Home / ڪرنٽ افيئر / !نالي ۾ نهال پنجاب جي ترقي پسنديءَ جو سج لهي ويو
above article banner

!نالي ۾ نهال پنجاب جي ترقي پسنديءَ جو سج لهي ويو

مبارڪون ونڊيندڙئو، ڪُسڻ جي رت اچي وئي……..

بطور مذهبي رياست هي ملڪ ماشاالله ٻيڻي چوڻي ترقي ڪري رهيو آهي. هوڏانهن هندو قومپرستي جنهن ريت ڀارت جي رياستي پاليسيءَ جو حصو بڻجي رهي آهي تنهن اتان جي سيڪيولرازم جو پتلي تماشو پورو ڪري ڇڏيو آهي. هي ورهاڱي کان پوءِ گريٽ گرينڊ ٻه ــ قومي نظرئي جون نيون فتحون آهن.

ڪي عقل جا انڌا سمجهندا هئا ته بنگلاديش ٿيڻ سان ٻه ــ قومي نظريو بنگال واري کاهيءَ ۾ ٻڏي ويو آهي…… پر بنگالين جي اها عليحدگي فقط اقتصادي مشڪل کي آسان ڪرڻ لاءِ هئي. اها من گهرئي (مولوي) مشتاق کان جيئري جدائي ڪين هئي. هو اسلام آباد جي رپئي مان خوش نه هئا، پنجويهه ورهين جي روڄ راڙي ۽ وڏي ماراماريءَ بعد هنن پنهنجو پراڻو ٽڪو چالو ڪرائي ڇڏيو. “صبح ڪا ڀولا اگر شام ڪو گهر واپس آجائي تو اسي ڀولا نهين ڪهتي!” ڍاڪا پنهنجي ڦڪائي وندرائي ساڳي سنگت ڏانهن موٽي آيو. هن وقت بنگالي سوسائٽي خيرن سان ننڍي کنڊ جي سڀ کان وڌيڪ انتها پسند ۽ مذهبي ٻوسٽ واري سوسائٽي بڻيل آهي. نذرل گيتيءَ جو پڙاڏو الوپ ٿيو…. گهٽيءَ گهٽيءَ ۾ شبينه مجلسون جاري آهن…. قاضي فيض محمد جهڙن ماڻهن جي هن پروجيڪٽ تي ڪيل سموري سيڙپ ٻڏي وئي. اڄ ٻه ــ قومي نظرئي جا سڀ کان وڏا وڪيل بنگالي آهن. سياسي جاگرافيءَ سان ٿيل هن خونخوار تجربي ثابت ڪيو ته ورهاڱي جي ڀلي ويتر ورهاست ٿئي، ڀلي ٻن مان وڌي ٽي رياستون ٿين، پر ننڍي کنڊ جو سياسي سپر اسٽرڪچر ٻه ــ قومي نظريو ئي رهندو.

۽ ائٽم ئي مادي جو اهو آخرين جزو آهي جنهن کي وڌيڪ ورهائي نٿو سگهجي. ورهاڱو در ورهاڱو در ورهاڱو ……. همين ڪيا برا ٿا مرنا اگر ايڪ بار هوتا!

حيرت ٿئي ٿي ته 1947 کان اڳ توڻي پوءِ اهي علائقا جيڪي هندستان جي اتر ۾ هئا تن جي ماڻهن کي هڪ ٻئي جون سسيون لاهڻ جو ڪيڏو درد هو. مسلمان چون ته 800 سال هندن مٿان حڪومت ڪئي اٿئون، هاڻي انهن سان برابريءَ واري سطح تي گڏ رهڻ ممڪن ڪونهي. ڪن مولوين جو چوڻ هو ته جتي اوهين پهريان حاڪم رهيا هجو اتي اڳتي هلي جيڪڏهن غير مسلم رعايا توهان جي برابريءَ تي اچي وڃي ته ان سان گڏ رهڻ غير اسلامي آهي. اقبال صاحب فرمائي رهيا هئا ته گڏيل هندستان اندر ڪجهه علائقن کي “هڪ ساريکو” ڪري ون يونٽ وانگر پاڻ ۾ ضم ڪري، سياسي لوڙهو ڏيئي مسلمانن کي اندر واڙي ڇڏجي ته ڀلي پنهنجي “اسلاف” جي عظمت، ثقافت ۽ رهڻي ڪهڻيءَ کي وڌائين ۽ ويجهائين ڇو ته ٻين سان گڏ رهي ائين ڪرڻ ممڪن ڪونهي! هي مذهبي عليحدگي پسنديءَ جي ڊاڪٽرائين هئي جنهن اڳتي هلي ريڊڪلف لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇايو. ڊٺل قومن جا ماڻهو اڄ جڏهن اسلام آباد کان برابريءَ جا حق گهرن ٿا ته ماضيءَ جي مذهبي عليحدگي پسندن جو ٽيون نسل اهڙي مطالبي کي صوبائي عصبيت ۽ عليحدگي پسندي قرار ڏئي ٿو.

ورهاڱي کان اڳ توڻي پوءِ وارن وقتن ۾ اتر هندستان مذهبي نفرتستان بڻيل رهيو آهي. “چناب” ۽ “بوڙهي گنگا” پاڻيءَ بدران انساني رت جون نديون ٿي وهيون آهن. سائوٿ جو مزاج البته مختلف رهيو آهي جو ان گهڻو ڪري رڳو مار کاڌي آهي. مثال طور اڄ به سائوٿ جي ماڻهن جي اڪثريت کي دهليءَ ۽ اسلام آباد وچ ۾ ڪشمير مامري تي هلندڙ جهيڙي ۾ نه ته ڪا دلچسپي آهي، نه ڪا جذباتي وابتسگي ۽ نه ئي اها ڄاڻ ته جهيڙو آخر ڇا تي آهي؟ ڪشمير ڪنهن کي ٿو ملي، ان سان چنائيءَ ۽ تلنگانه جي ماڻهن جي پگهار تي ڪهڙو فرق پوندو؟

سڀنيءَ جا هر دلعزيز مجاهد پيءُ پٽ حيدر علي ۽ “شهيد” ٽيپو سلطان سرنگا پٽم ۾ نسوار وڪڻڻ ته ڪونه ويا هئا. مقامي آبادي، جنهن جي اڪثريت غير مسلم هئي، تنهن لاءِ ٽيپو سلطان هڪڙي مصيبت هو. هتي ماڻهن کي رڳو سندس اهو (مبينه) قول ياد آهي ته “شينهن جي هڪ ڏينهن جي زندگي گدڙ جي سئو ساله زندگيءَ کان بهتر آهي.” ڇا اها آسانيءَ سان وسارڻ جي ڳالهه آهي ته ٻنهيءَ جي زندگي بهرحال جانور جي زندگي هوندي آهي؟

خونخوار بهادري ۾ دلچسپي وٺڻ لاءِ اوهان جو ڪنهن خاص قوم يا مذهب سان تعلق هجڻ ضروري ڪونهي. فقط فاشسٽ هجڻ ضروري آهي. پنجاب ۾اوهان کي اهڙا هزارين ماڻهو ملي ويندا جيڪي هڪ ئي وقت رنجيت سنگهه ۽ ٽيپو سلطان جا پرستار هوندا. ڏاڍ مڙسي، هيڻن کي هيسائڻ ۽ ڪڙم سان وير تي ٻڌل بهادريءَ کي پسند ڪرڻ لاءِ “سپر مين”، “باز” ۽ “شاهين” جهڙن ڪردارن کي پڙهڻ جي ضرورت ڪانهي. خيرن سان سنڌي ماڻهو به انهن کي ڪو گهٽ آئيڊيئلائيز ڪونه ٿا ڪن.

ڏکڻ ايشيا ۾ فاشزم ورهاڱي جو فصل آهي. گذريل 63 ورهين کان ان جي باقاعدي “پوک” ٿيندي رهي آهي. ديس پنجاب ۾ ته مذهبي نفرت جا ٻج وک وک تي پوريل آهن، بارودي سرنگهن وانگر. ڪڏهن ڪنهن مسڪين جو پير پئجي ويندو آهي ته پنجاب جي ڏاڙهي ٿوري عرصي لاءِ دنيا اڳيان نروار ٿيندي آهي. افسوسناڪ واقعن تي ٿورڙو عرصو بحث مباحثو ٿيندو آهي جنهن کان پوءِ ميڊيا ۽ گهڻ قومي ڪمپنيون ناچ ۽ ڀنگڙا ڏيکاري سوسائٽيءَ ۽ رياست جي ان تار تار ٿيل دامن کي رفو ڪري ڇڏينديون آهن.

ڪو وقت هوجڏهن پنجاب جا ترقي پسند ديس پرديس جي ماڻهن کي پنهنجي لبرل سماجي تاريخ رٽيل کوڙن وانگر ٻڌائيندا هئا. سموري انتهاپسنديءَ جو ذميوار ضياءُ الحق کي قرار ڏيڻ تمام آسان هو : “نئين جي. يه تو سب ضياءُالحق ڪا ڪيا ڌرا هي، پنجاب ڪي لوگ تو هميشه سي سيڪيولر رهي هين” پرڏيهي مهمان کي ٻڌايو ويندو هو ته پنجاب امن جي اها ڌرتي آهي جتان جو ٽيڪسيلا سموري دنيا ۾ ٻڌ ڌرم جي اڳواڻي ڪندو هو. پروگريسو پنجاب جو تاريخي پس منظر اڳتي هلي سپهه گيريءَ کان شروع ٿيندو هو ۽ ٻڌايو ويندو هو ته سپاهي ٿيڻ هڪ انقلابي قدم ڪيئن آهي ۽ ڪيئن پنجاب جي هارين جو اولاد پهرين ۽ ٻي عالمي جنگ دوران هندستان جي برطانوي فوج ۾ شريڪ ٿي يورپ جي محاذن تي وڙهڻ ويو ۽ ٻين ملڪن جا ويليوز کڻي واپس موٽيو؛ ڪيئن هارين جي ٻارن برطانيه، ڪينيڊا ۽ آمريڪا جي شهريت حاصل ڪئي ۽ پنجاب جي هڪڙي نهايت ڪارائتي ڊاياسپورا تيار ٿي جنهن مغربي ملڪن ۾ ويهي پنجاب ۾ سوشلسٽ تحريڪون هلايون. دبئي واري معجزي کان پوءِ پنجاب جي ڪسانن جي چوٿين پيڙهيءَ جا ماڻهو عرب پيننسولا ۾ ڊاياسپورا بڻيا جن اتان ڪيسيٽ پليئرز، وي سي آرز ۽ اليڪٽرانڪ جي سامان سان گڏ ترقي پسند آئيڊياز پنهنجي اباڻي ملڪ موڪليا جنهن جي نتيجي ۾ ان جي ڪايا پلٽ ٿي وئي….. ۽ ان سموري تجزئي جو انت بلهي شاهه جي چونڊ شعرن سان پيش ڪري دانشور اهو ثابت ڪري ڇڏيندا هئا ته پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪا امن آشتي ۽ جمهوري روين واري مهذب مخلوق رهي ٿي ته اها فقط پنجاب ۾ آهي باقي ذهني وسعت نه هجڻ سبب “ڇوٽن صوبن” جي پسمانده ماڻهن کي ڪجهه فڪري مسئلا درپيش آهن جن جو علاج ڪاميابيءَ سان ڪيو پيو وڃي.

اهڙي تعارف کان پوءِ جڏهن پرڏيهي مهمانن کي لاهور جي سير ڪرائي ويندي هئي ته ان ۾ ڪجهه اهڙيون رنگينيون ايڊ آن طور شامل ٿينديون هيون جيڪي رنگن کان وڌيڪ رنگين هيون………….. اڇرا ۾ شاهه جمال جي درگاهه تي پپوسائينءَ جي دهل واري ڌمال، بنا روڪ ٽوڪ جي حيش نوشي، شاهي محلي عرف هيرامنڊيءَ جي مرڪز ۾ (اصلي) ڦجي جي دڪان واري گهٽيءَ جو گشت، پاسي ۾ “ڪُڪوز” ريسارينٽ جي بالاخاني تي اوپن ايئر ۾ ڊنر، فنڪي گگلنگ گرلز جي گروپن جي شيشه نوشي، شاگرد پيشي ۽ زيرين منزل جي گيلرين ۾ منڊيءَ جي ناچڻين جي نرم ملائيم تاريخ کي ڊاڪيومينٽ ڪندڙ پينٽنگز . اين سي اي، هيومن رائٽيس ڪميشن آف پاڪستان جي آفيس “ايوان جمهور”….(جنهن کي عرف عام ۾ “ايوان مجبور” سڏيو ويندو هو.) عاصمه جهانگير…. …… ايڇ آر سي پي عرف هائلي ريزپيڪٽيڊ ڪنفيوزڊ پيپل …… جن مان ڪي فلاسافر ته ڪيترائي جوڪر ٽائيپ به آهن….

هي سڀ سافٽ پنجاب جو نظارو هو. ائين لڳندو هو ڄڻ ترقي پسنديءَ جي اها ڪهاڻي پنجاب جي ٽوئرازم کي هٿي وٺائڻ لاءِ تيار ڪئي وئي هجي. پر سلمان تاثير جي سيني ۾ لاٿل ستاويهه گولين پنجاب جي ترقي پسنديءَ جو شوڪيس چڪنا چور ڪري ڇڏيو آهي.

شهربانو تاثير جيڪا نيوز ويڪ جي رپورٽر به آهي، تنهن آچر 9 جنوري واري نيويارڪ ٽائيمز ۾ شايع ٿيل مضمون “منهنجو پيءُ پاڪستان لاءِ مارجي ويو” ۾ لکيو آهي ته سندس پيءُ جي قتل ماڻهن جا رايا ۽ رويا تبديل ڪيا آهن، مثال طور ٻن ڪنزرويٽو سياستدانن چوڌري شجاعت حسين ۽ عمران خان چيو آهي ته هو توهين رسالت قانون ۾ اهڙيون ترميمون چاهين ٿا جيئن ان جو غلط استعمال نه ٿئي. شهربانو، هيءُ ڪهڙو انڊيڪيٽر آهي پنجاب جي بدلجندڙ روين جو! خدا جي بندي! توکي خبر آهي ته هنن جا رويا ۽ رايا ڏينهن ۾ هر فون ڪال اچڻ سان ڪيترا ڀيرا تبديل ٿين ٿا؟

شيخوپوره جي ڊسٽرڪٽ جيل ۾ پوريل هڪ اڪيلي، مجبور قيدي عورت جو هينئون نڪري ويو هوندو. گذريل سال مئي مهيني ۾ لاهور ۾ عبادت گاهن تي حملا ڪري 86 احمدين کي قتل ڪيو ويو هو. ان کان اڳ شانتي نگر ٿيو، ان کان اڳ گوجره ٿيو…ان کان اڳ…..

جاني ڪب ڪون ڪسي مار دي ڪافر ڪهه ڪر

شهر ڪا شهر مسلمان هوا ڦرتا هي

هاڻي پروگريسو لڏي کي اندازو ٿي ويو آهي ته لفاظي ڪم ڪانه ڏيندي. هن پنجاب ۾ ته بلهي شاهه کي وزٽ ويزا تي به اچڻ ڪونه ڏيندا. امرتا، ساحر ۽ گلزار جو پنجاب پنهنجا ٻچا کائي رهيو آهي. امرتا… ساحر…گلزار… ۽ هو جوانيءَ ۾ مري ويل شو ڪمار بٽالوي … سنبل … رابيل … گل موهر… گلاب خاص!

وي آجا دل جانيان، تو ڪر مهربانيان،

ه دک وچ تول وي، نه جند ساڊي رول وي!

ڪنهن چيو پئي ته پنجاب جا سوا سئو کن ترقي پسند ماڻهو رڳو ان ڪري سينو تاڻيو پيا هلن جو انهن کي ٻين صوبن مان سپورٽ ملي ٿي. جيڪڏهن وفاق نه رهي ته اڪيلي ٿي ويل پنجاب اندر هو endangered species وانگر مذهبي

ماڻهن جي رحم ۽ ڪرم تي هوندا. سڀني سنڌين کي پنجاب جي اقليتن ۽ ڊسٽريسڊ ترقي پسند لڏي جي پارت هجي!

 

 

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو