Home / ڪرنٽ افيئر / فڪري آزاديءَ جي حق لاءِ جدوجهد جو سوال
above article banner

فڪري آزاديءَ جي حق لاءِ جدوجهد جو سوال

ڇا پاڪستان ۾ اڳ ڪي گهٽ بڇڙايون، عذاب، پيڙائون، آزاديءَ تي راتاها ۽ عوام لاءِ خطرا هئا، جو هاڻي مذهبي جنونيت ۽ فسطائيت جو ڪاريهر پڻ پنهنجي جاهه جلال سان رياست جي ڏهاڪن کان ٺاهيل ۽ سنڀاليل ٽٻڻيءَ مان نڪري آيو آهي، جيڪو پاڪستان اڳ ئي عوام دشمن اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪمران طبقن جي ڦورو چنبن ۾ ڦاٿل هو، جتي گذريل ڇهن ڏهاڪن کان مظلوم قومون، طبقا ۽ پنهنجا قومي ۽ طبقاتي حق گهري گهري ساڻا ٿي پيا آهن، جتي ملڪ ۾ يا ته جمهوريت تي سڌا راتاها لڳندا رهيا آهن ۽وري جيڪڏهن ڪجهه وقت لاءِ نالي ماتر ۽ مڙئي ڏيکاءَ خاطر جمهوريت ايندي به آهي ته ان خلاف چوويهه ڪلاڪ سازشون پيون ٿينديون آهن ۽ سڄو وقت سياسي حڪومتون رڳو پنهنجو بچاءُ ڪرڻ ۾ پوريون هونديون آهن، جتي انفرادي، جمهوري ۽ قومي آزادي اڄ تائين هڪ خواب بڻيل آهي. جتي سيڪيورٽيءَ جي نالي ۾ اسٽيبلشمينٽ ملڪ جو الهه تلهه ٻهاري کڻي وئي آهي. جتي خاص طور سنڌ ۾ هڪ طرف وڏن شهرن ۾ نسلي دهشتگرد ۽ ٻئي طرف ٻهراڙين ۾ غدار وڏيراشاهي ۽ سنڌ دشمن ڌاڙيل شاهيءَ جو راڄ هجي ۽ ويتر اتر سنڌ جي پنجن ضلعن ۾ باقي اهو به رهيل هو جو مذهب جي نالي ۾ جنوني دهشتگرد ۽ فاشسٽ معاشري کي يرغمال ڪري ان جي فڪر جي آزاديءَ جي حق تي خوني راتاهو هڻي ملڪ کي هڪ فڪري قيدخاني ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

تازو پنجاب جي گورنر سلمان تاثير جو پنهنجي جنوني مذهبي انتهاپسند گارڊ هٿان قتل رڳو هڪ فرد جو فرد هٿان قتل ناهي، پر هڪ سوچ ۽ آزاد خياليءَ جي حق جو جنوني ذهنيت هٿان قتل آهي. سلمان تاثير جي سياسي ڪردار ۽ ٻين ويچارن سان کڻي ڪيترا به اختلاف هجن، پر هو پنهنجي شهادت کانپوءِ ملڪ جي روشن خيال، ترقي پسند ۽ لبرل قوتن لاءِ فڪر جي آزاديءَ جي حق جي جدوجهد جو سورمو آهي، جنهن توهين رسالت جي قانون جي غيراسلامي ۽ ناجائز استعمال خلاف ڀرپور آواز اٿاريو ۽ ان لاءِ نيٺ پنهنجي زندگيءَ جي قرباني ڏني. سلمان تاثير جي شهادت جتي هڪ طرف عوام ۽ خاص طور ملڪ جي روشن خيال، ترقي پسند ۽ لبرل سوچ جي ماڻهن ۾ خوف ۽ خطري جي هڪ شديد لهر اُڀاري آهي، اُتي ڪجهه بنيادي سوال پڻ اڀاريا آهن، جن تي نه رڳو غور ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر ان لاءِ گهربل سوچ، رويي، حڪمت عمليءَ ۽ جدوجهد جي گهرج آهي.

سڀ کان پهرين ڳالهه ته ملڪ ۾ مذهبي جنونيت ۽ انتهاپسندي ڪو پاڻ مرادو يا اوچتو اُڀري ڪا نه آئي آهي. ان سوچ، رويي ۽ جنون جو جن کڻي بوتل مان هاڻي ڪجهه سالن کان نڪري ٻاهر آيو آهي، پر ان جا بنياد ملڪ جي قيام کان پوءِ سُتت ئي وڌا ويا هئا. پاڪستان جو نظرياتي ڍانچو ئي اهڙو آهي، جتي ترقي پسند، روشن خيال ۽ لبرل ماڻهو پاڻ کي اوپرو، ڌڪاريل ۽ غيرمحفوظ محسوس ڪن ٿا. ملڪ جي قيام جو پسمنظر کڻي ڇا به هجي، پر محمد علي جناح پاڪستان جي پهرين آئين ساز اسيمبليءَ ۾ پنهنجي پهرين 11هين آگسٽ واري تقرير ۾ واضح چيو ته پاڪستان ۾ رياست جو مذهب سان ڪو تعلق نه هوندو، جنهن جو سڌو سنئون مطلب اهو هو ته پاڪستان هڪ سيڪيولر ملڪ هوندو، پر جيئن پاڪستان تي قابض ٿيل ڦورو ٽولن ملڪ جي ٻين سمورن بنيادن کي تبديل ڪري ڇڏيو، تيئن ملڪ جا نظرياتي بنياد پڻ تبديل ڪيا ويا. 1949ع ۾ لياقت علي خان پاران اسيمبليءَ مان قرارداد مقاصد جي نالي ۾ جيڪو ملڪ لاءِ نظرياتي خاڪو ۽ ڍانچو ٺاهيو ويو، اهو هڪ مذهبي رياست جو هو، جنهن ۾ پاڪستان هڪ اسلامي ملڪ هو ۽ رياست ۾ پهرين درجي جا شهري رڳو مسلمان هئا ۽ خودمختياري عوام کان کسي خلقيندڙ سان منسوب ڪئي وئي. جڏهن ته خدا جي ذات اهڙين جڳاڙي اسيمبلين جي ٺهرائن جي نه محتاج آهي نه کيس ان جي ڪا گهرج آهي. خدا جي ذات يا ان جي نالي ۾ اها سڄي ڪارروائي ملڪ جي قومن، سندن صوبن ۽ عوام کان خودمختياري کسڻ لاءِ ڪئي وئي هئي. ان جو نتيجو اهو نڪتو جو 1956ع ۾ جيڪو پهريون ملڪي آئين ٺهيو، ان جو نظرياتي بنياد ان کي بڻايو ويو، جنهن کي 1962ع ۾ ايوب خان جي ڏنل شخصي آئين ۽ 1973ع ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي سربراهيءَ ۾ پارليامينٽ جي پاس ڪيل آئين ۾ پڻ برقرار رکيو ويو، ويندي تازو 18هين آئيني ترميم ۾ آئين جي ٻين گهڻن حصن کي ته تبديل ڪيو ويو آهي،  جيڪو هڪ بهتر عمل آهي، پر ان ۾ به ملڪي آئين جي نام نهاد نظرياتي بنياد يعني رياست جي غيرسيڪيولر مزاج کي تبديل نه ڪيو ويو. جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته پاڪستان جي رياست نظرياتي طور ڪيئن نه اڄ تائين غيرسيڪيولر قوتن جي سوچ جي هٿان يرغمال بڻيل آهي. ان ڪري هڪ ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته جيستائين رياست جو نظرياتي ڍانچو مذهبي تفريق ۽ تعصب تي ٻڌل هوندو، تيسين ملڪ ۾ موجود ۽ اُڀرندڙ مذهبي جنوني سوچ ۽ انتهاپسنديءَ جي شدت ۽ سگهه ۾ گهٽتائي نه ايندي، ڇاڪاڻ ته بنيادي طور پاڪستان جي رياست جو مذهبي نظرياتي بنياد سندن سگهه جو مورچو بڻيل آهي.

هاڻي نتيجي ۾ پاڪستان 6 ڏهاڪا گذرڻ کانپوءِ پنهنجي ئي اڻيل خودفريبيءَ ۽ تعصب جي بدنيب ڄار ۾ ڦاسي پيو آهي. حالت اها آهي جو پارليامينٽ جنهن جو اهو آئيني استحقاق آهي ته اها پنهنجي ڪنهن به قانون جو نئين سر جائزو وٺي ان ۾ گهربل ترميمون ڪري سگهي ٿي، اها ٻيو ته ٺهيو، پر توهين رسالت جي قانون جي غلط استعمال تي به ڳالهائي نه ٿي سگهي. پارليامينٽ جو بنيادي ڪم آئين سازي ۽ قانونسازي آهي، پر ملڪ جي پارليامينٽ کان چند مذهبي ڌرين عملي طور اهو حق کسي ورتو آهي. اها ڳالهه تازو تڏهن شدت سان محسوس ٿي جو پنجاب جي لبرل گورنر سلمان تاثير جي شهادت کانپوءِ پارليامينٽ يا موجوده حڪومت ٻيو ته ٺهيو پر ٺلهو ملڪگير احتجاج ۽ سوڳ جو سرڪاري سطح تي ڪو به اعلان نه ڪري سگهي. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته رڳو معاشرو ئي نه، پر رياست ۽ حڪومت پڻ انتهاپسندن هٿان يرغمال بڻيل آهن. سلمان تاثير جي شهادت جي واقعي جي علامتي نسبت، اهميت ۽ شدت ڏسي حڪومت کي جنهن سطح جا تڪڙا اُپاءَ وٺڻ گهربا هئا، اُها اُهي اُپاءَ نه وٺي سگهي.

ان ڏس ۾ ٻئي نمبر تي اهم ڪردار ملڪ جي روشن خيال، ترقي پسند ۽ لبرل سياسي پارٽين جو آهي ته اُهي ان ڏس ۾ عوام کي ڪيترو متحرڪ ڪن ٿيون ۽ هن مذهبي جنونيت، انتهاپسندي ۽ دهشتگرديءَ جو ڪيترو اثرائتو مقابلو ڪري سگهن ٿيون ۽ ڪرڻ چاهيون ٿيون. اها حقيقت آهي ته عوام تي جيترو اثر سياسي پارٽين جو ٿئي ٿو، اوترو زندگيءَ جي ٻئي ڪنهن به شعبي جو نه ٿو ٿئي، پر سوال آهي ته ڇا اُهي ان ڏس ۾ ڪو اثرائتو يا فيصلائتو ڪردار ادا ڪرڻ جي قابل آهن يا انهن جي ايجنڊا تي اهي سوال اوليت ۽ اهميت سان موجود به آهن. روشن خيال سياسي پارٽين کي ٻن سببن جي ڪري هن فڪري فاشزم جي مزاحمت ڪرڻ گهرجي. هڪ ته عوام ۽ سماج جي فڪر جي آزادي ۽ اظهار جي آزاديءَ جي حق جو تحفظ ڪرڻ سندن اولين فرض آهي ۽ هئڻ گهرجي ۽ ٻيو ته جيڪڏهن معاشري ۾ سوچ، فڪر ۽ ان جي اظهار جي آزادي جو Space ئي يرغمال ٿي ويو ته پوءِ خود اُهي سياست ڪٿي ڪنديون؟ سلمان تاثير جي شهادت جي واقعي اهو ثابت ڪيو آهي ته مذهبي انتهاپسند سوچ جي فردن ۽ قوتن دراصل معاشري ۽ رياست لاءِ اهو Space ئي هائيجيڪ ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ معاشري اندر متبادل فڪر ۽ خيالن جو ڊسڪورس جاري رکي سگهجي. جي پنهنجي راءِ جي اظهار جو جواب دليل ۽ منطق نه پر گولي هوندي ته پوءِ ڪير هن معاشر ۾ سوچي ۽ ڳالهائي سگهندو؟

حقيقت اها آهي ته انهن انتهاپسند ۽ جنوني فردن ۽ قوتن جو اسلام سان ڪو پري جو تعلق به نه آهي. رويا ۽عمل اسلام جي بنيادي روح ۽ سوچ جي ابتڙ بلڪه ان جي نفي ڪندڙ  آهن. جڏهن حضرت محمد صه پاڻ تي گند اڇلائيندڙ عورت جو احترام ڪري ٿو ته ڪنهن به جنوني ۽ انتهاپسند کي ڪهڙو حق ٿو پهچي ته اهو اسلام ۽ حضرت محمد صه جهڙي عظيم انسان جي آڙ ۾ انسانيت جو قتلام ڪري. حضرت محمد صه ڪڏهن به پنهنجي ڪنهن مخالف کي قتل ڪرڻ يا کين دٻائڻ جي تلقين نه ڪئي. ان ڪري انهن جنوني قوتن Space رڳو سيڪيولر قوتن کان نه کسيو آهي، پر اعتدال پسند ۽ ماڊريٽ مذهبي ڌرين کان به کسيو آهي. پاڪستان ۾ به ضرورت آهي ته ماڊريٽ مذهبي سوچ رکندڙ فرد ۽ ڌريون اڳيان اچي ان انتهاپسنديءَ جي مخالفت ۽ مزاحمت ڪن. 21هين صديءَ ۾ جيڪڏهن مذهبي سوچ جي ليڊرشپ اڳيان اچي ته پوءِ اها مهاتير محمد جي هجي، جيڪو مذهب جي Sprit کي جديد دور جي تقاضائن سان هم آهنگ ڪري سگهي. معاشري ۾ سڀنيءَ کي اهو حق حاصل هئڻ گهرجي ته اهو پنهنجا خيال پرامن ۽ مهذب انداز سان پيش ڪري سگهي. انهن کي قبولڻ يا رد ڪرڻ جو حق ۽ اسحتقاق عوام ۽ سماج جو آهي.

ان ڏس ۾ اهم ڪردار ميڊيا ۽ دانشورن توڻي معاشري جي ٻين ساڃاهه وندن جو به آهي، اڄوڪي دور ۾ ڊسڪورس به پاور جي هڪ شڪل آهي، مذهبي انتهاپسند قوتن ان ڪري ئي اظهار جي آزاديءَ جو Space هائيجيڪ ڪيو آهي ته جيئن اهو ڊسڪورس جو پاور سندن هٿ وس هجي. ملڪي سطح تي نام نهاد قومي ميڊيا جو وڏو حصو کڻي ساڄي ڌر جي سوچ جو هجي، پر گهٽ ۾ گهٽ سنڌي ميڊيا جا مالڪ، پروفيشنل ۽ ڪارڪن يقيني طور روشن خيال ۽ سيڪيولر سوچ جا مالڪ آهن ۽ ميڊيا ذريعي پنهنجا ويچار سامهون آڻيندڙ ليکڪ ۽ دانشور پڻ  روشن خيال آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته گڏيل مزاحمت، بهادري۽ جوابي حڪمت عمليءَ سان اهو چورايل Space نه رڳو کانئن کسي واپس ورتو وڃي، پر هڪ اهڙو روشن خيال ڊسڪورس اڀاريو وڃي، جنهن جون واڳون ترقي پسند، سيڪيولر ۽ روشن خيال ڌرين جي هٿن ۾ هجن.

گهڻن جي اها راءِ آهي ته سنڌ جي عوام تي تصوف جو گهڻو اثر آهي، ان ڪري مذهبي انتهاپسندي ۽ جنونيت جو اهو طوفان سنڌ ۾ ڪاهي نه ايندو، منهنجي خيال ۾ اها اسان جي خام خيالي ۽ خودفريبي آهي. باچا خان جي پختونخواهه ۾ ڪنهن ٿي ڄاتو اهو اندران ئي اندران مذهبي انتهاپسندن هٿان يرغمال ٿي رهيو آهي. پاڪستان ۾ کڻي مذهبي رياست جي تصور جو بنياد لياقت علي خان جي ٽولي وڌو، پر ضياءَ الحق جي دور کانپوءِ پاڪستان جو معاشرو وڏين غيرمعمولي تبديلين مان گذريو، جيڪي پوءِ ان جو اثرائتو حصو بڻجي ويون. سنڌ ۾ نسلي دهشتگردي ۽ ڌاڙيل ان جو وڏو ثبوت آهن. ان ڪري اسان کي ان خام خياليءَ ۾ نه رهڻ گهرجي ته ڪو صوفين جي ڌرتي سنڌ ۾ جنوني ملائيت پنهنجي منفي ڪردار کي اُڀاري نه ٿي سگهي. سنڌ ۾ جيترا مدرسا آهن ۽ اتر سنڌ توڻي شهرن ۾ جنهن انداز ۽ رفتار سان مذهبي قوتون پنهنجو دائرو وڌائي رهيون آهن ۽ ٻئي طرف روشن خيال ۽ سيڪيولر قوتن ۽ فردن جو مجموعي طور جيترو دفاعي ۽ معذرت خواهانه ڪردار آهي، ان جي بنياد تي چئي سگهجي ٿو ته سنڌ جو سماج پڻ ان اُڀرندڙ ۽ وڌندڙ انتهاپسنديءَ جو سولو کاڄ ٿي سگهي ٿو. ها البته اهو چئي سگهجي ٿو ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ انهن جي مزاحمت لاءِ وڌيڪ سازگار حالتون آهن ۽ ان لاءِ گهربل بنياد ۽ قوتون پڻ موجود آهن. تصوف کان به وڌيڪ سنڌ ۾ اهو سياسي قومي شعور تمام سگهارو آهي، جيڪو پنهنجي سرشتي ۾ سيڪيولر ۽ سگهارو آهي. ان ڏس ۾ اسان مان هر هڪ کي پنهنجي پنهنجيءَ پتيءَ جو اهم ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ ۾ ڊسڪورس ۽ اظهار جي آزاديءَ جي حق جون واڳون اڃا تائين اسان جي هٿن ۾ آهن، ان کان اڳ جو سنڌ ۾ به فڪر اظهار جي آزاديءَ جو حق اسان کان کسجي وڃي، اسان کي ان لاءِ گهربل ڀرپور مزاحمت ۽ جدوجهد ڪرڻ گهرجي.

jchandio@cpc.org.pk

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو