Home / افيئر / ٻوڏ متاثرن جون زهر بڻجي ويل زندگيون
above article banner

ٻوڏ متاثرن جون زهر بڻجي ويل زندگيون

جڏهن به ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ وڃڻ ٿئي ٿو ته اڪثر اتي موٽي آيل ماڻهو يا ٻوڏ کان بچي ويل لوڪ اهو سوال ضرور ٿو ڪري ته ڇا ٻوڏ اڃا آهي يا وري ٻوڏ لهندي ته ڪهڙا ڪلور ڪندي. ٻوڏ کانپوءِ ڪي ٻوڏ متاثر ته اڏجي ويا ۽ ڪي ويتر ويل ۾ اچي ويا آهن. قمبر – شهدادڪوٽ ضلعي جي ڪهڙي به تعلقي ۾ وڃو توهان کي اتان جا ماڻهو، انتظاميا جي بي حسيءَ جي ڳالهه ضرور ڪندا. چوڻ وار چون ٿا ۽ ڏسڻ وارن ڏٺو ته جڏهن گڙنگ ريگيوليٽر جا دروزا پاڻيءَ جي دٻاءَ ٽوڙيا ته ضلعي انتظاميا اتي پير جهلي نه سگهي ۽ گاڏيون ڊوڙائي، آبپاشي وارن کي اتي خطرناڪ حالتن ۾ ڦٽي ڪري اچي هيڊڪوارٽر ۾ ساهه پٽيو. جڏهن رويا اهڙا هجن ته پوءِ قوم جو حال ڇا ٿيندو؟ اهو هر ڪنهن جو عام سوال آهي ۽ اهڙن ٻين کوڙ سوالن سان گڏ اهو به سوال آهي ته ڇا حڪومت ايتري ڪمزور يا ڪنن کان گهٻري آهي يا وري ڪن لاٽار ڪرڻ ان جي پاليسي ٿي وئي آهي جو عوام جون دانهون ڪوڪون ان جي ڪن تي نه ٿيون پون.

ٿورڙي نظر ته ڪيو لاڙڪاڻي ريجن تي جنهن ۾ لاڙڪاڻو، قمبر-شهدادڪوٽ، ڪشمور، شڪارپور ۽ جيڪب آباد ضلعا اچي وڃن ٿا، اتي هر جاءِ تي تباهي آهي. ڳوٺن جا ڳوٺ پٽ پيا آهن، شهر تباهه ته ٺهيو اڃا پاڻيءَ هيٺ آهن، روڊ رستا ٺهن نه جڙن، مال متاع گم، تعليم چٽ، روزگار لڀي ئي نٿو. امن امان جي صورتحال جو ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته تازو سنڌ حڪومت جي گهرو کاتي لاڙڪاڻي ۽ سکر ريجن ۾ هڪ هفتي لاءِ هٿيار کڻي هلڻ تي پابندي هڻي ڇڏي آهي.

تازو ئي 20 جنوري تي لاڙڪاڻي جي سرڪٽ هائوس ۾ هڪ گڏجاڻي سنڌ جي ٻوڏ متاثرن جي بحاليءَ واري وزير حاجي مظفر شجراج جي صدارت هيٺ ٿي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته بندن جي صورتحال بلڪل خراب آهي، جن کي جنگي بنيادن تي ٺيڪ ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. ٻيو سنڌ ۾ 6 هزار نوان گهر ٺهرائي متاثرن جي حوالي ڪيا ويندا، پر ان لاءِ سنڌ جي ترقياتي خرچن ۾ ڪٽوتي ڪرڻي پوندي.


هاڻ توهان ئي غور ڪيو ته جتي هيڏي وڏي تباهي آئي هجي، اتي صرف 6 هزار گهر ٺهن ۽ انهن جو به ڪو ٽارگيٽ نه هجي ۽ مٿان وري سون تي سهاڳو ته بحاليءَ لاءِ پلان بلڪل تيار آهي، پر ان تي ڇهه مهينا اڃا لڳندا، ڇو ته ان لاءِ حڪومت شايد امدادي ادارن جي مدد جي انتظار ۾ آهي ته پوءِ حڪومت ايئن ڇو نه ٿي چوي هت ڪم ٿيندا ئي ڪو نه ۽ هروڀرو به ماڻهن کي خيالي پلاءَ کارائڻ ۽ انهن کي وڌيڪ ٺڳڻ سان اعتماد جو اڃا وڌيڪ فقدان پيدا ٿيندو. سخيءَ کان شوم ڀلو جو ترت ڏئي جواب. باقي هروڀرو عوام جي جذبن سان نه کيڏيو وڃي ائين جيئن وزيراعظم پاڪستان خيرپور ناٿن شاهه ۾ جلسي کي خطاب ڪندي چوي ٿو ته ٻوڏ متاثرن کي وڌيڪ 80 هزار امداد حڪومت ڏيندي ته سنڌ حڪومت جي اطلاعات کاتي جي سرواڻ شرميلا فاروقي چوي ٿي ته ڏوڪڙ ڪونهن. ته پوءِ هي سکڻا اعلان ڇو ۽ ڇا لاءِ؟ اهو سوال عوام ته ڪري ئي ڪري ٿو  پر حڪومتي ڪارندا ۽ حڪومت پنهنجي پاڻ کان به ڪري ته بهتر ٿيندو نه ته ايندڙ چونڊون بلڪل مٿان آهن ۽ عوام سڀ سمجهي ٿو.

ٿورڙو ان مان اندازو لڳايو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو نمائندو جيڪو هن گڏجاڻي ۾ هو، اُهو چوي ٿو ته جيڪب آباد جو هن دورو ڪيو آهي اتي صورتحال خراب آهي. جڏهن ته ڊي سي او ساجد جمال ابڙو چواڻي ته هن ضلعي ۾ 6 هزار گهرن کي نقصان پهتو آهي، هزارين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، انهن جي بحاليءَ لاءِ هڪ ڪمري تي مشتمل 50 هزار گهر ٺهرايا ويندا، پر ڪڏهن؟ هو چوي ٿو ته آبپاشي ۽ روڊ رستا بلڪل ختم ٿي ويا آهن (ڇا ڪجي جيڪب آباد ايئربيس جو بچائڻو هو) ڊي سي او ڪشمور سعيد جمالي چوي ٿو ته هن جي ضلعي جي 65 سيڪڙو ايريا متاثر ٿي آهي،  60 هزار گهر تباهه ٿيا آهن ۽ 500 گهرن جي ٺهرائڻ جو پلان آهي، جنهن مان 200 مڪمل آهن. هوڏانهن تنگواڻي شهر ۾ اڃا به ٻوڏ جو پاڻي بيٺل آهي، ڊي سي او شڪارپور، ڊاڪٽر سعيد احمد مڱريو  ٻڌائي ٿو ته هن وقت تائين صرف 40 سيڪڙو متاثرين کي تنبو ڏئي سگهيا آهيون، جڏهن ته ضلعي جا روڊ تباهه ۽ آبپاشي نظام ڊانواڊول آهي. هن وقت به 60 سيڪڙو متاثرن کي تنبن جي ضرورت آهي، ڇو ته ضلعي ۾ 7 هزار گهر متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته ڊي سي او قمبر-شهدادڪوءُ ياسين شر چوي ٿو ته هن ضلعي جي ستن تعلقن مان ڇهه تعلقا متاثر ٿيا آهن، جتي 5500 ايڪڙ زرعي زمين ٻڏي وئي آهي ۽ 50 هزار ماڻهو متاثر ٿيا آهن ۽ 850 گهر ٺهرايا ويندا، لاڙڪاڻي جي ڊي سي او عبدالعليم لاشاريءَ جي غيرموجودگيءَ ۾ اي ڊي او روينيو لاڙڪاڻو اسدالله ابڙو ٻڌايو ته هن ضلعي ۾ ٻوڏ دوران 92 هزار ماڻهو متاثر ٿيا (خاص طور تي ڪچي واري علائقي ۾) ٻوڏ دوران هن ضلعي ۾ ٻين ضلعن جي ٻوڏ متاثرن جو ٻوجهه کنيو ۽ ان ڪري 860 رليف ڪيمپيون ٺاهي انهن کي اتي ترسايو ويو. هن وقت به اطلاع اهي آهن ته هن ضلعي ۾ قائم حساس هنڌ، ويهڙ، آباد، بنگلي ۽ حسن واهڻ وٽ وقت جي اهم ضرورت آهي ته ترت ڪم ڪرايا وڃن نه ته ايندڙ وقت ٻوڏن جي رحم و ڪرم تي ثابت ٿي سگهن ٿيون.

هيءَ هئي سرڪار طرفان تيار ڪيل هڪ رپورٽ مان کنيو ٿورڙي معلومات جيڪڏهن ان کي اڃا به کوليندئو ته اهي ائين ثابت ٿيندو جيئن ننڍي لاءِ اسڪول ۾ جادوگر اچي جادوءَ وارو پيچ ڏيکاريندي چوندو هيو دٻليءَ ۾ دٻلو ۽ تنهن ۾ دٻلو.

يو ايس ايڊ جي هڪ رپورٽ مطابق 2010ع ۾ آيل ٻوڏن 20 ملين ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي. پاڪستان جي معيشت دنيا جي 26 وڏي معيشت آهي، پر اها ترقي وري جونءِ پير ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته اها هن وقت سياسي جهڳڙن، مذهبي بنيادي پرستي ۽ وڌندڙ آباديءَ جهڙن دٻائن جو شڪار آهي. مهانگائي نه صرف وڌي رهي آهي، پر اها اڃا به وڌڻ جا امڪان آهن. ملڪ ۾ ڪيل سروي مان ظاهرٿيو آهي ته پاڪستان دنيا ۾ هن وقت پنجون نمبر وڏو کير پيدا ڪندڙ ملڪ آهي، جنهن ۾ هن وقت 8 ملين کان وڌيڪ ماڻهو ان ڪاروبار سان لاڳاپيل آهن. جو اهو ئي هڪ اهڙورورزگار جو ذريعو آهي، جنهن مان مارو ماڻهو پنهنجو روز جو ڪاروبار هلائن ٿا ۽ پيٽ گذر کانسواءِ ٻيون گهرجون به پوريون ڪن ٿا. سرڪاري انگن اکرن مطابق صرف اتر سنڌ ۾ ٻوڏ جي ڪري هن ڪاروبار سان لاڳاپيل 189902 ماڻهو متاثر ٿيا آهن. جنهن ۾ سڌي يا اڻسڌي طرح انهن ماڻهن سان لاڳاپيل 7376115 جانور متاثر ٿيا آهن. صرف لاڙڪاڻي ضلعي ۾ 12000 جانور متاثر ٿيا آهن، جنهن کانپوءِ دادو ضلعي جو وارو اچي ٿو. يو ايس ايڊ جي رپورٽ مطابق سنڌ ۾ 67400 جانور مري يا لڙهي ويا آهن. هي آهن اُهي شيون جيڪي سرڪار سڳوريءَ طرفان ۽ ملڪ ۾ ڪم ڪندڙ غيرسرڪاري ادارن طرفان اسان توهان لاءِ گڏ ڪيون ويون آهن، پر نقصان ان کان گهڻا آهن ۽ حڪومت شايد ان پوزيشن ۾ نه آهي جو هڪدم علاءُ الدين جي جادوئي ڏيئي سان سڀ ڪجهه ٺيڪ ڪري ڇڏي. اچو ته توهان کي ٿورڙو عوام جو آواز به ٻڌايون ته هو ڇا ٿا چون ۽ اهي تباهين ۽ پوءِ وارن ڪمن جي باري ۾ ڪهڙي طريقي سان سوچين ٿا.

تازو ئي 22 جنوري تي شهدادڪوٽ کان امام بخش جماليءَ طرف ويندڙ روڊ تي RBOD-III جي ڀڳل سم نالي جي لڳ ڪوٺايل هڪ عوامي اسيمبليءَ ۾ وڃڻ جو اتفاق ٿيو. هي چانڊين جو ڳوٺ آهي، جتان سرڪار هڪ وڏو ڪٽ ڏئي RBOD-III ۽ بلوچستان جو زهريلو پاڻي ۽ ٻوڏ جو پاڻي شهدادڪوٽ کان مٿان عام چوڻي ۾ سير ۾ ڇڏيو ۽ پوءِ ان جي رستي ۾ ايندڙ هر شئي فنا ٿي وئي.

ڳوٺ نيڪ محمد بروهيءَ جي هڪ متاثر قربان بروهيءَ پنهنجي تقرير ۾ چيو ته اسان جو مال متاع ويو، گهر گهاٽ ويو، ٻني ٻارو ويو، روڊ رستو ويو ۽ ٻوڏ اسان کي مسافر ڪري ماري ڇڏيو، ٻيو ته ٺهيو، هتان جو جر به ٻاڙو نه پر زهريلو ٿي ويو. هيءَ ڪا عام ڳالهه ڪونهي، ڇو ته جتي باهه ٻري اهو هنڌ سڙي، جو ٻاڙو ٿيڻ جر جو مقصد اتي رهندڙ ماڻهن کي مٺو پاڻي پيئڻ لاءِ نه ملندو ۽ جانورن وانگر ماڻهو دٻن ۾ بيٺل سينوريل سائو پاڻي واپرائيندا ۽ پوءِ نتيجو ڇا نڪرندو؟ اهو توهان فدا حسين جاگيراڻي جيڪو ڪچي پل جو رهواسي آهي، ان جي انهن خيالن مان لڳائي سگهو ٿا ته آر بي او ڊي 3 ۽ موٽر وي جيڪو هن علائقي مان گذري ٿو، ان جي غلط ڊزائيننگ ۽ ننڍين پلين جي ٺاهڻ ڪري پاڻي بلڪل هڪ ته نيڪال نه ٿي سگهيو ۽ ٻيو وري ننڍا ننڍا دٻا ٺاهي ويو،  ڇو ته ان کي روڊ ڪو به اڳتي وڌڻ جو رستو نه ڏنو ۽ هڪ وڏي تباهي آئي. هيردين ڊرين جيڪا بلوچستان جو زهريلو پاڻي کڻي شهدادڪوٽ جي ڀر مان لنگهي ٿي، تنهن اڳي ئي 35000 ايڪڙ اسان جي ملوڪ زرخيز زمين جيڪا ڪڻڪ جي اپت لاءِ مشهور هئي، ڀڙڀانگ ڪري ڇڏي آهي. مٿان وري هي غلط پلاننگ ڪري تباهي جر ئي مٽائي ڇڏيا آهن. هاڻ هن علائقي ۾ هر ڏهون ماڻهو Hepatitis جو مريض آهي. ست سال اڳ اهڙي صورتحال بلڪل نه هئي، جاگيراڻي چوي ٿو.

افشان کهاوڙ جيڪا هڪ NGO سان لاڳاپيل آهي، چواڻي ته جيڪي وڏا پراجيڪٽ آهن، اهي هنن تباهين جا مکيه ڪارڻ آهن. جنهن سان ترقي جي نالي ۾ تباهيءَ جو سامان اسان جي آباديءَ کي تحفي ۾ ڏنو  وڃي ٿو. 2007 کانوٺي 2010 تائين ٻوڏن ۽ RBOD-III اسان کي نه صرف ٻوڙيو  آهي، پر برباد ڪيو آهي. هنن ٻوڏن تهه هيڏي ساري حمل ڍنڍ جو پاڻي به ٻاڙو ۽ کارو ڪري ڇڏيو آهي. هن ملڪ جون 32 سيڪڙو کاڌي جون ضرورتون ته صرف سنڌو ندي پوري ڪندي آهي، پر اسان جي حاڪمن، ماهرن ۽ تحقيق ڪندڙن شايد RBOD-III ٺاهيندي صرف پنهنجي پيٽ کي ڏٺو آهي ۽ سنڌوءَ جو پيٽ خراب ۽ گدلو ڪري ڇڏيو آهي. ڪلهه ڪلهوڪو ڏينهن آهي ته ڳوٺ سهراب بروهي ۽ پسند بروهي ۾ جر جو پاڻي مٺو هوندو هو پر اڄ وڃون ته توهان کي ان جي بلڪل ابتڙ صورتحال ملندي. هن چواڻي ته اسان جي ماحوليات، معيشت ۽ زندگي بري طرح متاثر ٿيون آهن ۽ حڪمران اڃا به شايد حالتن جي ڳنڀيرائپ کان بي خبر آهن. غفار پندراڻي چوي ٿو ته ڇا اسان جي ماهرن RBOD-III ٺاهڻ وقت اهو ڪو نه سوچيو هو ته اها 1700 ڪيوسڪ پاڻي ڪيئن نيڪال ڪندي، جنهن جو ڊزائن صرف 600 ڪيوسڪ آهي. نورپور کان گذرندڙ نالي کي ڪٽ نه ڏنو وڃي ها ته ايتري تباهي نه اچي ها. عباس کوکر، گهرام بروهي، سرور مگسي ۽ ٻين ڪيترن عام ماڻهن جيڪي ٻوڏ ۾ متاثر ٿيا هئا، اهي اندر جي باهه مان اهو ئي چئي رهيا هئا ته نه هجي ها هي RBOD-III ۽ نه اچي ها ايڏي وڏي تباهي. هن وقت به واهن ۾ پيل گهارا ۽ هٿرادو ڪٽن مان پاڻي وهي رهيو آهي ۽ ان جي ٻڌڻ جو ڪو به انتظام نظر نٿو اچي.

زرقا شر جيڪا گهوٽڪيءَ کان آئي هئي، ان چيو ته جيستائين اسين سڀ هڪ ٿي آواز نه اٿارينداسين تيسين هنن (حڪمرانن) جي ڪن تي جونءِ به نه چرندي. پنجاب مان ايندڙ زهريلي پاڻي سنڌ ۾ تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ هن وقت به صادق آباد، رحيم يار خان، گهوٽڪيءَ مان نيڪر ڪندڙ هي پاڻي اسان جي حياتين لاءِ خطرناڪ آهي.

ڪامريڊ عرس سيلرو، علي گل ڇڇر، خالد چانڊيو، نثار کوکر، روبينه چانڊيو، اظهر لاشاري ۽ ٻين جو اهو يڪراءِ آواز هيو ته RBOD-III پراجيڪٽ کي بند ڪيو وڃي يا وري ري ڊزائين ڪيو وڃي ۽ ان ۾ سنڌ جا پاڻيءَ جا ماهر شامل ڪيا وڃن. هنن جو اهو خيال هو ته اهو سڀ ڪجهه جلد کان جلد ڪيو وڃي نه ته حڪومتن تي ڪو به ڀروسو ڪو نه رهيو آهي.

هينئر ڳالهه صرف ان تائين محدود نه رهي آهي ته نقصان ڪيترا ٿيا آهن، پر ڏسڻو ان کي آهي (جلدي ۾) ته حڪومت ايندڙ امڪانن کي نظر ۾ رکي ترت اپاءَ وٺي ۽ اهڙا وٺي جو ٿيندڙ امڪاني نقصانن کان بلڪل به نه ته ڪجهه قدر بچي سگهجي. باقي پير سائين پاڳاري تازو ئي پنهنجي بيان ۾ ڇرڪائي ڇڏيو آهي ته حڪومت سوچي ٿي ته ايندڙ ٻوڏن  ۾ درياهه جي کاٻي ڪپ تي ڪٽ ڏجن يا ساڄي ڪپ تي ان کي نظر سان ته فائدو ڪنهن ۾ آهي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو