Home / ويندي ويندي / ڀلي پار
above article banner

ڀلي پار

ڇا اسلام ۾ بادشاهت جي ڪا شرعن اجازت آهي؟ جي آهي ته ڪو بحث ناهي، پر ناهي ته پوءِ پاڻ سعودي عرب جي شاهي خاندان لاءِ ڇا سوچينداسين؟


سعودي عرب کي رب تيل جي دولت سان مالامال ڪيو آهي. چون ٿا ته اُتي هڪ لٽر پاڻي جي بوتل مهانگي ۽ تيل سستو آهي. انصاف ته ايترو سستو جو هر جمعي نماز کانپوءِ ماڻهو وندر لاءِ ٿيٽر ۽ سئنيما بجاءِ وڏن ميدانن جو رخ ڪندا آهن جتي ڏوهارين جون سسيون لاهڻ جو تماشو ڏيکاريو ويندو آهي. ان ملڪ ۾عربي کي عجمي تي واضح فضيلت ڏني وئي آهي. ڪو به عربي، ڪنهن به عجمي کي پادر لاهي وٺي سگهي ٿو. کيس ڪو به قانون پڪڙ ۾ نه آڻيندو، جو قانون غيرعربي لاءِ آهي. غيرعربي، يا عجمي، ڀل ابن ڏاڏن کان سعودي ۾ رهيل هجي پر نه اتي جو شهري ٿي سگهندو نه ئي ڪنهن جائيداد جو مالڪ. سدائين سيڪنڊ ڪلاس سٽيزن، پر انهن سعودين جي پاڪستان، خاص طور تي سنڌ سان وڏي محبت آهي. سنڌ ۾ وڏيرن معرفت شڪار ڪرڻ سندن خاص وندر آهي. سعودين جي هڪ ٻي خوبي به آهي مهمان نوازي. دنيا ۾ جتي جتي به عوام ڪنهن آمر کي تڙي ڪڍندو آهي ته ان لاءِ سعودي مهمان خاني جا در کلي ويندا آهن. يوگنڊا واري عيدي امين کان وٺي تيونس جي بن علي تائين، سعودي مهمان نوازي جا مزا وٺڻ وارن جي لسٽ وڏي آهي. پاڻ وارو نواز شريف به مهمان نوازي مان لطف اندوز ٿي چڪو آهي. مشرف کي به اها آفر هئي، پر همراهه جي مزاج جي رنگيني کيس ان ٻُسي ٻُسي مهمان نوازي جي سنگيني کان بچائي وڌو. سو همراهه وڃي لنڊن جا وڻ وسايا، جتي هاڻ سگار جا سُوٽا هڻي پنهنجي مستقبل بابت پيو ڦوڪون ڏيندو آهي. سو ڳالهه پئي ڪئيسين سعودي مهمان خاني جي، ٻڌو آهي ته هاڻ مهمان خاني جو هڪ اڱڻ مصري صدر حسني مبارڪ لاءِ ٻهارجي پيو. چون ٿا ته عرب دنيا جو عوام آمريت ۽ استبداد کان تنگ ٿي تخت ڪيرائڻ ۽ تاج اڇلائڻ تي لهي آيو آهي. ڏسون ٿا ته سعودي عرب جي شهنشاهه کي پنهنجي مهمانن سان گڏ ڪٿي ٿي پناهه ملي؟ واشنگٽن ۾ يا پارا چنار جي ڪنهن مدرسي ۾؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو