Home / ويندي ويندي / اڳيون نور به چٽ
above article banner

اڳيون نور به چٽ

 

الائي ڇو آمريڪين کي اسان کي سڌارڻ جي وڏي ڳڻتي رهي آهي. ڪڏهن اهي وردي وارن کي اسڪالرشپ ڏئي کين ولائت گهمائي اچڻ جا پروگرام ٺاهيندا رهن ٿا، ڪڏهن فوجي آمرن تي نوٽن جي برسات ڪري کين ملڪ هلائڻ لائق بڻائيندا آهن ته ڪڏهن اين جي اوز کي فنڊنگ ڪندا آهن ته اهي اسان کي هٿ ڌوئي ماني کائڻ سيکارن. US AID پاران ڊان ۾ ڇپيل اشتهار سندن سڀ اڳوڻا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن.

رياست جو چوٿون ٿنڀ

Opportunities No. US AID-Pakistan 391-11-006

ان موقعي جو حوالو آهي، جيڪو اوهان به ماڻڻ چاهيو ته www.grants.gov تي لاگ ان ٿيو ۽ پراجيڪٽ جي مومل ماڻيو. پراجيڪٽ جا تفصيل هن ريت آهن: اهڙين اين جي اوز لاءِ فنڊن جا موقعا آهن جيڪي پاڪستان ۾ سياسي جماعتن کي ان لائق بڻائين ته اهي جمهوري فيصلا سازي ۽ حڪمراني جي عمل ۾ شرڪت ڪري سگهن ۽ قومي توڙي ملڪي سطح تي وڌيڪ کليل ۽ تحقيقي بنيادن تي ڪم ڪري سگهن.”

هاڻ ڏيو منهن- اسان وٽ اين جي اوز شروع شروع ۾ نلڪا هڻڻ، اسڪول کولڻ، دائين کي ويم جا طريقا سمجهائڻ، ڍور-ڍڳن لاءِ قرض ڏيڻ، عورتن ۾ سجاڳي آڻڻ ۽ پوءِ ٻوڏ ۾ ماڻهن کي راشن ۽ خيما ڏيڻ کان شروع ڪئي. هاڻ اهي پاڻ ۾ 21 ملين ڊالرن جي اها فنڊنگ وٺڻ لاءِ مقابلو ڪنديون، جنهن هيٺ کين سياسي پارٽين جون صفون سڌيون ڪرڻ لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.

اين جي اوز ۽ سياسي ڌرين ۾ جيڪا آخري وٿي يا فرق هو سو ختم ٿي ويو. سياست جيڪا رضاڪارنه طور تي پاڻ کي ڪنهن مقصد سان ارپڻ جو نالو آهي سا هاڻ Project Based Activity جي مم هٿان گوڏا چٽرائي ان حال مان به نڪري ويندي. اها چڙ ۽ ڪاوڙ جيڪا اسان جهڙن ملڪن ۾ ڪم ڪندڙ سياسي ڪيڊر جو روح ٿئي ٿي، سا هاڻ ايئرڪنڊيش هالن ۾ ٿيل سئمينارن ۾ ساڻي ٿي سمهي پوندي. ٻين صوبن جي خبر ناهي، سنڌ ۾ ته ان پراجڪيٽ لاءِ لٺ لڳندي جو هتان جي اين جي اوز جو اهو ئي ڪيڊر آهي، جيڪو اسي ۽ نوي ۾ سرگرم سياسي ڪارڪن رهيو آهي ۽ جنهن جي ڄام ساقي، ارباب کهاوڙ ۽ عبدالواحد آريسر تي ڪاوڙ به اها ئي آهي ته هنن کين ڇو ايترا سال اهڙي مزي کان محروم رکيو جو اڳ جي ابتڙ هاڻ هڪ شهر کان ٻئي شهر وڃڻ ۽ اتي ليڪچر ڏيڻ يا ڪچهري ڪرڻ جا ڏوڪڙ ملن.

ٽين دنيا جون اڪثر سياسي پارٽيون رياستي Status Quo کي ٽوڙڻ لاءِ سياست جا روايتي توڙي غيرروايتي طريقا اختيار ڪندي نظر اينديون آهن. موٽ ۾ رياست مٿن مار موچڙي ۽ ٻين هيلن وسيلن سان پيش ايندي رهندي آهي.

سنڌ ۾ کڻي سياست مان اها ارڏائي، آئيڊيلزم ۽ رومانس موڪلائي ويو هجي، جيڪا سنڌ جي سياست جو شان هئي، پر پوءِ به ڪنهن نه ڪنهن پارٽي جي رڃ مان اها رڙ ايندي رهندي آهي جيڪا ان ڳالهه جي ساکي آهي ته اڃا ڪي مور آهن جيڪي اونداهي خاموشي واري رات جي سيني کي چيري نڪرندڙ نئين سج اڀارڻ جهڙي دانهن ڪندا رهن ٿا.

اين جي اوز وارا دل ۾ نه ڪن. پاڻ ۾ ويٺا آهيون. سندن وس پاڻ تي به ڪو نه ٿو هلي، جو سندن ريموٽ ڪنٽرول جي بٽڻ تي هٿ ڊونر جو هوندو آهي. سڀاڻي کين جو اهو پراجيڪٽ ملي ته مور دانهن ڪرڻ بجاءِ ماٺ رهن ته هي ته مور جي نڙي تي لت رکي به دانهن ڪوڪ کي دٻائيندا- سياست ۾ ڪرپشن ۽ ڪرائيم کان پوءِ به جيڪو نور بچيو هو سو ڪڍڻ لاءِ هاڻ اين جي اوز ميدان تي لهنديون-

رياست کي ٻيو ڇا کپي؟

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو