو حق هڙپ ڪرڻ لاءِ جاگيردار ڪامورا (سول ۽ ملٽري) ۽ ٻين صوبن جا ماڻهو اصل ڪاهي پيا. پٺتي پيل لاڙ جا اڻپڙهيل اٻوجهه، سادا ۽ رب جي رضا تي راضي رهڻ وارا ماڻهو ۽ مستقبل ۾ زمين جي اهميت کان بنهه بي خبر، ڪڙمي، ڪاسبي بي زمين ماڻهو ته ٺهيو، پر ننڍين زميندارين وارن به اباڻين ڏاڏاڻين ايراضين ۽ چوپائي مال کي ئي سڀ ڪجهه ٿي سمجهيو. ننڍي هوندي مونکي جيجيءَ جي زباني ٻڌل ڳالهه ياد ٿي پئي ته ”جڏهن کڻتون شروع ٿيون ته ابا (شهيد فاضل) جنهن جي به زمينداري جي مهاڳي ۾ جيڪي زمينون هيون اهي انهن کي کڻائي ڏنائين باقي بي زمين ماڻهن کي ڏياريائين“. جيجيءَ ٻڌايو ته، هڪ ڏينهن عبدالرحيم ۽ احمد مون وٽ آيا. چيائون ته مصري، ابا کي سمجهائين نٿي، اسان کي چوي ٿو ته جي پئسا نه اٿوَ ته مال وڪڻي به گرانٽن جون قسطون پياريو. چريو آهي ڇا؟ اسين کڻتن جي ڪري مال وڪڻون! اسين ٻني کي ڇا ڪنداسين. اها اسان وٽ پهرين ئي گهڻي پئي آهي“ ان ئي سلسلي ۾ مونکي علي احمد جوکيو جي ڳالهه به ياد اچي رهي آهي، شهيد جي ساروڻين کي سنڀاريندي علي احمد ٻڌايو ته جنرل ضياءَ الحق جي پاران اعلانيل 1977 جي اليڪشن جيڪا بعد ۾ ملتوي ڪئي وئي، جي مهم دوران پاڻ سندن ڳوٺ آيو. کيس سيراڻيءَ ورڪ تي وڃڻو هو. بدين مان گذرندي مونکي کڻڻ لاءِ دڪان تي آيو، جتان کيس خبر پئي ته آئون ڳوٺ ٻنيءَ تي آهيان. هو سڌو اسان جي ٻنيءَ تي آيو. جيب تان لهي مون کان پڇيائين ته ”توهان جي زمين گهڻي آهي؟ مون وراڻيون 70 ايڪڙ. چيائين ته فقط تنهنجي يا سڀني جي؟ مون جواب ڏنو ته اسان سڀني ڀائرن ۽ ڀيڻن جي اهائي آهي. انهي تي پاڻ حيران ٿي ويو ۽ چيائين، مار! موسيٰ کي آئون ڪيترو  چوندو هوس ته اچ ته توکي زمين کڻائي ڏيان. چوندو هو ته اسان وٽ تمام گهڻي زمين آهي. اسان کان سنڀالي ڪونه ٿي ٿئي. مون ته ايئن سمجهيو هو ته توهان وٽ وڏي ڪا جاگير هوندي. موسيٰ جوکيو علي احمد جو وڏو ڀاءُ آهي ۽ 1964ع ۾ جڏهن شهيد فاضل يونين ڪائونسل ترائي جو چيئرمين هو ته محمد موسيٰ اتي سيڪريٽري هو.

ڪوٽڙي بئراج جي زمين الاٽ ڪرڻ لاءِ هارپ ۽ زمينداري (مهاڳيداري) جي ٻن اسڪيمن کان سواءِ باقي ٻين اسڪيمن ۾ مقامي ماڻهن جي مڪمل حق تلفي ٿي رهي هئي. مڪينائيزڊ  اسڪيم، عام نيلام، ڊفينس، فوجين لاءِ انعامي اسڪيم، اوڀر پاڪستان ۽ اهڙين ٻين اسڪيمن لاءِ بئراج جي لکين ايڪڙ زمين مخصوص ڪري حڪمران اصل حقدارن جي حق تي ڌاڙا هڻڻ جي رٿابندي ڪري چڪا هئا، پر هو ان کان بي خبر هئا ته پٺتي پيل ۽ ڏڪاريل لاڙ پَٽ ۾ فاضل راهو جو ان ٿي چڪو هو. فاضل ميدان ورتو. ڌرتي ڌڻين سان ٿيندڙ ان ظلم ۽ ناانصافي جي مزاحمت ڪئي. آفيسن، کليل ڪچهرين ۽ سرزمينن تي پهچي هن وڌ ۾ وڌ ڪوشش ڪئي ته زمينون مقامي ماڻهن کي ملن. شهيد فاضل اها ويڙهاند تڏهن کان شروع ڪئي جڏهن هن وٽ نه سياسي تنظيم هئي ۽ نه ئي ڪو سياسي ساٿ يا انقلابي نظريو. هن وٽ انسانيت، انصاف ۽ مسڪين مارو ماڻهن سان محبت جو بيپناهه جذبو موجود هو. هن تن تنها پنهنجي خود اعتمادي، دليري، ڏاهپ، سندس صادق جذبي ۽ ايمان جي زور تي اها جدوجهد ڪئي. ان ۾ کيس مقامي ماڻهن ۽ سندس دوستن جو ڀرپور ساٿ حاصل رهيو. ڏهن سالن جي ننڍين وڏين ويڙهاندن کانپوءِ اڳتي هلي جڏهن شهيد فاضل کي سياسي ساٿ مليو ته هن باقائده منظم جدوجهدون هلايون. 1970 ۾ شهيد فاضل ”نيلام بند ڪريو“ تحريڪ هلائي، جنهن ۾ هن هارين کان گرفتاريون ڏياريون ۽ پاڻ به جيل ويو. اهو پهريون ڀيرو هو جو سنڌي هاري عورتون به جيل ۾ ويون. هن تحريڪ جي ڪاميابي جي نتيجي ۾ غلام محمد بئراج  جنهن جو نالو پاڪستان جي آمر گورنر جنرل چوڌري غلام محمد جي نالي پٺيان رکيل هو، اهو مٽائي ڪوٽڙي بئراج رکيو ويو ۽ ان جي لکين ايڪڙ ايراضي جو عام نيلام ۽ ٻيون ناجائز اسڪيمون ختم ڪيون ويون ۽ سڄي ايراضي مقامي ماڻهن کي ڏيڻ لاءِ هارپ شرطن واري اسڪيم خاطر مخصوص ڪئي وئي.

شهيد فاضل جڏهن آخري ڀيرو جون 1986 ۾ جيل مان آزاد ٿي آيو هو ته ٻن ٽن مهينن کان پوءِ ڊيري فارم جو ڪم شروع ڪرايائين. سندس ڪوشش هئي ته اهو ڪم جلدي ختم ٿئي. ڪم سياسي هجي، سماجي يا ذاتي پر شهيد هر ڪم کي مهم جوئي وانگر ڪندو هو، جنهن به ڪم ۾ هٿ وجهندو هو ته ان کي ضرور مڪمل ڪندو هو. هن جو اهو طريقو هوندو هو ته هڪ ئي ڪم کي اجايو ڊگهو ڪري ان جي پويان هروڀرو وقت ضايع نه ڪجي، پر ان کي هنگامي بنيادن تي وٺ پڪڙ ڪري ترت ختم ڪجي ۽ باقي وقت وري ٻين ڪمن لاءِ بچائجي. جڏهن ڊيري فارم جو ڪم تيزي سان هلي رهيو هو ته هڪ ڏينهن جيجي شهيد فاضل کي چيو ته، ”ابا مبارڪون هجنئي وري پنهنجي اصلي اباڻي ڪم تي آيو آهين، هي واڙي جي ڪم جي پويان کڻي وٺ وٺان ڪئي اٿئي پر ان کي سرهيندو ڪير، تون ته سدائين سياست، جيلن ۽ ماڻهن جي بلي!“ ته کلي وراڻيو هئائين، ”جيجي پاڻ ٻئي هلي رهنداسين واڙي تي ۽ ان کي سنڀالينداسين، ٻيو هي ڪم ڪير ڪندو؟        جيجي شهيد فاضل کي بي پناهه ڀائيندي هئي. هن جو ساهه پساهه شهيد بابا ۾ هوندو هو. جيجي کيس ايترو ته لاڏ ڪوڏ ۽ پيار سان پاليو هو جو شايد ئي ڪنهن ماءُ پنهنجي اولاد کي ايئن نپايو هجي. هن جي وات مان هر وقت شهيد لاءِ دعائون نڪرنديون هيون. ننڍي هوندي کان مون جڏهن شعور سنڀاليو ته مونکي ياد پوي ٿو ته جيجي هن لاءِ هميشه هڪ دعا گهرندي هئي ۽ هن جي زبان تي آخر تائين اهائي رهي. مون ڪڏهن به شهيد بابا جي لاءِ جيجي واتان ان کانسواءِ ٻي ڪا دعا نه ٻڌي. عام طرح مائرون پنهنجي پٽن لاءِ ڪيتريون ئي دعائون گهرنديون آهن. اڪثر ٻڌبو آهي ته ”الله سو ورهيه ڄمار ڏيئي“ ابا خدا ڪندو ته ستن پٽن جو پيءُ ٿيندين“ ”الله ڪري ڪڏهن ڪوسو واءُ نه لڳئي“ ”ڌڻي ڪندو سدائين سکيو هوندين“ شال تارن ۾ چنڊ هجين” جيئن آئون اڪثر پنهنجي ماءُ کان دعا ٻڌندو هوس ته ”بچي صديق، اسماعيل، ناٿڙو“ پر مون شهيد فاضل لاءِ جيجي جي زباني ڪڏهن به نه ٻڌو ته، ”ابا الله توکي جاگيرون ڏيندو“ ”ڌڻي توکي لک پتي ڪندو“، جيڏانهن پير تيڏانهن خير هجئي“ يا مٿيون ذڪر ڪيل عام ۽ مروج دعائون، جيجي شهيد کي هميشه هڪ دعا ڏيندي هئي ته ”ابا الله ڪندو سنڌ جو سوڀو ٿيندين“ مون پنهنجي گهر وارن ۽ وڏن کان ٻڌو آهي ته شهيد اڃان ننڍو هو تڏهن کان ئي جيجي هن لاءِ اها دعا ڪندي هئي.بابا جي شهادت کان سگهو پوءِ هڪ ڏينهن آئون صبح سويري اٿي گهر جي رڌڻي ۾ آيس ته ماسي چانهه ڪاڙهي رهي هئي. پاسي ۾ ئي جيجي ماٽي ولوڙي رهي هئي. ماسي مونکي ڪوپ ۾ چانهه ڪڍي ڏني. آئون بورچيخاني ۾ ئي صندل تي ويهي چانهه پي رهيو هوس ته اچانڪ ماٽي جي مانڌاڻي جو آواز اچڻ بند ٿي ويو. مون سامهون ئي ماٽي ولوڙيندڙ جيجي ڏانهن ڏٺو . سندس هٿ مانڌاڻي جي نهيرن (رسي) تي رڪيل هئا سندس چهرو ڪنهن اٿاهه گهري سوچ ۾ ٻڏل هو. ان وقت هو پنهنجي آسپاس کان بلڪل الڳ ۽ بي نياز لڳي رهي هئي. ان گهڙي پنهنجو پاڻ سان ڀڻڪي ڳالهائڻ جي انداز ۾ هن جو چيل جملو منهنجي ڪن تي پيو، ”جيلن ۾ هوندو هو ته به آسرو هئوسين ته ايندو هاڻي ته اهو به ڪونه رهيو…!! ايئن چوندي هن جي اکين مان لڙڪ لڙي آيا. جيجي جي 90 سالن جي جهور چهري جي جهرين ۾ سنڌ جو نقشو اڀري آيو هو. مونکي ايئن لڳو ڄڻ سنڌ سندس فتح جي جنگ لڙندڙ سوڀي جي مارجي وڃڻ تي آبديده هجي.*

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو