Home / افيئر / !ڍَولُو وزير!
above article banner

!ڍَولُو وزير!

اُهي جيڪي سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ نوڪري ڪن ٿا يا ڪَمين ڪارين اُتي ايندا ويندا رهن ٿا، سي مانواري ڍَولُو وزير کان ڀليءَ ڀت واقف آهن. هُو ڪو افسانوي ڪردار نه پر گوشت پوست جو جيئرو جاڳندو انسان آهي. پ پ جي هاڻوڪي سرڪار کان اڳ اُتر سنڌ ۾ تعليم يا خوراڪ کاتي جو ننڍڙو ملازم هو. “صاحب” کي جناب زرداري صاحب سان ويجهڙائيءَ ڪري شهري سهولتن سان لاڳاپيل سڻڀي وزارت ملي ته ڍَولُو هن جو ذاتي سيڪريٽري مقرر ٿيو. ڇا جو قائدو، ڇا جي ميرٽ! پوين ٽن سالن کان منسٽر محترم خفن کان آجو. سيڪريٽري ڍَولُو سمورن معاملن کي سنڀاليندڙ. پٽيوالي جي بدليءَ کان وٺي ڊائريڪٽر، ڊپارٽمينٽل سيڪريٽريءَ جي چونڊ تائين- سڀ سندس حوالي. گارين جي ڌُم. ڏيتي ليتي جا کرڙا. اخبار وارا به ساڻس ئي ڳالهين ته بلاول هائوس جا خرچ کاٻارا به پاڻ ئي ڄاڻي. ڪنهن يونين ڪائونسل يا تعلقي تي مرضيءَ جو عملدار رکرائڻ ڪاڻ ايم پي اي، ايم اين اي پڻ سندس ڳيجهو. ڪيترائي ڀيرا پارٽي گڏجاڻين ۾ هُن جو نالو کڻي دانهون ڪيون ويون. چون ٿا ته چيئرمين هڪ به نه ٻڌي.

ايم ڪيو ايم وارن جي شروع کان ڍَولُو جي وزارت تي اک هئي. پرويز مشرف جي وقت اٺن سالن تائين سندن ملڪيت رهي. دشمن جو ڌڪ نه وسارجي. هنن جا ڪي “اصول” ضرور هئا. پئسن جي ريل پيل اڃا گهڻي هئي. تعلقي سطح تي مقرريءَ جا پنجاهه هزار کن ٿي ورتائون. پوسٽنگ بعد جيستائين ڪا وڏي شڪايت سامهون نه اچي اجائي بدلي يا گهر ويهارڻ جو رواج نه هو. عيد برات سيڪريٽريٽ جي خرچ لاءِ فون ٿي آئي يا وري پرويز مشرف جي ڪنهن جلسي لاءِ گاڏين جي بندوبست جو حڪم ٿي ٿيو.حڪومتي لڏي جي ميمبر صوبائي اسيمبليءَ کي خوش رکڻ جو چيو ٿي ويو وغيره. ڊرائيور، ڪلارڪ، ناظم، ٺيڪيدار کان وٺي بئنڪ مئنيجر تائين سنڌين جو ستابو گروهه پئدا ٿيو. شهرن ۾ ڀائي لوگن جا جاوا هئا. ٻهراڙيءَ منجهه ڪُوڙا روڊ رستا، پاڻيءَ جون اسڪيمون ۽ ڪميونٽي مرڪز فائلن جو حصو ٿيا. آڊٽ وارن الڳ ڪمايو. ڪائونسلر تائين وچولي طبقي ۽ ننڍن وڏيرڙن گهر جوڙايا، گورنمينٽ جا ٽريڪٽر سندي ٻنين تي هلايائون. لکن ۾ تيل جا بل نڪتا. ڪانٽيجنسي يا ريزڪي خرچ جي نالي ۾ کاٽ هنيا ويا. ڪچيون ملازمتون ڏيکاري پگهارون گُم. بئنڪ ۾ ويهي ڪراس رد ڪري، چيڪ ڪئش ڪرائڻ. پُوري هڪ ڏهاڪي کان کيڏاڙ جاري آهي. اختيارن کي هيٺين سطح تائين منتقل ڪرڻ جي ڏٽي کانپوءِ پئسن جي قسطن تي سڌو اڻ سڌو ضابطو نهايت مٿين ليول تي رهيو. جنهن سرڪار جو ڪٽڻپو چڱيءَ ريت ڪري ڏيکاريو اُن لاءِ اضافي گرانٽ جي شڪل ۾ دَش ڪُش الڳ. ڪا پڇائي ڪا نه ته سماجي ترقيءَ ڪاڻ ڪهڙا اُپاءَ ورتا ويا.

حڪم ٿيو ته سنڌ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ مهم هلائڻي آهي. صدر صاحب جا ڪُٽڻ گاڏين ۾ ماڻهو سَٿي مَڪلي، مٽياري ۽ دادوءَ پهچي ويا. اها ڪا چار صديون اڳ جي ڪٿا ٿوروئي آهي. چار پنج سال پهريائين جو واقعو آهي. ايشيا جي ماڊل سياسي پارٽي ڪوٺجندڙ حق پرستن کي چيو ويو ته چيف جسٽس ايئرپورٽ کان ٻاهر قدم نه رکي. سموري ڪراچيءَ ۾ سندن ئي حوالي ٿيل وفاقي شپنگ منسٽريءَ جا ٽئنڪر بيهاري رت جي راند رَهي وئي. ٽن ڪلاڪن اندر پنجاهه ماڻهو ڍيري. وڪيلن جي بلڊنگ کي باهه. سنڌ هاءِ ڪورٽ جو گهيراءُ. ۽ پوءِ، شپنگ هيڊڪوارٽر ۾ رڪارڊ ساڙيو ويو. پرويز مشرف مدهوش ٿي سرعام عوامي جلسن ۾ نچندو رهيو. ٻارهين مئي جي ڳالهه آهي. پاڻَ وارو ڍَولُو تڏهن اُترسنڌ ۾ تعليم يا خوراڪ کاتي ۾ ننڍو ملازم هو. “صاحب” لاءِ ڪارن شيشن واري گاڏين ۾ هُڳاءُ ڇڏيندڙ بُتَ ۽ اڇي ڳاڙهي پاڻيءَ جا ڪُونر آڻڻ نيئڻ جي سَيوا ۾ رُڌل. روزانو “هڪ اخبار” پڙهندڙ. لڱن مان سيسڙاٽ ڪڍندڙ خبرون. قومي غيرت جو احساس منجهس پڻ جاڳندڙ. بينظير شهيد ٿي وئي. اوڇنگارون ڏئي رُنائين. اليڪشن ٿي محترمه جي نالي تي صاحب لاءِ ووٽ گهُرڻ ويو. جهَر جهنگ ۾ مهم هلايائين. ڪراچيءَ پهتا ته وڏ وزارت تي اک هُئن. سائين بادشاهه جي وزيراعليٰ ٿيڻ بعد ڍَولُو پورو هڪ لٽر پيتو. سڄي قومي غيرت، اُلٽيءَ ۾ ڪڍيائين. سڀ کان سَرس ڏوڪڙن واري وزارت ملڻ کانپوءِ صاحب کي بي فڪر ٿي آرام ڪرڻ جو چئي پاڻ سنڌ سيڪريٽريٽ پهتو. رستي ۾ انوکي طرح جون گاريون ويچاريندو رهيو. عملدارن کي جيترو وڌيڪ گهٽ وڌ ڳالهائبو اوتري ئي چڱي موٽ ملندي. سنڌي اسٽيبلشمينٽ جو حصو ٿي آزاد ٿي ويا. پنهنجي ماڻهن کان ئي سهولتون کسي ڀڀ ڀرڻ لڳا. “پاڪستان کپي!” – چوڌاري ٻڌڻ ۾ آيو.

ناظمي نظام رڪاوٽ هو. ٽي ايم اوز سرڪاري نوڪر آهن ڪيڏانهن ويندا. نيٺ ناظم به هليا ويا. پنجاهه هزار رشوت عيوض ملندڙ پوسٽنگ چار پنج لک تي پهتي. مهانگ به ته وڌي ويو. ناطم جا پاور اَٺَ ڏَههَ ٻارهن لکن ۾ کپڻ لڳا. سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ ڍَولُو پٺيان مقرريءَ جي خواهشمند ماڻهن جا اٽالا. هن جي وات مان گارين جي ڳَئِي. پئسا ڏيڻ کانپوءِ به پوسٽنگ جي ڪا پَڪَ نه. اڄ رکڻ جو آرڊر ته صُبحاڻ اهو وري ڪئنسل. نوٽن جون پيتيون. جمهوريت سڀ کان وڏو بدلو آهي.

ڪراچي ۽ حيدرآباد کي هٿ ئي ناهي لائڻو. نائن زيرو وارا پاڻ لسٽ ڏيندا. حق پرست ايم پي ايز، ايم اين ايز ڄاڻين ته اُتان جون ٽي ايم ايز. ڀائي لوگ، متحده جي جهنڊي هيٺ گهڻ لساني، قومي ۽ سيڪيولر ٿي ويا آهن. شهر جو هر ڀنگي سندن اقليتي ونگ جو ميمبر، عهديدار. صفائي ناهي ڪرڻي. پئسا اڳ کان جهَجهَا ڪمائڻا آهن. بدنام پيپلز پارٽي ٿيندي. “اسان هئاسين ته ايئن ڪو نه هئو. موٽنداسين ته ايئن نه ٿيندو.” – ناظم آباد، لالوکيت مان ووٽ ورتا ويندا. ووٽ ته خير هونءَ به ملندا. نه ملندا ته به ملندا. ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ “جيئي مهاجر.” باقي جڳ ۾ “جيئي متحده”.

سيڪريٽريٽ ۾ ويٺل ڍَولُو جي سَنڌ مٽياري ۽ مانجهند کان پريان آهي. ماڻهو هٽائبا. ماڻهو رکبا. خبر ناهي حڪومت ڪڏهن هلي وڃي. هاڻ ته بينظير به ڪانهي. ٻيهر هتي پهچڻ جي اُميد ئي ناهي. ڌڻيءَ پاران مزي وٺڻ ۽ ترقي ڪرڻ جو آخري موقعو آهي. صاحب دُبئي هليو ويندو. ڍَولُو به اوڏانهن ئي اُسهندو. فليٽ جي قسط اَسي هزار رپيا مهينو. ٻن ورهين ۾ چاٻيون ملي وينديون. ٻار اُتي رهائبا. هُن سڄو پروگرام جوڙي سيوهڻ جو رُخ ڪيو. چار ديڳيون لاهي دُعا گهرندو. جمهوريت جي انتقام کي ٻه سال وڌيڪ هلڻ کپي. دُبئي ۾ سونارڪو دوڪان کولبو. ايمانداريءَ سان ڪاروبار کي ڄمائبو.

کيس ڍَولُو وزير ڪوٺجي ته بهتر ٿيندو. منسٽري جي اڇي ۽ ڪاري جو مالڪ. پيپلز پارٽي پنهنجي انجام تي پڄڻ واري. اسلامي سوشلزم جي تبليغ جا چاليهه سال. لينن جي ڪميونسٽ پارٽي ختم ٿي سگهي ٿي. سوويت يونين ٽُٽي سگهي ٿي. ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. ڍَولُو دُبئي ۾ سونارڪو دوڪان کوليندو. ٻئي، ٽئين، چوٿين نسل تائين عرب ٿي ويندو. سنڌ جي ڪهڙي خبر تڏهن ڇا حال هُجيس.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو