Home / ڪور افيئر / ڪراچي ۾ آباد 200 سنڌي وستيون جتي پيئڻ جو پاڻي ميسر ناهي
above article banner

ڪراچي ۾ آباد 200 سنڌي وستيون جتي پيئڻ جو پاڻي ميسر ناهي

اوڀر پاسي کان سج اُڀرڻ لڳو آهي، پراڻي دوري جي لوڪو موٽو اسٽائل آواز ڪڍندي ڪارو دونهون اڏائيندي گذري چڪي آهي ۽ پوئتي دونهون هوا ۾ تحليل ٿي ڪڪرن جي صورت وٺي چڪو آهي،  ڪجهه فيڪٽري مزدور ويجهو ئي موجود  ڀاڻ فيڪٽري ڏانهن وڃي رهيا آهن،  جڏهن ته عورتون پراڻي اسٽائيل جا دِلا پنهنجي مٿي تي کڻي کوهن تان پنهنجي گهرن لاءِ پاڻي آڻڻ لاءِ ٽولين جي صورت ۾ نڪتل آهن.

اهو منظرنامو ڪنهن ٿر جي ريگستاني ڳوٺ جو ناهي، جتي نديءَ جو پاڻي نٿو پهچي ۽ زيرزمين پاڻي تمام گهڻو اونهو آهي، پر اهڙا منظر توهان روزانو ڳوٺ پير بخش ڪلمتي ۾ ڏسي سگهو ٿا، جيڪو گهگهر ڦاٽڪ ويجهو ٺٽي ڏانهن ويندڙ نيشنل هاءِ وي تي موجود آهي.


هن علائقي جي ڀرپاسي اهڙا درجنين مقامي ماڻهن جا ڳوٺ آهن، جيڪي صدين کان آباد آهن، پر اهي اڄوڪي جديد دور ۾ به واٽر سپلاءِ اسڪيمن کان محروم آهن. عام طور تي عورتون ان صورتحال کان وڌيڪ متاثر ٿين ٿيون، ڇو ته اهي ئي پنهنجي ڪٽنبن جي سار سنڀال لهنديون آهن، کين ئي پنهنجي خاندانن لاءِ پيئڻ جو پاڻي، گهرن ۽ ٿانون وغيره ڌوئڻ لاءِ پاڻي به ٻاهران ڀري اچڻو پوندوآهي. ڳوٺ پير بخش ڪلمي جو ته عجيب الميو آهي، اتان جون ڳوٺاڻيون عورتون ٽي ڪلوميٽر پري صديون پراڻي هڪ کوهه تان پاڻي ڀري اچن ٿيون، جيڪو پڻ هاڻي سُڪڻ جي ويجهو آهي.

“ڏينهون ڏينهن ڳوٺ جي آبادي وڌي رهي آهي ۽ کوهه به سڪڻ جي ويجهو آهي، ڪڏهن ڪڏهن ته اسان کي گهڻي وقت تائين کوهه جي ٻيهر ڀرجڻ جو انتظار ڪرڻو پوندو آهي، ڇو ته اسان کان اڳ ۾ ايندڙ عورتن طرفان پاڻي ڀرڻ سبب کوهه خالي ٿي چڪو هوندو آهي، زليخان “افيئر” کي ٻڌايو. ٽيهن ورهين جي اها عورت پنهنجي ڏاڏيءَ کان ٻڌل ڪهاڻين کي ساريندي چوي ٿي ته ڪلاچي (ڪراچي جو پراڻو نالو) مهاڻن جي هڪ ننڍڙي وستي هئي، تڏهن هي کوهه پاڻيءَ سان ڀريل هوندو هو، ڳوٺاڻا به گهڻي تعداد ۾ هوندا هئا، جن ۾ اڪثريت هارين نارين جي هوندي هئي. ڳوٺاڻن کي پنهنجي زراعت لاءِ به پاڻي جام ملندو هو ۽ ڳوٺاڻانهايت خوش گذاريندا هئا.

اهو ڳوٺ نيشنل هاءِ وي کان ٻه ڪلوميٽر پري آهي، ليڪن هاڻي بااثر ماڻهن طرفان زمينون قبضا ڪري اتي گهر ٺاهيا ويا آهن، ليڪن ڳوٺاڻا اڃا تائين واٽر سپلاءِ کان محروم آهن. واضح رهي ته اهو حال رڳو هن اڪيلي ڳوٺ جو ناهي، بلڪه 129 ڪلوميٽرن تي مشتمل ڪراچي جي ساحلي پٽيءَ ۾ 150 مهاڻن جا  ڳوٺ ۽ 200 کان وڌيڪ مقامي ماڻهن جا ڳوٺ زندگيءَ جي بنيادي سهوليتن کان وانجهيل آهن. اهڙين سهولتن ۾ اسڪول، صحت، بجلي ۽ پيئڻ جوپاڻي شامل آهي. “اسان نالي ۾ ته ڪراچي جهڙي وڏي شهر ۾ رهون پيا، پر دراصل اسان ٿر جهڙي هڪ پٺتي پيل ڳوٺ ۾ رهائش پذير آهيون، جتي زندگيءَ جون ڪي به سهولتون ناهن. حاجي سُڪر ڪلمتي چيو.

اهو به نه وسارڻ گهرجي ته پيئڻ جي مٺي پاڻي جا ذريعا جهڙوڪر ملير ندي ۽ روايتي کوهه گهڻو اڳ ئي خشڪ ٿي چڪا آهن، ٻئي طرف ڳوٺن جي آبادي به وڌي رهي آهي ۽ انهن مان اڪثريت انتهائي غريب آهي، جيڪي پيئڻ جو پاڻي خريد نٿا ڪري سگهن. “اسان پاڻي خريد ڪرڻ لاءِ به تيار آهيون، پر ڪو به واٽر ٽينڪر مالڪ ڳوٺ شهر کان پري هجڻ سبب هتي اچڻ لاءِ تيار ناهي.” سڪر ڪلمتي وڌيڪ ٻڌايو.

پيئڻ جو صاف پاڻي نه هجڻ ڪري اڪثر ڳوٺاڻا گدلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن، ڇو ته ڀرپاسي اهو ئي پاڻي موجود آهي ۽ ان پاڻي پيئڻ سبب کوڙ ساريون بيماريون پڻ ٿين ٿيون، جنهن جو گهڻو تڻو شڪار عورتون ۽ ٻار ٿين ٿا.

ٻئي طرف وري ڪراچي جي ڀرپاسي موجود ڪيترين ئي آبادين جهڙوڪر ابراهيم حيدري وغيره ۾ پيئڻ جو پاڻي ته موجود آهي، پر پاڻي مافيا، ٽئنڪر مافيا اهو پاڻي غيرقانوني طور چورائي وڪرو ڪري رهيا آهن، جنهن سبب رهواسي پاڻي جي کوٽ خلاف مظاهرا ڪندا رهندا آهيون. ليڪن پير بخش ڳوٺ جو مسئلو بنهه مخلتف آهي، ڇو ته اتي واٽر سپلاءِ آهي ئي ڪانه. هن ڳوٺ جي رهواسين چواڻي يونين ڪائونسل، ٽائون انتظاميا طرفان سندن ڳوٺن سان ماٽيجي ماءُ وارو سلوڪ ڪندي کين سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي.

ياد رهي ته ڪراچي جي ڀرپاسي رهندڙ اهي ڳوٺاڻا عام طور پ پ جا ئي ووٽر آهن، جڏهن پ پ جي حڪومت ايندي آهي تڏهن سندن اميد ڪر موڙي اُٿندي آهي ته هاڻي کين گهٽ ۾ گهٽ واٽر سپلاءِ جي سهولت ته ملندي، پر ايئن ڪڏهن به ناهي ٿي سگهيو. اسان جي علائقي ۾ تمام گهڻيون فيڪٽريون آهن، جيڪي تمام گهڻو پاڻي کڻي رهيون آهن، ليڪن حڪومت ڳوٺن کي ان سلسلي ۾ اهميت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. پ پ جا ووٽر هجڻ سبب اسان پ پ جي قيادت کان به مطالبو ڪريون ٿا ته ڪراچي جي ڀرپاسي موجود ڳوٺن کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪرڻ وارو مسئلو حل ڪيووڃي. هڪ جهور پوڙهي حسين ڪلمتي چيو پئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو