Home / ڪور افيئر / هندو ٻارن جا اغوا، پوليس ۽ ڌاڙيلن جي لاڳاپن جي ڪهاڻي
above article banner

هندو ٻارن جا اغوا، پوليس ۽ ڌاڙيلن جي لاڳاپن جي ڪهاڻي

 

ڪنڌڪوٽ مان هندو ٻارن جي غوا جي وارداتن نه صرف شهرين کي پريشان ڪيو آهي، پر ان جو پڙاڏو اقتداري ايوانن کان ٽپي گڏيل قومن جي رپورٽن تائين پهتو آهي. گذريل سال فقط ڪنڌڪوٽ ضلعي مان چوڏهن ٻار اغوا ٿيا، جن مان ستن جو تعلق هندو برادري سان هو. اهڙي طرح 2008ع کان ڊسمبر 2010 تائين ڪنڌڪوٽ مان 25 ٻار اغوا ٿيا، جن مان تيرنهن ٻارن هندن جا هئا.

جيتوڻيڪ ڀنگ لاءِ اغوا جون وارداتون ڏوهارين جو پراڻو پيشو رهيو آهي، پر گذريل ڏهاڪي ۾ ٻارن کي اغوا ڪري ڀنگ وٺڻ هڪڙو منافعي بخش ڪاروبار جو روپ اختيار ڪري ويو آهي. ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ وڌندڙ بدامني ۽ ٻارن جي اغوا ۾ حيرت انگيز واڌ جا سبب معلوم ڪرڻ کان پوءِ اندازو ٿئي ٿو ته ڪيئن نه ڏوهاري گروپ، پوليس ۽ سياستدانن معصوم ٻارن کي پنهنجا مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو آهي.

اخبارن جي سرخين جي زينت بڻيل پنجن سالن جو ڌيرج ڪمار جڏهن ڌاڙيلن جي قبضي ۾ 35 ڏينهن گذارڻ کانپوءِ گهر پهتو ته ڪنڌڪوٽ شهر جي گهٽين ۾ مٺايون ورهايون ويون. جيتوڻيڪ در تي اکيون وجهيو ويٺل ماءُ پنهنجو اولاد ملڻ کانپوءِ سک جو ته ساهه کنيو، پر ڪيترن ڏينهن تائين ڌيرج جي جسم تي ڏنڀن ۽ زخمن جي نشانن کي سيڪيندڙ والدين سڄي گهر ۾ ٻارن کي چانئٺ ٽپڻ کان منع ڪري ڇڏي آهي. ڪنڌڪوٽ جي هندو محلي ۾ ڌيرج جي چاچي گيانچند جو گهر تلاش ڪندي ڪافي دير تائين آءٌ صحافين سان گڏ بازارون گهمندو رهيس. پر پوري عرصي۾ مون کي گهٽين ۾ کيڏندي هڪ ٻا به ڏسڻ ۾ نه آيو. چون ٿا ته هندو محلي مان سڀئي ٻار ڏينهن ڏٺي جو کنڀيا ويا ۽ اڪثر وارداتن ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ٿي آيل ڏوهارين ٻار اغوا ڪيا. جيتوڻيڪ اغوا ٿيل ٻارن جي واپسي پوليس ڪرائيندي رهي آهي، پر حقيقت ۾ سواءِ ڌيرج ڪمار جي باقي سڀني ٻارن جي واپسي پيسن تي ٿي آهي. گيانچند جو خاندان ڪنڌڪوٽ ۽ ڪشمور ۾ رهي ٿو. ڌيرج سميت سندس خاندان ۾ پنج ٻار اغوا ٿي چڪا آهن، جن جي واپسي لاءِ هن ساڍا ڏهه لک ڀنگ ادا ڪيو. ڌيرج کي اغوا ڪندڙن سندس بازيابي لاءِ هڪ ڪروڙ رپين جو مطالبو ڪيو، پر سندس ماستر پيءَ اهو چئي ڀنگ ڀرڻ کان انڪار ڪيو ته هاڻ اسان وٽ ته کائڻ لاءِ ڪجهه به نه رهيو آهي. ماري ڇڏيوس، مون وٽ ڌيڻ لاءِ هاڻ ٽڪو به نه آهي. پوليس ڌيرج کي تلاش ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي ۽ ايئن هر  ماڻهوءَ کي پتو پيو ته جيڪڏهن پوليس سنجيده ٿي ڪوشش ڪري ته ڏوهن تي ضابطو ممڪن آهي، پر شيشو جکراڻي باوجود گرفتاري جي اڃا تائين جيل ۾ بغير سزا جي واڙيو پيو آهي ۽ اهڙي طرح فريادين جي عدم دلچسپي کانپوءِ ڌيرج کي اغوا ڪندڙ وري پيا بازارن ۾ ڦرندا. سال 2008ع کان وٺي هيل تائين جيڪي به جوابدار پوليس ٻڌا آهن، انهن مان هڪڙي کي به ڪورٽ مان سزا ناهي آئي. پوليس وارن جو اسرار آهي ته جيستائين جوابدارن تي شاهدي نه ٿي ڏني وڃي ڪورٽ کين سزا نه ڏيندي ۽ اهڙي طرح اسين ڏوهارين کي گرفتار ڪندا ٿا رهون ۽ ڪورٽون انهن کي آزاد ڪنديون رهيون آهن.

هندن جا ٻار ان ڪري به اغوا ٿين ٿا جو ڏوهارين کي پڪ آهي ته هڪ ته ٻارن جو ڀنگ ملندو ۽ ٻيو اهو ته ٻارن جا مائٽ سندن خلاف شاهدي ڪو نه ڏيندا. هندو برادري جي باري ۾ چيو وڃي ٿو ته ڏوهارين لاءِ هندن خلاف ڏوهه ڪرڻ تمام آسان آهي، ڇاڪاڻ ته انهن مان کين نه ته پلاند جو خوف هوندو آهي ۽ نه ئي پوليس ۽ ڪورٽن ۾ هنن خلاف شاهديون ڏيڻ جو حوصلو.

هندو ڪميونٽي ان خيال جي آهي ته سندن سياسي ۽ سماجي حيثيت مضبوط نه آهي ۽ هنن وٽ سواءِ پيسن ڏيڻ جي ڏوهارين سان معاملا طئي ڪرڻ جو ٻيو ڪو به آپشن نه آهي. هو نه ٿا چاهين ٿا ته بدنام زمانا ڏوهارين خلاف شاهديون ڏئي سڄي ڪميونٽي کي ڏچي ۾ وجهن.

هندو ٻارن جي اغو جي وارداتن ۾ پوليس جو ڪردار لڪائي نٿو سگهجي. ڪنڌڪوٽ ۾ نوڪري ڪندڙ ضلعي جو اهم پوليس آفيسر ڏوهارين سان واسطا رکڻ سبب وڏي شهرت رکي ٿو. هن پوليس آفيسر لاءِ مشهور آهي ته پوليس جي ضلعي سربراهه کي خوار ڪرڻ ۽ ڪامياب ڪرڻ سندس ڏائي هٿ جي راند آهي. هندو ٻارن کي اغوا ڪرائي هڪ طرف علائقي جا ڏوهاري پوليس آفيسر کي چيلينج ڪندا آهن ته جيئن پوليس ۽ ڏوهارين وچ ۾ رابطو ٿي سگهي، جيڪڏهن ڪو پوليس آفيسر ڏوهارين خلاف ڪات ڪهاڙا کڻي ٿو ته تيزيءَ سان وارداتون ڪري پوليس جي بدنامي ڪرائي آفيسر جي بدلي ڪرائي وڃي ٿي. ڇاڪاڻ ته هندو ٻارن جي اغوا کانپوءِ ميڊيا، سول سوسائٽي ۽ سياسي پارٽيون تحرڪ ۾ اچي وينديون آهن. اقليت سان تعلق رکڻ سبب ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي همدردي هندن سان هوندي آهي. اهڙي طرح پوليس تي ٻارن جي بازيابي لاءِ پريشر وڌي ويندو آهي.

ڪنڌڪوٽ ۾ ضلعي آفيسر رهندڙ پوليس واري ٻڌايو ته هندن جي ٻارن کي اغوا ڪندڙ گروهن جي سرپرستي هتي قبائلي سردار ۽ سياستدان ڪندا آهن. جڏهن ته ٻارن کي اهڙي هنڌ رکيو ويندو آهي، جتي عام طور تي پوليس آپريشن ڪرڻ ممڪن ئي نه هوندو آهي. سندس چوڻ هو ته پوليس گهڻو ڪري آپريشن ڪري ٻار بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ان ڪري به ٿيندي آهي جو ڏوهارين کي اڳواٽ اطلاع پهچي ويندو آهي. سندس چوڻ هو ته پوليس وارن ۾ به ڪافي اهڙا اهلڪار هوندا آهن، جيڪي ڀنگ ۾ ڀائيواري ڪندا آهن. ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل ٻارن جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ جڏهن سموري رڪارڊ جو جائزو ورتو ويو ته معلوم ٿيوته ٻارن جي عمومن عمر ٽن سالن کان 12 سالن تائين رهي آهي، جڏهن ته هفتي کان ٻن مهينن تائين جي عرصي ۾ ٻار بازياب ٿيا آهن. هر ٻار جي اغوا ۾ پوليس ٽن کان وٺي ٻارنهن ماڻهن تائين گرفتاريون ڪيون، پر اڃا تائين ڪورٽ ڪنهن به جوابدار کي سزا ناهي ڏني.

جيتوڻيڪ نواز ليگ جو احسن اقبال ٽيليويزن تي ويهي سنڌ حڪومت کي طعنو ڏئي چڪو آهي ته حڪومت هندن جي ٻارن کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام رهي آهي، پر هن وقت تائين سنڌ جي قوم پرست پارٽين اڃا تائين هندن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪو اعلان ناهي ڪيو. وڌندڙ انتهاپسندي ۽ مذهبي رجحان سبب هندن جي ٻارن جي اغوا جي ڪهاڻي هندستان جي اخبار ايشين ايج ۽ گڏيل قومن جي هيومن رائيٽس متعلق نڪرندڙ رپورٽ ۾ هندن جي ٻارن جي اغوا بابت تفصيل سان رپورٽ ٿي چڪو آهي.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو