Home / ڪور افيئر / 107هين سالگرهه جي موقعي تي ڀيٽا سيد جي ساڃاهه
above article banner

107هين سالگرهه جي موقعي تي ڀيٽا سيد جي ساڃاهه

سنڌوءَ جي ساڃاهه جهڙا اهم ڪتاب لکي، سيد پوريءَ ريت ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌي قوم ۾ سنڌ شناسيءَ جو جذبو ۽ ذوق پيدا ڪري سگهجي، اهڙيءَ ريت سيد ڪيترائي بنيادي اهميت ۽ نوعيت وارا ڪتاب لکي خودشناسي، خلق شناسي کان خدا شناسيءَ تائين فڪري ۽ نظرياتي رهبري ۽ رهنمائي ڪئي آهي.

جيئن هر زماني ۽ دور کي پنهنجو مزاج، رنگ ڍنگ ۽ طور طريقو ٿئي ٿو، تيئن ئي ان مخصوص دور جي اثر ۽ پسمنظر ۾ هر انسان جو پنهنجو پنهنجو نرالو ۽ منفرد ڪردار، مزاج ۽ طور طريقو ٿئي ٿو. لڳ ڀڳ گذريل ويهين صديءَ جو پورو دور ۽ ان ۾ پيش ايندڙ اهم واقعا ۽ تاريخي تبديليون، انهن جا گهرا اثر ۽ نتيجا سائين جي ايم سيد جي منفرد ڪردار، مزاج ۽ طور طريقن کي سمجهڻ ۾ ڪافي مددگار ثابت ٿين ٿا. مثال طور پهرين ۽ ٻين مهاڀاري جنگ، آڪٽوبر انقلاب، اولهه جي تهذيب ۽ تمدن ۾ بنيادي تبديليون، صنعتي انقلاب جي ترقي ۽ اُڀار، غلام قومن جي آزاديءَ جي تحريڪن جو لڳاتار هڪ سلسلو، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وارو تاريخي انقلاب، سياسي ۽ اقتصادي بحرانن جا طوفاني واقعا، عالمي طور تي وڏين قوتن جي وچ ۾ ٺاهه ۽ نوان معاهدا، اسرائيل ۽ پاڪستان جهڙن ملڪن جو ٺهڻ، نون ۽ پراڻن دورن جي ڀڃ ڊاهه، ڪيترن ئي قسمن جا ازم ۽ فلسفا، مذهب ۽ دهريت جا رجحان، ترقي پسند ۽ سماج سڌار تحريڪون، عوامي سجاڳي جي نتيجي ۾ برپا ٿيل تاريخي تبديليون ۽ انقلاب، عظيم تر غيرمعمولي شخصيت جا تاريخ تي فيصلاڪن اثر، آرٽ ۽ لٽريچر جا شاهڪار ۽ تخليقي مثال ۽ ڪارناما ٿيڻ وغيره. مطلب ته انسان جي گهڻو ڪري پوري جي پوري داخلي ۽خارجي دنيا ۾ آيل ايڏي وڏي پئماني تي تغير ۽ تبديلي وارو اهو زمانو سيد جي مطالعي، مشاهدي ۽ تجربي جي دائري ۽ احاطي ۾ اچي وڃي ٿو. فطري ڳالهه آهي ته اُهي سڀئي اثر جڏهن سيد جهڙي حق جي ڳولائو ۽ حساس طبيعت رکندڙ جذباتي ۽ آدرشي انسان تي پون ٿا تڏهن وڃي اهڙين عطيم ۽ لازوال تاريخي شخصيتن جو وجود عمل پذير ٿئي ٿو. جڏهن ته ٻئي طرف وري سنڌ جي هزارين سالن جي تاريخ ۽ شاندار تهذيبي روايتن ۽ انهن جي اثرن جو هڪ پورو سلسلو ۽ داستان آهي، جيڪو سيد جهڙي شخصيت کي سمجهڻ ۾ اڃا وڌيڪ بنيادي ڪردار ادا ڪري ٿو.


هونئن به هر دور جا حاوي رجحان پنهنجي پوري زور ۽ طاقت سان انفرادي توڙي اجتماعي زندگيءَ تي پنهنجا اڻ مٽ نشان ۽ اثر نقش ڪن ٿا. مثال طور: هڪ طرف اعليٰ جذبات ۽ آدرشي خيال ۽ انهن جو پنهنجو هڪ پورو دائرو ۽ سلسلو ٿئي ٿو. جڏهن ته ٻئي طرف وري ادنيٰ، پست يا سڦلي ۽ جبلي جذبات ۽ خيالن توڙي سوچن جو به پنهنجو هڪ پورو سلسلو ۽ دائرو ٿئي ٿو.

تنهن ڪري ٻنهي مختلف ۽ الڳ الڳ ويچار ڌارائن ۽ سوچن جي دائري ۽ اثر ۾ آيل شخصيتن، گروهن، سماجن، قوتن ۽ انهن جي برپا ڪيل تحريڪن ۽ تنظيمن جي تاريخ ۽ تربيت پڻ انهن اثرن کان خالي نه ٿي رهي سگهي.

ان ڪري هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ جي ساڃاهه وندن ۽ خاص طور تي قومي جدوجهد هلائيندڙ قيادت، ڪارڪنن ۽ عوام اندر سيد جي ساڃاهه جي حوالي سان به هڪ ڀرپور بحث مباحثي جو سلسلو شروع ڪيو وڃي ته جيئن ان روشني ۽ پس منظر ۾ اسان جو انفرادي ۽ اجتماعي قومي ڪردار به جڙي سگهي ۽ اسان جي قومي جدوجهد مقدار توڙي معيار جي لحاظ کان اڳتي وڌي سگهي.

ان لاءِ ضروري ۽ لازمي آهي ته سيد جي تاريخي شخصيت ۽ سندس ڪردار جي جذباتي، روحاني ۽ نفسياتي ترڪيب، ترتيب ۽ تڪميل وارن رجحانن ۽ لاڙن کي تفصيلي طور سمجهڻ جي جستجو ۽ جاکوڙ  ڪئي وڃي. مٿي ذڪر ڪيل ٻن مکيه سوچن ۽ خيالن جي حوالي سان ڪجهه تفصيل بيان ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿئي ٿي.

1. اعليٰ آدرشي جذبات ۽ ويچار

2. ادنيٰ، پست، سفلي جذبات ۽ خيال

ترتيبوار ٻنهي مختلف موضوعن کي سادي نموني هيئن بيان ڪري سگهجي ٿو ته پهرين قسم جا جذبات ۽ خيال ڪنهن به انسان ۽ شخصيت توڙي معاشرن ۾ تعميري سوچ، اعليٰ ڪرداريت ۽ انقلابي تبديلين جي تشڪيل ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. جڏهن ته ٻئي قسم جا يعني ادنيٰ ۽ پست خيال سِفلي جذبا ۽ سوچون انسانن، سماجن ۽ شخصن ۾ تخريبي سوچ، منفي ڪرداريت ۽ رجعتي سوچ، جنونيت توڙي جاهليت ۽ انتهاپسنديءَ جهڙن رجحانن ۽ لاڙن جي تشڪيل ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ٿا.

ڇاڪاڻ ته مجموعي طور تي سيد هن خطي اندر پهرين سوچ يعني اعليٰ ۽ آدرشي جذبن ۽ خيالن جو نمائندو پئي رهيو آهي، تنهنڪري سيد جي فڪر ۽ فلسفي ۽ سندن پيش ڪيل سنڌ جي آزاديءَ واري نظرئي، پيغام سنڌ واري تاريخي “مشن” ۽ پروگرام جي تشريح، وضاحت ۽ پرچار ج تفصيلي جائزو وٺڻ سان ثابت ٿئي ٿو ته سيد جي فڪر ۽ نظرئي ۾ تعميري سوچ، اعليٰ ڪردار ۽ انقلابي تبديلين تي گهڻو زور ڏنل آهي، وحدت فڪر ۽ وحدت عمل جهڙا اصطلاح ڪم آندل آهن. مجموعي طور تي سيد جي فڪر هيٺين ڳالهين اُصولن، آدرشن، مقصدن ۽ خيالن کي بار بار ورجائي سنڌ جي سماج ۽ قوم اندر ۽ خاص طور تي قومي هلچل سان لاڳاپيل ڪارڪنن توڙي اڳواڻن ۾ اعليٰ ۽ آدرشي رُجحانن کي اُڀاري کين صالحين ۽ خادمين سنڌ بڻجي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ آماده ڪيو ويو آهي.

مثال طور: پنهنجي وطن ۽ قوم سان وفادار ۽ سچو رهڻ لاءِ ابن الاوقتي، ۽ موقعي پرستيءَ جهڙن رجحانن کي شڪست ڏيڻ، خوف ۽ لالچ جهڙين ڏکين آزمائش مان پار پوڻ، قرباني، وفاداري، بهادري، سچائي، بلند اخلاقي، خودداري، برداشت، عدم تشدد، رواداري، روشن خيالي، فراخ دلي، درگذر، انسانيت، شرافت، خودشناسي، خلق شناسي، خداشناسي، حسن ۽عشق کي رهنما بنائڻ جهڙا جذبات ۽ خيال هر هنڌ هر جاءِ هر ڪتاب ۾ ورجايل آهن ته جيئن اعليٰ مقصد ۽ مشن کي ماڻي سگهجي. ٻئي طرف سيد جي مخالف ڪيمپ توڙي هن ملڪ اندر مجموعي طور تي گهڻو ڪري اعليٰ ۽ آدرشي جذبات جي نفي ڪندي هتان جي قابض، ڦورو ۽ استحصالي قوتن پاران هميشه ادنيٰ، پست، بازاري سوچ، خيالن ۽ رجحانن کي اڳتي وڌائڻ ۾ رياستي ۽ حڪومتي ادارن ۽ قوتن جي پشت پناهي پئي رهي آهي. جنهن منفي ۽ تخريبي سوچ، هر قسم جي انتهاپسندي، خودغرضي، مذهبي جنونيت، اقتدار، دولت، شهرت جي حوس، چالو ۽ بازاري ڳالهيون، ابن الوقتي، دوکو، منافقي، نفرت، وحشت، دهشت، ظلم، ناانصافي، جهالت، تشدد، ڏيکاءَ ۽ نماءَ، صحيح اصولن جي غلط تشريح جهڙيون بيماريون ۽ رجحان حوالي ٿيندي نظر اچن ٿا. زندگيءَ جائز ۽ ناجائز جي حاصلات جي ڊوڙ ۽ مقابلي ۾ رڳو کٽڻ ۽ جيتڻ ئي سڀ ڪجهه آهي. ماد ترقي پوري جاهه و جلال، چمڪ، دمڪ، رنگينيت ۽ رونقن سان انساني حواسن تي ڇانيل آهي.

هن اڄوڪي نئين دور جي نئين تهذيب تي ظاهر ڳالهه آهي ته آرٽ کان وڌيڪ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي حاوي قوت آهي.

هڪڙي ڀيري ان وقت جي آمريڪي صدر بل ڪلنٽن پنهنجي دوري دوران ترڪي، اٽلي، يونان مان ٿيندو ڪوسوو پهچي اتي جي البانوي نسل جي ماڻهن سان مخاطب ٿيندي چيو ته:

“انسان جيڪڏهن ڪميونيڪيشن/انفرمينشن، ڪمپيوٽرٽيڪ، انٽرنيٽ جي سحرانگيز ترقين ۽ معجزاتي ڪارنامن جي باوجود اڃا تائين پنهنجي اوائلي وحشتناڪ جذبن، خونخوار جبلتن جي تابع رهندو، جيڪڏهن هو نسلي، مذهبي تعصن ۽ نفرتن جي ور چڙهيل هوندو ته انجي انسان دشمن روين ۾ گهٽتائي نه ٿيندي  ۽ اهڙي صورتحال ۾ انسان جا هن ڌرتيءَ تي امن، سڪون ۽ رواداريءَ سان گڏ گذارڻ جا خواب ۽ آدرش مسلسل چڪناچور ٿيندا رهندا.”

مٿي بيان ڪيل حوالو سنڌ جي يگاني عالم ۽ گمنام ڏاهي انسان حيدر علي لغاريءَ جي ڪتاب “ڪُڇان ڪڄاڙو” تان ورتل آهي. ساڳي ڪتاب ۾ هو وڌيڪ لکي ٿوته “انسان پنهنجي جديد علمي، فني سائنس ۽ سياسي اعجاز جي باوجود داخلي طور /نفسياتي طور بيحد غيرمتوازن وجود آهي. سندس فڪر و جذبات جو ميزان وڏي بحران ۾ مبتلا آهي. اصولن، آدرشن، اخلاقي قدرن جي پامالي عالمي توڙي مقامي سطح تي جاري آهي. انصاف ۽ ايمان اڃا يتيم ۽ لاوارث آهن. مڪاري ۽ منافقي انسان جي رڳن ۾ رت جيان روان دوان آهي. وفا، مروت ۽ حيا گهاٽي جو سودو آهي.”

عالمي توڙي مقامي سطح انسان جي داخلي ۽ خارجي بحران جي جهلڪ ڏسڻ کانپوءِ وري اسين اچون ٿا سيد ۽ سندس تعليمات جي روشنيءَ ۾ پنهنجي قومي سماج، ڪردار، سوچ ۽ عمل جي جائزي ڏانهن جتي پڻ وفا، مروت ۽ حيا گهاٽي جو سودو بڻيل آهن. تنهن ڪري “سيد جي ساڃاهه” ۽ سندس فڪر جي روشنيءَ ۾ صحيح واٽ وٺي هلڻ سان ئي منزل ۽ مقصد جي حاصلات ۽ تاريخي “مشن” ماڻن جو راز سمايل آهي.

مستقبل جي سياست ۽ جدوجهد جي حوالي سان سائين جي ايم سيد پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ ٽي اهم لفظ استعمال ڪيا آهن. جن جي تشريح ۽ ڀرپور تاويل پڻ سنڌ جي ڏاهي عالم سائين حيدر علي لغاري مون کي پنهنجي هٿ اکرن سان لکي موڪلي هئي ۽ پوءِ اهو تفصيل ۾ سندن شاهڪار ڪتاب “ڪُڇان ڪُڄاڙو” ۾ شامل آهي، وري ڪنهن ٻئي مضمون ۾ انهن تي تفصيل سان لکڻ جي ڪوشش ڪبي، اهي ٽي مختصر پر تمام وڏا ۽ گهرا لفظ آهن:

1. تدبر

2. فهم

3. فراست

پاڻ جيڪڏهن سيد جي مٿي ڄاڻيل ٽن اهم نُڪتن  کي پنهنجو سونهون بڻايون ته يقيني طور منزل جي حاصلات آسان ٿي ويندي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو