Home / سياسي افيئر / پ پ حڪومت جي ٻيڙي هميشه لوڏن ۾
above article banner

پ پ حڪومت جي ٻيڙي هميشه لوڏن ۾

آصف علي زرداري پنهنجي قسمت به شايد پاڻ لکرائي آيو آهي جو هڪ هفتي تائين قومي اسيمبليءَ ۾ حڪومت اقليت ۾ هئڻ باوجود مخالف ڌر جي ڪنهن جماعت کي اها همت نه ٿي ته هو وزيراعظم خلاف بي اعتمادي جي تحريڪ آڻي سگهي. مخالف ڌر جي اهڙي بي يقيني ۽ مخالف ڌر جي جماعتن جي هڪ ٻئي تي بي اعتباريءَ واري صورتحال سبب حڪومتون ڪيرائيندڙ ڌرين به اهو چڱي ريت سمجهي ڇڏيو ته هنن ترن مان تيل نڪرڻو ڪونهي.

قانون وارو وفاقي وزير بابر اعواڻ ڀلي کڻي موجوده بحران کي “چانهه جي ڪوپ ۾ آيل طوفان” سڏي، پر حقيقت اها آهي ته جمعيت علماءِ اسلام (ف) ۽ بعد ۾ متحده قومي موومينٽ جي حڪومت کان علحدگي پ پ سرڪار کي ڪيرائڻ جي سنجيده ڪوشش هئي، پر مخالف ڌر ڀاڙي ٿيڻ سبب پيپلز پارٽيءَ جا ڀاڳ ڀلا ٿي پيا. هتي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته ڀلا اتحادي جماعتون هاڻي حڪومتن کان ڀڄڻ ڇو ٿيون چاهيون؟ ان جا باطني طور تي ڪيترائي سبب ٿي سگهن ٿا، پر ظاهر طور هڪ وڏو سبب اهو آهي ته 18هين ترميم کانپوءِ هاڻي وفاقي سطح تي وزارتن جو تعداد ڪو گهڻو ڪو نه بچندو. 5 وزارتون ختم ڪري صوبن کي ڏنيون ويون آهن، جڏهن ته 5 کان 6 وزارتن جي صوبن ڏانهن منتقليءَ جو عمل آخري مرحلن ۾ آهي، جڏهن اختيار ئي ناهن ته لک سوا لک جي قومي اسيمبلي يا سينيٽ جي پگهار تي ڪيستائين گذارو ڪيو ويندو. حڪومت کان ڌار ٿيڻ جو هڪ ٻيو سبب اهو آهي ته اتحادين کي خبر آهي ته ملڪ ۾ جمهوري حڪومت جو مدو ٻه کان ٽي سال ٿيندو آهي، هو سمجهن ٿا ته ان کان اڳ ۾ جو حڪومت کي هلائڻ واريون قوتون جلال ۾ اچن ڪجهه نه ڪجهه ڪري وٺجي ته بهتر. اتحادي ڌريون اهو به ڏسن ٿيون ته نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ وچ ۾ هلندڙ جنگ ۾ تيزي اچي چڪي آهي. هڪ طرف نواز ليگ جو چوڌري نثار احمد، پرويز رشيد ۽ اقبال احسن پيپلز پارٽيءَ تي روزانو نت نوان الزام هڻي رهيا آهن ته وري ٻئي طرف وفاقي وزير بابر اعواڻ ۽ فوزياب وهاب پڻ روزانو مسلم ليگ (ن) تي جلهون ڪن ٿا. هونئن به جيڪڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ عددي سياست تي هڪ نظر وجهبي ته خبر پوندي ته ڪنهن به هڪ اڪيلي پارٽيءَ کي حڪومت ڪرڻ جا ڪي گهربل ووٽ ڪونهن، پيپلز پارٽي اڪثريتي پارٽي ضرور آهي، پر کيس اڪيلي سر حڪومت ڪرڻ لاءِ اڃا به 45 ووٽ کپن، جيڪي هو اتحادين کي گڏائي حاصل ڪري رهيا آهن.


ڪرپشن اسڪينڊل ۾ جڏهن وزيراعظم يوسف گيلانيءَ هڪ ٻئي تي ڪرپشن جا الزام لڳائيندڙ ٻن وفاي وزيرن سيد حامد سعيد ڪاظمي ۽ اعظم سواتي کي وزارتن مان برطرف ڪيو ته مولانا فضل الرحمان ڪاوڙجي خلاف توقع حڪومت ڇڏي ويٺو. هونئن ته سندس حڪومت ڇڏڻ سان ڪو حڪومت تي اثر نه پئي پيو، پر مولانا صاحب جي حڪومت ڇڏڻ کان ڪافي ڏهاڙا اڳ ئي متحده قومي موومينٽ جا حڪومت سان ڪي سٺا ناتا نه رهيا هئا. ان کان اڳ ئي متحده جو اڳواڻ الطاف حسين جتي فوج کان “مارشل لا طرز جي ايڪشن” جو مطالبو ڪري چڪو هو اتي ئي هن لانگ مارچ، سمورين پي پي مخالف جماعتن کي گڏ ٿي سياست ڪرڻ جي پيشڪش ڪري چڪو هو. ان دوران جڏهن جي يو آءِ ڌار ٿي ته مخالف قوتن کي ڄڻ ته زندگي ملي وئي. گذريل ٽن سالن کان حڪومت وڃڻ جي ڊيڊ لائين ڏيڻ واريون ڌريون وري جاڳي پيون. انهي عرصي دوران ايم ڪيو ايم هڪ ٻيو ڊرامو ان وقت ڪيو جڏهن ڀٽ ڌڻيءَ جي دراهه تي جلسو ڪوٺائي الطاف حسين جلسي واسين کان حڪومت کان علحدگيءَ جي منظوري وٺي ڇڏي. ايم ڪيو ايم جڏهن ڏٺو ته جي يو آءِ حڪومت کي نه فقط خيرآباد چئي چڪي آهي، پر اها واپس اچڻ لاءِ به تيار ڪانهي ته هنن اهو موقعو مناسب سمجهيو ۽ پهريان وفاقي وزيرن کان استعيفائون ڏياريون، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ هنن اپوزيشن بئنچن تي ويهڻ جو اعلان ڪيو. حڪومت کي ڇڏڻ يا نه ڇڏڻ سياسي پارٽين جو هڪ جمهوري حق ٿئي ٿو پر ٽن چئن مرحلن ۾ حڪومت ڇڏڻ جو طريقه ڪار متحده وٽ ئي آهي.

تنهنجي رمز سهڻا مان ڇا سمجهان

اقرار به آ، انڪار به آ

جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ 88 رپيا في ليٽر پيٽرول جي اگهه تي خاموش رهڻ واري ايم ڪيو ايم حڪومت کان پيٽرول جي قيمت 79 رپيا ڪرڻ تي ڪاوڙجي حڪومت کان ڌار ٿي وئي. ايم ڪيو ايم جي ڌار ٿيڻ سان حڪومت قومي اسيمبليءَ ۾ پنهنجي اڪثريت وڃائي ويٺي هاڻي قومي اسيمبليءَ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن)، پاڪستان مسلم ليگ (ق)، جمعيت علماءِ اسلام (ف)، متحده قومي موومينٽ مخالف ڌر جون جماعتون هيون. جن جون گڏيل سيٽون 186 هيون، جيڪي حڪومتي اتحاد پيپلز پارٽي، اي اين پي، مسلم ليگ (ف)، اي اين پي ۽ ڪجهه آزاد اميدوارن جي گڏيل 156 سيٽن کان وڌيڪ هيون. انهيءَ صورتحال ۾ حڪومت خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻي سگهجي پئي، پر مخالف ڌر جي هڪ ٻئي تي بي اعتمادي ۽ بي اعتباريءَ سبب مسلم ليگ (ن) پنهنجي ٻين پارٽين ق ليگ ۽ ايم ڪيو ايم تي اعتبار ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه هئي. ان جا ٻه سبب آهن، هڪ ته ميان نواز شريف اڄ به پاڪستان جي 62 سيڪڙو عوام (پنجاب) تي پاڻ سڌي ريت حڪمراني ڪري رهيو آهي، هو پيپلز پارٽي جي حڪومت ڊاهي ته ان جو مقصد هن جي پنجاب حڪومت به ڊهندي. ٻيو سبب اهو آهي ته چوڌري نثار ۽ شهباز شريف جي رات جي اونداهي ۾ آرمي چيف سان ملاقات جي باوجود ميان نواز شريف جو هن ڀيري جمهوريت ۽ ان جي استحڪام لاءِ رويو ڏاڍو هاڪاري رهيو آهي. هو جيڪڏهن جمهوري نظام کي ڊي ريل ڪرڻ جي ڪوشش به ڪري ها ته ان جي قول ۽ فعل ۾ تضاد ظاهر ٿئي ها. ميان نواز شريف نه فقط جمهوريت جي استحڪام لاءِ مثبت ڪردار ادا ڪيو آهي، پر هن جي جماعت متحده قومي موومينٽ خلاف قومي اسيمبلي ۽ ان کان ٻاهر ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران چٽو ۽ جرئت منداڻو موقف رکيو. جيڪو نه فقط سنڌ بلڪه سڄي پاڪستان ۾ پسند ڪيو ويو. ايم ڪيو ايم خلاف مسلم ليگ (ن) جي واضح موقف بابت اهو به چئي سگهجي ٿو ته نواز شريف اهو ڀليءَ ڀت ڄاڻي ٿوته سنڌ ۾ پي پي ايم ڪيو ايم اتحاد مان عام ماڻهو خوش ڪونهن، ان ڪري هو ايم ڪيو ايم جي قائد الطاف حسين کي براهه راست تنقيد جو نشانو بنائي دراصل سنڌ ۾ پنهنجا سياسي پير ڄمائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

بهرحال ميان نوازشريف جي سنجيده رويي غيرجمهوري قوتن جو حصلو ٽوڙي وڌو. 28 ڊسمبر تي مخالف ڌر جي بئنچن تي ويهڻ جو اعلان ڪندڙ ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ وري واپس اچي وئي. واپسيءَ جي اعلان لاءِ 7 جنوريءَ تي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلانيءَ نائين زيرو جو دورو ڪيو. حالانڪه 3 جنوري تي ئي متحده واپسيءَ جو فيصلو ڪري ورتو هو. پر هو باعزت واپسيءَ لاءِ رٿابندي ڪري رهيا هئا. جي يو آءِ پڻ حڪومت ۾ واپس وڃڻ لاءِ سانباها ڪري رهي آهي. اڪثر ميمبر مخالف ڌر جي ٻاڙائي برداشت ڪرڻ جي موڊ ۾ ناهن. بلوچستان مان مولانا شيراني ته حڪومت کي ڇڏڻ واري مزاحمت برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ئي ڪونهي. جيڪڏهن مولانا فضل الرحمان هروڀرو مخالف ڌر ۾ ويهڻ جو ضد ڪيو ته جي يو آءِ کي واضح طور تي ٻن ڌڙن ۾ تقسيم ٿيڻ کان دنيا جي ڪا به طاقت روڪي نه ٿي سگهي. سياسي جماعتون ته ڇڏيو، پر ميڊيا گروپ جيڪو حڪومت کي هٽائڻ لاءِ 4 اڳڪٿيون ڪري چڪو آهي، جنهن جي جانبدار رپورٽنگ سبب پيپلز پارٽيءَ بائيڪاٽ ڪيو آهي، ميان نواز شريف جي موقف ان گروپ جي حوصلي جي چيلهه ڀڄي وڌي آهي. چيو وڃي ٿو ته ان گروپ پاران مشهور صحافي نجم سيٺيءَ کي ميڊيا ايڊوائيزر آڻڻ جو مقصد ئي اهو آهي ته اهو ميڊيا گروپ جو حڪومت سان ٺاهه ڪرائي ۽ اهڙي ٺاهه لاءِ ايم ڪيو ايم وانگر ڪو عزت ڀريو دڳ ڪڍيو وڃي.

ايم ڪيو ايم جڏهن حڪومت کي ڇڏڻ جو اعلان ڪيو ته هن جي 8 نڪاتي ايجنڊا ۾ سڀ کان اهم نُڪتو پيٽرول جي قيمتن ۾ لاٿ آڻڻ، جي ايس ٽي کي لاڳو نه ڪرڻ، زرعي ٽيڪس نافذ ڪرڻ، ڪرپشن جو خاتمو ڪرڻ، امن امان جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ جهڙا مطالبا هئا. 7 جنوريءَ تي متحده جي حڪومت ۾ واپسي ٿي ته 9 جنوري تي صدر آصف علي زرداري جي هدايت تي گورنر هائوس ۾ پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ هڪ فالواپ اجلاس سڏائي متحده جي مطالبن تي عمل درآمد ڪرائڻ لاءِ غور ڪيو ويو، هن گڏجاڻي ۾ وفاقي وزير رحمان ملڪ، گورنر ڊاڪٽر عشرت العباد، وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سميت چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾  متحده قومي موومينٽ جيڪي مطالبا رکيا، تن جو حڪومت ڇڏڻ مهل 8 نڪاتي ايجنڊا سان ڪو به تعلق نه هو. اخباري اطلاعن مطابق هن ڀيري ڀائي لوگن جو سڀ کان وڏو مطالبو هو ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جا پراڻا ناظم بحال ڪيا وڃن، جيڪڏهن اهو ممڪن ڪونهي ته مڪاني ادارن جون چونڊون ڪرايون وڃن. ڪراچي ۽ حيدرآباد ضلعي حڪومت جا سمورا رهيل فنڊ جاري ڪيا وڃن. ڪراچيءَ ۾ پوليس کي سندن ماتحت ڪيو وڃي. پوليس ۾ ڀرتين دوران کين چڱو موچارو حصو ڏنو وڃي. سمورن کاتن جي ڀرتين ۾ ڪراچيءَ جو حصو مقرر ڪيو وڃي. لياري گينگ وار جي سرڪرده اڳواڻن کي خاص طور شير شاهه ۾ رتوڇاڻ ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيووڃي. شهري حڪومت کي سنڌ حڪومت زمينون الاٽ ڪري، ڪمشنري نظام آڻن وارين ڳالهين کي ختم ڪيو وڃي. وغيره. مطلب اهو ته مطالبن ڪرڻ وارن کي جيڪي شيون حڪومت کان کپن اهي کلي عام گهري نٿا سگهن. اهي ظاهر ۾ مطالبا ٻيا ۽ ملاقاتن دوران ٻيا مطالبا ڪن ٿا. انهن کي مطالبا مڃرائڻ نه، پر حڪومت ڪيرائڻي هئي،

ان صورتحال دوران صدر آصف علي زرداري جون سرگرميون ڏاڍيون غور طلب رهيون. هو جي يو آءِ جي استعيفائن کانپوءِ 24 ڊسمبر واري شام اسلام آباد ڇڏي اچي ڪراچي پهتو. جيڪو ٻه راتيون لاڙڪاڻي ۽ هڪ ڏينهن گذارڻ سميت ڪراچي ۾ 18 ڏينهن رهيو ۽ 11 جنوري تي ٻيهر اسلام آباد روانو ٿيو. ڪجهه اخبارن لکيو ته صدر کي ڪنهن نجوميءَ صلاح ڏني هئي ته هو جابلو علائقن ۾ رهڻ بدران سمنڊ وارن هنڌن کي ترجيح ڏئي، پر پيپلز پارٽيءَ جا سينيئر اڳواڻ چون ٿا ته صدر زرداري حڪومت ڪيرائڻ وارين قوتن کي اهو تاثر ڏيڻ پئي چاهيو ته هو بلڪل بي نياز آهي. کيس ڪو به فڪر ڪونهي. هي چانهه جي پياليءَ ۾ آيل طوفان آهي، جيڪو جلد ختم ٿي ويندو.

صدر زرداريءَ جي قسمت ڪافي ماڻهن لاءِ قابلِ رشڪ آهي. هو حڪومت ڊاهڻ واري هن سنجيده ڪوششن مان پڻ سولائيءَ سان نڪري ويو،  پر کيس هنن سازشن مان گهڻو ڪجهه سکڻ جو موقعو مليو آهي. ڏسجي ته حڪومت پنهنجا باقي ٻه سال ڪيئن ٿي گذاري.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو