Home / افيئر / آدمشماري: سنڌ کي ڪهڙي تياري ڪرڻ کپي
above article banner

آدمشماري: سنڌ کي ڪهڙي تياري ڪرڻ کپي

ماضيءَ ۾ سنڌي ماڻهن خاص طور ٻهراڙيءَ جي اڻپڙهيل يا گهٽ پڙهيل ماڻهن کي ڊيڄاريو ويندو هو ته جيڪڏهن هو آدمشماريءَ ۾ گهڻا ماڻهو لکرائيندا ته حڪومت کانئن ٽيڪس وٺندي يا انگريزن جي دور ۾ چيو ويندو هو ته جيڪڏهن آدمشماري ۾ ماڻهو گهڻا لکرائبا ته انگريز حڪومت نوجوانن کي زبردستي فوج ۾ ڀرتي ڪندي يا آبپاشي وارا بندن جي حفاظت لاءِ بيگار ۾ کڻي ويندا. اهو ئي سبب هو ته سنڌ ڄاوا آدمشماري وارن ڏهاڙن ۾ سرڪاري ماڻهن کان لنوائيندا وتندا هئا. اهڙي تاثر جي پويان يقينن ڪجهه ڌريون هونديون هيون، پر جيڪڏهن حقيقتن کي ڏسجي ته اهڙو تاثر آدمشماري ڪندڙ اڪثر سرڪاري عملو پڻ ڏيندو هو. هو ٻه چار ماڻهن جا نالا لکي خانه پوري ڪري پنهنجو ڪم آسان ته ڪندا هئا،  پر کين خبر ئي نه هئي ته پنهنجي ننڍڙي فائدي لاءِ هو قوم جو ڪيڏو وڏو نقصان ڪري رهيا آهن. هي نقصان ڪو جيري لاءِ ٻڪري ڪهڻ نه پر هڪ جيري لاءِ سڄو ڌڻ ڪهڻ کان به وڏو هو.

پاڪستان جي قانون مطابق هر ڏهن سالن کانپوءِ ملڪ جي آدمشماري ٿيڻ لازمي آهي. ڇاڪاڻ ته جيستائين ماڻهن جو صحيح ڪاٿو نه لڳايو ويندو، ترقياتي رٿابندي ڪرڻ ممڪن ئي ڪونهي. آدشماريءَ ۾ نه فقط ماڻهن جي تعداد جو رڪارڊ ٺاهيو ويندو آهي، بلڪه گهرن جو تعداد، جنس، عمر تعليم جو معيار ۽ مختلف قسمن جي معلومات گڏ ڪئي ويندي آهي. پاڪستان جي قيام کي هن وقت تائين 64 سال گذري چڪا آهن، جنهن مطابق هن وقت تائين 6 ڀيرا آدمشماري ٿيڻ کپي ها، پر مخلف سببن ڪري 5 آدمشماريون ڪيون ويون آهن، جن ۾ 1951، 1961، 1972ع، 1981ع ۽ آخري ڀيرو 1998ع ۾ ڪيل آدمشماريون شامل آهن. جيئن مٿي ذڪر ٿي چڪو آهي ته سنڌي ماڻهن کي آدمشماريءَ ۾ درست معلومات کان ڊيڄاريو ويندو هو تنهن ڪري 1951ع ۾ سنڌ جي آبادي پاڪستان جي 3 ڪروڙ 37 لک 40 هزار 167 مان صرف 60 لک 47 هزار 748 هئي، جنهن مان 17 لک 68 هزار 127 ماڻهو شهرن ۾ جڏهن ته 42 لک 79 هزار 621 ٻهراڙين ۾ رهندڙ ڏيکاريا ويا هئا. هن آباديءَ ۾ هندستان کان آيل لکين ڀائي لوگ به شامل هئا، جن کي پنجاب جي مختلف ريلوي اسٽيشنن تي چيو ويندو هو ته “پاڪستان اڀي آگي هي” جڏهن ڪو به نئون ملڪ وجود ۾ ايندو آهي ته ان لاءِ سڀ کان پهرين آدمشماري ڪئي ويندي آهي ته جيئن حڪومت کي خبر پوي ته وٽس ماڻهو ڪيترا آهن، پر اسان جي ملڪ جي پهرين آدمشماري ڇوٿين سال ان ڪري ڪئي وئي جو چيو وڃي ٿو ته مسلم ليگ قيادت کي هندستان مان مسلمان ڀائرن جي اچڻ جو انتظار هو.

پهرين آدشماري کان ٺيڪ 10 سال پوءِ 1961ع ۾ ٻيهر آدمشماري ڪئي وئي، جنهن مطابق 4 ڪروڙ 28 لک، 80 هزار 378 تائين پهچي وئي، ان دوران سنڌ جي آبادي 83 لک 67 هزار 65 ماڻهن تي مشتمل هئي، جن مان شهري آبادي 31 لک 67 هزار 18 جڏهن ته ٻهراڙيءَ جي آبادي 52 لک 47 ڏيکاري وئي. انهن سرڪاري انگن اکرن مان ثابت ٿئي ٿو ته 1951ع جي ڀيٽ ۾ 1961ع دوران سنڌ جي جيڪا آدمشماري وڌي ان ۾ گهڻي واڌ شهري آبادي ۾ آئي. ٻهراڙين جي اڪثريت کي نظرانداز ڪيو ويو. ٽين آدمشماري ۾ جڏهن پاڪستان جي آدمشماري 6 ڪروڙ 53 لک 9 هزار 340 هئي ته ان مهل سنڌ ۾ آبادي جو ڳاڻاٽو هڪ ڪروڙ 41 لک 55 هزار 909 هو. 1981ع ۾ ٿيل چوٿين آدمشماري جي سرڪاري انگن اکرن مطابق سنڌ جي آدمشماري هڪ ڪروڙ 90 لک 28 هزار 666 هئي. 84-1983ع وارو اهو دور جڏهن سنڌ ۾ جمهوريت جي بحاليءَ لاءِ ايم آر ڊي جي شروعات ٿي ته سنڌ جي سياسي شعور کي عروج مليو. سنڌ جي شايد ئي ڪا ٻهراڙي هجي جنهن تائين تحريڪ نه پهتي هجي. هن تحريڪ ۾ آدمشماري جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو ويو. نه فقط وفاقي سياسي پارٽين پر قوم پرست جماعتن جلسا جلوس منعقد ڪيا ۽ عام ماڻهن کي آدمشماريءَ ۾ نالا لکرائڻ جو شعور ڏنو. 93-1992ع ۾ جڏهن ملڪ جي پنجين آدشماري ٿي ته سنڌ جي ماڻهن ان ۾ خصوصي طور شرڪت ڪئي. سنڌي پريس خاص ڪردار ادا ڪيو، جنهن سبب سنڌ جي آدمشماري ۾ پهريون ڀيرو درست انگ اکر شامل ڪيا ويا. هن آدمشماريءَ مطابق سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن جو تعداد چار ڪروڙن جي لڳ ڀڳ هو. سنڌ جي آباديءَ ۾ ايتري واڌ سبب پنجاب ان جي انگن اکرن کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ان وقت ملڪ تي مسلم ليگ (ن) جو راڄ هو. ميان صاحب قلم جي هڪ جنبش سان آدمشماريءَ جي نتيجن کي رديءَ جي ٽوڪريءَ ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو ۽ 1998ع ۾ پنجين آدمشماري ٻيهر ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. انهيءَ آدمشماريءَ جي انگن اکرن مطابق سنڌ جي آدمشماري 3 ڪروڙ 4 لک 39 هزار 893 ڄڻن تي مشتمل هئي، جڏهن ته سڄي ملڪ جي آبادي 13 ڪروڙ 23 لک 52 هزار 279 ڏيکاري وئي.

جيڪڏهن پنجن ئي آدمشمارين جي انگن اکرن تي نظر وجهبي ته خبر پوندي ته 1951ع ۾ پهرين آدمشماري 6047748 جي ڀيٽ ۾ ٻي آدمشماري۾ 77 لک 62 هزار 317 جو اضافو ٿيو. جڏهن ته ٽين آدمشماري ۾ 57 لک 88 هزار 44 ماڻهن جو اضافو، چوٿين ۾ 48 لک 72 هزار 757 ماڻهن جو اضافو ٿيو. ميان نواز شريف جي دور ۾ ڪيل آدشماريءَ جي نتيجن کي قبول نه ڪرڻ باوجود جڏهن پنجين آدمشماري ٿي ته ان ۾ سنڌ جي آبادي ۾ هڪ ڪروڙ 14 لک 11 هزار 227 ماڻهن جو اضافو ٿيو، جيڪو ثابت ڪري ٿو ته 93 جي آدشماريءَ جا انگ اکر درست هئا، جن کي تعصب جي بنياد تي رد ڪيو ويو هو.

1998ع ۾ پنجين آدمشماري ٿيڻ سبب قانوني طور تي 2008ع ۾ ڇهين آدمشماري ٿيڻ کپندي هئي، پر پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت هوندي ان ۾ ڇو دير ڪئي وئي، اها ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي. سنڌ سان هڪ ٻي ويساهه گهاتي جنرل مسرف جي دور ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ لساني بنيادن تي سنڌ ۾ نوان ضلعا قائم ڪيا ويا. هتي اهو واضح ڪندا هلون ته نوان ضلعا ٺاهڻ ڪو عوام دوست عمل ناهي، پر صرف لساني بنيادن تي ڪيل ورهاست ڪنهن به خطي جي بدنصيبي ئي ٿي سگهي ٿي. سڄي سنڌ ۾ ضلعا وڌايا ويا، ڇاڪاڻ ته جنرل مشرف جي حامين جي ضرورت هئي، پر ڪراچي ۾ لساني تنطيم جي چوڻ تي پنج ضلعا ختم ڪري شهري حڪومت قائم ڪئي وئي. جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ لساني بنيادن تي ڪيل اٿل پٿل کانپوءِ سنڌ 23 ضلعن تي ٻڌل صوبو آهي. 1998ع جي آدمشماري ۾ سنڌ جي 17 ضلعن جو ذڪر ٿيل آهي، جنهن مطابق ڪراچيءَ جي آبادي 98 لک 56 هزار 318 ماڻهو، دادو ضلعي جي آبادي 16 لک 88 هزار 811، حيدرآباد ضلعي جي آبادي 28 لک 91 هزار 488، ضلعي خيرپور جي آبادي 15 لک 46 هزار 587، ميرپور خاص ضلعي جي آبادي 9 لک 5 هزار 935، نواب شاهه ضلعي جي آبادي 10 لک 71 هزار 533، شڪارپور ضلعي جي آبادي 8 لک 88 هزار 438، ٿرپارڪر ضلعي جي آبادي 9 لک 14 هزار 291، ضلعو عمرڪوٽ جي آدمشماري 6 لک 63 هزار 95 ڄڻن تي ٻڌل آهي. بدين ضلعي جي آبادي 11 لک 36 هزار 44 ڄڻن تي ٻڌل آهي، جڏهن ته گهوٽڪي ضلعو 9 لک 70 هزار 549 جي آدمشماريءَ تي ٻڌل آهي،  جيڪب آباد جي آبادي 14 لک 25 هزار 572 ڄڻن تي مشتمل آهي، لاڙڪاڻي ضلعي جي آدمشماري 19 لک 27 هزار 66 ڄڻن تي ٻڌل آهي، نوشهري فيروز جي آبادي 10 لک 87 هار 571، سانگهڙ جي آبادي 14 لک 21 هزار 977 ڄڻن تي، ٺٽي ضلعي جي آبادي 11 لک 13 هزار 194 ڄڻن تي ٻڌل آهي. آدمشماريءَ جي ڪاغذن ۾ سنڌ جي نوان ٺاهيل ضلعن قنبرشهدادڪوٽ، مٽياري، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، ڄامشوري ۽ ڪشمور جو ڪو به ذڪر ٿيل ئي ناهي.

1998ع جي آدمشماري بابت سنڌ جا انگ اکر ڪجهه هن طرح ٻڌائين ٿا ته سنڌ هڪ لک 40 هزار 914 چورس ڪلوميٽرن تي ٻڌل آهي. جنهن جي آبادي 30440000 آهي، آبادي جو 52.88 سيڪڙو مرد، عورتن 47.12 سيڪڙو آهن. هڪ ڪلوميٽر جي اندر 216 ماڻهو رهن ٿا. 100 عورتن جي مقابلي ۾ 12.2 مرد مآهن. آبادي ۾ واڌ جي شرح 2.20 سيڪڙو آهي. 42.76 سيڪڙو آبادي جي عمر 15 سالن کان گهٽ آهي. جڏهن ته 57.47 سيڪڙو آبادي جي عمر 15 کان 64 سالن جي وچ ۾ آهي. 2.77 سيڪڙو آبادي جي عمر 65 سال يا ان کان مٿي آهي. هتي تعليم جي شرح 45.29 آهي، جنهن ۾ مردن جي خواندگي جي شرح 54.50 سيڪڙو ۽ عورتن جي شرح خواندگي 34.78 سيڪڙو آهي.، صوبا جي 14.43 سيڪڙو ماڻهو بيروزگار آهن، جڏهن ته 3.05 آبادي جسماني معذور آهي.

گذريل آدمشماري مطابق ڪراچي جي آبادي ساڍا 98 لک ماڻهن تي ٻڌل آهي، پر ان جي باوجود اوهان کي مقرر يا ڪالم نويسن کي تقريرون ڪندي ٻڌو هوندو ته ڪراچي ڏيڍ ڪروڙ بلڪه ڪي ماڻهو ان کي پوڻا ٻه ڪروڙ آباديءَ جو شهري سڏين ٿا. اسين سنڌ جي راڄڌاني جي آدمشماري گهٽائڻ جا ڪي خواهشمند ڪو نه آهيون، پر ڪنهن به شهر جي درست آدمشماري ڄاڻائجي ته بهتر آهي. ٿئي ايئن ٿو ته ڪراچي جي آدمشماري کي وڌائي ۽ ٻين شهرن جي آدمشماريءَ کي گهٽ ڄاڻائي ترقياتي رٿائن کي صرف هڪ شهر ڏانهن موڙڻ جي ڪوشش ڪئي ٿي وڃي. اهو ئي سبب آهي جو ڪراچي تي آباديءَ جو دٻاءُ وڌندو ٿو وڃي.

وفاقي حڪومت جنهن کي 2008ع ۾ آدمشماري ڪرائڻي هئي، ان بهرحال 2011ع ۾ آدمشماري ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان لاءِ اسان سمورن جو فرض آهي ته اسين هاڻ کان تياري شروع ڪريون. سياسي جماعتون يونين ڪائونسل کان وارڊ سطح بلڪه ننڍي وڏي ڳوٺ سطح تي ڪاميٽيون قائم ڪن. قوم پرست ڌريون اڳتي اچن، سنڌي ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ماڻهن کي جاڳايو وڃي ته اهي ڪنهن به حالت ۾ آدمشماري ۾ پنهنجو نالو ۽ ٻي معلومات ضرور درج ڪرائين. هڪ ڏينهن جي ٻارڙي کان وٺي جهور پوڙهي جا تفصيل ضرور درج ڪرايا وڃن. خاص طور تي آدمشماري ڪندڙ تعليم کاتي ۽ ٻين کاتن جي ملازمن کي اپيل آهي ته اهي سنڌ جي گهر گهر وڃي خاص طور ماهي گيرن ۽ لاڏائو ماڻهن جا به تفصيل آدشماريءَ ۾ ضرور درج ڪن.

ليکڪ روزاني “ايڪسپريس” جو رپورٽر آهي، هي ليک خصوصي طور “افيئر” لاءِ لکيائين.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو