Home / افيئر / اڄوڪي سنڌ ۽ گُرڙ پکي
above article banner

اڄوڪي سنڌ ۽ گُرڙ پکي

گُرڙ پکيءَ چنبن سوگهو

اڏامندو رهيس، اڏامندو رهيس

ديسئون ديس، کنڊَ ۽ سمنڊَ

رات جي پوئين پهر، چمڙن جو ڪاڄ

گهاٽي بڙ اڇلايو ويس

پيٽ جي نرم کل منهنجو بسترو

پِيراڻي چمڙي جي هنج آءٌ

سُمهي رهيس ۽ وري نه اُٿيس

….

دادو-مورو پُل هيٺ لهڻ کان جلد پوءِ سندن ور چڙهيس. چار ڄڻا هئا. موٽر سائيڪل کڏي ۾ ڦٽي ڪري، مون کي ڪار ۾ وڌائون. سَنجهي جو وڳڙو هئو. وڏي ڀيڻ جي گهر واري جي وفات جو اطلاع مليو. ٻارن کي صبح سوير نڪرڻ جو چئي، گچيرو ڇڏيم. سيتاروڊ رسڻ لاءِ ڪلاڪ کن گهربل. ڏيهه ۾ بدامني پر اديءَ وٽ پهچڻ جي تڪڙ. هيانءَ جي ڏڍ تي اڳتي وڌيس. شاهينگ سامهون. ڳٿڙ کان جهلي، چار ٺونشا وهائي، اکين تي پٽي ٻڌائون. گار گند ڪندي کيسا خالي ڪيائون. اوڪڙون ويهاري پٺي ڀر لت به وهائي ڪڍيائون. اڄوڪي سنڌ! ٽن ڏهاڪن کان بيمارن جي سيوَا ڪندڙ آءٌ. ڊاڪٽر موسيٰ ڪليار- پنجونجاهه ورهين جي ڄمار ۾ لُڌڙي وانگر ڊَسَڙ ۾ پيو هئس جو ڪٿان ڪنهن گاڏيءَ جي اچڻ جو آواز ڪن پيم. اندر ڌِڪو ڏنو ويو. اها ڪار هئي ۽ مان پوئين سيٽ جي وچ تي هئس. اندازي موجب ٻن ڪلاڪن جي مسافريءَ بعد هيٺ لٿا. مون ساڻ ٽن ڄڻن جي موجودگي. گهُگهه اوندهه ۾ اکين تان ڪپڙولاهي، هٿ کوليائون. کاٻي پاسي ڪنڌ ورائڻ لاءِ ٻڌي، گوڏي جي ٽيڪ سان اُڇل آئي. آءٌ پلالَ مٿان پَئي هيٺ لهندو ويس. اُونهي خندق ۾ گهڻو پوءِ پير کُتا ته وات مان رڙ نڪتي. تري منجهه ڌرتيءَ تي پکڙيل سُڪي گاهه هوندي به آءٌ ٿاٻڙجي ڪري پيس. ساڄي مُري وٽ ڄڻ ڪاتي گهمي وئي. ڪا وير ٻوٿ ڀر پيو دانهون ڪندو رهيس. ٽنگ چورڻ کان لاچار. آڱرين جي ڇُهاءَ تي سوڄ کاڌل محسوس ٿي. ڄاڻي ويس ته ڀَڳُ هئو.

ٺوٺ چپن تي ڄڀ ڦيري آسپاس هٿوراڙيون ڏنم. انساني پيشاب ۽ گند جي بوءِ ناسن ۾ گهڙي چڪي هئي. ڏهاڪو وال ويڪري کڏ جي هڪ ڪنڊ کان ٻيءَ رڙهندي نيٺ دِلي جي هوند جو احساس ٿيو. ٻُڪ ڀري نڙيءَ کان لاهڻ جي ڪوشش. اوسنو پاڻي. منهن تي ڇنڊا هڻندي ڌڻيءَ جي ياد آئي. شاگردي واري زماني کان ناستڪ ويچار سانڍيندڙ آءٌ تنهن گهڙيءَ اهرمن جي سهڪار جو طالب. خدا طرفان تڪڙي واهر جي آشا. آزمائش سمئه پاڻ کي ايئن نٻل محسوس ڪري چڙ آئي. ٻهراڙيءَ ۾ رهي ڪتاب پڙهڻ. فڪر جو رياض جاري رکڻ. سانت کي سڪون پائڻ جو وسيلو سمجهندڙ مون پاري انسان لاءِ اها مصيبت ڳرو پٿر هئي. “اوسيئڙو ڪندڙ ڀيڻ ڇا سوچيندي؟ ٻار اتي پهچندا ۽ آءٌ نه هوندس. سڀئي پريشان ٿيندا.” گهاٽي اونداهه ۾ غور سان نهاريندي پالڻهار جي موجودگيءَ جا ترورا ڳولهيندو رهيس. درد ۽ بوءِ ڀريل حياتي هئي. ان کان اڳتي ڪجهه به نه هو. اڪيلو ۽ بيوس جيو پنهنجن جي ڏاڍ جو شڪار. مٿان ڪٿان، ايڪڙ ٻيڪڙ انساني آواز ڪن تي ٿي پيو. چئوڏس وقت ۽ سو به هڪ جاءِ بيٺل. ساڄي ٽنگ جي پيڙا. لڱن کي ڪوليون پٽيندڙ. اُٿي بيهڻ جي سئي ۽ ڪري پوڻ جو عذاب. تنها آءٌ ۽ ڪنهن روح جي پهچڻ جي اجائي تمنا. مهان آتما پڻ الوپ. زندگي، قبيح سچائيءَ جو لباس اوڍي، چوڌاري ناچ ڪندڙ. ٺٺولي. ڊاڪٽر موسيٰ ڪليار بي ست لڳو هر ڏس خوفناڪ ايڏرن ۽ سندن شغل درميان. ڪيهاٽ ڪرڻ کان خود کي روڪيندڙ. پنهنجي ساڻائي مٿي ويٺل جناورن، کڏ اندر جمالو چوندڙ ڏانئڻين ۽ پڻ پرڀوءَ مٿان آشڪار ٿي وڃڻ جي ڊپ ورتل. رڳو گچيري نه پر اڄوڪي سنڌ جي نماڻي ماڻهوءَ جو ڌاڙيلن هٿان اغوا ۽ جهنگ ۾ کوٽيل ٻِرَ اندر جهُريل لَتَ سان گذرندڙ ابتدائي وقت. بعد ۾، هيءَ وارتا ٻڌندڙ ضرور مُسڪرائيندا. مون ۾ نهٺائي نه هئڻ جون وڏون ڪڍندا. پنهنجي صاف دامنيءَ تي ناز ڪندا. آءٌ کين روڪي به ڏسيندس. وڏي واڪ چوندس ته ان اونداهه ۾ مُون وات ڀريو. خشڪ زبان سان جيتري پِڪَ گڏ ڪري سگهيس سا سامهون اڇلايم. مان زمان جي ٻوُٿ تي ايئن ٿُڪيو ۽ اکيون ٻوٽي ڇڏيم.

سَپنو ئي هئو. ڪاليج ۾ ليڪچر. اونداهه جي سائنس. اک جي ماڻڪِي. روڊاپسن سائيڪل. مانڪي فيس. ڊانڪي فيس. ٻڪريءَ وانگر ڪنڌ لوڏڻ. چئن کٿابين کي اسٽيج تي پڪارڻ . ڊيڪسا ڊائپيران جي گهوريئڙي طبيب ٿيڻ جو شوق پاليندڙ باقي شاگردن آڏو سائين غلام علي جي تقرير- اوهان جي بئنچ جا هي چار نالائق لِيڙون ٿيل نصيب رکن ٿا. هڪ ڏيهاڙي سالڪ ٿيندا. روڊاپسن سائيڪل تي ڪم ڪندا. اونداهه جي سائنس تي ٿيسز لکندا. ڌرتيءَ جي آجپي جو فڪر سانڍيندا. پنهنجن هٿان کنيا ويندا. ڪچي جي ٻَٻُرَن وچ ۾ کوٽيل تاريڪ کڏ ۾ واڙيا ويندا. ٽنگ ڀڃائي بي ستُ ٿيندا. ڪيهون ڪرڻ کان پاڻ روڪيندا. وقت جي مهانڊي تي…. ڪَنَ تي سڏ پيم. ٻِرَ اندر ڪجهه روشني هئي. مٿي پلال هٽايل ڳُڙکي مان واگهه  مثل ماڻهوءَ جي ڌنڌلي شبيهه. پلال ورائي ڇڏيائين. حياتيءَ ۾ پهريون دفعو هو جو روشنيءَ جي ائين کيڪار تي انگ انگ تپي ويو.

‘سائين جي ايم  سيد جي فڪر سان اصولي طور متفق آهيان، پر توهان جهڙن ڇوٽڪاري پسندن کان بُڇان ٿي وٺي- انٽرنيشنل هاسٽل ۾، ٻه ٿڦڙ جهلي چيو هئم. وڏن پانچئن واريون شلوارون پهريل ۽ اجرڪون اوڍيل ٽي ڄڻا منهنجي ڪانئچ تڪي رهيا هئا. سندن حوَس جو بکُ ٿيس. اهو سيد جو ڏوهه نه هئو. 80ع جو سيارو. سَن ۾ سالگرهه جو ڪيڪ ٿي ڪاٽيائين. چاچي حفيظ، ڏند ڪُرٽيندي تقرير ڪئي. “وات ڳاڙها ڇورا.” – “بي حيا ماڻهو”. قِبلي سائينءَ جي مُسڪرائي چوڻ- جَيها ڪي تيها مارو مون مڃيا- تي ڏڪندو تاج جويي ڀرسان ويس. منٿ ڪئي مانس ته ڪنهن اوطاق ۾ سمهڻ جي جاءِ ميسر ٿئي. سڄي رات سرسام. اَسر ويل واپس نڪتس. سائين معصوم هئو پر سندس مارُو نه. هيءَ جناورن جي قوم آهي. اونداهه جو راڄ. اُستاد غلام علي روڊاپسن سائيڪل کان اڳتي پڙهائيندو تڏهن به هتي هٽايل پَلال جي ڳُڙکي مان روشني رَنَ زال ڀيڻ تي گار سان کيڪار ڪندي.’

رت ۾ مٺاڻ گهٽجڻ لڳو. بي خوديءَ ۾ پيٽ تي ٿڌڙا پائڻ لڳس. انسولين جا ننڍڙا ننڍڙا ڳوڙها. رڙهندي پلاسٽڪ جي ٿيلهيءَ تائين پهتس. ‘کاڌي کائڻ کان شُگر جي کوٽ چڱي آهي.’ انساني پيشاب ۽ گند جي اُگري ڌپ. ‘بنگال ۾ خندق کوٽي جهنگلي جانورن کي پڪڙڻ جو رواج. سنڌ ۾ ڀُنگ لاءِ جهٽيل ماڻهن کي واڙڻ جو طريقو. ڀٽائيءَ جو ديس. مان سنڌي ۽ مٿي پهرو ڏيندڙ ٻَهڙا به سنڌي. عدت ۾ ويٺل ڀيڻ تي گار ڏيندڙ پڻ. سندن نجات لاءِ جاکوڙ جي ميار ڪنهن کي ڏجي؟ ڪيٽيءَ جي والي جتوئين جا ڀالَ ڇا ٻڌائجن؟ گچيري ۾ رهي، اسپتال ايندڙ ڳوٺاڻن کي دارونءَ گڏ پاڻ ۾ ٻڌي ڪرڻ ۽ حق سڃاڻڻ جا لفظ چوڻ. ڀوتارن جا ڪرم ڏهاڙي ڏسڻ. ڪڙهڻ. نوجوانن جا پرڪار. زائفائن تي ٿيندڙ ڏاڍ ۽ پڻ سندن تِرڪتالَ. جهرجهنگ ۾ معصوميت جي تلاش. ملير جي مارن جا نيرا پير. موت جي راڪاس جون جهمريون. جَوءِ ۽ جُوءِ جي گهورَ. عجب کرڙو. هاءِ ڙي جيجل سنڌ!’

لَت جي سُوڄ ۾ واڌ. درد پنهنجي انتها کي پهچندو ويو. روشني پَلال هٽائي گاريل کيڪار ڏيندي رهي. کاڌي جون ٿيلهيون گڏ ٿينديون ويون. آءٌ لڱن ۾ انسولين جي اڻهوند جي گهيرٽ سبب اونداهه وڪوڙيل ئي رهيس. انڌيري جي سائنس بابت ويچاريندو رهيس. اوندهه جي راڄ ۾ رهڻ کي قبولڻ جي ڪوشش ڪندي. غنودگي ۽ سرسام جي ڳِهَڻ ۾ هيٺ لهندي. موت، منهنجو دوست، ٻانهون ٽيڙي بيٺو رهيو. آسيس جي ٿڌڙي هِيرَ هُن جي ڇاتيءَ جي وارن سان کيڏندي رهي.

ڍنڍ مٿي جيئن آڙيون.

هي دوست هڪ پاسي ته نوجوان شاعرن تي اعتراض ٿو ڪري ته ٻئي پاسي، انهي ئي خورشيد قائمخاني کي جينيس ٿو ڪوٺي، جيڪو پنهنجي هر نجي ڪچهري ۾ اهو چوندو آهي ته “ڀٽڪتي نسلين” لکرائڻ ۾ انهي ڪميونٽي جي هر انهي عورت جو اهم ڪردار آهي، جنهن جي سونهن کان آئون متاثر ٿيو آهيان”

منهنجو خيال آهي ته حسن ۽ آرٽ کي ذات، پات ۽ طبقن ۾ ورهائڻ درست ناهي، ڇو ته حسن ۽ آرٽ ڇوت-اڇوت ناهي ٿيندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو