Home / افيئر / آمريڪا: ادارا ڪيئن ٿا ڪم ڪن
above article banner

آمريڪا: ادارا ڪيئن ٿا ڪم ڪن

آمريڪا جو پرڏيهي کاتو آمريڪي سماج، تاريخ، فن ۽ ثافت کي دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ وارو ڪم تعليمي ۽ ثقافتي بيورو ذريعي ڪري ٿو. هن شعبي پاران 1940ع کان آءِ وي ايل پي تحت دنيا جي مختلف ملڪن مان هر سال ڪيترن ئي شعبن سان واسطو رکندڙ ماهرن لاءِ لاڳاپيل موضوعن تي مطالعاتي دورن جو بندوبست ڪيو وڃي ٿو. هر سال لڳ ڀڳ ساڍا چار هزار ماهر هن پروگرام ذريعي آمريڪي سماج، تاريخ، فن ۽ ثقافت جو ويجهڙائي کان مشاهدو ڪن ٿا. پروگرام ۾ ٽي ڪيٽيگريون آهن. سنگل ڪنٽري يعني هڪ ئي ملڪ مان ماهرن جي گروپ کي دوري ۾ شامل ڪيو ٿو وڃي، ٻيو ريجنل پروگرام جنهن ۾ هڪ ئي ريجن جي ملڪن جي ماهرن کي موقعو ملي ٿو ۽ ٽين ڪيٽيگري ملٽي ريجن آهي، جنهن ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي ماهرن کي مطالعاتي دورو ڪرايو ٿو وڃي. پروگرام ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ نه ڪا درخواست گهرائي ٿي وڃي ۽ ئي وري ڪو اڳواٽ اشتهار آهي. مختلف شعبن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن سان خود رابطو ڪري هن پروگرام ۾ شرڪت جو اطلاع ڏنو وڃي ٿو.

ان سلسلي ۾ مون کي جولاءِ 2010ع ۾ اطلاع مليو ته منهنجي چونڊ ملٽي ريجن پروگرام ۾ ٿي، جنهن تحت آمريڪا ۾ پاڻي جي وسيلن جي تحفظ لاءِ ٿيندڙ ڪم کي ڏسڻ جو موقعو مليو. هن پروگرام ۾ پاڪستان مان مون کانسواءِ ايس ڊي پي آءِ جو شڪيل احمد پڻ شامل هو، جڏهن ته باقي 19 ملڪن جي نمائندن شرڪت ڪئي. جن ۾ آسٽريليا، بنگلاديش، بوسٽوانا، برما، ڪولمبيا، رومانيا، ڪازغستان، ڪوسوو، مراڪش، نميبيا، پولينڊ، روانڊا، سلاويڪ ريپبلڪ، صوماليا، سوڊان، تائيوان، ويٽنا م ۽ يمن شامل هئا.

واشنگٽن ۾ جن مکيه ادارن جي ڪم کي ڏسڻ جو موقعو مليو، تن ۾ اي پي اي، نوآ، وزارت داخله جو بيورو آف ريڪليمينشن، وڊرو ولسن انٽرنيشنل سينٽر، آمريڪن واٽر ورڪس ايسوسيئيشن، اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ، ورلڊ ريسورسز انسٽيٽيوٽ شامل آهن. آمريڪا جي وزارت داخلا جو پوليس ۽ امن امان سان ڪو به واسطو نه آهي. بلڪه هي وزارت ٻيلن، جهنگلي جيوت، ڊئمن ۽ بجلي گهرن جي ذميوار آهي. هن کاتي پاران هن سال جي شروعات ۾ پاڪستان کي عطا آباد ڍنڍ جي مسئلي کي منهن ڏيڻ لاءِ پڻ فني معاونت مهيا ڪئي وئي هئي. آمريڪا ۾ پنهنجن سورمن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن کي ياد ڪرڻ لاءِ اسان وانگر رڳو ورسيون نه ٿيون ملهايون وڃن، پر انهن کي خراج  پيش ڪرڻ لاءِ انهن جي نالي تي ادارا برپا ڪيا ٿا وڃن.  وڊرو ولسن (1921-1913) آمريڪا جو 28هون صدر هو. بنيادي طور تي پوليٽيڪل سائنس جو استاد هو. 1902ع ۾ پرنسٽن يونيورسٽي جو صدر بڻيو. سندس ياد ۾ قائم ڪيل وڊرو ولسن انٽرنيشنل سينٽر بنيادي طور تي ٿنڪ ٽينڪ جو ڪم ڪري ٿو. سينٽر پاران پاڪستان ۾ پاڻيءَ جي صورتحال جي حوالي سان هڪ اهم تحقيق شايع ٿيل آهي. اي پي اي ماحول جي حوالي سان نه رڳو قانونن تي عملدرآمد ڪري ٿي، پر سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تي تحقيق پڻ ڪري ٿي. سڄي آمريڪا ۾ اي پي اي کي ڏهن زونز ۾ ورهايو ويو آهي. هن سال هي ايجنسي پنهنجي 40هين سالگرهه ملهائي رهي آهي.  1970ع ۾ هي ايجنسي ان وقت قائم ڪئي وئي جڏهن تحقيق ۽ دليل جي بنياد تي لکيل ڪتاب “خاموش آبشار” شايع ٿيو. زرعي دوائن جي استعمال جي نقصانن بابت اهو پهريون ڪتاب هو، جنهن آمريڪي ماڻهن جي سوچ ۾ تبديلي آندي. هن ڪتاب آمريڪي سماج جي بيٺل پاڻي ۾ اڇلايل پهرين پٿر طور ڪم ڪيو. اڄ آمريڪي ماحول جي تحفظ واري ايجنسيءَ ۾ 17000 سائنسدان، وڪيل ۽ ٻيو عملو ڪم ڪري رهيو آهي. اسان واري ماحولياتي اداري ۾ شايد 1700 عملو به نه هوندو. بدقمستيءَ سان پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن ۾ ماحول جو تحفظ اڃا تائين اوليتن ۾ نه اچي سگهيو آهي. چوڻ لاءِ کڻي اسان وٽ به وفاق توڙي صوبن ۾ ماحوليات کاتو آهي. 1997ع ۾ ٺهيل قانون به آهي، پر ان تي عملدرآمد ڪيترو ٿئي ٿو؟ تازي پاڻيءَ ۾ اڄ به صنعتي گند توڙي شهرن جو گندو پاڻي بغير صاف ڪرڻ جي ڇوڙ ڪيو وڃي ٿو. جنهن سان انساني صحت ۽ جهنگلي جيوت تي خطرناڪ اثر پيا آهن.

پرڏيهي کاتي ۾ قائم ٿيل سامونڊي، بين الاقوامي ماحوليات ۽ سائنسي معاملن بابت بيورو ڏسڻ جو موقعو مليو.

هي بيورو نه رڳو سامونڊي معاملن تي مختلف ملڪن سان لهه وچڙ ڪري ٿو، پر واپار سان گڏ، مڇي جي وسيلن جو انتظام، سامونڊي ماحول جي تحفظ ۽ سائنسي معلومات جي مٽاسٽا ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

آمريڪا ۾ جن به ادارن ۾ وڃڻ ٿيو، اتي پاور پوائنٽ پريزينٽيشن گهٽ ڏنيون ويون ۽ ايڪسٽيمپور وڌيڪ ڳالهايو ويو. بيورو بابت پڻ معلومات ڏيندڙ ايڪسٽيمپور ڳالهايو ۽ اسان جي گروپ جي هر ماڻهوءَ کي سوال ڪرڻ جو موقعو ڏنائين. پر حيران ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته بيورو جي نمائندي اڪيلي سر سوالن جا جواب ڏنا ۽ هر ملڪ سان لاڳاپيل سوال جو جواب تفصيل سال ڏئي رهيو هو.  هر ملڪ بابت گهري ڄاڻ رکندڙ بيورو جي هن نمائندي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.

ٽن هفتن ۾ روزانو اسان ٽن کان چئن ادارن ۾ ويندا هئاسين ۽ ايتريون ئي پريزينٽيشنون روز ملنديون هيون. ان دوران ڪيترن ادارن جي سربراهن ۽ ماهرن کي ٻڌڻ جو موقعو مليو. جيڪڏهن کين ڪنهن به سوال جو جواب نه ٿي آيو ته هڪدم معذرت ڪندا هئا. جنهن سان هنن جي پروفيشنل ايمانداري ظاهر پئي ٿئي. اسان وٽ ان ڏس ۾ صورتحال ابتڙ آهي. جيڪڏهن موضوع جي ڄاڻ نه هوندي ته به پيا زور آزمائي ڪنداسين.

واشنگٽن ۾ پنج ڏينهن رهڻ دوران رڳو اتي رهندڙ محترم علي نواز ميمڻ سان ملاقات ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيس. جيتوڻيڪ اتي ٻيا به ڪيترائي سنڌي رهن ٿا. خالد هاشماڻي سان به فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي. آمريڪا ۾ ڳچ عرصو رهندڙ اعجاز سنڌي جيڪو اڄڪلهه حيدرآباد آيل آهي. تنهن واشنگٽن ۾ رهندڙ سنڌين کي مون بابت اطلاع ڏنو هو. پر وقت جي گهٽتائي سبب ٻين دوستن سان ملڻ کان محروم رهيس. بهرحال علي نواز ميمڻ جي ٻڌايل پتي تي پهچڻ لاءِ نڪري پيس. پاڻ واشنگٽن شهر کان ٿورو ئي ٻاهر رهائش پذير آهي. مهرباني ڪري مون کي اسٽيشن تي وٺڻ آيا. هو 1960ع کان آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي ۽ عالمي بئنڪ سان 29 سالن کان لاڳاپيل رهڻ کانپوءِ رٽائرڊ ٿيو آهي. هو اصل لاڙڪاڻي جوآهي. سندس لکيل ڪتابن ۾ پاڪستنا بابت اسلامڪ نيشن ان ڪرائسس، مسلم امه: اسٽيٽس ائنڊ فيوچر آف ملسمز ان نيو ورلڊ آرڊر، جڏهن ته سنڌ بابت سنڌ سڌار سوچون پڻ شايع ٿيل آهن. آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ ايتري عرصي کان رهڻ باوجود هو روحاني طور سنڌ سان ڳنڍيل آهي ۽ کيس تازو آيل ٻوڏ جي ڪري سنڌ ۾ ٿيل نقصان جو به اونو هو ۽ ان سلسلي ۾ ٻوڏ سٽيلن جي جوڳي مدد به ڪئي اٿس. سنڌ ڊولپمينٽ انسٽيٽيوٽ جي نالي هڪ ادارو به قائم ڪيو اٿس.

واشنگٽن ۾ رهڻ دوران شهر جا اهم ماڳ ڪيپيٽل عمارت، لنڪن ميموريل ۽ وائيٽ هائوس پڻ ڏٺاسين. مجموعي طور شهر ۾ سرڪاري آفيسون جام آهن. جڏهن ته عالمي بئنڪ ۽ آءِ ايم ايف به هتي واقع آهن.

واشنگٽن کانپوءِ اسان جي ٻي منزل پينسلوينيا رياست ۾ ايونڊل شهر هو، جتي اسان اسٽرائوڊ واٽر ريسرچ سينٽر جو دورو ڪيو. 1981ع ۾ نيشنل سائنس فائونڊيشن پاران هن سينٽر کي تجرباتي ماحولياتي مرڪز قرار ڏنو ويو. سينٽر ۾ ڪم ڪندڙ سائنسدان مختلف شعبن جهڙوڪر ڪيمسٽري، بائيولاجي ۽ اِڪالاجي سان تعلق رکن ٿا ۽ سندن تحقيق جو محور درياهي وهڪرن ۾ طبعي، ڪيميائي تبديليون ۽ واٽر شيڊ اڪالاجي شامل آهن. سينٽر جو تعليمي شعبو تحقيق کي عام ماڻهن تائين پهچائڻ جو ڪم ڪري ٿو. هتان اسان روڊ رستي نيويارڪ پهتاسين. نيويارڪ آمريڪا جو ماحولياتي مرڪز آهي. سڀ کان وڏو بندر به هتي آهي. اهم اخبارون، جهڙوڪ نيويارڪ ٽائيمز، دي وال اسٽريٽ جنرل به هتان شايع ٿين ٿيون، جڏهن ته تعليمي ادارن ۾ ڪولمبيا يونيورسٽي ۽ نيويارڪ يونيورسٽي شامل آهن.

1664ع ۾ انگريزن هن شهر کي فتح ڪيو  ۽ هن جي اصل نالي نيو ايمسٽرڊم کي مٽائي نيويارڪ رکيو. اهو نالو ڊيوڪ آف يارڪ پٺيان رکيو ويو، جيڪو برطانيا جي چارلس ٻه جو ڀاءُ هو. نيويارڪ 1789ع کان 1790ع تائين آمريڪا جي گاديءَ جو به هنڌ رهيو. وڏين عمارتن واري هن شهر ۾ دنيا جي ڪنڊڪڙڇ جا ماڻهو رهن ٿا.

نيويارڪ کانپوءِ اسان جي گروپ کي ٽن حصن ۾ ورهايو ويو. مون واري گروپ کي ٽيڪساس جي شهر ايلپاسو وڃڻ لاءِ ڊگهي فلائيٽ وٺڻي پئي، جيڪا وايا هوسٽن هئي. آمريڪا ۾ اڄڪلهه ايئرپورٽن تي سخت چڪاس ڪئي وڃي ٿي. هوائي جهاز ۾ سفر ڪرڻ خود هڪ الڳ پروجيڪٽ آهي. اها چڪاس رڳو ٻاهرين ماڻهن جي نه پر خود آمريڪين جي به ٿئي ٿي. آمريڪا ۾ مقامي فلائيٽس ۾ مسافرن کي چانهه يا ماني نه ٿي ڏني وڃي، پر مسافرن کي روڪ رقم تي کاڌو پيتو ڏنو وڃي ٿو. ساڳي طرح سامان کڻڻ جي به حد مقرر ٿيل آهي ۽ حد کان وڌيڪ سامان کڻڻ تي به الڳ پئسا ورتا وڃن ٿا.

بهرحال نيويارڪ کان وايا بوسٽن ٿيندي ايلپاسو پهتاسين. هي ٽيڪساس رياست جي بلڪل اولهندي طرف ريوگرانڊ درياهه تي آمريڪا،  ميڪسيڪو بارڊر تي سڀ کان وڏو  شهر آهي. هي شهر تضادن جو شهر ايئن آهي ته هتي انگريزي ۽ اسپينش ٻئي ٻوليون ڳالهايون وڃن ٿون. آمريڪي ۽ ميڪسيڪين ثقافتون نمايان آهن. ٻين علائقن جي ڀيٽ ۾ هتي اُس وڌيڪ هوندي آهي، تنهن ڪري زراعت به بهتر ٿئي ٿي. هن شهر م اڪثر ٻين رياستن مان نوڪرين مان رٽائرڊ ٿيل ماڻهو رهڻ کي ترجيح ڏين ٿا. جو ٻين رياستن جي ڀيٽ۾ هتي ٿڌ گهٽ پوي ٿي.

هتي اسان آبپاشي لاءِ پاڻيءَ جي ورهاست ڪندڙ اداري ۽ شهر کي پاڻي مهيا ڪندڙ ايجنسي سان گڏ ميڪسيڪو ۽ آمريڪا جي وچ ۾ پاڻي جي ورهاست لاءِ قائم ڪيل ڪميشن جو پڻ دورو ڪيو. ڪميشن ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٿيل پاڻي جي معاهدي تي چڱي طرح سان عملدرآمد ڪرائي رهي آهي. جيئن اسان وٽ سنڌ طاس معاهدي لاءِ ڪميشن جڙيل آهي، پر اسان وٽ درياهه جي مٿانهين ڌر هميشه هيٺين ڌر تي پنهنجا فيصلا مڙهيا آهن. ٽيڪساس يونيورسٽي ۾ سينٽر فار انوائرمينٽل ريسورسز مينيجمينٽ پڻ ڏٺوسين. هي سينٽر توانائي، هوا جي معيار، پاڻيءَ جي موجودگيءَ ۽ معيار، اڪو سسٽم ۽ پاليسي سطح جي معاملن کي ترجيح ڏئي ٿو. هن شهر ۾  آمريڪي رهڻي ڪهڻي کي ويجهڙائي کان ڏسڻ لاءِ هڪ بزرگ جوڙي طرفان پنهنجي گهر ۾ دعوت ڏني وئي. بزرگ شهري سي آءِ اي جو اڳوڻو اهلڪار جڏهن ته سندس زال ٽيڪساس يونيورسٽي مان تازو رٽائرڊ ڪيو هو.

سيڪريمينٽو ڪيليفورينا رياست جي گاديءَ جو شهر آهي. آمريڪا جي خوراڪ جو وڏو حصو هن رياست ۾ پئدا ٿئي ٿو. سيڪريمينٽو ڊيلٽا جي دوري دوران ڊيلٽا جي اهميت بابت ڄاڻ ڏني وئي، جيڪا 25 ملين ماڻهن جي پاڻيءَ جون ضرورتون به پوريون ڪري ٿي. جڏهن ته ڊيلٽا جانورن ۽ ٻوٽن جي 750 قسمن جو گهر پڻ آهي. ڊيلٽا ۾ وڃڻ کان اڳ مون وٽ ڊيلٽا جو تصور اهو ئي هو جيڪو پاڻ واري انڊس ڊيلٽا جو آهي. پر اتي وڃي اهو تصور تبديل ٿي ويو. دنيا جون ڊيلٽائون زرخيز ۽ سرسبز آهن. جڏهن ته انڊس ڊيلٽا ۾ تباهي ۽ ويراني واضح آهي ۽ خوشحاليءَ جا قصا ماضيءَ جو حصو بڻجي ويا آهن.

هن رياست جو گورنر هالي ووڊ جو مشهور اداڪار شيوازنگر آهي، جڏهن ته اڳوڻو آمريڪي صدر رونالڊ ريگن به هتي گورنر رهي چڪو آهي. هتان جي رياست جي اسيمبلي جي عمارت کي ميوزيم جو درجو ڏنو ويو آهي.

سيڪريمينٽو ۾ پاڻي سان لاڳاپيل مختلف ادارن جي سربراهن سان گڏجاڻيون ٿيون. ماحول تي ڪم ڪندڙ تنظيمن جي نمائندن هتان جي ڊيلٽا ۾ به پاڻي جي وهڪرن جي حوالي سان پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا. عام آمريڪي شهرين پاڻيءَ جي گهڻي استعمال واري ڪلچر جي نشاندهي ڪئي ۽ ان وقت دلچسپ صورتحال ٿي جڏهن هنن يورپين ملڪن جو مثال ڏيندي چيو ته اتي ماڻهو روز نه ٿا وهنجن تنهن جي ڪري هو پاڻيءَ جي بچت ڪن ٿا ۽ اهڙي عادت آمريڪين کي به وجهڻي پوندي. سيڪريمينٽو کانپوءِڪيليفورنيا رياست جي ٻئي اهم ۽ بين الاقوامي شهر سين فرانسسڪو روڊ رستي پهتاسين. هي شهر آمريڪا جو اهم مالي ۽ انشورنس سينٽرن سان گڏ بندرگاهه ۽ سليڪان ويلي جو گيٽ وي آهي. سياحن جو به وڏو تعداد هتي اچي ٿو. گولڊن گيٽ برج هتان جو مشهور سياحتي ماڳ آهي، هتي چيني آباديءَ جو به وڏو تعداد رهي ٿو. لڳي ٿو ته ماڻهو چين پهچي ويو آهي. اسان جي آخري منزل شڪاگو هئي. هتي اسان گريٽ ليڪ ريجن ۾ واٽر شيڊ مينيجمينٽ، موسمي تبديلين جو ڍنڍن تي اثر ۽ مختلف ڌرين جي وچ ۾ تڪرار جي صورتحال کي ڏٺو. گريٽ ليڪ ريجن ۾ آمريڪا جو ن8 رياستون ۽ ڪينيڊا جو اونٽاريو صوبو شامل آهن. بروڪنگ انسٽيٽيوٽ جي مطابق جيڪڏهن هيءَ ريجن هڪ ملڪ هجي ته گريٽ ليڪ ريجن جي معيشت دنيا جو ٻيون وڏو معاشي يونٽ ٿي سگهي ٿو.

شڪاگو دنيا جي ڊگهين ۽ خوبصورت عمارتن جي شهر هجڻ سان گڏ خوبصورت ڍنڍن جو پڻ شهر آهي. خوبصورت عمارتن جي وچ مان هلندڙ وڏين ٻيڙين تي هزارين سياح روزانو فطرت ۽ جديد شهري ثقافت جي سنگم جو نظارو ڪن ٿا.

اهڙي طرح ٽن هفتن جي هن تربيتي پروگرام جي پڄاڻي کان پوءِ پنهنجن ماڳن ڏانهن واپس ٿياسين، ان احساس سان ته جتي دنيا پاڻي جي انتظام سان گڏ ٻين معاملن ۾ آمريڪا مان گهڻو ڪجهه سکي سگهي ٿو، اتي آمريڪا کي به دنيا مان ڪافي سکڻ گهرجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو