Home / افيئر / بلوچن کانسواءِ هندو به غيرمحفوظ
above article banner

بلوچن کانسواءِ هندو به غيرمحفوظ

بلوچستان جون حالتون ڪافي وقت کان ڄڻ هڪ ئي جاءِ تي بيٺل آهن. سياسي ڪارڪنن جو اغوا ۽ چچريل لاش موڪلڻ وارو تسلسل بناوقفي جي هلندڙ آهي. نئين سال جي پهرين مهيني ۾ ئي اهڙا 15 کن لاش وصول ٿي چڪا آهن. شايد انهي تسلسل جي ئي ڪري ماڻهو به هاڻ اهڙين خبرن جا عادي ٿي چڪا آهن ۽ ڪنهن ڳڀرو نوجوان جي چچريل لاش ملڻ جي خبر ايئن ٿي ٻڌي وڃي ڄڻ ڪنهن ڪيولي جو هاٿي جي پيرن هيٺان اچي مرڻ جهڙي عام ڳالهه. ان ڪري اچون ٿا هڪ اڌ هاٽ اشو ڏانهن:

تازو وفاق پاران بلوچستان لاءِ اربين رپين جي پراجيڪٽس جي منظوري جي به اڄڪلهه وڏي واويلا آهي، صوبائي سرڪار انهي کي پنهنجي تاريخي فتح پئي قرار ڏئي. اها سرڪار عوامي مسئلن جي حل لاءِ ڪيتري سنجيده آهي، انهي بابت ته سندن اسيمبلي ۾ حاضري وارو رڪارڊ اڄ تائين حوالي طور استعمال ٿيندو هو، پر هاڻ هڪ نئون حوالو اسيمبلي ۾ ٿيندڙ گار بڻجي ويو آهي. جنوري جي آخري هفتي ۾ ٿيل اسيمبلي اجلاس ۾ جعفر مندوخيل جي هڪڙي مسخري تي جمعيت جي ملن سندن ماءُ ڀيڻ جي جيڪا عزت ڪئي، اها اسلامي روايتن جي واهه جو پوئواري پئي ڪري. مولوين جي واتان، ممبئي جي ڪنهن فلمي دادا واريون گاريون ٻڌڻ چاهيو ٿا ته يوٽيوب ۽ فيس بُڪ تي بلوچستان اسيمبلي جي تازي اجلاس جي اها وڊيو ڏسي سگهجي ٿي. جيتوڻيڪ صوبائي وزيرن گڏجي ڪلاڪ کن ۾ مسئلو حل ڪرائي ڌرين کي کيرکنڊ ڪري ورتو، پر ميڊيا آڏو سندن اهي بيان به دلچسپ لڳا ته ميڊيا کي ڳالهه ائين نه وڌائڻ گهرجي، اهو جمهوريت جو حسن آهي، جنهن ۾ اختلاف باوجود ڌريون عوامي مفاد ۾ گڏ هلنديون رهن ٿيون.

ٻئي پاسي شاهه زين بگٽي ضمانت تي آزاد ٿي گهر پهتو، ڪارڪنن گلن جي ورکا ڪندي سندس آجيان ڪئي. واضح رهي ته طلال بگٽي پهرين ئي جي ڊبليو پي پاران 28 جنوري تي ڊيرا بگٽي ڏانهن مارچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو. شاهه زين آزاد ٿيندي ئي اعلان ڪيو ته آزادي باوجود مارچ هر حال ۾ ٿيندو، پر همراهه ڊيرا بگٽي کان پهرين آزادي جي پهرين ئي هفتي لاهور مارچ ڪيو ۽ سڌو ميان نواز شريف وٽ پهتو، جتي هن دانهون ڏنيون ته اسان کي هٿيارن جي ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسايو ويو آهي. جيترا هٿيار ظاهر ڪيا ويا، ايترا سانجي گاڏين ۾ اچي ئي نه پئي سگهيا. ميان صاحب فورن سندس حق ۾ بيان جاري ڪيو ۽ کيس پنهنجي تعاون جي خاطر ڪرائي. (ايئن ئي گجرات جي چوڌرين نواب بگٽي کي پنهنجي تعاون جي خاطري ڪرائي هئي) شاهه زين ڊيرا بگٽي وڃي يا نه وڃي، پر لاهور ياترا سندس مقصد پهرين ئي واضح ڪري ڇڏيا آهن. لاهور ۾ ئي هن نواب بگٽي جي پهرين گهر واري بابت به ڳالهايو، جنهن تي نواب عالي جي ترجمان سخت ردعمل ڏيکاريو. اسٽيبلشمينٽ بگٽي قبيلي کي ويڙهائي ورهائڻ واري راند وري کيڏي رهي آهي. جنهن جو نتيجو نه پهرين ڪڏهن چڱو آيو هو نه آئيندي چڱو اچڻ جي ڪا توقع ڪري سگهجي ٿي.

بلوچستان جي خراب سياسي حالتن ۾ هڪ سٺي خبر اها به ٻڌي وئي جو مري قبيلي جي سياسي گروپ انجمن اتحاد مري پنهنجو نالو مٽائي بلوچ نيشنل وائيس (بي اين وي) رکي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته انجمن اتحاد مري جنهن کي نواب مري جي قيادت هيٺ ڪم ڪندڙ مري قبيلي جو اتحاد سمجهيو ويندو آهي، مٿس سدائين اها تنقيد رهي ته قومي مسئلن تي هڪ ٿيڻ جي ڳالهه ڪندڙ نواب مري پاڻ هڪ اهڙي اتحاد جي قيادت پيو ڪري جيڪو رڳو قبائلي بنيادن تي قائم آهي. تنهن ڪري به اتحاد پاران نالي جي تبديلي واري انهي عمل کي بلوچ حلقن ۾ خاص ڪري ساراهيو ويو ۽ چيو پيو وڃي ته انهي سان نه رڳو اهو اتحاد مضبوط ٿيندو، پر گڏوگڏ قومي جدوجهد جو دڳ به سولو ٿيندو. بلوچ قومپرست حلقن جو چوڻ آهي ته بلوچ قومي جدوجهد ۾ هاڻ ڪنهن به قبائلي اتحاد لاءِ گنجائش ناهي رهي. هي جدوجهد ڪنهن قبيلي جي نه پر قومي بنياد تي وڙهي پئي وڃي ۽ ڪنهن به قيبيلي کي افرادي قوت جي بنياد تي قربانين کي ڪيش ڪرائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. اهي ڌريون سمجهن ٿيون ته اهڙا فيصلا مستقبل ۾ هڪ قومي انقلابي پارٽي جي قيام لاءِ مددگار ثابت ٿي سگهن ٿا.

هڪ وڏو هاٽ اشو بلوچستان مان هندن جي اغوا جو به آهي. بلوچستان ۾ اقليتن سان مذهبي بنيادن تي مت ڀيد واري سلوڪ جو ڪو موقعو نٿو ملي. هندو سڄي بلوچستان ۾ پکڙيل آهن ۽ صدين کان بلوچستان ۾ رهندي هو بلوچن جي رسمن رواجن کي پڻ اپنائي چڪا آهن. مير محراب خان سان انگريز خلاف وڙهندڙ سندن ديوان جو قصو ته تاريخ جو حصو آهي، پر نواب بگٽي تي حملي مهل جان قربان ڪندڙ 70 هندوئن وارو واقعو ته اڃا ڪالهوڪي ڳالهه آهي. ڊيرابگٽي جا هندو نواب بگٽي کي ڊيرا بگٽي جي بگٽين جيان نه رڳو پنهنجو نواب مڃيندا هئا، پر سندن گهرن جي زبان به اها ئي بلوچي آهي. ايئن ئي جهالاوان جا هندو نه رڳو گهرن ۽ بازارن ۾ براهوي ڳالهائين ٿا، پر براهوي ڪلچر ئي سندن تهذيب جو حصو آهي. تنهن ڪري جڏهن پهرين جعفرآباد، سبي، بولان ۽ قلات مان سندن مکي لکمير گروجي اغوا ٿيو ته مامرو سنجيدگي اختيار ڪري ويو. پهرين سياسي جماعتن روايتي ردعمل ڏيکاريو، الزام مزاحمتي تنظيمن مٿان اچڻ لڳو ته هنن به پنهنجي وضاحت ڪئي ته هندن سان بلوچ مزاحمتڪارن جي ڪا دشمني نه آهي، نه ئي هو اهڙين ڪاررواين ۾ ملوث آهن. جنهن کانپوءِ سڌو سنئون شڪ سگهارن ادارن ڏانهن ڏيکاريو ويو. انهي شڪ جو اظهار ڪندڙ اهو دليل رکن پيا ته اهي ادارا بلوچستان جي سڀني ڌرين کي بلوچ قوتن جي سامهون آڻڻ چاهين ٿا ته جيئن بلوچ هر پاسي کان حمايت کان محروم ٿي وڃن ۽ کين سياسي ۽ اخلاقي طور اڪيلو ڪجي، البته ڪجهه ذريعا ٻڌائين ٿا ته انهي اغوا پٺيان اسٽيبلشمينٽ جي پشت پناهي ۾ ڪم ڪندڙ ڀتاخور مافيا ملوث آهي، جنهن کي رڳو پئسي سان ڪم آهي. اغوائن کانپوءِ بلوچستان مان هندو برادري وڏي تعداد ۾ لڏپلاڻ شروع ڪري ڏني آهي ۽ اهو سلسلو هلندڙ آهي. بلوچستان جا عوام دوست حلقا هن کي بلوچستان لاءِ سٺو سنوڻ نٿا سمجهن. اهي حلقا بلوچستان جي انهي محبِ وطن ۽ پرامن برادري جي شڪايتن کي ختم ڪرڻ بلوچ قومي ڌرين جي ذميواري قرار ڏين ٿا. سرڪار مان سنجيده حلقا به مايوس آهن ته جيڪا سرڪار پاڻ پنهنجي حفاظت نه ڪري سگهي، اها عوام کي ڀلا ڪهڙو تحفظ ڏيندي.

گئس بحران به گذريل هفتي بلوچستان جو هاٽ اشو رهيو. مزاحمتي تنظيمن خلاف ڪلين سوئيپ ڪرڻ کان پوءِ ايف سي انتظاميا شهر اندر قائم چوڪيون عارضي طور خالي ڪرڻ جو اعلان ڪيو. جنهن مان ثابت ڪرڻ مراد هئي ته ڪوئيٽا شهر اندر هاڻ امن قائم ٿي چڪو آهي، سرڪار به سک جو ساهه کنيو. پر مزاحمتڪارن به ڄڻ پنهنجي ڪاررواين جو مرڪز تبديل ڪدني سوئي کان وٺي نصيرآباد ويجهو اوچ پاور پلانٽ تائين سئو ڪلوميٽرن اندر هڪ ئي ڏينهن ۾ ٽن جاين کان گيئس پائيپ لائن کي اُڏائي ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ بولان کان ويندي ڪوئيٽا تائين گئس سپلاءِ بند ٿي وئي پهريان ٻه ڏينهن اهي به جواب ڏئي ويا ۽ ايئن اڳيان ڇهه ڏينهن عوام کي منفي 10 ڊگري سينٽي گريڊ ۾ بنا گيس جي ٿڌ ۾ گذارڻا پيا. سڄي سرڪاري مشنيري گڏجي به هفتي کان پهرين گئس بحال نه ڪرائي سگهي ۽ جڏهن اها بحال مس ٿي هئي جو اوچ ويجهو وري ڌماڪو ڪري پائپ لائين اڏائي وئي، جنهن سان عارضي طور گئس سپلاءِ بند ٿي، جيڪا 24 ڪلاڪن اندر بحال ڪئي وئي. واضح رهي ته انهي وچ ۾ ڪوئيٽا جون سموريون سي اين جي اسٽيشنز پڻ بند رهيون، جنهن جي ڪري پڻ عوام کي ڏکيائي پيش آئي. البته تندور تي نان پچائيندڙ افغانين جي عيد ٿي وئي، جو چلها بند هئڻ ڪري ماني لاءِ عوام جي تندورن تي رش رهي، واضح رهي ته گئس پائيپ لائينون اڏائڻ جي ذميواري بلوچ ري پبلڪن آرمي (بي آر اي) پاران قبول ڪئي وئي.

هوڏانهن بلوچستان جي حڪومت کان ٻاهر سمورين سياسي پارٽين پڻ هڪ اتحاد جوڙي ورتو آهي،  جنهن جي سرواڻي اختر مينگل جي پارٽي بي اين پي ڪري رهي آهي. جنهن لاءِ چيو وڃي پيو ته ايندڙ سيٽ اپ ۾ انهن پارٽين کي وارو ڏيڻ لاءِ گرائونڊ تيار ڪيو پيو وڃي. وقت کان گهڻو پهرين اهڙي دعوا خدا ڄاڻي ڪيتري حقيقي ٿي سگهي ٿي.

هي رپورٽ فائل ڪرڻ تائين ڪجهه وڌيڪ چچريل لاش مليا آهن، لڳي پيو ته بلوچستان جي سياسي گهڙيال جو ڪانٽو هڪڙي ئي جاءِ تي اچي اٽڪي پيو آهي. نه ڪانٽو اڳتي هلي پيو، نه ڪهاڻي اڳتي وڌي پئي!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو