Home / سياسي افيئر / بلوچ اڳواڻ نواب خير بخش مري جون ڳالهيون
above article banner

بلوچ اڳواڻ نواب خير بخش مري جون ڳالهيون

پنهنجي طبيعت ۾ ماٺيڻو، گهٽ ڳالهائو، خاموش پر بردبار بلوچ اڳواڻ نواب خير بخش مري جنهن لاءِ سنڌ جو ڏاهو ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي چوندو آهي ته “خير بخش مري دنيا جي عظيم انقلابين مان هڪ آهي.” ان شخص جي پرتجسس خاموشيءَ کي ماڻهن ڪيئي رنگ ڏنا، ڪنهن چيو ته هو فيوڊل لارڊ آهي، ڪنهن کيس انارڪسٽ چيو پر هو ڪنهن جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ پنهنجي ماٺيڻي انداز سان بلوچ حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو. سندس گهڻ رخي شخصيت جو احاطو ڪندي بلوچ لکاري ڊاڪٽر شاهه محمد مري لکي ٿو ته “هڪڙي دور ۾ هو پنهنجي واسڪٽ جي هڪ پاسي لينن ۽ ٻئي پاسي مائوزي تنگ جو بيج هڻندو هو، اهو به گذريل صديءَ يعني ستر جي ڏهاڪي جي شروعات ۾.”

زماني جا لاها چاڙها ڏسندڙ هن شخص کي يتيميءَ جو درد ٻاروتڻ ۾ ئي مليو. جڏهن هن 28 فيبروري 1929ع ۾ ڪاهانَ ۾ اک کولي، تڏهن سندس ٿڃ پيئڻ واري عمر ۾ ئي سندس امڙ لاڏاڻو ڪري وئي، پوءِ سندس پالنا ويڳين مائرن ۽ ٻانهين هٿان ٿي. هن جو نالو سندس ڏاڏي جي نالي پٺيان رکيوويو. جيڪو پڻ سامراج دشمن هيو ۽ هن گوري انگريز سان چوٽون کاڌيون. چئن ورهين جي عمر ۾ نواب خير بخش مري جو پيءُ سردار مهرالله خان مري گذاري ويو، ايئن يتيمي جو ٻٽو درد کڻي جوان ٿيندڙ هن بلو چ اڳواڻ رڳو نوابي سنڀالڻ بجاءِ سڄي قوم جو درد کڻي ميدان ۾ لٿو ۽ اڄ تائين ثابت قدميءَ سان بيٺو آهي.

ون يونٽ واري زماني کان سياست جي شروعات ڪندڙ هن 90 ورهين جي بزرگ بلوچ اڳواڻ حيدرآباد سازش ڪيس به ڀوڳيو ته افغانستان، برطانيا ۽ فرانس به جلاوطن رهيو. پارلياماني سياست جا انداز به ڏٺا ته “جمهور” جي هن ملڪ ۾ مٽي پليد ٿيندي به ڏٺي. اڄ جڏهن دنيا جو منظرنامو بدلجي رهيو آهي، عوام جي طاقت سان تيونس ۾ انقلاب جو اچڻ، مصر ۾ حسني مبارڪ جو زوال، سڄي وچ اوڀر ۾ اُٿل پٿل متل آهي، تڏهن به هو پنهنجي اُن نڪتي تان تر جيترو به پٺتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي ته بلوچستان جي عوام جي مسئلن جو واحد حل آزادي آهي. هو اڄوڪي دور جي زندهه تاريخ آهي. هن ايوب خان طرفان بلوچستان جا وسيلا ڦٻائڻ، ڀٽو طرفان آپريشن ڪرڻ، ضيائي آمريت ڀوڳڻ کان ويندي اڄوڪن حاڪمن تائين “آغاز حقوق بلوچستان” جي نالي تي بلوچستان سان ٿيندڙ دوکي جو اکين ڏٺو شاهد آهي. هو بلوچستان ۾ ڪاسترو جي ڪيوبا ۽ چي گويرا طرز جي هلندڙ گوريلا ويڙهه جو حامي آهي ۽ ان ويڙهه ۾ هن پنهنجو پٽ بالاچ به قربان ڪيو، پر پوءِ به هن جو حوصلو اڳ کان اڳرو آهي ۽ سندس ان اتساهه بلوچستان کان ويندي افغانستان ۽ ايران ۾ رهندڙ بلوچن کي بلوچ جدوجهد سان ڳنڍي ڇڏيو آهي. هو لٺ تي هلڻ واري عمر ۾ ڇا ٿو سوچي؟ اچو ته سندس ڪجهه تاريخي انٽرويوز مان سبق پرايون.

وجيهڙ ۾ مهردر انسٽيٽيوٽ آف ريسرچ اينڊ پبليڪشن ڪوئيٽا طرفان “نواب خير بخش مري جا انٽرويو” جي عنوان هيٺ ڇپايل ڪتاب ۾ سندس تيرهن کن تاريخي انٽرويو سهيڙي ڏنا ويا آهن، جن ۾ هو گوريلا جدوجهد جي حمايت ڪندي چوي ٿو ته “اسان جو Violence دراصل Defensive Violence آهي. توهان کي جيڪڏهن ٻيا طريقا استعمال ڪرڻا پون ته ڪريو. حالتن جي اها ئي تقاضا آهي. انهي آمريت ۾ 56ورهيه گذري ويا. ان ملٽري بيس چونڊن جي عمل کي جمهوريت چئي رهيا آهيون. فوج هر ڏهن سالن کان پوءِ جڏهن به ايندي آهي جمهوريت جي ڳالهه ڪندي آهي. ان ۾ جمهوريت ڪٿي آهي، هي ڪهڙي جمهوريت آهي؟ ڇا ووٽ ڪاسٽنگ ئي واحد علاج آهي؟ اها ڪيتري نه پٺتي پيل سوچ آهي ۽ اسان همشسه ان جو فائدو به ڏنو ۽ ڀروسوسو به ڪيو.”

هو پنجاب بابت ان نقطئه نظر جو آهي ته “پنجابي سان اسان جو ڪو رشتوناهي، ڇا پنجابي کان پري ٿيڻ سان خدا ناراض ٿيندو؟ ايئن ڪرڻ سان خدا ناراض نه ٿيندو.” بلوچستان جا وسيلا ڦٻائڻ، فوجي ڇانوڻيون ٺاهڻ ۽ بلوچن تي ڏاڍ جاري رکڻ بابت نواب مري هڪ هنڌ هڪ معنيٰ خيز بلوچي چوڻي دهرائي ٿو، جيڪا ڦرلٽ تي ٻڌل ملڪي نظام ۽ ان ڦرلٽ ۾ ملوث قوتن جي واضح نشاندهي ڪري ٿي. هن چواڻي بلوچيءَ ۾ چوندا  آهن ته “اٺ جي چوري کسڪائي نٿي ڪري سگهجي. ڇو ته اُٺ لڪي ته نٿو سگهي، اهو بيهي ئي هلي سگهي ٿو. اٺ جو چور ايڏي وڏي اٺ کي کسڪائي ڪاهي وڃي ۽ اهو سمجهي ته ڪير کيس ڏسي نٿو سگهي.، اها ته ناداني چئبي.” بلوچستان جا وسيلا به ايڏا ئي وڏا آهن، پر انهن کي چورائڻ وارا سمجهن ٿا ته کين ڪير چوري ڪندي ڏسي ئي نٿو.

قومپرست سياست کي ڪيئن هجڻ گهرجي جو اها پنهنجي منزل ماڻي سگهي، ان بابت هن جو خيال آهي ته “نيشنلزم جي سياست ۾ جنهن قوم جو ڪو انقلابي پروگرام هجي ان جي سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن لاءِ ضروري آهي ته انهن جو فڪر پختو هجي، باڪردار هجن، سرسري ۽ سطحي انداز سياست، اشو پاليٽڪس کي سياست جو نالو ته ڏئي سگهجي ٿو، قومپرستي نٿو چئي سگهجي، اها هڪ وڏي خامي آهي. مجموعي طور تي قومپرستي تڏهن اُڀري سگهي ٿي ماڻهو هجن يا نه مجموعي طور پختگي، صلاحيت ۽ بلوغت جو هجڻ لازمي آهي، جيئن قافلو پنهنجي منزل طرف وڌي سگهي.”

هڪ سينيئر صحافي سان ڪچهري ڪندي جڏهن نواب خير بخش مري پاڪستان جي قيام ۽ بلوچن جي آزادي سلب ٿيڻ واري نُڪتي تي پهچي ٿو، تڏهن هُن جا سور ڪر موڙي جاڳي پون ٿا. اهو نه وسارڻ کپي ته 4 آگسٽ 1947ع تي رياست قلات جي آزاديءَ جي اعلان وقت قلات جي آزاد حيثيت کي تسليم ڪيو ويو هو، پر اڳتي هلي ان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي. نواب خير بخش مري ان تاريخي جبر کي هيئن ٿو ڏسي “جڏهن رياست قلات تي بندوق جي زور تي قبضو ڪيو ويو ته آغا عبدالڪريم خان هٿياربند جدوجهد جي راهه اختيار ڪئي ته ان کي به قرآن تي معاهدو ڪري جبلن تان هيٺ لاٿو ويو ۽ پوءِ معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي کيس ۽ سندس ساٿين کي سزا ڏني وئي،  هن جي پٽن ۽ ساٿين کي ڦاسي ڏني وئي. 1973ع ۾ بلوچستان ۾ فوج جو ڇا ڪردار رهيو. خان قلات ۽ بلوچ قوم سان ڪيل واعدن جي ڪيتري پاسداري ڪئي وئي. مسلمانيت جي نالي تي پنجابي جهڙي طرح بنگالين سان جبر ڪيو، اهڙي طرح انهن مسلمانيت جي نالي تي عربن کي به پنهنجي ڄار ۾ ڦاسايو.”

عام طور تي بلوچستان ۾ گوادر پورٽ ٺهڻ کي بلوچستان جي ترقي سان ڀيٽيو ويندو آهي، پر اهڙي ترقي بابت بلوچ حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ ڌرين جو سدائين اهو موقف رهيو آهي ته “اهڙو سون ئي گهوريو جيڪو ڪن ڇني.” “گوادر جو مسئلو عالمي سامراجي مفادن جو آهي، جتي پنجابي وسيلي سامراجي ملڪن ۽ ملٽي نيشنل ڪمپنين جي قبضي کي سگهارو ڪيو پيو وڃي. ان ۾ سڀ کان گهڻو حصو آمريڪا جو آهي، ٻئي نمبر تي يورپي ملڪن، چين، عرب، وچ ايشيا جا ملڪ ۽ ڪجهه ايران اچي وڃي ٿو.” خير بخش مري چوي ٿو. هو وڌيڪ چٽائي ڪندي چوي ٿو ته “گوادر ۽ بلوچ ڌرتي ۽ بلوچ وسيلا هڪ شڪار آهي ۽ عالمي سرمائيدار شڪاري آهن. انهن ڳجهن کان بلوچ ڌرتيءَ کي بچائڻ سولو ناهي ۽ وري جيڪڏهن وچ ۾ پنجابي جهڙو مڪار دشمن هجي ته ان کي بچائڻ اڃا به ڏکيو ٿي وڃي ٿو.”

جيتوڻيڪ گذريل ڪافي ورهين کان بلوچ حالت جنگ ۾ آهن، سردار اڪبر بگٽي، بالاچ مري کان ويندي اڻ ڳڻين نوجوانن جا لاش ملڻ اُتي روز جو معمول آهي، نوجوانن ۽ عورتن جي گمشدگي جو سلسلو به جاري آهي، رياست سان اهڙي ٽڪر کي ايئن سمجهيو ويندو آهي ته هاڻ بلوچن جو پنڌ ڪنهن منزل جي ويجهو آهي، پر سردار خير بخش مري ان جدوجهد بابت ڪنهن خوشفهميءَ ۾ مبتلا هجڻ بدران نهايت حقيقت پسنداڻو موقف رکي ٿو. هن چواڻي “هن وقت بلوچ قومپرستي يا ته ٻاراڻي سطح تي آهي يا شايد هڪ قدم کڻندي هلڻ جي قابل ٿي آهي. ان کي قومي آزادي، شعور جي صورت ڏئي عمل کي پختو بنائڻ جي ضرورت آهي. بلوچ کي باهه ۽ تلوار جي سختين مان لنگهي ڪُندن بنجڻ لاءِ آزمائش مان گذرڻو پوندو، تڏهن وڃي بلوچ قومپرستي ۾ بلوغت ايندي.”

مشرف جي دور ۾ نواب اڪبر بگٽي کي پهاڙن ۾ شهيد ڪيو ويو ۽ پوءِ جڏهن مشرف ڪوهلو ۾ بلوچن کي پئڪيج ڏيڻ آيو ته مٿس راڪيٽ فائر ڪيا ويا هئا، حالانڪه بلوچ روايتن موجب مهمان تي حملو روايتن جي ڀڃڪڙي آهي، پر جيئن ته مشرف پنهنجي قبضاگيري جتائڻ ويو هو ان ڪري بلوچن کيس پيغام موڪليو ته هي ڪنهن جو ڪو فتح ڪيل علائقو ناهي، ان حوالي سان نواب خير بخش مري ان راءِ جو آهي ته “مشرف پنج ارب کڻي ڪوهلو آيوهو. دهلي وارو پنج ارب رپيا کڻي آيو هو. ڇا اسان مڱڻهار آهيون، اسان خيرات گهرڻ وارا آهيون، اسان جي ابي ڏاڏي جي زمين ناهي. اسان کي جيڪڏهن اهو ئي ڪرڻو هو ته پوءِ هتان انگريز کي ڪڍڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. اسان بلوچن وٽ جيڪا ماني بچندي آهي ان کي “وڌي” چوندا آهن، جيڪا غريب کي ڏني ويندي آهي ۽ چيو ويندو آهي ته هي وڌي وارا آهن، يعني پني کائڻ وارا. پنجاب سمجهي ٿو ته اسان وڌي وارا آهيون، پٺتي پيل آهيون، دهلي وارا ۽ پنجابي آمريڪا جا غلام اسان کي پٺتي پيل چون ٿا. مان سمجهان ٿو ته اها اهڙي قسم جي غلامي آهي، ڄڻ غير کي سجدو ڪرڻ، جيڪا اسان کي قبول ناهي.”

نواب مري بالاچ ۽ برهمداغ جي اختلافن بابت واضح ڪندي چوي ٿو ته “برهمداغ بالاچ کي همسفر ۽ بازو چوندو رهيو آهي، ڪو ماڻهو ڀلا پنهنجي اک ڪيئن ٿو ڪڍي سگهي.”

هو بلوچن سميت هر مظلوم ۽ محڪوم کي اهو پيغام ٿو ڏئي ته هي جاڳرتا جو وقت آهي، اسان کي اميد جو دامن هرگز نه ڇڏڻ گهرجي، ڇو ته اميد ترڪ ڪرڻ جو مطلب موت آهي، ان ڪري هر شخص کي اميد سان رهڻ گهرجي.”

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو