Home / سياسي افيئر / ڪراچي: اڌورو نامعلوم آپريشن
above article banner

ڪراچي: اڌورو نامعلوم آپريشن

ڪراچي شايد دنيا جو پهريون عجيب شهر آهي، جنهن جي آبادي 80 سيڪڙو کان وڌيڪ ٻاهران آئي آهي، هن شهر ۾ صرف رهندڙ ئي ٻاهريان نه آيا آهن، بلڪه هتي موسم به ٻاهران نازل ٿيندي رهي آهي. ڪوئيٽا جي ٿڌين هوائن سبب هتي سيارو، عربي سمنڊ جڏهن گرم هوائون کڻي ايندو آهي ته اونهارو ٿيندو آهي. پاڻي هر ساهواري جي زندگي آهي. اوڀر طرف کان سنڌو درياهه جڏهن ته اولهه کان بلوچستان کان وهي ايندڙ حب ندي ڪراچي جي شهرين لاءِ پاڻي کڻي ايندي آهي. اناج ۽ سبزيون وافر مقدار ۾ ملڻ جي باوجود اهي ڪيترائي ميل پنڌ ڪري هتي پهچنديون آهن. هندستان جو علائقو راجستان هن شهر کي گوشت ۽ پاڻي فراهم ڪرڻ جو وڏو ذريعو آهي. جنوريءَ جي ٽئين هفتي ۾ جڏهن هتي زلزلي جا جهٽڪا محسوس ڪيا ويا ته بلوچستان ۾ معروف صحافي عارف بلوچ ڪراچي پريس ڪلب ۾ ڳالهين دوران تبصرو ڪندي چيو ته “ڪراچي کي بلوچستان جي رڻ ڪڇ کان ايندڙ موت خوشقسمتيءَ سان ڇُهي واپس هليو ويو. نه ته ڪراچي جهڙ ي ڳتيل شهر ۾ زلزلي جو نالو وٺڻ سان ئي اهڙو خوف اچي ٿو، جو الله کان توبهه.”  پر جيڪڏهن دهشتگرديءَ کي ڏسجي ته اها هن شهر جي پيداوار لڳي ٿي. دهشتگرد ڪاررواين ۾ نئون اصطلاح “ٽارگيٽ ڪلنگ” ڪراچي جي سڃاڻپ بڻجندو پيو وڃي. گذريل سال 2010ع ۾ سڄي ملڪ ۾ ڊرون حملن ۽ بم ڌماڪن ۾ مارجي ويلن جي تعداد کي جيڪڏهن ڏسبو ته ٽارگيٽ ڪلنگ ڪرڻ وارا انهن کان اڳرا نظر ايندا.

ڪراچيءَ ۾ هونئن ته ٽارگيٽ ڪلنگ واري موسم هاڻي ٻارنهن ئي مهينا جاري رهندي آهي. پر جن ڏينهن ۾ ان ۾ اضافو ٿيندو آهي، انهيءَ دوران جيستائين ٽارگيٽ ڪلر گهرو معاملن واري وفاقي وزير رحمان ملڪ جو ڪراچي ۾ منهن نه ڏسڻ يا اخبارن ۾ سندس گورنر هائوس وڃڻ جي خبر نه پڙهن اهي هرگز هٿيارن کي ساهي ڏيڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. سال جي پهرين مهيني ۾ جڏهن ٽارگيٽ ڪلر روزانو 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي اجل جو شڪار بڻائي اسڪور وڌائي رهيا هئا ته ڪجهه ٽي وي چينلز جي رپورٽرن گهرو معاملن واري صوبائي وزير کان ڪنهن پروگرام ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ کي روڪڻ بابت سوال ڪيو ته هن برملا اظهار ڪيو ته “رحمان ملڪ کي گهرايو.” ڪراچي چيمبر کي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي مشهور خطاب ۾ هن انڪشاف ڪيو هو ته 62 ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جن مان سڀ کان وڌيڪ 26 ٽارگيٽ ڪلرز جو تعلق ڪراچي مان سڀ کان وڌيڪ ووٽ حاصل ڪندڙ جماعت سان آهي. اها ڳالهه ٻه مهينا پراڻي آهي، جنهن کان پوءِ آءِ جي سنڌ پوليس گرفتار ٽارگيٽ ڪلرز جو تعداد 80 کان مٿي ٻڌايو هو. انٽرنيٽ تي موجود هڪ ويب سائيٽ جيڪا انگريزي ۽ اردو ۾ آهي. www.thenewstribe.co.uk ان ڪجهه ٽارگيٽ ڪلرز جا نالا ڄاڻائيندي ٻڌايو آهي ته ٽارگيٽ ڪلرز مان اڪثريت جو تعلق متحده قومي موومينٽ سان آهي، جيڪي ملٽري انٽيليجنس (MI) انٽر سروسز انٽيليجنس (ISI) انٽيليجنس بيورو (IB) اسپيشل برانبچ ۽ ڪرائيم انويسٽيگيشن يونٽ جي اعليٰ اهلڪارن تي ٻڌل ٽيمن جي نگراني ۾ جاچ هيٺ آهن. اهڙن ٽارگيٽ ڪلرز جو چوڻ آهي ته کين مٿان کان ماڻهو مارڻ جون هدايتون ملنديو آهن ۽ هنن اڪثر ماڻهن کي مٿان جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪري ڀتو ڏيڻ کان انڪار ڪرڻ سميت ٻين معمولي نوعيت جي اختلافن سبب قتل ڪيو آهي. انهيءَويب سائيٽ ٽارگيٽ ڪلرز جا نالا پڻ ڄاڻايا آهن، جن بابت سرڪاري يا غيرسرڪاري طور تي اڃا تائين ڪنهن به حلقي ترديد نه ڪئي آهي. سائٽ مطابق انهن قاتلن ۾ متحده قومي موومينٽ جو حبيب الرحمان ولد نجيب الرحمان، متحده قومي موومينٽ جو مراد اختر صديقي ولد منهاج الدين صديقي، ايم ڪيو ايم جو جمال عبدالناصر، لشڪر جهنگويءَ جو وسيم عرف بارودي ولد سميع الله، لشڪر جهنگوي جو ڪي بي محمد عبدالله عرف تيمور ولد ايم رياض شاهد، ايم ڪيو ايم جو طاهر علي عرف توبچي، ايم ڪيو ايم جو عمران عرف لمبا ولد محبوب علي، ايم ڪيو ايم جو شارق نفيس عرف شيري ولد محمد نفيس شيخ، ايم ڪيو ايم جو عاطف رشيد عرف گوهر ولد عبدالرشيد، ايم ڪيو ايم جو عمران عرف اڪو ولد حبيب الله، ايم ڪيو ايم جو انس بن هارون ولد هارون رشيد، ايم ڪيو ايم جو سيد ابو عرفان عرف عرفي ولد سيد ابواسد، ايم ڪيو ايم جو محمد اشتياق عرف سلمان عرفان پوليس وارا، ايم ڪيو ايم جو محمد ياسين ولد عبدالحق، ايم ڪيو ايم جو رضوان محمد عرف خالد چيمبر ولد محمود خان، ايم ڪيو ايم حقيقي جو مقبول حسين عرف مقبوله ولد علي حسن، لشڪر جهنگويءَ جو حافظ اقبال احمد ولد پرويز اختر، لشڪر جهنگويءَ جو آصف رشيد عرف دمبا ولد هارون رشيد، سپاهه صحابه پاڪستان جو ناصر قادري ولد عبدالقدير، سپاهه صحابه جو محمد شعيب ولد محمد علي، عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جو مشوار نواز عرف مشوري ولد انور خان، سپاهه محمد جو سيد علي مهدي عرف سلمان ولد سيد جعفر علي، ايم ڪيو ايم حقيقي جو اظهر علي عرف انڪل، عرف بابو ولد عبدالرحمان ۽ ايم ڪيو ايم حقيقي جو عبدالعزيز انصاري ولد عبدالنصير انصاري شامل آهن.

هن ڀيري جڏهن ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا وڌي ويا ته حسب معمول رحمان ملڪ اسلام اباد مان قرب جا قدم کڻي ڪراچي ڪهي آيو. اچڻ شرط ٻه اجلاس گورنر هائوس ۾ ته هڪ اجلاس وزيراعليٰ هائوس ۾ جيئن ئي سڏايائين ته ٽارگيٽ ڪلنگ وارو جن ٻيهر بوتل ۾ هليو ويو ۽ همراه بوتل کي ڍڪ ڏيندي اهو اعلان ڪيو ته هاڻي ڪراچي جي حساس علائقن ۾ “جزوي ڪرفيو” هڻي آپريشن ڪيو ويندو. جزي ڪرفيو جو ٽرم شايد هن جي پهريون ڀيرو ايجاد هئي، ڇاڪاڻ ته جزوي ڪرفيو مان ڇا مراد هئي، ان جو مقصد اڃا تائين نه ته مرڪزي ۽ نه ئي وري صوبائي حڪومت واضح ڪيو آهي، صوبائي حڪومت ته “جزو ي ڪرفيو” کان شروع کان وٺي بنهه انڪار ڪيو. انهيءَ اعلان جي 48 ڪلاڪن کانپوءِ بهرحال اهو وقت به اچي ويو جڏهن سنڌ ڄاون جزوي ڪرفيو وارو آپريشن به اکين سان ڏٺو. ٿيو هيئن جو رينجرز ڪنهن به اجازت کانسواءِ سڌو سنئون وڃي اورنگي ٽائون جي هڪ علائقي جو گهيرو ڪيو، ٽي کان چار سئو پٺاڻ، بلوچ ۽ ڪجهه سنڌي ماڻهن کي ٻڌي وڃي ٿاڻا ڀري ڇڏيا. رينجرز وارا ته اڄ تائين اهو چون ٿا ته انهن اهم دهشتگردن کي گرفتار ڪيو آهي، پر انهن هن مهل تائين ڪنهن هڪ به دهشتگرد کي ميڊيا يا عدالت آڏو پيش نه ڪيو آهي. ميان نواز شريف جڏهن ملڪ جو وزيراعظم هوندو هو ته سنڌ مان سائين جي ايم سيد کي جڏهن گرفتار ڪيو ويو هو ته تڏهوڪي صوبائي گهرو کاتي ان گرفتاريءَ کان لاعلمي جو اظهار ڪيو هو. تڏهن خبر پئي ته سائين جي ايم سيد جي گرفتاريءَ جو آرڊر تڏهوڪي وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار احمد ڏنو هو. سنڌ جي معاملن ۾ وفاق جي مداخلت ڪا نئين ڳالهه ڪانهي، پر اورنگي ٽائون ۾ ڪيل رينجرز آپريشن صوبي جي مداخلت جو هڪ انوکو طريقو آهي. مون کي آپريشن بابت ڪنهن به قسم جي ڄاڻ نه ڏني وئي هئي نه ئي آءِ جي سنڌ کي ان بابت ڪنهن به قسم جو اطلاع ڏنو ويو هو.” گهرو معاملن وارو صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سنڌ اسيمبليءَ جي ايوان ۾ وضاحتي بيان ڏيندي ٻڌائي ٿو. هن جو چوڻ هو ته “رينجرز کي اختيار سندس صحيح سان جاري ٿيا آهن، جيڪڏهن هو چاهي ته اختيار واپس وٺي سگهي ٿو.” هن جو اهو به چوڻ هو ته هو ان سلسلي ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪري شڪايت ضرور ڪندو. صرف ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ئي نه پر سنڌ جو چيف ايگزيڪيوٽو (وڏو وزير) سيد قائم علي شاهه کي پڻ ان آپريشن کان بي خبر رکيو ويو. “مون کي آپريشن بابت ڄاڻ ڏني وئي هئي ۽ نه ئي وري اجازت ورتي وئي هئي.” وڏو وزير سيد قائم علي شاهه ڀٽ شاهه جي درگاهه تي صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي ٻڌائي ٿو. سنڌ حڪومت جي اهڙي احتجاجي ۽ ڪروڌ کانپوءِ نتيجو اهو نڪتو جو ٻئي ڏهاڙي رحمان ملڪ جو به اهو حيران ڪن بيان ڏنو ته آپريشن بابت کيس پڻ ڄاڻ نه هئي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي حلقن جو چوڻ آهي ته آپريشن حڪومت جي اتحادي ڌر کي راضي رکڻ لاءِ گورنر هائوس جي اجازت سان ڪيو ويو هو.

انگريزيءَ ۾ چوڻي آهي ته Mistake is mistake until it is not repeated (غلطي ايستائين غلطي آهي، جنهن کي ورجايو نه وڃي) وفاق جي مداخلت سبب سنڌ جون حالتون ڪڏهن به بهتر ٿي نه سگهيون آهن. ان ڪري وفاق بار بار غلطيون ورجائڻ بدان سنڌ جي گهرو کاتي اعتبار ڪري ۽ سنڌ جون حالتون سنڌ کي ئي بهتر ڪرڻ جو موقعو ڏئي. ڪراچيءَ جي بيوروڪريسيءَ تي نظر رکندڙ ڌرين جو چوڻ آهي ته ڪراچي پوليس ٻن گروپن ۾ واضح نظر ايندي آهي، هڪڙي ڌر وزيراعليٰ هائوس جي ماتحت ڪم ڪندي آهي ته هڪڙو گروپ وري سي ايم هائوس کي کنگهي ئي ڪو نه، هو گورنر هائوس جي حڪمن جي تعميل ڪن ٿا. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ پوليس کي يڪجا ڪري ڪراچيءَ ۾ هٿيار ڳولهڻ جو آپريشن ڪرڻ کپي. جنهن جي نگراني سٺي شهرت رکندڙ آفيسرن کي سونپي وڃي. ڪراچيءَ ۾ امن واري ڪنجي رحمان ملڪ وٽ نه پر ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا وٽ هجڻ گهرجي. ڪراچيءَ ۾ ماڻهو ڀلي ٻاهران آيا هجن، موسم ڀلي ٻاهران ايندڙ هجي پر گهٽ ۾ گهٽ آپريشن جو حق ته هتان جي حڪومت کي ملڻ کپي ۽ اهو ئي ڪراچيءَ جي مسئلن جو واضح حل آهي. وفاق پنهنجي غلطين کي ڪيترا به ڀيرا ورجائي ورڻو ڪجهه به ناهي. ماڻهو ئي مرڻا آهن، ٽارگيٽ ڪلنگ جي نالي تي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو