Home / ڪرنٽ افيئر / عرب دنيا جو بدلجندڙ منظرنامو پاڪستان تي اثرانداز ٿيندو
above article banner

عرب دنيا جو بدلجندڙ منظرنامو پاڪستان تي اثرانداز ٿيندو

تيونس ۾ انقلاب اچي چڪو آهي، مصر  جو صدين کان ستل عوام به اک پٽڻ لڳوآهي. پوري عرب دنيا چند فردن جي آمريت مان نڪرڻ لڳي آهي، لڳي ٿو ته عرب دنيا ۾ هاڻي پاليسيون تبديل ٿينديون جنهن جا اثر عالمي منظرنامي تي به ظاهر ٿيندا. تيونس، مصر ۽ يمن جي عوام پاران اختيار ڪيل ارڏائيءَ جي پاڪستان ۾ تشريح اهڙي انداز سان ڪئي پئي وڃي، ڄڻ پاڪستان ۾ به ظلم جو راڄ آهي ۽ حڪومت ڪنهن شهنشاهه جي هجي. ٽي وي ۽ موبائيل جي دور ۾ پروپيگنڊا ڏاڍي سولي ٿي پئي آهي، ماڻهن کي تيار ڪري سگهجي ٿو ته گهٽين ۽ روڊن تي گڏ ٿي فساد ڪن، پر اعتراض اهو آهي ته ڇا اهڙي قيادت موجود آهي، جيڪا عوامي ڪاوڙ کي گڏ ڪري انقلاب آڻڻ چاهيندي هجي!!

هڪڙو هو ميان نوازشريف، جيڪو پاڻ سعودي عرب لڏي ويو هو ته جيئن جيل مان نڪري آزاديءَ واري زندگي گذاري سگهي، ڇو ته جيل ۾ کيس مڇر چڪ هڻندا هئا ۽ ميان صاحب کي ننڊ نه ايندي هئي. اهو ميان صاحب پرويز مشرف جي اقتدار وارن ڏينهن ۾ جهاز تي چڙهي اچي اسلام آباد پهتو، سندس پارٽيءَ وارن هام هنئي هئي ته عوام جو سمنڊ سندس استقبال ڪندو، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته جنرل پرويز مشرف لنڊن واري جي لٺ کي تن ڏهاڙن ۾ ٻه مٿا هئا، رياستي ادارا سندس مٺ ۾ بند هئا ۽ سندس طاقت آڏو ڪير به بيهي نه سگهندو هو، مشرف پاران ڪوشش ڪئي وئي ته ميان صاحب لاءِ عوام جو استقبالي سمنڊ گڏ نه ٿي سگهي. جڏهن نواز شريف اسلام آباد ايئرپورٽ پهتو ته عوامي سمنڊ ته ڏسڻ نصيب نه ٿي سگهيس، کيس ايئرپورٽ تان زبردستي جلاوطن ڪيو ويو. منهنجي خيال ۾ ميان نواز شريف کي هڪڙو ڀيرو جلاوطن ڪيو ويو، ان کان اڳ هو پاڻ ملڪ ڇڏي ويو هو. اهو ساڳيو ميان نواز شريف جڏهن آصف زرداري جي سياسي چالبازين اڳيان هار کائڻ لڳو ته هن ججن ذريعي سياسي مستقبل محفوظ بنائڻ لاءِ افتخار محمد چوڌري جي بحاليءَ لاءِ لاهور کان لانگ مارچ ڪيو. واقعا جنهن تسلسل سان اڳتي وڌيا ۽ جيترا به تفصيل دستياب آهن، ان آڌار اها ڳالهه پير ٻڌي ڪري سگهجي ٿي ته لانگ مارچ پٺيان صرف ۽ صرف ميان صاحب ۽ ان جي پارٽيءَ جون ڪوششون ۽ خواهشون نه هيون، پر ان پٺيان اصل طاقت ڌڻي به هئا، جن ميان صاحب کي رستو تيار ڪري ڏنو. ميان صاحب ۽ ججن جي حمايت ۾ طوطي وانگر رڙيون ڪندڙ ميڊيا به ته ڪمال ڏيکارڻ شروع ڪيو. پوليس آفيسرن ۽ بيوروڪريٽ سرڪاري حڪمن کي ٿڏي نظربند ڪيل ميان صاحب کي آزاد ڪري لانگ مارچ ۾ وٺي آيا.

اهڙي ئي آشيرواد سان مولوين ايم ايم اي جي پليٽ فارم تان ملين مارچ به ڪيا هئا. متحده مجلس عمل پرويز مشرف جي جنتا پاران خاص ان مقصد لاءِ ٺهرائي وئي ته جيئن آمريڪا جي کي باور ڪرائي سگهجي ته پاڪستان ۾ انتهاپسند ۽ سياسي مولوي سڀ گڏجي آمريڪا جي مخالفت ۾ نڪري آيا آهن ۽ انهن جي هوندي آمريڪا جي حمايت ۾ ڪم ڪرڻ ڪيڏو ڏکيو آهي. پرويز مشرف ملين مارچ ڪرائي پرڏيهي پاليسي ۽ فوجي محاذ تي پنهنجي پسند جا فيصلا ڪيا.

جماعت اسلاميءَ محترمه بينظير ڀٽو ۽ نواز شريف جي حڪومتن خلاف اسلام آباد طرف جيڪي لانگ مارچ ڪيا، انهن کي به وردي واري مخلوق جي حمايت حاصل رهي آهي. گذري ويل 25 سالن دوران جيڪي به عوامي اجتماع اهڙي سطح جا ٿيا، جن ۾ هڪ لک ماڻهو گڏ ٿيا هجن انهن عوامي گڏجاڻين جي اجازت فوج کان ضرور ورتي وئي، يا فوج جي چوڻ تي ئي احتجاج جو وسيع عوامي ميدان تيار ڪيو ويو. ايران ۾ صدارتي چونڊن کانپوءِ ٿيل سول نافرماني ۽ احتجاج پٺيان آمريڪي ۽ برطانوي ادارن جون محنتون موجود هيون، سوڊان ۾ ٿيل ريفرنڊم کي به عالمي طاقتن جي مطالبي بعد منعقد ڪيو ويو. تامل گوريلن کي جيستائين ڀارت جي حمايت حاصل هئي، تيستائين سريلنڪا جي فوج کي شڪست ڏيندا رهيا، جڏهن اها حمايت ختم ٿي ته هڪ منظم فوجي مزاحمت ڍير ٿي وئي. عوام جو گڏ ٿيڻ بيشڪ ڪنهن به مطالبي مڃرائڻ لاءِ انتها جي طاقت پيدا ڪري ٿو، پر اهو ڏسڻ ضروري آهي ته عوام کي ڪير، ڪنهن جي چوڻ تي گهرن کان ٻاهر ڪڍي اچي ٿو!

تيونس ۾ خالص عامي ڪاوڙ ملڪ جي مغرور صدر کي ڀڄي وڃڻ تي مجبور ڪيو. اها ڪاوڙ  30 سالن ۾ گڏ ٿي، مطلب تيونس جي عوام ۾ جيڪو به شعور بيدار ٿيو، ان ۾ کين 30 سال لڳا. پاڪستان جا مالڪ شايد تيونس جي حڪمرانن کان وڌيڪ شاطر آهن ۽ هو مختلف چهرن ذريعي هميشه اقتدار ۾ اچي راڄ ڪن ٿا ۽ 10 سالن کانپوءِ عارضي تبديلي عطا ڪري ماڻهن جي ڪاوڙ کي ٿڌو ڪري ڇڏين ٿا. ايئن ڪو نه آهي ته پاڪستان ۾ عوامي شعور جو ڪو اڀار نه آهي، پر پاڪستان ۾ عوامي شعور قوميتن، علائقن ۽ زبان جي فرق ۾ ورهايل آهي. جنهن جي ڪري انقلاب، جنهن جو دائرو وسيع ۽ مقصد ڀريو هجي، شايد ته پاڪستان ۾ نه اچي سگهي. ملڪ جي اندر موجود تضاد ئي جنتا جي فائدي ۾ آهي. ان تضاد جي بنياد تي ئي سياسي نظام ۾ طرح طرح جون خاميون آهن ۽ ڪا به پارٽي ڪو به نعرو سڀني صوبن لاءِ نه ٿي لڳائي سگهي. لاهور ۾ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت اهي ماڻهو ڪندا آهن، جيڪي محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي پارٽيءَ ۾ آهن، محترمه ان ڊيم جي مخالفت ۾ ڪمون شهيد وٽ ڌرڻو هڻي پنجاب کي تاريخي ڌمڪي ڏني هئي.

ڪراچيءَ ۾ سياست جنهن ڊگر تي هلڻ لڳي آهي، لاهور، پشاور ۽ سڄي سنڌ کي ان تي هڪ سئو کان وڌيڪ اختلاف آهن. پر اهو ضرور آهي ته لاهور ۾ گڏ ٿيندڙ ماڻهو اگر اسلام آباد ڏانهن ويندا ته ان جو اثر وڌيڪ زورآور هوندو. ڇو ته پاڪستاني نظام جي دل اسلام آباد ۽ لاهور جي وچ ۾ ڦهليل آهي. ان حصي ۾ ٿيندڙ ڪا به عوامي سرگرمي دٻائڻ ٿوري مشڪل آهي، انهن علائقن جو ساڄي ڌر واري نظرئي جو هجڻ ڪري پاڻ کي ملڪ جو مالڪ سمجندو آهي ۽ اها به حقيقت آهي ته اهو عوام ناهي چاهيندو ته اهڙو ڪوئي ڪم ڪجي جنهن سان ملڪ کي نقصان ٿئي. ڪراچيءَ تي اڃا قبضي جي جنگ هلي پئي، ڪا به ڌر فاتح هجڻ جي هام هڻڻ واري پوزيشن ۾ نه آهي، ايم ڪيو ايم پاڻ کي ان شهر جي مالڪ سمجهي ٿي، پر کين للڪارڻ وارا موجود آهن. ڪراچيءَ جو سنڌي توڙي جو موڳو ۽ بي واهو آهي، پر سندن حمايت کانسواءِ ڪو به انقلابي عمل پورو نٿو ڪري سگهجي. پشاور ۾ آپگهاتي ڌماڪن جو دور آهي، عوام کي گڏ ڪرڻ لاءِ شايد ته ڪير به نه پيو سوچي، اي اين پي پيپلز پارٽي عوام کي بچائڻ جي فڪر ۽ ٻيون قوتون عوام کي ڊيڄارڻ جي فڪر ۾ غلطان آهن.

آمريڪا جا پاڪستان ۾ ڪهڙا مفاد ۽ هن ملڪ لاءِ ڪهڙيون پاليسيون آهن، اها ڳالهه ڏاڍي ورجائجي چڪي آهي، هڪ ڀيرو ورجائڻ ۾ ڪو حرج نه آهي ته آمريڪا پاڪستان ۾ موجوده نظام کي جاري رکڻ جي حق ۾ آهي. اهو آمريڪا ئي آهي، جنهن فوج کي راضي رکيو آهي ته پيپلز پارٽي کي انڌي منڊي حڪومت هلائڻ ڏني وڃي. جڏهن نواز شريف ججن جي بحاليءَ جو لانگ مارچ پئي ڪيو تڏهن جنرل ڪيانيءَ چونڊيل صدر کي هٽائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. هو صرف ۽ صرف صدر کي هٽائڻ چاهي رهيا هئا ته جيئن پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کي ڪمزور ڪري سگهجي. باقي حڪومت ڀلي ان پارٽيءَ جي ئي جاري رهي. آصف زرداري کي اگر صدارت تان هٽايو وڃي ها ته ان سان پيپلز پارٽيءَ وٽ اهو جواز پيدا ٿي وڃي ها ته فوج کين ڪم ڪرڻ نه ڏنو ۽ هو عوام جي تنقيد کان بچي سگهن ها. جڏهن ته اهو به ممڪن هو ته پپيلز پارٽي ٻه اڌ ٿي وڃي ها ۽ آصف زرداري جي حيثيت ڪمزور ٿي وڃي ها. آصف زرداري جا ويجها دوست چون ٿا ته پيپلز پارٽي کي ڪڏهن به حڪومت ۾ مدو پورو ڪرڻ نه ڏنو ويو آهي، ان نقطي کي کڻي هميشه مظلوم واري سياست بجاءِ هن دفعي ڪارڪردگي جي بنياد تي سياست ۽ حڪومت کي هلائڻ جي حڪمت عملي تيار ڪئي وئي آهي. اگر پيپلز پارٽي مفاهمت واري پاليسي ڇڏي ڇڪتاڻ ۽ جهيڙي واري ڳالهه اڄ ڪري ته اصل ڌڻي کين سڀاڻي ئي حڪومت مان ڪڍي مظلوم بنائي ڇڏيندا. پر ڇا سياست صرف ايئن ڪجي ته انفرادي خواهشن تي جهيڙو ڪري ذميوارين ۽ تنقيد کان جان بچائي وٺجي! پيپلز پارٽي حڪومت ڇڏڻ نه ٿي چاهي، نواز شريف حڪومت وٺڻ نٿو چاهي، مسلم ليگ (ق) اڌ نواز شريف وٽ ۽ اڌ آصف زرداريءَ وٽ آهي، ايم ڪيو ايم واپارين کان پيسا وٺي آر جي ايس ٽي جي مخالفت جي بنيادن تي حڪومت مخالف ته ڪري پئي، پر حڪومت کان ڌار ٿي مار کائڻ به نه ٿي چاهي، مولانا فضل الرحمان ڪڏهن به انقلابي اڳواڻ نه رهيو آهي، نه ٿي سگهي ٿو. ان ڪري پاڪستان ۾ تيونس جهڙو انقلاب ڪو نه ايندو، باقي مصر جهڙو خونريز احتجاج ٿي سگهي ٿو. پر ان جي لاءِ اڃا ته حالتون ئي پيدا نه ٿيون آهن. بي بي جي شهادت کانپوءِ سنڌ ۾ جيڪي فساد ٿيا ۽ عوام جنهن ڪروڌ جو مظاهرو ڪيو ان ڪرڌو کي کڻي آصف زرداري پاڪستان کپي جي هيٺيان چيڀاٽي ڇڏيو، پر ان تي به سوچجي ته ڇا اهو ڪروڌ به ايترو منظم هو جو رياست جي طاقت آڏو به برقرار رهي سگهي ها؟

ڪجهه لاٺڙيا صحافي اگر تيونس جي انقلاب کان متاثر ٿي پاڪستان ۾ به اهڙي انقلاب اچڻ جي خواهش ظاهر ڪن ٿا ته ان جي پٺيان پاڪستان جي حالتن کي بدلائڻ جي ڪا به سوچ نه آهي، سندن نيت آهي ته هي ڪمزور حڪومت وڌيڪ ڪمزور ۽ خوفزه ٿئي. ڪنهن ٽي وي چينل کي ڪرڪيٽ جي راند ڏيکارڻ جو حق بدمعاشي جي زور تي وٺڻو آهي ته ڪنهن صحافيءَ کي انهن ڌرين کي خوش ڪرڻ اهم آهي، جيڪي پيپلز پارٽي مخالف آهن. 60 سالن جي دور ۾ پاڪستان تي 40 سال فوجين سڌي نموني ۽ باقي عرصو پس منظر ۾ رهي حڪومت ڪئي آهي، ملڪ جي مسئلن جا ذميوار اڄ جا پيپلز پارٽيءَ وارا حڪمران اگر آهن به ته هو 60 سالن جي خرابيءَ کي 3 سالن ۾ ڪيئن ٺيڪ ڪري سگهن ٿا. اپوزيشن ۾ ويهي سياست ڪرڻ جو مزو حڪومت ۾ هجڻ باوجود بي وس هجڻ واري ڏک کان ڀلو آهي. ميان نواز شريف 10 مطالبا ڏئي حڪومت سان جيڪا کيڏ کيڏي آهي، ان ۾ في الحال ته سندس فائدو ئي آهي، هو ڄڻ ته وزيراعظم جي حيثيت اختيار ڪري ويو آهي، پر هو هاڻ به سمجهي ٿو ته اگر اڄ کيس حقيقي طور وزيراعظم بڻايو وڃي ته پنهنجي ايجنڊا تي پاڻ 45 ڏينهن ۾ عمل نه ڪري سگهندو. هي ساڳيو نواز شريف ئي آهي، جنهن جي حڪومتي دور ۾ ملڪ جو ڏيوالو نڪري ويو آهي، ماڻهن جا پرڏيهي ڪرنسيءَ واري اڪائونٽ ڄڻ ته حڪومت ضبط ڪري ورتا هئا. قرض اتارو اسڪيم ذريعي عوام کان خيرات گهري وئي، تن ڏينهن ۾ هو ملڪ کان ڏيوالي کان بچائي نه سگهيو، هاڻي معيشت تي آيل مصيبت 10 نُڪتن ذريعي هٽرائڻ چاهي ٿو. ناڻي واري وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن کي معيشت متعلق جيڪا بريفنگ ڏني، تنهن ۾ هن واضح ڪيو ته 10 نڪتا قبول آهن، پر  هاڻي اهو به ٻڌايو ته انهن تي عمل ڪيئن ڪيون؟

ججن کي بحال نه ڪرڻ جي نيت باوجود بحال ڪرڻ جي مجبورين، اين آر او بل کي قومي اسيمبليءَ مٿان پاس نه ڪرائي سگهڻ، ڪيري لوگر بل تي شڪست ۽ هاڻي آر جي ايس ٽي ۽ پيٽروليم قيمتن کي حڪومت کي اڪيلو ڪري جهڪائڻ بعد ايم ڪيو ايم، جي يو آءِ (ف)، مسلم ليگ (ن) ۽ مسلم ليگ (ق) جهمريون ته پائن ٿيون، پر وٽن ان سوال جو جواب نه آهي ته عوام کي عارضي رليف ڏيارڻ جو نقصان ڪنهن کي ٿيندو؟ حڪومت کي شديد شرمندگي برداشت ڪرڻ تي ته هيرايو ويو آهي، پر معيشت جي بهتريءَ لاءِ ڪو به ذميواريءَ واري ڳالهه نه پيو ڪري. آر جي ايس ٽي لڳائي حڪومت اضافي آمدني حاصل ڪري سگهي ٿي، سياسي پارٽيون، جيئن عبدالحفيظ شيخ چيو ته واپارين کان پيسا وٺي ان آمدنيءَ جي حاصلات ۾ رڪاوٽ آهن، مٿان وري حڪومت کان پيٽروليم قيمتن ۽ بجليءَ تي سبسڊي ڏيڻ وارو ڪم ڪرائين پيون، ان سان ملڪي خزاني تي ٻوجهه وڌندو وڃي پيو. اها حالت برقرار رهي ته ايندڙ سال جي بجيٽ ۾ شايد ترقياتي فنڊ اڌو اڌ گهٽجي وڃن. عوام ٽيڪس نه ڏيندو ۽ مهانگائي جي دانهن ڪري پيٽروليم قيمتن جي واڌ کي قبول نه ڪندو ته پوءِ حڪومت معيشت کي ڪيئن ٺيڪ ڪندي. حج اسڪينڊل، اين آءِ سي ايل اسڪينڊل تي ته عدالت به انقلابي ڳالهيون ڪري پئي، پر کنڊ اسڪينڊل تي خاموشيءَ جي پراسراريت ڇانيل آهي. سياسي پارٽيون من پسند مطالبا ڪري حڪومت کي حڪومت نه ڪرڻ پيون ڏين ۽ عدالتون پنهنجي پسند مطابق خبرن ذريعي ڌمڪيون ۽ انصاف نشر ڪرائين پيون، سو حڪومت ۾ هجڻ باوجود پيپلزپارٽي مظلوم آهي، پر هيءَ مظلوميت اهڙي آهي جنهن جي دانهن به نٿي ڪري سگهجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو