Home / افيئر / قومي ٻولين جو ڪيس ذوالفقار علي هاليپوٽو
above article banner

قومي ٻولين جو ڪيس ذوالفقار علي هاليپوٽو

هن وقت پوري دنيا ۾ نسلي ۽ لساني بنيادن تي وڌندڙ سياست جي لهر جي نتيجي ۾ نسلي ۽ لساني سڃاڻپ کيبرقرار رکڻ وارن اهم عنصرن ۾ ٻوليءَ جي اهميت بابت وڏا بحث ٿي رهيا آهن ۽ جيڪا تحقيق ٿي رهي آهي يا جيڪو ادبلکجي رهيو آهي، ان ۾ ٻوليءَ جي سياسي ۽ حڪمت عمليائي (Strategic) اهميت بابت وڏا ڪتاب لکجي رهيا آهن. مثالطور مادري ٻولي ۽ جارحيت، ٻولي، امن، نصاب ۽ قومي سڃاڻپ جو بحران، نصابي ڪتاب ۽ لساني اهميت جهڙا شاندارڪتاب ٻوليءَ جي سماجي ۽ سياسي اهميت بابت ڇرڪائيندڙ دليل پيش ڪري رهيا آهن. ڪنهن به رياست اندر مختلف ٻوليونڳالهائيندڙ ڪمزور ۽ طاقتور ڌرين وچ ۾ طاقت جي توازن جو ٻوليءَ سان ڪهڙو ڳانڍاپو آهي. ٻوليءَ ذريعي طاقتور ڌريونڪيئن ڪمزور طبقن جي سماجي، نفسياتي ۽ معاشي تاڃي پيٽي ۽ سياسي نظرين تي اثرانداز ٿي رهيون آهن: اهو سمورو جديدبحث ٻوليءَ جي اهميت کي اڃا طاقتور بڻائي ٿو ۽ ان دليل جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ لاءِ اتساهي ٿو ته ڇا ٻوليءَ رڳو رابطي ۽ ثقافتکي اجاگر ڪرڻ جو ذريعو آهي يا ٻوليءَ وسيلي قومي آزاديءَ ۽ اختيارن کي حاصل يا ختم ڪري سگهجي ٿو.

جيتوڻيڪ پاڪستان جديد تصورن کان ٿورڙو پرڀرو ۽ ڪنڊائتو رهندڙ سماج آهي، پر اڄوڪين سياسي ۽ سماجيتبديلين تي اثرانداز ٿيندڙ ٻوليءَ بابت اهي نوان بحث يا تصور پاڪستان ۾ ڪن ڌرين لاءِ نوان ناهن، ڇاڪاڻ ته پاڪستان جيبنياد ۽ پوءِ پاڪستان جي ٽٽڻ ۽ اڄوڪن سمورن سماجي، معاشي ۽ سياسي بحرانن ۾ ٻوليءَ جو وڏو ڪردار رهندو آيو آهي.


تنهنڪري جديد تصورن کان وانجهيل هڪ رياست ۾ خوشقسمتيءَ سان ٻوليءَ جي جديد تشريح ۽ افاديت بابتڪيترائي حلقا اسريل ڄاڻ رکن ٿا ۽ ٿورڙو غور سان ڏسبو ته اڄوڪن سمورن بحرانن جو هڪ وڏو فيڪٽر قومي ٻولين کيسياسي اوزار طور استعمال ڪري، انهن کي ڪمزور ڪرڻ ۽ انهن تاريخي ٻولين جي ڳالهائيندڙن جي صدين پراڻين تهذيبن ۽تاريخي سڃاڻپن ۽ ثقافتن کان انڪار ڪرڻ هو. ان سموري عمل پٺيان سياسي مقصد ڪارفرما آهن.

اڄوڪي جديد دنيا ۾ ٻوليءَ جي عالمي شهرت يافتا ماهرن مان ٻن ايڊورڊ سعيد ۽ نام چومسڪي ته واضح دليلڏيئي اهو موقف اختيار ڪيو آهي ته ٻوليءَ کي سياست کان ٻاهر ڏسبو ته قومون يا ڪلچرز پنهنجا تاريخي ۽ تهذيبي حق وڃائيويهندا. ايڊورڊ سعيد لکي ٿو:

The language is the interface between political thought and action

انتيا وينڊن ۽ ڪرسٽينا شيفنر پنهنجي سهيڙيل ڪتاب Language and peace ۾ لکن ٿيون:

Language, as historically used, has been a significant factor in creating political oppression, economic hegemony and social discrimination.

هاڻي اهي جديد تصور ڏسو ته ڪيئن نه فٽ ٿين ٿا، پاڪستان جي سياسي تاريخ تي. هندستان مان لڏپلاڻ جينتيجي ۾ ساڍا ٽي سيڪڙو ماڻهن جي ڳالهائي ويندڙ اردو ٻولي، جڏهن گڏيل پاڪستان جي 6 5 سيڪڙو بنگالي اڪثريتي آباديءَتي مڙهڻ جي ڪوشش ٿي ته پاڪستان ٻه اڌ ٿيو. جناح پاران اردوءَ کي ٻين قومي ٻولين مٿان مڙهڻ جي نتيجي ۾ بنگالين جيقومي ٻوليءَ جي تحريڪ ملڪ کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو ۽ ان کان پوءِ ملڪ اندر قومي ٻولين جي تاريخ جيئن ئي هڪ سياسيچالبازيءَ رستي سول ۽ قومي نوڪر شاهي پنهنجي جڪڙ ۾ ايئن رکيو ته جيئن قومي ٻولين جي مڃتا جي نتيجي ۾ قوميخودمختياريءَ جون تحريڪون به زور نه وٺن.

ون يونٽ کان وٺي اڄ تائين سنڌي ٻوليءَ جيئن ڌارين ٻولين جي جارحيت سان وڙهندي ۽ پاڻ کي بچائيندياچي، نام چومسڪيءَ جي ٿيسز چوي ٿي ته جيڪا ٻولي مارڪيٽ جي ٻولي هوندي، سا پنهنجي جوهر ۾ جارحيت پسند ۽ هڪهٽيءَ وارو مزاج رکندڙ هوندي.

اسين پاڪستان جي ڪيس ۾ ڏسي سگهون ٿا ته ڪيئن هڪ اقليتي ٻوليءَ کي رابطي جي ٻولي قرار ڏيئي، ملڪ جونه رڳو سمورو رياستي ڪاروهنوار، پر معاشي ۽ اقتصادي مارڪيٽ جي ٻولي بڻائي معاشي جارحيت لاءِ استعمال ڪيو ويو. رڳوسنڌ ۾ ڏسو ته پوري صوبي جي مارڪيٽ جي ٻولي اردو بڻائي سنڌ جي اقتصادي ڍانچي تي قبضو ڪيو ويو.

ايڊورڊ سعيد چوي ٿو ته جيڪا ٻولي مارڪيٽ تي قبضو ڪندي، سا اڳيان هلي سماج جي مڙني اهم شعبن تي ڪنٽرولڪندي ويندي، جن ۾ تعليم ۽ رابطو اهم آهن. اسين ٻيهر سنڌ جي ڪيس ۾ ڏسي سگهون ٿا ته ڪيئن مارڪيٽ جي گهرج ۽ کپتواري ٿيوريءَ هيٺ اردوءَ جي ڪري نصاب، لکپڙهه، عام ڳالهه ٻولهه، نصابي ڪتابن ۽ آخر ۾ دفتري ٻولي به اردو ٿي وئي ۽اڄ اسين وڏن اسڪولن ۾ سنڌيءَ ۾ تعليم لاءِ احتجاج ڪري رهيا آهيون. سنڌي ٻولي مارڪيٽ ٻولي نه هجڻ ڪري ان جي کپتنه ٿي سگهي ٿي ۽ نتيجي ۾ Political Economy جي تناظر ۾ اردو اسان مٿان مڙهجندي وئي.

جڳ مشهور ٻوليءَ ماهر مائيڪل ڪلائين پنهنجي هڪ مقالي Establishing linguistic Markets of Racist Discourse  ۾ لکي ٿو ته جڏهن اقليتي ۽ ڌاري ٻولي مقامي ۽ اصولي تهذيب، ثقافت ۽ سماج مٿان حاويٿيندي آهي ته سندس رويو نسل پرستيءَ وارو هوندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ڪنٽرول ۽ قبضي ۾ ڌرتي ڌڻي نه هجڻ وارو مستقلخوف هر وقت ظاهر هوندو آهي. هو لکي ٿو ته پوءِ اڳيان هلي اهڙي سماج ۾ نسلي يا لساني اڻبرابريءَ ۽ استحصال ادارتيشڪل اختيار ڪندا آهن، جيئن اڄ پاڻ سڀ ڏسون ٿا ته ڪيئن هڪ اقليتي نسلي ڌر اصولن ۽ ڌرتيءَ جي مالڪن سنڌين جيتاريخي ۽ تهذيبي حقن، سڃاڻپ ۽ مطالبن کي ادارن وسيلي قتل ڪري رهي آهي.

تازو سنڌي ٻولي اختياريءَ ۽ ثقافت کاتي پاران ڪرايل هڪ بهترين ۽ نمائنده ڊائيلاگ هو، جتي ٻوليءَ جاڪيترائي ماهر، قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيل ٻوليءَ جي بل تي بحث ڪرڻ لاءِ جمع ٿيا هئا ۽ ڪيترائي دوست (جن جي ڄاڻ ۽ذهانت کان انڪار ناهي) مادري ٻوليءَ ۽ قومي ٻوليءَ ۾ فرق نه رکڻ ڪري، انهن ٻنهي بلن جي حمايت ۾ هئا، جيڪي قومياسيمبليءَ ۾ پيش ڪيا ويا آهن.

هڪڙو بل ماروي ميمڻ جو هو، جنهن کي اسٽينڊنگ ڪاميٽي ان بنياد تي رد ڪيو ته ”لهجا“ قومي ٻولي نٿا ٿيسگهن.

تازو ئي هڪ ٻيو بل قومي اسيمبليءَ ۾ پ پ پ ۽ ق ليگ جي ميمبرن آئين جي آرٽيڪل 1 5 2 ۾ ترميم ڪري،سنڌيءَ سميت سرائيڪي، بلوچي، پنجابي، پشتو ۽ اردو ٻولين کي قومي ٻوليون قرار ڏيڻ بابت بل پيش ڪيو آهي، جنهن کيبحث لاءِ منظور ڪيو ويو آهي. انهيءَ بل ۾ اردوءَ سان گڏ ملڪ جي چئني صوبن جي ٻولين کي قومي ٻولين جي درجي ڏيڻجي وڪالت ڪئي ويئي آهي. جڏهن ته انگريزي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ جي سفارش ڪئي ويئي آهي. انهيءَ کاناڳ 8 1 هين جنوريءَ تي قومي اسيمبليءَ جي قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاسپارليامينٽ هائوس ۾، بيگم نسيم اختر چوڌريءَ جي صدارت ۾ ٿي گذريو هو، جنهن ۾ چئني صوبن جي ٻولين کي قومي ٻولينجي درجي ڏيڻ واري بل کي اهو چئي رد ڪيو ويو هو ته اهي ڪي ٻوليون نه آهن، پر لهجا آهن. ان کان سواءِ انهيءَ ڪميٽياهو چيو هو ته ارڙهين ترميم کان پوءِ تعليم ۽ نصاب وارا معاملا صوبائي اسم بڻجي ويا آهن، انهيءَ ڪري انهيءَ بل تيقومي اسيمبليءَ ۾ بحث نٿو ٿي سگهي. هن وقت جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ ٻوليءَ واري بل کي اڪثريت راءِ سان بحث لاءِمنظور ڪيو ويو آهي ته انهيءَ مان اها ڳالهه بلڪل به پڌري ٿي بيٺي آهي ته تعليم ۽ نصاب وارن اسمن جي صوبن ڏانهنمنتقليءَ کان پوءِ به قومي ٻولي ۽ ٻولين وارو معاملو حل نه ٿيندو، ڇاڪاڻ ته انهيءَ لاءِ آئين ۾ آرٽيڪل 1 5 2 موجود آهي،جنهن ۾ ترميم کان سواءِ اهڙو معاملو حل نه ٿو ٿي سگهي. انهيءَ آرٽيڪل ۾ اها ڳالهه چئي ويئي آهي ته قومي ٻولي يعنياردوءَ تي خراب نموني اثر انداز ٿيڻ کان سواءِ علائقائي ٻوليون پنهنجيءَ ترقيءَ لاءِ پاليسيون جوڙي سگهن ٿيون. انهيءَآرٽيڪل جي موجودگيءَ ۾ ڪنهن به صوبي کي اهڙو اختيار حاصل نه ٿو ٿي سگهي ته اهي پنهنجي طور تي پنهنجي پنهنجيٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏين. انڪري انهيءَ آرٽيڪل ۾ تبديليءَ کان پوءِ ئي ٻوليءَ وارو مسئلو ڪنهن حد تائين حل ٿيسگهي ٿو. ايئن به ناهي ته ڪو اهڙو مسئلو رڳو پاڪستان ۾ پيش آيو آهي، پر جيڪڏهن ڀرپاسي جا ۽ پڻ سڄي دنيا جا مثالسامهون رکبا ته اهو ڄاڻي سگهبو ته ٻوليءَ وارو مسئلو هڪ ئي وقت ڪيترن ئي ملڪن سامهون پيو هو، پر انهن اهڙيمسئلي لاءِ حقيقت پسنداڻو رويو اختيار ڪيو، نج زميني حقيقتن سان ٺهڪندڙ پاليسيون اختيار ڪيون ۽ مسئلي کي نبيريو.

اسان وٽ شروع کان وٺي، قومي ٻوليءَ وارو مسئلو هڪ بحران جي شڪل ۾ موجود رهيو آهي. پاڪستان جيقيام کان پوءِ اردو ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو. جڏهن ته حقيقت اها هئي ته پاڪستان جو وفاق ٺاهيندڙ ڪنهن بهڌر سان انهيءَ ٻوليءَ جو ڪوبه واسطو نه هو، ان جي ابتڙ، اها ٻولي ورهاڱي جي نتيجي ۾ هندستان جي مختلف علائقن مانلڏي آيل مسلمانن جي اقليت جي ٻولي چئي ويئي هئي، جيڪي انهيءَ وقت ملڪ جي ڪل آباديءَ جو لڳ ڀڳ ساڍا ست سيڪڙوهئا. اهڙيءَ ريت جڏهن هڪ اقليتي ٻوليءَ کي ملڪ جي قومي ٻولي قرار ڏنو ويو ته انهيءَ تان تمام گهڻا فساد ٿيا. خاصطرح اوڀر پاڪستان يعني بنگال اردوءَ کي قومي ٻوليءَ جي درجي ڏيڻ خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي، جنهن ۾ جاني نقصانپڻ سامهون آيا. اڄ سڄيءَ دنيا ۾ جيڪو قومي ٻولين جو ڏهاڙو ملهايو وڃي ٿو، اهو پسمنظر پڻ بنگال جي هلايل انهيءَتحريڪ سان ڳنڍيل آهي. بنگالين جو انهيءَ معاملي تي اهو موقف هو ته ملڪ جي ڪل آباديءَ جي اڌ کان به سندن آباديوڌيڪ آهي، پر انهن جي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ بدران علائقائي ٻولي قرار ڏنو پيو وڃي. انهيءَ کان پوءِ بنگالي ٻوليءَ کيپڻ اردوءَ سان گڏ قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنو ويو. جڏهن ته باقي شريڪ اڪاين يعني صوبن جي ٻولين کي علائقائي ٻولينجي دائري ۾ رکيو ويو.

انهيءَ ٻوليءَ جي مسئلي تان اولهه ۽ اوڀر پاڪستان جي وچ تي جيڪا ڇڪتاڻ شروع ٿي هئي، اها اڳتي هليمختلف صورتون وٺڻ کان پوءِ 1 7 9 1 ع جي پڇاڙيءَ ۾ بنگال جي جدائيءَ جي نتيجي تي پهتي. انهيءَ کان پوءِ باقي بچيلپاڪستان کي گڏي سڏي هلائڻ لاءِ ملڪ ۾ پهريون ڀيرو باقاعدي آئين لاڳو ڪيو ويو. اهو آئين جيتوڻيڪ ان وقت جي حالتنپٽاندر هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ بهتر هو، پر انهيءَ ۾ ٻوليءَ واري مسئلي کي وري به ساڳي پراڻي حيثيت ۾ رکيوويو. اڄ به انهيءَ آئين ۾ اردو ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏنل آهي. جڏهن ته ملڪ جي شريڪ اڪاين يعني صوبن جيٻولين کي علائقائي ٻوليون قرار ڏنو ويو آهي. اها ڳالهه وڏيءَ حد تائين سمجهه ۾ نه ايندڙ آهي. صوبن جي ٻولين کيعلائقائي ٻوليون قرار ڏيڻ مان اهو مطلب نڪري ٿو ته رياستي سطح تي ملڪ ٺاهيندڙ شريڪ اڪاين کي اڄ ڏينهن تائينصوبا نه، پر علائقا سمجهيو پيو وڃي. انهيءَ جو تازو مثال هيءَ آهي ته بيگم نسيم اختر چوڌريءَ جي سربراهيءَ ۾ ٺاهيلپارلياماني بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي صوبن جي ٻولين کي لهجا قرار ڏنو. هاڻ ان معاملي کي سنجيدگيءَ سان ڏسڻ جي ضرورتآهي. بل ۾ موجود ڪي ٻوليون تاريخي ۽ قومي ٻوليون آهن ۽ ڪي لهجا آهن.

هيءُ واقعي به وڏي افسوس جو مقام آهي، جو صدين ۾ پاڙون رکندڙ اهڙين ٻولين کي رڳو لهجا قرار ڏنو وڃي.جيڪڏهن انهن ٻولين جي ۽ خاص طرح سنڌي ٻوليءَ جي قدامت کي جاچيو ويندو ته انهيءَ اڳيان اردو ٻوليءَ جو جنم ڪالههڪالهوڻي ڳالهه آهي. سنڌي ٻولي صدين کان وٺي موجود رهي آهي ۽ ترقي ڪندي، هن وقت انتهائي اوج تي پهچي چڪي آهي.اڄ اها ٻولي نه رڳو دفترن ۾ سرڪاري ٻوليءَ طور لاڳو آهي، پر ان جي تعليمي حيثيت پڻ اعليٰ درجي جي آهي. انهيءَٻوليءَ ۾ هزارين ڪتاب ڇپيل آهن. ٻن درجنن کان وڌيڪ انهيءَ ٻوليءَ ۾ اخبارون نڪري رهيون آهن ۽ مختلف مئگزين ۽رسالا انهن کان سواءِ موجود آهن. جڏهن ته ڏهن جي لڳ ڀڳ سنڌي ٻوليءَ ۾ اليڪٽرانڪ ٽي وي چينل پڻ هلي رهيا آهن،جنهن مان انهيءَ ٻوليءَ جي شاهوڪاري ۽ ترقيءَ جي بلنديءَ جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو.

ان سموري صورتحال تي قومي اسيمبليءَ ۾ پيش ٿيل ٻنهي بلن کي غور سان پڙهيو ويو آهي. هاڻ هيءَ ڳالههسمجهڻ جي ضرورت آهي ته بل پيش ڪندڙ جيستائين قومي ٻولي ۽ مادري ٻوليءَ جي اشوز جي تاريخي پسمنظر ۽ حيثيت کينه سمجهندا، تيستائين هيءُ بل ويتر نقصانڪار ثابت ٿيندو، جو مقامي ٻولين جا لهجا قومي ٻولي قرار نٿا ڏيئي سگهن.

سياسي تناظر ۾ ڏسجي ته پاڪستان پنجن آئيني اڪاين جوڙيو ۽ اصولي طور (0 4 9 1 ع جي قرارداد جي متن ۽مفهوم ۾) انهن پنجن ئي آئيني اڪاين جي ٻولين کي قومي ٻولي قرار ڏيڻو هو. پاڪستان جي پنهنجي ڪابه زمين نه هئي ۽بنگالين، بلوچن، سنڌين، پنجابين ۽ پختونن جي صدين پراڻن تهذيبي ورثن، جاگرافين، ثقافتن ۽ ٻولين پاڪستان کي سڃاڻپڏني، نتيجي ۾ انهن آئيني اڪاين جون قومي ٻوليون ۽ اصل قومي ٻوليون تصور ٿين ها ۽ مادري ٻولين کي گهربل اهميت ۽عزت ڏيڻ گهرجي ها. پر لهجا ڪنهن به صورت ۾ قومي ٻوليون قرار نٿيون ڏيئي سگهجن، جو هڪ ئي قومي قائم بالذاتپرڳڻي اندر ڪيترائي ماڻهو لڏپلاڻ ڪري اچي رهن ٿا ۽ انهن جي مادري ٻولي الڳ هجي ٿي.

مثال طور سنڌ ۾ بلوچي، بروهي، سرائيڪي، پشتو، اردو، پنجابي، ڍاٽڪي، مارواڙي، ڪڇي، گجراتي ۽ ٻيونمادري ٻوليون ڳالهائيندڙ رهن ٿا ته ڇا اهي سڀ قومي ٻوليون قرار ڏنيون وينديون؟ لاڙي ۽ اتر جي لهجي ۾ فرق آهي ته ڇااهي الڳ ٻوليون ٿينديون ڇا؟ پنجاب ۾ ستلج ۽ بياس دريائي پٽ جا ماڻهو دوآٻي پنجابي لهجو ڳالهائين ٿا. سرگوڌا، اوڪاڙا،چنيوٽ ۽ فيصلآباد وغيره ۾ رچنوي لهجو (رچنا دوآٻ جي ڪري) ڳالهائجي ٿو. انباله، امرتسر، لڌيانه، هريانا مان لڏي ويلپنجابي، مالوي لهجو ڳالهائين ٿا. ڪوهه مري، چڪوال ۽ اٽڪ وغيره ۾ پوٺوهاري لهجو آهي. ائين ئي سرائيڪي وسيب ۾ خودسرائيڪي ٻوليءَ جا ڪيترائي لهجا موجود آهن، پڪ سان انهن کي گهربل حيثيت ڏيڻ گهرجي، پر آئيني ۽ اصولي طور پنجابجي قومي ٻولي پنجابي ٿيندي.

بلوچستان جو اڌ پختونن تي ٻڌل آهن ۽ بلوچي، بروهي، سنڌي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي مادري ٻوليون رکندڙ طبقا ۽قبيلا آهن، پر آئيني طور بلوچستان جي قومي ٻولي بلوچي ٿيندي. ائين ئي خيبر پختونخوا ۾ ڪيتريون ئي مادري ٻوليون آهن،جن ۾ هندي، پوٺوهاري، بلتي، شواني، ڪوهستاني ۽ ٻيا لهجا موجود آهن، پر پختونخوا جي قومي ٻولي پشتو ٿيندي.

دنيا جي ڪنهن به ملڪ، سماج يا قوم ۾ ڪنهن به هڪ ٻولي ڳالهائيندڙن جي اڪثريت نه ڏٺي ويئي آهي. انهيءَڪري جڏهن به قومي ٻوليءَ جو مسئلو ڪنهن به ملڪ سماج يا قوم ۾ اٿندو آهي ته اهو ٻوليائي اڪثريت جي بنياد تي نبيريوويندو آهي. پاڪستان ۾ آئيني اڪاين جي ٻولين کي قومي ٻولين جي درجي ڏيڻ وارو جيڪو مسئلو آهي، انهيءَ کي انهيءَعالمي سطح تي مڃيل اصول ۽ تناظر ۾ نبيريو وڃي. سنڌ ۾ سنڌي ماڻهن جي ٻوليائي اڪثريت آهي، انڪري سنڌي ٻولي ئي سنڌجي قومي ٻولي وڃي ٿيندي، جيستائين سنڌ ۾ ڳالهائجندڙ ٻين ٻولين جو تعلق آهي ته انهن کي لهجن جي درجي تائين رکڻگهرجي ۽ انهيءَ بنياد تي انهن لهجن جي استحقاق جو پڻ تعين ڪيو وڃي.

تنهنڪري ٻوليءَ جي ماهرن، اسڪالرن ۽ گڏوگڏ چونڊيل نمائندن کي گهرجي ته ٻولين بابت ان تاريخي حقيقت کيپرکي پوءِ قانونسازيءَ لاءِ اڳڀرائي ڪجي ته جيئن قومي ٻولين جو ڪيس خراب ٿيڻ بدران وڌيڪ مضبوط ٿئي ۽ پاڪستان هڪگهڻ قومي ۽ گهڻ ثقافتي رياست طور اڳيان وڌي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو