Home / ڪرنٽ افيئر / ٿڌ، ٻوڏ ستايلن جا سُور ٻيڻا ڪري ڇڏيا
above article banner

ٿڌ، ٻوڏ ستايلن جا سُور ٻيڻا ڪري ڇڏيا

سنڌ ۾ آيل ٻوڏ پاڻ سان گڏ انيڪ مصبيتون کڻي آئي آهي. ڪڏهن ٻوڏ ستايل، وقت جا امير ماڻهو، مڇي ماني لائق خاندان ۽ ڪيترا زمينن وارا ڪٽنب دربدر ٿيا آهن، اتي ٻوڏ کانپوءِ خانداني ماڻهو نادرا جي ويهن هزارن واري ڪارڊ لاءِ وڏين قطارن ۾ ڌڪا کائيندي به ڏٺا آهن ۽ وري پنهنجي عزت کي لڪائيندي روزانو جو راشن وٺندي اندر ئي اندر ۾ ڀورا ڀورا ٿيندڙ من جون مک تي آيل ريکائن ۾ وڏا ڏس پتا ڏينديون رهيون آهن.

تازين ٻوڏن کانپوءِ جي حالتن عجيب و غريب ڪهاڻين کي جنم ڏنو آهي. ڪٿي زر ٻرڙو ڳوٺ جيڪو بگو يونين ڪائونسل قبو سعيد خان ۾ آهي، اتي جا پنج ننڍڙا ٻارڙا جن جي عمر 5 کان 6 سالن جي ٿيندي سي جڏهن  پنهنجن ماڳن تي (جيڪي بلڪل تباهه ٿي ويا آهن) موٽيا آهن ته انهن جي اکين ۾ گم ٿي وئي آهي.

هوڏانهن وري لاڙڪاڻي ۾ قائم ٻوڏ ستايلن جي اسٽيڊيم واري ڪئمپ ۾ ننڍڙي عالمان خاتون 5 مهينن جي ٻارڙي تمام گهڻي ٿڌ برداشت نه ڪندي هن جهان فانيءَ مان موڪلائي وئي، هن جو پيءُ گهرام چانڊيو جيڪو قمبر جي جاگير (ڪاڇي) واري علائقي ۾ ويٺل آهي، اُهو پنهنجا مٽ مائٽ ساڻ ڪري اچي ڊي پي او لاڙڪاڻي جي بنگلي ٻاهران احتجاج ڪري اهو چئي رهيو هو ته آخر اسان ڏوهه ڪهڙو ڪيو آهي، جو ههڙي سخت سيءَ ۾ لونءَ ڪانڊاريندڙ ٿڌ ۾ اسان کي پائڻ لاءِ نه گرم ڪپڙا آهن ۽ نه وري ڪي ڪمبل، جي ايئن ٿيندو رهيو ته پوءِ اسان جا ٻچا ڪاڏي ويندا. هن وقت لاڙڪاڻي ۽ ان جي آس پاس ٿڌ جو اهو عالم آهي جو گرمي پد وڃي صرف هڪ ڊگري سينٽي گريڊ کي لڳو آهي ۽ چوڌاري ڪوهيڙي جو راڄ آهي، جو ٽرئفڪ به ٻليءَ پير بتيون ٻاري هلي رهي آهي. ڪچي ۾ ٿڌ جو اثر ويتر آهي، کليل ميدان هئڻ ڪري وڌيڪ آهي ۽ اتي جا ٻوڏ متاثر به تمام برن حالن ۾ پنهنجن گهرن ۾، ڪکن ۾ تيز ٿڌين هوائن جو مقابلو ڪري رهيا آهن.

اسدالله ابڙو لاڙڪاڻي جو روينيو آفيسر آهي، جنهن لاءِ اهو عام تاثر آهي ته اهو ضلعي جي باري ۾ هڪ هلندڙ ڦرندڙ انسائيڪلوپيڊيا آهي، تنهن، هنن ٻوڏ متاثرن سان ان وقت اچي روڊ تي ڳالهايو، جڏهن هو تڪليف ۾ هئا ۽ انهن کي ضلعي حڪومت طرفان 5 هزار رپيا ڏنا ۽ هڪ ايمبولينس ڪرائي ڏني ته ننڍڙي عالمان کي پنهنجي ڳوٺ کڻي وڃي مٽي ماءُ حوالي ڪن. هو ويچارا ته ويا، پر جڏهن هن ليکڪ اسٽيڊيم ۾ قائم ڪيمپ جو جائزو ورتو ته ڪيترائي خيما خالي هئا ۽ جن ۾ ٻوڏ متاثر ويٺا هئا، انهن جي حالت اهڙي نه هئي جو اُهي هيڏي ٿڌ جو مقابلو ڪري سگهن. ٿڌيون، ٿيڏون، تيز هوائون ته اهڙن خيمن مان پسٽ زوڪاٽ ڪنديون گذري رهيون هيون ۽ ان ۾ پناهه ورتل ماڻهو پنهنجون ڳياڙيون کڙڪائي ۽ پنهنجا هٿ سيني سان لڳائي ان جو مقابلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.

انهن جون پٿراڻيون، عام طور تي ٻهراڙين ۾ پلال جون ٺهيون هيون، جڏهن ته رلهيون وڇايون ۽ مٿان سوڙيون وجهيون پنهنجن تنبن ۾ پيا هئا. ههڙي ظلم جي ٿڌ ۾ هي پلال جون پٿراڻيون ڪا جهل نه ڏئي سگهنديون. وقت جي ضرورت آهي ته انهن معصوم ماڻهن جي مدد پر تڪڙي مدد ٿيڻ گهرجي، نه ته هي سيءَ جي لهر خبر ناهي ڪهڙا ڪلور ڪندي.

ٿورڙو پوئتي نگاهه ڊوڙائجي ته اهو منظرنامو نظر ايندو ته هن لاڙڪاڻي ضلعي جنهن ۾ ٻوڏ ته ڪو نه آئي (سواءِ ان جي ڪچي جي) پر ان جي ڀرپاسي، ڳڙهي خيرو، قمبرشهدادڪوٽ، خيرپور ناٿن شاهه مان آيل ٻوڏ ستايلن کي پنهنجي جيءَ م جايون ڏنيون. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ان وقت 860 ٻوڏ متاثرن جون ڪيمپون قائم ڪيون ويون، جنهن هڪ سرڪاري اندازي مطابق هڪ لک 75 هزار ٻوڏ متاثر رهيل هئا. انهن جيتوڻيڪ هن شهر ۾ وقت بوقت مظاهرا ڪري امن مان جي صورتحال پيدا ڪئي، پر پوءِ به انهن کي سرڪار ٻارڙن جي ماهرن، اين جي اوز پاران جيڪو مليو اهو رڪارڊ آهي، پر پوءِ به انهن جون گهرجون پوريون ڪو نه ٿيون، آيو جو سيارو ته هن وري صورتحال ئي مٽائي ڇڏي. ٿڌ اهڙي جو اڳ پيڙهين به ڪونه ٻڌي ۽ انتظامن ۾ ڪجهه ڪوتاهيون به نظر آيون، جنهن ڪري اهڙا موت واقع ٿيا آهن.

لاڙڪاڻي کان نڪري جيڪڏهن شهدادڪوٽ طرف وڃبو ته اتي ته صورتحال بلڪل مختلف آهي. قبي سعيد خان جي ڀر ۾ واقع هڪ ننڍڙي ڳوٺ ۾ پنجن مهينن جو ممتاز بروهي فوت ٿي ويو، فوتيءَ جي والد مولا بخش بروهيءَ چواڻي هن وقت تائين سرڪار انهن کي نه گرم ڪپڙا فراهم ڪيا آهن ۽ نه وري ڪي ڪمبل مهيا ڪيا آهن. هن وڌندڙ ٿڌ ۾ هنن جا ڪکاوان گهر ۽ تنبو سياري جي سٽ سهڻ جهڙا نه آهن، حڪومت کي کپي ته اها جلد مدد ڪري نه ته وڌيڪ موت به ٿي سگهن ٿا.

هڪ سماجي ڪارڪن عبدالغفار پندراڻي ٻڌايو ته هنن هن وقت تائين 900 گهراڻن ۾ سوڙيون ورهايون آهن. جڏهن ته يونيسيف ۽ آڪسفيم طرفان به ٻوڏ ستايلن ۾ تنبو ۽ ڪمبل ورهايا ويا آهن، پر اُهو تمام گهٽ آهي، ڇو ته ٻوڏ جون تباهه ڪاريون تمام گهڻيون آهن، هڪ ٻي سماجي عورت ڪارڪن روبينا چانڊيو جو چوڻ هو ته سرڪار هن وقت تائين ماڻهن ۾ ايترا ڪمبل نه ورهائي سگهي آهي، جيترا ان کي ورهائڻ کپن، هن چواڻي ٻوڏ سبب تباهي تمام وڏي آئي آهي ۽ ان لاءِ امداد به تمام گهڻي ملڻ کپي. هن وقت ماڻهو پنهنجن گهرن ڏانهن موٽيا ته آهن، پر انهن جا ڪکاوان گهر ۽ سرديءَ سان مقابلي جو ڪو به سامان ڪونهي. اهڙين حالتن ۾ هنن پاران هن وقت تائين 1300 سوڙيون ورهايون ويون آهن، پر اُهي ناڪافي آهن، ڇو ته تباهي تمام وڏي آهي. جڏهن اسين گهرن ۾ بند ٿي رهيون ٿا تڏهن به سي محسوس ڪيون ٿا ته توهان ٿورڙو اندازو لڳايو ته ٻوڏ ستايل ماڻهو کليل آسمان هيٺ ڪهڙين حالتن ۾ هوندا، هن مخير ماڻهن، وڏين اين جي اوز ۽ حڪومت کي اپيل ڪئي ته هي وقت آهي ته هنن ماڻهن کي وڌندڙ ٿڌ ۽ ان جي اثرن کان محفوظ رکڻ جو بندوبست ڪجي نه ته ڪجهه به ٿي سگهي ٿو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو