Home / سياسي افيئر / وفاق جي سنڌ ۾ مداخلت پ پ جي رڌڻي ۾ رولو
above article banner

وفاق جي سنڌ ۾ مداخلت پ پ جي رڌڻي ۾ رولو

ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم خلاف ڪيترائي ثبوت گڏ ڪري سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ايوان صدر تائين پهچايا. اها به سڌ پئي آهي ته ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا گهٽ ۾ گهٽ ٽي ڀيرا صدر آصف علي زرداريءَ کي سڌي ريت اها ڳالهه چئي چڪو آهي ته کانئس ڀلي گهرو وزارت جو قلمدان وٺي ڪنهن ٻئي حوالي ڪيو وڃي يا کيس “فري هينڊ” ڏنو وڃي. جيتوڻيڪ “فري هينڊ” ته شايد ممڪن ڪونهي، پر هڪ ٻه ڀيرا غور ڪرڻ باوجود ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کان گهرو وزارت وٺڻ بدران صدر آصف زرداريءَ کيس ايم ڪيو ايم سان “ٽيڪنيڪل ڊيل” جي صلاح ڏني. ڪراچي ۾ امن امان جي مسئلي کان وٺي نوڪرين جي مسئلي تائين ايم ڪيو ايم سان سڌي ريت معاملا طئي ڪرڻ جو اختيار گهرو وفاقي وزير رحمان ملڪ کي ڏنل آهي.  رحمان ملڪ جي سنڌ جي معاملن ۾ سڌي مداخلت سبب جنوري جي وچ ڌاري سنڌ ڪابينا ۾ رحمان ملڪ خلاف بغاوت جي لهر پيدا ٿي. جنهن جو اظهار گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا مون کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڪيو هو، پر اها صورتحال تڏهن پيدا ٿي جڏهن ڪراچي جي اورنگي ٽائون ۾ مومن آباد جي ان علائقي ۾ اوچتو آپريشن شروع ٿيو، جيڪو علائقو بلوچي ڳالهائيندڙن جو هو ۽ اُهي ماڻهو پيپلز پارٽيءَ جا حامي هئا. صبح ساجهر جو ئي رينجرز سڄي علائقي کي ڪڙو چاڙهيو، گهرن ۾ گهڙي پئي. مردن سان گڏ عورتن ۽ ٻارڙن کي به گرفتار ڪيو ويو، چادر  چارديواري جي لتاڙ ڪئي وئي، پنج سئو کان وڌيڪ ماڻهن کي ٽرڪن ۾ ڀري رينجرز وارا کڻي ويا. ان ئي اليڪٽرانڪ ميڊيا کي ٻڌايو ويو ته ڪراچيءَ ۾ آپريشن شروع ٿي ويو هو. ڇو ته ڪجهه ڏهاڙا اڳ ئي رحمان ملڪ اهو اعلان ڪري ويو هو ته ڪجهه علائقن ۾ ڪرفيو هڻي آپريشن ڪيو ويندو. ڪراچي جي اليڪٽرانڪ ميڊيا اهو تاثر ڏنو ته انهن علائقن ۾ آپريشن شروع ٿي ويو جيڪي علائقا بنيادي طور اردو ڳالهائيندڙن جي اڪثريت وارا ناهن. آپريشن واري شام اورنگي ٽائون جي بلوچن احتجاج ڪيو، احتجاج ڪندر عورتن جي هٿن ۾ چوڙيون ۽ جتيون هيون، جيڪي لياريءَ مان چونڊيل مملڪتي وزير نبيل گبول خلاف نعرا هڻي رهيون هيون ۽ چئي رهيون هيون ته نبيل گبول چوڙيون پائي.


ذريعن موجب جنهن صبح هي آپريشن شروع ٿيو، ان ڏينهن سنڌ جو گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا بدين ۾ هو. هن ڪراچي ۾ آءِ جي سنڌ، سي سي پي او ڪراچي ۽ ڊائريڪٽر جنرل رينجرز سان رابطو ڪيو. کيس ڏسيو ويو ته کين ڪا به خبر ڪانهي. آءِ جي سنڌ ۽ سي سي پي او هن صورتحال بابت ڳڻتي جو اظهار ڪندي گهرو وزير کي دانهن ڏني ته ميڊيا ساڻن رابطو ڪري صورتحال معلوم ڪرڻ ٿي چاهي، پر کين خبر ناهي ته هو ان آپريشن بابت ڪهڙو جواب ڏين. ذريعن چواڻي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا بدين مان ڪراچي پهتو. ان ئي ڏينهن هن سان انٽرويو ٿيو، جنهن ۾ هُن اورنگي ٽائون ۾ ٿيل سرچ آپريشن ۽ گرفتارين تي شديد احتجاج ڪيو. خود سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه پڻ احتجاج ڪيو ته آخر هي ڪهڙو آپريشن آهي، جيڪو صرف هڪ خاص علائقي ۾ ٿيو. هڪ ئي قوميت جا ماڻهو نشانو بڻيا ۽ سنڌ سرڪار کي ان جي خبر به ڪانهي. ان ئي شام لياريءَ جي ايم اين اي نبيل گبول استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪيو. جنهن ۾ هن بظاهر ته پنهنجي بي اختيار وزارت جي شڪايت ڪئي ۽ چيو ته وٽس وزارت ۾ ڪو اختيار ناهي، بندرگاهن جي وزارت جو مملڪتي وزير نبيل گبول هن کان اڳ به ٽي چار ڀيرا ڪراچي جي صورتحال تي ڳالهائي چڪو هو. هي وزارت ايم ڪيو ايم سان تعلق رکندڙ بابر غوري وٽ آهي، پر ايم ڪيو ايم اڃا تائين وزارتون واپس نه ورتيون آهن، پر پوءِ به نبيل گبول وٽ ڪو اختيار ناهي. پر وزارت ۾ اختيار نه هجڻ اصل مسئلو نه هو، اصل مسئلو ڪراچي جي مامرن ۾ ڪراچي سان واسطو رکندڙ پيپلز پارٽيءَ جي ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز کي پري رکڻ ۽ سندن ئي علائقن بابت فيصلن جو اختيار رحمان ملڪ وٽ هجڻ آهي. رحمان ملڪ وري هر فيصلو ايم ڪيو ايم جي صلاح مصلحت سان ڪندو آهي، جيڪو پيپلز پارٽيءَ جي ڪراچي ۾ چونڊيل نمائندن جي خلاف ئي هوندو آهي.

لياري ۾ پيپلز امن ڪميٽي جي اثر ۾ واڌ نبيل گبول لاءِ اڳ ئي سياسي پريشانيءَ جو ڪارڻ آهي. ويتر رحمان ملڪ جي مداخلت سبب کيس وزارت تان استعيفا ڏيڻ تي مجبور ڪيو يا وفاقي سرڪار جو ڌيان ڇڪائڻ ۾ نبيل گبول ڪامياب ويو. هڪ پاسي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي ڪاوڙ ته ٻئي پاسي هڪ ئي ڏينهن نبيل گبول جي استعيفا. صورتحال جي گرميءَ جو اثر اسلام آباد تائين پهتو. رحمان ملڪ صبح جو ساجهر ڪراچي پهتو. ذريعن چواڻي وزيراعليٰ هائوس ۾ رحمان ملڪ سنڌ جي وڏي وزير ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کان معذرت ڪندي اهو چيو ته رينجرز اورنگي ٽائون ۾ جيڪو آپريشن ڪيو ان بابت کيس به نه ٻڌايو ويو هو. واضح رهي ته ڪراچي ۾ امن امان بابت ايم ڪيو ايم ۽ سنڌ سرڪار جي نمائندن جي وچ ۾ رحمان ملڪ جي صدارت ۾ جيڪي به اجلاس ٿيندا آهن انهن ۾ سنڌ جو گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا شرڪت نه ڪندو آهي. سڄو سال ايم ڪيو ايم تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا تي شديد اعتراض رهيا ۽ هو سندس تبديليءَ جو پڻ مطالبو ڪندي رهي. پر رحمان ملڪ آڏو به ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪراچي آپريشن بابت ڏاڍو سخت موقف اختيار ڪيو  چيو ته هو وزارت ڇڏڻ لاءِ تيار آهي. ٻي صورت ۾ هو گهرو وزير آهي ته پوءِ ڪراچي ۾ امن امان لاءِ رينجرز سميت ڪم ڪندڙ سمورا دارا سندس ماتحت هجڻ گهرجن ۽ کيس ٻڌائڻ کانسواءِ ڪو به آپريشن يا ڪا به ڪارروائي نه ٿيڻ گهرجي.

ذريعن چواڻي وزيراعليٰ هائوس ۾ رحمان ملڪ ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا وچ ۾ تلخ ڪلامي کانپوءِ صدر زرداريءَ ذوالفقار مرزا کي اسلام آباد سڏايو. جتي ذوالفقار مرزا صدر زرداريءَ کي سڄي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ذريعن چواڻي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ڪراچي ۾ قتل ڪيل جيو ٽي وي جي پشتو ڳالهائيندر نوجوان رپورٽر ولي خان بابر جي قتل بابت پڻ اهم معلومات صدر زرداريءَ سان شيئر ڪئي ۽ ٻڌايو ته وفاقي گهرو وزير رحمان ملڪ کي ان ڪيس بابت غلط ڄاڻ فراهم ڪئي وئي آهي. اسلام آباد کان ذوالفقار مرزا جي واپسيءَ تي سندس رويو ڪافي حد تائين نرم ٿي ويو آهي ۽ رحمان ملڪ جو پڻ اهو بيان اچي چڪو آهي ته ڪراچي ۾ رينجرز ڪا به ڪارروائي صوبائي حڪومت جي مرضيءَ کانسواءِ نه ڪندي. هن اهو به چيو ته ڪراچيءَ ۾ ڪو به آپريشن ڪو نه پيو ٿئي.وقتي طور رحمان ملڪ کي پنهنجي موقف تان پوئتي هٽڻو پيو ۽ نبيل گبول جو مامرو اڃا تائين وچ تي ٽنگيل آهي. نبيل گبول جي استعيفا جو ڇا ٿيو اها خبر ته اڃا تائين نبيل کي به ڪانهي، پر نبيل گبول استعيفا کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ڪراچي ۾ رحمان ملڪ جي مداخلت بابت کيس ڳالهائڻو هو. هو ان پريس ڪانفرنس تان به هٿ کڻي ويو. ظاهري طور تي ايئن پيو لڳي ته مامرو ٺري ويو آهي. پر هي ڪو اهڙو اڪيلو واقعو ڪو نه هو، هن کان اڳ به اهڙا کوڙ مامرا ٿيا ۽ آئنده به امڪان موجود آهي. ڇو ته وفاقي گهرو وزير سمورن مامرن ۾ سڌي ريت صدر آصف زرداريءَ کان مينڊينٽ وٺندو آهي، جنهن سبب هو صوبائي سرڪار سان صلاح ڪرڻ بدران گورنر هائوس ۾ سنڌ جي گورنر، حساس ادارن ۽ سيڪيورٽي ادارن سان گڏجاڻي ڪري فيصلو ڪندو آهي، ان گڏجاڻيءَ ۾ جيئن ته سنڌ جو گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا شريڪ نه هوندو آهي، ان ڪري سنڌ جي مامرن ۾ رحمان ملڪ جي سڌي مداخلت ان لاءِ به جاري رهڻ جو امڪان آهي ته رحمان ملڪ کي اهو ٽاسڪ ڏنل آهي ته ايم ڪيو ايم کي هر حال ۾ خوش رکڻو آهي. ڪراچي ۾ هيٺين سطح تي به پيپلز پارٽي جو ڪارڪن رحمان ملڪ کان شديد بيزار آهي. ساڳي ريت لياري ۾ وري پيپلز پارٽيءَ جا ڪارڪن نبيل گبول جي به خلاف ٿي ويا آهن. هن سڄي صورتحال ۾ پيپلز پارٽي ڪراچي جي حد تائين تمام گهڻو نقصان ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ “افيئر” طرفان پيپلز پارٽيءَ سان واڳيل سينيئر ڳواڻن ۽ ڪجهه وزيرن کان راءِ ورتي وئي ته هو به ان خيال جا آهن ته ايم ڪيو ايم پيپلز پارٽيءَ جي پارٽنر آهي. اتحادي آهي، پر سڀني فيصلن ۾ پيپلز پارٽيءَ جي مقامي قيادت يا سنڌ ڪابينا کي اعتماد ۾ وٺي فيصلا ڪيا وڃن ته بهتر ٿيندو. سنڌ اسيمبليءَ جي ڪيترن ئي ايم پي ايز رحمان ملڪ جي فيصلن کي سنڌ جي مامرن ۾ سڌي مداخلت قرار ڏيندي ان کي ارڙهين ترميم ۽ صوبائي خودمختياريءَ جي خلاف قرار ڏنو آهي. سندن اهڙا خيال ٽي وي تي آن ايئر ٿي چڪا آهن. هن صورتحال ۾ رحمان ملڪ اڃا تائين خودمختيار ۽ بااختيار آهي. ڏسڻو اهو آهي ته ايوانِ صدر طرفان جيڪي تازيون ڪوششون ورتيون انهن جو نتيجو ڇا ٿو نڪري. ڪراچي ۾ اتحادين جي وچ ۾ رحمان ملڪ جو ڪردار ڇا ٿو بيهي. سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا کي ڪراچي جي مامرن بابت ڪيتري حد تائين فري هيند ڇڏيو ٿو وڃي. جيتوڻيڪ ولي خان بابر جي قتل ۾ ڏوهارين کي منظرعام تي نه آڻڻ سان خبر ته پئجي وئي آهي ته سياسي مصلحتون اڄ به وڏي رڪاوٽ آهن ان ۾ ذوالفقار مرزا، نبيل گبول يا ڪير به ڪجهه نه ڪري سگهندو. پيپلز پارٽي پنهنجي سياسي حڪمت عملي تحت  گهٽ ۾ گهٽ 2012 تائين هن نظام کي هلائڻ چاهي ٿي. ان ۾ کيس اڃا تائين ڪيترو ڪجهه وڃائڻو پوندو سا شايد کيس به خبر ناهي.

aajizjamali100@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو