Home / ڪرنٽ افيئر / ملڪي سياست: تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان
above article banner

ملڪي سياست: تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان

انتهائي بي وسي هوندي به واڳ ڌڻي موجوده حڪومت کي ڏيڍ ٽنگ تي گهلي رهيا آهن. اهو اعتراض ٺهڪي اچي ٿو ته معذور حڪومت جنهن وٽ اختيار ٿورا ۽ مسئلن جو حل نه آهي، پيپلز پارٽيءَ پاران آخر ڇو هلائي پئي وڃي؟ سياست تي طويل ليڪچر ڏيڻ بدران ڳالهه سڌي ريت ڪجي ته پوءِ صورتحال ڪجهه هن قسم جي آهي ته ملڪ ۾ سياست صرف اقتدار حاصل ڪرڻ جي آهي. تازو ئي حڪومت کان ڌار ٿيندڙ مولانا فضل الرحمان سياست جي نئين معنيٰ جو موجد ٿيو آهي. هي پرويز مشرف جي اقتدار ۾ شامل رهڻ بنابه حڪومتي مزا ماڻيندو هو ۽ هاڻي به ائين آهي ته هو وزيراعظم گيلانيءَ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري صدر آصف علي زرداريءَ سان پراڻي دوستي نڀائڻ جا جتن ڪري رهيو آهي. تازي خبر آهي ته مولانا فضل الرحمان پاران صدر زرداريءَ ڏانهن نياپو اماڻيو ويو آهي ته حڪومت سندس ڀاءُ کي اگر اليڪشن ڪميشن جي ميمبر چونڊن واري پارلياماني ڪميٽيءَ جو ميمبر بڻائي ته جي يو آءِ (ف) وري حڪومتي اتحاد ۾ شامل ٿي ويندي. مولانا فضل الرحمان پنهنجي پارٽيءَ کي حڪومتي اتحاد مان ڇني ڇو ڌار ڪيو؟ ان سوال تي زوردار بحٿ ٿيا. اطلاع اهي آهن ته حڪومت ۾ شامل ٿيڻ جي پهرين ڏينهن کان مولانا جي خواهش هئي ته سندس ڀاءُ کي مذهبي معاملن جو وفاقي وزير ڪيو وڃي. مذهبي معاملن  جي وزارت جو تعلق جيئن ته سڌو سنئون سعودي عرب ۽ مذهبي معاملن سان آهي، ان ڪري فضل الرحمان مولانا هجڻ ۽ اسلام جي هڪ فرقي جي بنياد تي سعودي عرب جي ويجهو هجڻ جي ڪري پنهنجو حق سمجهيو ٿي ته سندس ڀاءُ کي اها وزارت ملڻ گهرجي. سعودي عرب جيئن ته پيپلز پارٽيءَ ۽ ان جي قيادت کي هميشه سخت ناپسند ڪندو آهي. اهو ئي سبب آهي ته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومتي دور ۾ سعودي عرب جي اسلامي ڀائپي کي ڪنهن کوکي ۾ بند ڪري پاڪستان کي مفت ۾ ملندڙ تيل ۽ ٻي امداد بند ڪئي ويندي آهي. رئيس آصف علي زرداري به درگاهن تي ويندڙ حامد سعيد ڪاظمي کي مذهبي معاملن جو وفاقي وزير ۽ هڪ عورت شگفته جماڻي کي مملڪتي وزير بڻائي ڇڏيو. سعودي عرب ۾ عورتن جا حق محدود ۽ حڪمراني حرام آهي. محترمه بينظير ڀٽو جڏهن پهريون ڀيرو وزيراعظم ٿي هئي ته پاڪستان جي مفتين ۽مولين “ٻاهرين” چُرچ تي فتوائون ڏنيون هيون ته عورت جي حڪمراني نحوست ۽ حرام آهي. اهڙي سوچ واري ماحول ۾ هڪ عورت کي مذهبي معاملن جو وزير بنائڻ سان ڳالهه ڪيئن ٺهندي؟

ان نُڪتي تي به بحث ٿيندو رهيو آهي ته بااثر اسلامي ملڪ، مولانا فضل الرحمان سان به ناراض هو ته هو پيپلز پارٽيءَ جهڙي سيڪيولر پارٽيءَ جي اتحاد ۾ شامل ڇو آهي؟ جڏهن ته هر سال عوام پاڪستانين سان گڏ ڪي “خاص مهمان. به حج ڪرڻ ويندا آهن. اعليٰ سطحي ملاقاتون ۽ مستقبل جا پلان بحث هيٺ ايندا آهن. پر پيپلز پارٽيءَ جي دور ۾ اهو ڪم به ته رڪجي وڃي ٿو. اهي ڪجهه سبب هئا چيو وڃي ٿو ته انهن جي ڪري مولانا کي بظاهر حڪومت کان ڌار ٿيڻو پيو. ٻيو به ته هڪ اهم سبب بحث هيٺ رهيو آهي. ٽي وي چئنلن کي سياسي بحث وارو ڊرامو ڪندڙ اداڪاره چيو ته مولانا پنهنجي ان وزير، جنهن کي يوسف رضا گيلاني وزارت تان هٽايو کان “سينيٽر” بڻائڻ عيوض ڪروڙين رپين جو چندو ورتو. ڪروڙين رپيا چندي ۾ ڏيڻ واري کي اگر وفاقي وزارت تان هٽايوويندو ته پوءِ ان لاءِ ته جوش ئي ڏيکارڻو پوندو. باقي هوش اهو آهي ته ڪشمير ڪميٽي، اسلامي نظرياتي ڪائونسل، بلوچستان حڪومت ۾ اتحاد، سرڪاري گهر ۽ گاڏيون سنڀالي رکڻيون آهن. اها ئي ته آهي سياست.


پاڪستان جي سياست جيئن ته عالمي معاملن کان الڳ نه آهي، ان ڪري مولانا کي حڪومت مان ڌار ٿيڻ جو فائدو به ٿيو. آمريڪا افغانستان ۾ ٺاپر ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي، پر پاڪستان جي اتر وزيرستان ۾ فوجي آپريشن ڪرائڻ چاهي ٿو، سياسي جلسن ۽ اليڪشن جي جلسن دوران خودڪش حملا ڪندڙ طالبان ته مولانا صاحب جي به ڪڍ پيل هئا، تنهن ڪري مولانا صاحب هڪ دوست پاران تحفي ۾ ڏنل بلٽ پروف گاڏيءَ ۾ گهمندو آهي. سو اگر جي يو آءِ (ف) حڪومتي اتحاد ۾ ئي هجي ۽ اتر وزيرستان ۾ فوجي آپريشن جو فيصلو هيءَ حڪومت ٿي ڪري ته پوءِ ايندڙ اليڪشن ۾ ووٽ وٺڻ مولانا لاءِ به جان جوکي وارو ڪم ٿي پوندو. مٿان وري مرحوم سلمان تاثير تن ڏينهن ۾ تحفظ ناموس رسالت قانون ۾ ترميم وارو بحث ڇيڙي مولين کي جيڪو ميدان مهيا ڪيو، مولانا کي ان ميدان تي به لهڻو هو. سو حڪومت مان نڪرڻ کانپوءِ سعودي عرب به ويو، مذهبي ڳالهه به ڪري آيو ۽ خودڪش حملن جي ڌمڪيءَ کي ٿڌو ڪرڻ جي جتن مان واندو ٿيو، هاڻي وري ٿي سگهي ٿو ته گيم نئين سري سان شروع ڪري. ايندڙ اليڪشن پوءِ اها جڏهن به ٿئي، ان اليڪشن کان اڳ اسٽيبلشمينٽ آمريڪا جي خواهش مطابق اگر اقتدار نواز شريف کي نه ڏئي سگهيو ته پوءِ جيڪا به نئين حڪومت ٺهندي، ان جي مخالفت لاءِ ايم ايم اي کي زندهه ڪري سگهي ٿي، پر شرط اهو آهي ته اگر افغانستان ۾ آمريڪا کي حالتون ساڳيون رکڻيون هونديون ته پاڪستان ۾ ايم ايم اي ٺهندي.

سياست مجبورين جو به نالو آهي، مجبوريون صرف پيپلز پارٽي جي کاتي ۾ ٿي نه رهيون آهن، هاڻي ته مسلم ليگ (ن) به مجبورين جي ڳٺڙي کڻڻ تي مجبور آهي. آمريڪا ۽ سندن اتحادي به ايتري حد تائين جو عرب به مسلم ليگ (ن) جي قيادت تي اعتبار ڪرڻ کان پاسو ڪن ٿا. اها آمريڪي مخالفت ئي ته آهي جو فوج لاءِ پسنديده هجڻ باوجود چوڌري نثار وزيراعظم نٿو ٿي سگهي. شايد شهباز شريف به وزيراعليٰ ئي رهندو، عمران خان جي دشمني يا ته سڄي جهان سان آهي ۽ اگر سڄي جهان سان نه آهي ته انهن پارٽين سان ضرور آهي جيڪي اقتدار حاصل ڪرڻ جي سگهه رکن ٿيون تنهن ڪري ئي ته هن چيو ته ميان نواز شريف پاڻ ته ٽيڪس به نٿو ڀري ۽ حڪومت تي ڪرپشن جا الزام هڻي ٿو. مسلم ليگ (ن) ڪرپشنجا الزام صرف وفاقي حڪومت لاءِ وقف ڪري ڇڏيا آهن باقي پنجاب ۾ ڄڻ ته ايمانداريءَ جو بول بالا آهي. ڏاڍائي ته ميڊيا جي به آهي، جيڪا صرف ۽ صرف پپيلز پارٽي ۽ ان جي قيادت پويان پيل آهي، ڪرپشن شايد وفاقي حڪومت ۾ ئي پئي ٿئي، پر ڇا ٻيون حڪومتون ميڊيا جي احتساب ۾ پار پئجي ويون آهن. اها به ته سياست آهي نه ته وفاقي حڪومت کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ايم ڪيو ايم حڪومتي اتحاد مان ڌار ٿئي پر سنڌ حڪومت ۾ شامل رهي. اهو نواز شريف جي لانگ مارچ جي نتيجي ۾ ججن کي بحال ڪري گوڏا کوڙڻ واري واقعي کانپوءِ حڪومت لاءِ خواريءَ جو کوهه هو، جنهن ۾ پيپلز پارٽي منهن ڀر ڪري پئي. ان ڌڪ کائڻ جو نتيجو ته اهو آهي ته پيپلز پارٽيءَ سڀ ڪم ڇڏي وڃي اسٽيبلشمينٽ جي پيرن ۾ ويهي، پر اڃا ايئن ٿيو نه آهي. اها به سياست آهي، اقتدار صرف مزا ماڻڻ جو ئي نالو نه آهي، جيل کائڻ، ڪوڙا کائڻ، زبان ڪٽرائڻ، قتل جون ڌمڪيون ٻڌڻ ۽ هر روز بليڪ ميل ٿيڻ جو به نالو آهي. پيپلز پارٽي شايد اهي سڀ سختيون وڌيڪ سهي ٿي. شايد سندن سياست ئي اها آهي.

تمام گهڻن ماڻهن جي اها ڳالهه ٺيڪ هوندي ته اگر محترمه بينظير ڀٽو شهيد هجي ها ته حڪومت ائين نه هجي ها ۽ صورتحال بهتر هجي ها، مون کي ان سان اختلاف آهي. محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي سياسي سوچ ۽ حڪمت عملي بنان ڪنهن شڪ جي وزندار هوندي هئي، پر هن حڪومت جي دور ۾ 18هين ترميم ۽ اين ايف سي ايوارڊ جي معاملي تي جيڪي فيصلا ٿيا آهن، اهي تاريخي قدم آهن. سنڌ جي قومپرستن جڏهن 18هين ترميم منظور ٿيڻ خلاف هڙتال ڪئي هئي ته مون کي ان هڙتال جو منطق سمجهه ۾ نه آيو هو. قومپرستن وٽ پنهنجي سياست ۽ سنڌ جي حقن جو عملي پلان يا  ارادو ته آهي ڪو نه، پوءِ جي اگر هن ملڪ ۾ رهندڙن کي هن ملڪ جي قانون تحت اگر سالن کان دٻايل حق ملن پيا ته ان تي به احتجاج آخر ڪنهن جي حق ۾ هو؟ پنجاب جو حڪمران طبقو ڀلي اهو پيپلز پارٽيءَ سان ئي لاڳاپيل ڇو نه هجي، 18هين ترميم جي حق ۾ ووٽ ته ڏئي ويٺو، پرهاڻي سندن ذهينت ۾ اهي خيال اچڻ لڳا آهن ته ارڙهين ترميم بعد صوبن تان سندن ڪنٽرول ختم ٿي ويندو. ملڪ کي جن نظرياتي بنيادن تي بيهاري، صوبن کي لڪڻ سان هلايوويو، اهو لڪڻ هاڻي ڀڄي پيو آهي. مل جي مالڪن کي اهو به فڪر آهي ته صوبا 47ع جي هيروز بجاءِ هاڻي نصاب ۾ به پنهنجي حقيقي هيروز کي شامل ڪري ڇڏيندا. اهو پنجاب جو خوف آهي سنڌ جي حڪمرانن کي ڏسي لڳي ٿو ته اهو خوف خام خيالي آهي. سنڌ ۾ حڪمران طبقو ڪڏهن به پنهنجي وطن جو محافظ ۽ خدمتگار نه رهيو آهي. پر ارڙهين ترميم کانپوءِ نوان آپشن پيدا ٿي پيا آهن. انهن آپشنز تي هاڻي پنجاب ۾ جيترو بحث ٿئي پيو، اوترو ئي شدت سان اهو بحث زور وٺڻ لڳو آهي ته 20هين ترميم ڪري صوبن کي مليل ڪجهه اهم ۽ بنيادي حق واپس وفاق جي ڪنٽرول ۾ ڏجن. چئي سگهجي ٿو ته پيپلز پارٽي 20هين ترميم آڻڻ جي حق ۾ نه آهي ۽ وفاقي حڪومت کي ڪمزور ڪري اسٽيبلشمينٽ اصل ۾ پنهنجا شرط مڃائڻ چاهي ٿي. اها ئي سياست آهي جيڪا پاڪستان ۾ ٿي رهي آهي.

پيپلز پارٽيءَ جون حڪومتون ۽ چونڊيل نمائندا ڪرپٽ هوندا به، مون وٽ جيئن ته انهن جي ڪرپشن جا ڪي به ثبوت نه آهن، ان ڪري مان سندن ڪرپشن بابت ڪجهه نٿو چئي سگهان. باقي نظر اچي پيو ته حڪومت جون معاشي پاليسيون بهتر نه آهن، جنهن جي ڪري ماڻهو مهانگائي جي مانگر مڇ آڏو آهن. صرف ۽ صرف پيپلز پارٽي هجڻ ڪري ان پارٽيءَ جي حمايت نه ٿي ڪري سگهجي، پاڪستان جي تاريخ جي گندي حمام ۾ پيپلز پارٽيءَ به انهن پارٽين جي ئي سنمک آهي. جن کي ساڄي ڌر جون پارٽيون چئجي ٿو. پر پيپلز پارٽيءَ جي سياست انهن کان مختلف آهي. پيپلز پارٽيءَ جو جهڪاءُ کاٻي ڌر ڏانهن آهي، پيپلز پارٽي سيڪيولر، روشن خيال نظرئي جي پرچارڪ آهي. جمهوريت ۽ عوام جي ڳالهه ڪري ٿي. اهو ئي ته هڪڙو سبب آهي جو پيپلز پارٽيءَ ۾ هجڻ ڪري سلمان تاثير کي ماريو ويو. لشڪر جهنگوي، سپاهه صحابه، طالبان، ورديءَ وارا ۽ جماعت اسلامي سڀ پيپلز پارٽيءَ جا نظرياتي مخالف آهن. انهن سڀني گروهن جي مسلم ليگ سان ڪا به نظرياتي مخالفت نه آهي، صرف حڪمت عملي يا طرز عمل جي مخالفت آهي. مسلم ليگين کي هر شڪل جي حڪومت هضم آهي، پر پيپلز پارٽيءَ ۾ ايترو حياءُ آهي ته اهي جمهوريت جي ڳالهه ڪن ٿا ۽ جمهوري حڪومت ۾ اچڻ جي سوچ رکن ٿا. اها ئي سياست آهي جنهن جي ڪري ملڪ جا ڌڻي، پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت کي معذوريءَ ۾ رکڻ چاهين ٿا.

هونئن به اهڙي ڪنهن حڪومت مان ڪا به وڏي اميد نه رکجي، جيڪا اتحادن جي صورت ۾ قائم ٿئي ۽ اتحادي به ايم ڪيو ايم ۽ جي يو آءِ (ف) جهڙا يا وري مسلم ليگ (فنڪشنل) جهڙا هجن. سو اتحاد واري حڪومتي هلائي پيپلز پارٽي اڄ جيڪا سياست ڪري پئي ان جو نتيجو اهو آهي ته مٿن الزامن لڳن ٿا، پر پيپلز پارٽي وارا موٽ ۾ دل جي باهه مارڻ لاءِ کليل ڳالهه به نٿا ڪري سگهن. سندن زبانن کي مفاهمت جي مصلحت واري مهر لڳل آهي. اها ئي اڄ جي سياست آهي ته خاموشيءَ سان ڏيڍ ٽنگ تي هلندڙ حڪومت کي هلائبو رهجي ۽ جيڪو به ڪم ٿي سگهن ٿا ڪري وٺجن.

ٽي وي چينلن ۽ سندن زبان دراز ڪمپيئرن، تبديليءَ جون ڪهاڻيون گهڙيون ۽ پوءِ نيٺ جي يو آءِ (ف) ۽ ايم ڪيو ايم جي فيصلن جي ڪري کين چند لمحن جي خوشي ميسر آئي ۽ هو چئي سگهي ته حڪومت وڃي پئي، پر صورتحال وري پلٽو کاڌو آهي، گيلاني ٻيهر کوهه ۾ ڪري ڪيل حڪومت جي پڳڙيءَ کي ڇنڊي ڦوڪي کڻي آيو آهي. اندازو اهو ئي آهي ته ايندڙ سال مارچ ۾ سينيٽ جون چونڊون ٿينديون. انهن چونڊن کانپوءِ پيپلز پارٽيءَ کي سينيٽ ۾ اڪثريت ملڻ جو امڪان آهي. شايد انهن چونڊن کانپوءِ ئي پيپلز پارٽي جا واڳ ڌڻي حڪومت ڊاهي اليڪشن ڪرائڻ لاءِ تيار ٿي ويندا. باقي موجوده صورتحال ۾ فوج آمريڪي هدايتن موجب حڪومت تبديل ڪرڻ جي حق ۾ نه آهي. نواز شير کي مڊٽرم چنڊن ۾ فائدو نظر نٿو اچي. جڏهن ته ايم ڪيو ايم لاءِ ٻي ڪا واهه بچيل نه آهي. سو سڀني جي مجبوري آهي ته نظام ائين هلندو رهي. نظام ايئن هلڻ تي جيڪي تبصرا ٿين پيا، انهن جو فائدو دفاعي اداري کي ٿئي پيو، ۽ اهو ادارو به اهو ئي چاهي ٿي ته سياست تندا ٿيندا رهن. سياست اقتدار جي مزن ماڻن جون ئي وسيلو آهي. پر اگر پيپلز پارٽي حڪومت نه ڪري ته پوءِ ڪنهن کي جاءِ ڇو ڏئي؟ پيپلز پارٽيءَ جي جاءِ تي اگر ڪا ٻي پارٽي ايندي ته ڇا سڀ ٺيڪ ٿي ويندو؟ شايد ته جيڪا سياست ۽ صورتحال هوندي اها ئي برقرار  رهندي. باقي سنڌ جي اها شڪايت غلط نه آهي ته پيپلز پارٽيءَ سنڌ جي ووٽ کي هن ڀيري به وڪرو ڪيو آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو