Home / شوبز / بنگالين جي ڀاڳ سان ڪهڙي رِيس
above article banner

بنگالين جي ڀاڳ سان ڪهڙي رِيس

بالي ووڊ جي بنگالي سندري وديا بالن کي بالي ووڊ ۾ ڪيتريون ئي ڪاميابيون پلئه پيون آهن، پر پوءِ به ساڻس ”دل هي ڪه مانتا نهين“ واري ڪار آهي جو ماڻهن جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ لاءِ هن هاڻ ”جسماني نماءُ“ ۽ “ڇرڪائيندڙ حرڪتن“ تي زور رکيو آهي. خير بنگال سان تعلق رکندڙ هن سندريءَ کي بنگال سان تمام گهڻو چاهه آهي. ايتري تائين جو هوءَ پنهنجو جيون ساٿي پڻ ڪنهن بنگاليءَ کي ڪرڻ چاهي ٿي. اسان وارا بنگالي ته ويچارا هتي پان کپائيندا وتن، باقي ڀارتي بنگالين جو ڀاڳ ڀلو چئبو جو وديا بالن جهڙيون سندريون ساڻن شاديون ڪرڻ لاءِ آتيون آهن. خير هاڻ اچون ٿا اصل ڳالهه تي. وديا بالن اڄڪلهه هڪ وارن جي تيل ٺاهيندڙ ڪمپنيءَ جي اشتهارن جي تيارين ۾ رڌل آهي. بنگالي ٻوليءَ ۾ ٺهندڙ ان ڪمرشل ۾ ساڻس بنگالي ڳائڻو چندرابندو به ڪم ڪري رهيو آهي. ڪمرشل جي تياريءَ دوران وديا بالن جي چندرابندو سان تمام گهڻي ويجهڙائي ٿي وئي آهي ۽ کين مختلف پارٽين توڙي ريسٽورينٽس ۾ مانيون کائيندي ۽ گهمندي ڦرندي ڏٺو ويو آهي. ٻئي پاسي ڪمرشل جي شوٽنگ کانپوءِ وديا بالن صحافين سان ڳالهائيندي بنگال جي واکاڻ ڪرڻ شروع ڪئي ۽ ڳالهه بنگال جي هوائن کان شروع ٿي بنگال جي شهرن جي ساراهن کان ٿيندي وڃي اُتي کٽي جو وديا اهو چئي ويٺي ته ”آئون گهڻي وقت کان بنگالي ڇوڪري جي ڳولا ۾ آهيان، ڪو چڱو بنگالي ڇوڪرو ملي ويو ته ساڻس پرڻو ڪري وٺنديس.“ هاڻ ڏسجي ته وديا بالن کي ڪڏهن ٿو بنگالي ور ملي؟

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو