Home / ڪرنٽ افيئر / ارسا چيئرمين ڌر بڻيل ڪالاباغ ڊيم: اڏاوت لاءِ پنجاب جي نئين مهم
above article banner

ارسا چيئرمين ڌر بڻيل ڪالاباغ ڊيم: اڏاوت لاءِ پنجاب جي نئين مهم

سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جي ورڇ جا مسئلا ڏسندڙ ادارو انڊس رورس سسٽم اٿارٽي (ارسا) ڏسڻ ۾ هڪ آزاد ادارو آهي، پر حقيقت ۾ ارسا پاڻيءَ ۽ بجلي جي وفاقي وزارت جي ماتحت ۽ واپڊ اجي نگرانيءَ ۾ ڪم ڪري ٿو. ملڪ ۾ نون ڊئمن جي اڏاوت جو مامرو ڪو نئون ڪونهي. پنجاب جو هميشه ان ڳالهه تي ضد رهيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ انتهائي ضروري آهي. پنجاب اڄ به ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت لاءِ سرگرم آهي، جنهن لاءِ “ارسا” جو فورم هاڻي استعمال ٿيڻ لڳو آهي. ڇو ته هن وقت ارسا جي چيئرمين شپ پنجاب وٽ آهي. ارسا ۾ پنجاب جو ميمبر ائو ارشاد علي هن وقت ارسا جو چيئرمين پڻ آهي. ارسا جي چيئرمين ملڪ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت لاءِ مهم شروع ڪئي آهي. جيتوڻيڪ پاڻي ۽ بجلي جو وفاقي وزير راجا پرويز اشرف ۽ وزيراعظم گيلاني پڻ اعلان ڪري چڪا آهن ته صوبن جي مرضيءَ کانسواءِ ڪالاباغ ڊيم نه ٺهندو، پر ارسا جو چيئرمين ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ دليل ڏيڻ لاءِ پلڊاٽ نالي تنظيم پاران ٿيندڙ سيمينارن ۾ خطاب ڪندي چوي ٿو ته ملڪي ترقيءَ جو راز ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ ۾ آهي.” پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ليجسليٽو ڊولپمينٽ اينڊ ٽرانسپرينسي (پلڊاٽ) غيرملڪي امداد تي هلندڙ ادارو آهي، جنهن کي پارليامينٽيرينز جي تربيت ۽ مختلف منصوبن تي کين گڏ کڻن جو ڪم ڏنل آهي. هن تنظيم پاران پنجاب، خيبرپختون خواهه ۽ بلوچستان ۾ پاڻي جي مسئلي تي بحث مباحثي ڪرڻ کانپوءِ ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچيءَ ۾ پڻ هڪ مذاڪرو ڪرايو ويو، جنهن ۾ ارسا چيئرمين ڪلاباغ ڊيم جي حق ۾ انگ اکر ڏيندي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڪالاباغ ڊيم هر صورت ۾ ٺهڻ گهرجي. سنڌ جي نمائندگي آبپاشي جي اڳوڻي سيڪريٽري ادريس راجپتو ڪئي. جيئن ته ادريس راجپوت جي پريزنٽيشن اڳ ۾ هئي، جنهن کي ارسا چيئرمين رائو ارشاد جواب ڏنا، جيتوڻيڪ ورڪشاپ ۾ موجود ايم پي ايز ارسا چيئرمين جي موقف کي رد ڪيو، پر سنڌ مان ڪو به ماهر ڪو نه سڏايو ويو هو، سواءِ ادريس راجپوت جي. ادريس راجپوت پنهنجي بريفنگ ۾ ٿلهي ليکي اهو ثابت ڪيو ته ملڪ ۾ اضافي پاڻي آهي ئي ڪو نه، پوءِ نوان ڊيم ڪيئن ڀربا. سندس چوڻ هو ته ڪيترن سالن کانپوءِ برسات پئي ۽ ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي ۾ پاڻي آيو، جيڪڏهن برسات نه پوندي ته پوءِ ڊيم ڪٿان ڀربا. ادريس راجپوت جو خيال هو ته 1991ع جي پاڻي ٺاهه ۾ ڪٿي به ڪالاباغ ڊيم جو ذڪر ڪونهي، پر پنجاب هميشه اهو چوندو رهي ٿو ته 1991ع جي ٺاهه ۾ لکيل آهي ته واڌو پاڻي هجڻ جي صورت ۾ ان پاڻيءَ کي ذخيرو ڪرڻ لاءِ نوان ڊيم ٺاهيا ويندا. نون ڊيمن ۾ ڀاشا ڊيم آهي، جنهن جو جنرل مشرف 2006ع ۾ افتتاح ڪيو، پر اڃا تائين ان منصوبي تي ڪم به شروع نه ٿيو آهي،  آخر ڇو پوءِ ڪالاباغ ڊيم لاءِ پنجاب هوڏ تي قائم آهي. ادريس راجپوت چواڻي ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جي حياتي برباد ٿي وئي آهي،  صرف ٻوڏ اچڻ کانپوءِ ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي آيو آهي، جڏهن ته 1991ع جي ٺاهه ۾ لکيل آهي ته ڊائون اسٽريم ڪوٽڙي گهٽ ۾ گهٽ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي هر سال ڇڏڻو آهي، پر ان تي عمل ڪو نه ٿيو آهي. ادريس راجپوت صرف پنهنجي بريفنگ ڏني، جنهن ۾ هن سنڌ جي موقف جو دفاع ڪيو.


ملڪ جون ٽي اسيمبليون ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت کي رد ڪري چڪيون آهن. پر هن ورڪشاپ ۾ سنڌ جي اڳوڻي گورنر معين الدين حيدر ۽ قومي اسيمبليءَ جي اڳوڻي اسپيڪر الاهي بخش سومري پڻ ارسا چيئرمين کي آٿت ڏني ته واقعي سمنڊ ۾ پاڻي ضايع ٿئي ٿو، ورڪشاپ ۾ هيڏي سنجيده موضوع تي بحث ٿيو، پر پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پاران اهڙو ڪو به ايم پي اي نه موڪليو ويو، جيڪي هن موضوع تي مهارت رکندا هجن. عارف جتوئي هڪ موقعي تي ارسا چيئرمين کان سوال ڪيو ته هو ڪهڙي بنياد تي ٻڌائي ٿو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ سان سنڌ جي پاڻي جو حصو 45 سيڪڙو وڌندو. کيس ٻڌايو وڃي ته انهن انگن اکرن جو وسيلو ڇا آهي. ان تي ارسا چيئرمين ڪو به جواب ڪو نه ڏنو.

هاڻي اچون ٿا ارسا چيئرمين جي لکت ۾ ڏنل بريفنگ، انگن اکرن ۽ بعد ۾ ڪيل ڳالهين تي، جنهن ۾ هن هر حال ۾ ڪالاباغ ڊيم کي پاڪستان لاءِ لازمي قرار ڏنو آهي. ارسا چيئرمين رائو ارشاد علي چوي ٿو: ملڪ ۾ نوان ڊيم ٺهندا ته پاڻيءَ جا ذخيرا وڌندا. جيڪڏهن ڊيم نه ٺهندا ته ذخيرن جو پاڻي گهٽبو ويندو. صرف ڪالاباغ ڊيم ئي نه پر جيڪڏهن ڀاشا ۽ اکوڙي ڊيم ٺاهيون تڏهن به ناڪافي آهن. وڌيڪ نوان ڊيم ٺاهڻا پوندا. وڏا ڊيم ئي مسئلو حل ڪري سگهن ٿا. ننڍا ڊيم ڪڏهن به وڏن ڊيمن جو متبادل نٿا ٿي سگهن ۽ ڀاشا ڊيم ڪالاباغ ڊيم کان ٻيڻ تي مهانگو آهي. ڪالاباغ ڊيم کان اڳ ڀاشا جو فيصلو ٺيڪ نه هو، پر سياسي بنيادن تي فيصلو ڪيو ويو. جڏهن تربيلا ٺاهڻ جو فيصلو ٿيو هو تڏهن ئي ڪالاباغ ڊيم جو فيصلو ٿيو، پر بعد ۾ ڪالاباغ ڊيم کي تڪراري بڻايو ويو. ڪالاباغ ڊيم بابت جيڪي به اسٽڊيز ٿيون آهن، ان ۾ ثابت ٿيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ جي قابل آهي ۽ ان سان ئي پاڻيءَ جي بحران تي ضابطو آڻي سگهجي ٿو. ارسا چيئرمين چواڻي ته 1991ع جي پاڻي ٺاهه ۾ ڪالاباغ ڊيم جو هن ريت ذڪر آهي ته ان ۾ چيو ويو ته ڊيم ٺاهيو ويندو. ان وقت صرف ڪالاباغ ڊيم ئي هو، يا ڪي ڊيم ڪو نه هئا. ان ڪري خدا جي واسطي هاڻي سياست بند ڪري ڪالاباغ ڊيم ٺاهيو وڃي ڇو ته ملڪي معيشت تباهه ۽ برباد ٿي وئي آهي. هن ڀيري ٻوڏ ثابت ڪيو آهي ته اسان ڪالاباغ ڊيم نه ٺاهي پاڻ کي پاڻ ئي ٻوڙيو آهي ۽ وڏو پاڻي سمنڊ ۾ ضايع ڪيو آهي، سمنڊ ۾ هر سال پاڻي ضايع ٿئي ٿو. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم جي ايڏي ضرورت ڪانهي، ان تي ڪو اتفاق ڪونهي.

اسين ڊيلٽا بچائڻ جي نالي تي پاڻي ضايع ڪري رهيا آهيون، سمنڊ جيڪڏهن درياهه سبب اڳتي نه ٿو وڌي ته پوءِ بلوچستان ۾ سمنڊ ڇو نه ٿو وڌي. رائو ارشاد علي جو چوڻ هو ته سنڌ پاڻ ضايع ڪري رهي آهي، پر ڊئم ٺاهڻ ئي نه ٿي ڏئي. ان ڪري اسان سنڌ جي سياسي ماڻهن کي ٻڌايون ته اهي هن مسئلي جو حل ڳولين. رائو ارشاد علي کان پڇيو ويو ته اي اين جي عباسيءَ پنهنجي رپورٽ ۾ چيو هو ته ملڪ ۾ واڌو پاڻي ڪونهي، بلڪه سنڌ جا سڀ ماهر اهو ٿا چون اوهان ٿا چئو ته پاڻي آهي. سندس چوڻ هو ته اي اين جي عباسي جي رپورٽ جي اهميت ڇا آهي. صرف هڪڙي چيئرمين عباسي چيو ته پاڻي ڪونهي ٻين سڀني ميمبرن چيو ته پاڻي آهي. مون کانئس پڇيو پر آخر اوهان جي خيال ۾ هي سڀ ماڻهو ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڇو ٿا ڪن؟ رائو ارشاد چيو ته ڀارتي لابي هميشه سرگرم رهي آهي. جيڪي ماڻهو هتي ڀارت جي مفادن جو تحفظ ڪن ٿا اُهي نٿا چاهين ته ڪالاباغ ڊيم ٺهي. ٻيا اُهي ماڻهو جيڪي تيل ڪمپنين لاءِ ڪم ڪن ٿا. ڇو ته تيل ڪمپنيون فرنس آئل وڪرو ڪري نجي بجلي گهرن مان پئسو ڪمائين ٿيون. نوان ڊيم ٺهندا ته بجليءَ جو به مسئلو حل ٿي ويندو. هائيڊرل پاور جا مخالف به نٿا چاهين ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اهي جاگيردار ۽ ڪچي جي زمينن تي قبضا ڪندڙ ڪيئن چاهيندا ته ڪالاباغ ڊيم ٺهي اُهي ته چاهيندا ته هر سال ٻوڏ اچي، اُهي زمينون آباد ڪن. مون ورڪشاپ جي پڄاڻيءَ تي پلڊاٽ جي آسيه رياض کان به سوال ڪيو ته آخر پلڊاٽ ڪالاباغ ڊيم لاءِ مهم جو حصو ڇو بڻي آهي. آسيه رياض چواڻي پاڻي جو مسئلو ڳنڀير آهي ۽ صوبن وچ ۾ پاڻيءَ جي ورڇ تي اعتماد ناهي. سنڌ ۽ پنجاب هڪ ٻئي تي اعتماد نٿا ڪن. اسان سياسي ماڻهن ۽ پارليامينٽرينز وچ ۾ ڊائلاگ جو سلسلو شروع ڪيو، جيئن ڊائلاگ ذريعي ڊيمن جي اڏاوت ۽ پاڻيءَ جي کوٽ جو مسئلو حل ڪجي. ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت لاءِ پهريون ڀيرو هن ورڪشاپ ۾ نه پرڳچ سالن کان سلسلو هلندڙ آهي. ڪيترين ئي اين جي اوز ڪروڙين رپين جي مهم هلائي آهي. حڪومتون هن ڊيم جي حق ۾ اشتهاري مهم تي ڪروڙين اربين رپيا خرچ ڪري چڪيون اآهن، پر ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻجي همت بهرحال ڪنهن ۾ به نه هوندي. پر ارسا طرفان ڊيم جي باري ۾ مهم هلائڻ بلڪل عجيب ڳالهه آهي. ارسا خود پاڻيءَ جي ورڇ تي عمل نه پئي ڪرائي سگهي. ارسا ۾  سنڌ جي سيٽ خالي پيل آهي. ميمبر ارسا بدران آبپاشي سيڪريٽري سنڌ جي نمائندگي پيو ڪري. ارسا مان وفاق جو سنڌي نمائندو بشير ڏهر به ريٽائر ٿي ويو. ارسا چيئرمين چواڻي هاڻي اها سيٽ سنڌ کي نه ڏني ويندي. ڇو ته پوءِ ارسا ۾ سنڌ جي نمائندگي ڊبل ٿي ويندي آهي، ان بدران آزاد ڪشمير جو نمائندو ارسا ۾ مقرر ڪبو. ان تي مون کانئس سوال ڪيو ته سائين پاڻيءَ جو ٺاهه چئني صوبن وچ ۾ آهي، آزاد ڪشمير پاڪستان جو صوبو ناهي. ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ پنجاب آبپاشي جي هڪ سرڪاري آفيسر پاران هن قسم جي مهم سياسي حڪومت لاءِ چئلينج آهي. جڏهن وفاقي سرڪار چوي ته ڪالاباغ ڊيم نه ٺهندو، پوءِ به ارسا چيئرمين چئني صوبن ۾ مهم هلائي ته ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته آخر واڳون ڪنهن وٽ آهن؟ ارسا چيئرمين ته پهريون ڀيرو اهو به چيو ته چشما جهلم لنڪ ڪئنال فلڊ ڪئنال ناهي. ان مان سندس مراد اها آهي ته ڄاڻايل ڪينال هميشه هلڻ گهرجي. ڏٺو وڃي ته سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي سنڌ پٺتي ڌڪجي رهي آهي. ارسا چيئرمين شايد ان لاءِ چوي پيو ته ماحول ڪالاباغ ڊيم جي حق ۾ آهي.

aajizjamali100@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو