Home / افيئر / اڇڙي ٿر ۾ چوپائي مال ۾ وچڙندڙ بيماريءَ سب سوين ڍور موت جو کاڄ
above article banner

اڇڙي ٿر ۾ چوپائي مال ۾ وچڙندڙ بيماريءَ سب سوين ڍور موت جو کاڄ

 

ٿر ۾ جانورن ۾ وچڙندڙ بيماري پکڙجڻ سبب گهٽ ۾ گهٽ 50 اُٺ عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر ۾ موت جو کاڄ ٿي ويا آهن ۽ سوين اُٺ ان بيماري سب متاثر پڻ ٿيا آهن. هاڻي اها وچڙندڙ بيماري سانگهڙ ضلعي جي اڇڙي ٿر ۾ پڻ تيزيءَ سان پکڙجي رهي آهي. اڇڙي ٿر جي مختلف ڳوٺن ۾ رڍون، ٻڪريون، ڳئون ۽ اٺ ان وچڙندڙ بيماريءَ سبب موت جو کاڄ ٿي رهيا آهن.

اڇڙي ٿر جي مختلف ڳوٺن جي دوري دوران “افيئر” کي ڳوٺاڻن ٻڌايو ته هيلتائين ان بيماريءَ سب 200 ٻڪريون، 150 رڍون، 17 ڳئون ۽ 10 اُٺ ٿوراهو، جنهاڻ، سوڀارو، پانڪوڙ ۽ ٻين ڳوٺن جهڙوڪ ساڏائو، راڻائو ۽ جمڙائو جيڪي سڀ اڇڙي ٿر جا علائقا آهن جتي گذريل هڪ مهيني کان چوپائي مال مرڻ جو سلسلو تيزيءَ سان هلندڙ آهي، جڏهن ته سنڌ حڪومت، ضلعي حڪومت يا لائيو اسٽاڪ کاتي ان وچڙندڙ بيماريءَ جو ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي. ان ڪري ڳوٺاڻا پنهنجي مال جو روايتي طريقي سان علاج ڪري رهيا آهن.

اڇڙو ٿر سانگهڙ ۽ خيرپور ضلعن ۾ ڀارت جي سرحد سان لڳو لڳو 4805 چورس ڪلوميٽرن تي پکڙيل آهي. سنڌ حڪومت جي انگن اکرن مطابق سنڌ صوبي جي چوپائي مال جو 65 سيڪڙو انگ اڇڙي ٿر ۽ ٿر ۾ آهي. باوجود ان جي حڪومت انهن ٻنهي علائقن ۾ موجود چوپائي مال جي ايڏي وڏي تعداد کي بچائڻ لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي. واضح رهي ته هيڏي ساري وڏي پکيڙ رکندڙ ريگستاني علائقي ۾ هڪ به جانور جي اسپتال موجود ناهي.

“گذريل سال سٺيون برساتون پيون. اسان ڏاڍا خوش ٿياسين، پٽن تي زبردست گاهه ڦٽا مال لاءِ سٺو چارو ٿيو، پر هاڻوڪي مال ۾ وچڙندڙ بيماري هڻي ته لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن ۽ حڪومت ڪا به مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.” اڇڙي ٿر جو هڪ رهواسي الهه بخش هنڱورجو چوي ٿو.

هن چواڻي مال اڳ ۾ مُهاڙي، زبان جي بيماري ۽ ٻين بيمارين جي ور چڙهيل هو. مٿان وري هاڻوڪي وچڙندڙ بيماري سبب جانورن ۾ رت اچڻ ۽ پيٽ جو سور ٿئي ٿو،  جنهن ڪري متاثر جانور ٽن ڏينهن اندر مريو وڃي. اڪثر ڳوٺاڻا هاڻوڪي وچڙندڙ بيماري جو سبب نه سمجهي سگهيا آهن، ان ڪري اهي سخت پريشان آهن.

“اسان حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته اها جانورن جي ماهر ڊاڪٽرن جي ٽيم اماڻي نه رڳو چوپائي مال ۾ ڦهليل بيماري جو پتو لڳائي، بلڪه اڇڙي ٿر جي بيمار جانورن کي ان سلسلي ۾ سيون به هڻايون وڃن.” هڪ ٻئي ڳوٺاڻي شمس آريسر چيو.

ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اڇڙي ٿر ۽ ٿر ۾ ريگستان جي چوپائي مال ۾ ڦهليل وچڙندڙ بيماري جو ترت علاج نه ڪيو ويو ۽ جانور ايئن ئي مرندا رهيا ته پوءِ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ کير ۽ گوشت جي سخت کوٽ پئدا ٿي سگهي ٿي. واضح رهي ته ايران ۽ افغانستان ۾ چوپائي مال جي گهٽتائي سبب اتي جانورن جون قيمتون پاڪستان کان به وڌيڪ آهن، ٻئي پاسي ذڪر ڪيل ٻنهي ملڪن ڏانهن چوپائي مال جي اسمگلنگ ۽ 2010ع ۾ آيل ٻوڏ سبب جانورن جي وڏي انگ ۾ لڙهي مري وڃڻ سب سنڌ صوبو اڳ ۾ ئي جانورن جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي.

ويجهڙ ۾ ئي گڏيل قومن جي اداري جي ذيلي فوڊ اينڊ ايگريڪلچر آرگنائيزيشن هڪ رپورٽ جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ٻڌايوويو آهي ته ٻوڏ سبب سنڌ ۾ ٻه لڳ رڍون، ڳئون، مينهون، ٻڪريون ۽ گڏهه يا ته مري ويا آهن يا گم آهن. جڏهن ته ڪڪڙين بابت پڻ اهو ٻڌايو ويو آهي ته ڪجهه علائقن ۾ ته پولٽري بلڪل تباهه ٿي وئي. مذڪوره اداري اهو پڻ ٻڌايو آهي ته بچي ويل لکين جانور وري کاڌ خوراڪ جي کوٽ کي منهن ڏئي رهيا آهن. جنهن ڪري سنڌ ۾ چوپائي مال جي نسل کي سخت خطرو آهي.

ٽنڊو ڄام يونيورسٽي جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر فتح مري پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ پڌرو ڪيو آهي ته جانورن جي ايران ۽ افغانستان اسمگلنگ سبب سنڌ جي وڏن شهرن خاص طور ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايندڙ ڏينهن ۾ کير ۽ گوشت جي شديد کوٽ پئدا ٿيندي، هن اهو پڻ چيو ته گذريل سال ٻوڏ سبب ۽ وچڙندڙ بيمارين سبب به جانور وڏي پئماني تي موت جو کاڄ ٿيا آهن، ان ڪري پڻ اهڙي کوٽ پئدا ٿيڻ جو خدشو آهي. رپورٽ ۾ اهو پڻ ٻڌايو ويو آهي ته ٻوڏ متاثر ماڻهن مان 80 سيڪڙو آبادي جو گذر سفر زراعت ۽ چوپائي مال تي آهي، جڏهن ته ٻوڏ سبب سڄي ملڪ اندر 1.2 ملين چوپايو مال ۽ 60 لک ڪڪڙيون مري چڪيون آهن.

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو