Home / افيئر / بوهڙڪي ٻيلي جي بحالي بينظير سفاري پارڪ: 15 ڪروڙ ڪٿي خرچ ٿيند
above article banner

بوهڙڪي ٻيلي جي بحالي بينظير سفاري پارڪ: 15 ڪروڙ ڪٿي خرچ ٿيند

30 جنوري 2011ع تي بدين ۽ گولاڙچي جي تڪ تان چونڊيل ايم اين اي ۽ قومي اسيمبليءَ جي هاڻوڪي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا ۽ سندس ور گهرو کاتي سنڌ جي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا بدين علي بندر وايا ڪڍڻ جي کڏن کوٻن واري اذيتناڪ روڊ تان هڪ ڊگهي قافلي سان بدين شهر مان سفر شروع ڪري ڪڍڻ شهر جي وچ هازار مان گذري، سنهي گوني موري ۽ علي بندر لڳ رڻ ڪڇ جي ڪنڌيءَ واري لاڙ جي سڀ کان وڏي تباهه ٿيل هٿراو ٻيلي بوهڙڪي جي ويران ۽ رڻپٽ جو ڏيک ڏيندڙ هڪ ماڳ تي شهيد بينظير ڀٽو سفاري پارڪ جي هڪ رٿا جي سنگ بنياد رکڻ لاءِ پهتا. تقريب جي آغاز ۾ جهنگلات ۽ ٻيلي کاتي سنڌ جي سيڪريٽري مشتاق ميمڻ شهيد بينظير ڀٽو سفاري پارڪ بوهڙڪي جي هن رٿا بابت تفصيلي ڄاڻ ڏيندي ٻڌايو ته ابتدائي طور تي هن رٿا تي 15 ڪروڙ رپين جي لاڳت ايندي ۽ جون 2013ع ۾ هي رٿا مڪمل ٿيندي. رٿا لاءِ بوهڙڪي ٻيلي ۽ ديهه جي 3 هزار ايڪڙ زمين جي ايراضي وقف ڪئي ويئي آهي. جنهن ۾ 200 ايڪڙ تي شڪارگاهه قائم ٿيندو 1060 ايڪڙن تي نوان وڻ پوکيا ويندا. 1035 ايڪڙن تي اڳ ۾ پوکيل وڻن جي سار سنڀال ڪئي ويندي. 905 ايڪڙن ايراضي زراعت لاءِ وقف ڪري اها زمين مقامي هارين کي ليز تي ڏني ويندي. هن پارڪ کي ڏسڻ لاءِ پري کان ايندڙ سياحن جي رهائش لاءِ ٻن ڪمرن وارا هٽ پڻ ٺهرايا ويندا. استقبالي دلي دروازو، پارڪ جي جانورن جي نگهباني لاءِ ٽاور تعمير ڪرائڻ کانسواءِ پارڪ لاءِ مختص ڪيل ڪل 3 هزار ايڪڙن جي ايراضي جي حفاظت لاءِ اٽڪل 20 چورس ڪلوميٽرن تي چوطرف تارن جو هڪ مضبوط جهنگلو پڻ لڳايو ويندو. هن پارڪ ۾ شروعاتي طور تي هڪ هزار تترن جون جوڙيون، هرڻ ڦاڙها ۽ ٻيا ڪيترائي خوبصورت جانور ۽ پکي رکيا ويندا. هن اهو پڻ ٻڌايو ته بوهڙڪي ٻيلي جي پراڻن تباهه ٿيل ڪوارٽرن جي مرمت ڪرائڻي پوندي. هن گهر ڪئي ته پارڪ ۽ سياحت جي وڌيڪ حفاظت لاءِ هتي هڪ پوليس چوڪي قائم ڪئي وڃي. ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري پنهنجي ڏنل بريفنگ ۾ جنهن بنهه اهم ۽ بنيادي مسئلي ڏانهن ڌيان ڇڪائيندي چيو ته رٿا جي ڪاميابي لاءِ آبپاشي کاتي طرفان مٺي پاڻي جي لاڳيتو فراهمي لازمي آهي. ان لاءِ جوڳا انتظام ڪيا وڃن ۽ هتي بجلي پهچائڻ لاءِ جلد بندوبست ڪيو وڃي. تقريب جي مهمان خاص ڊاڪٽر فهميده مرزا پنهنجي خطاب ۾ چيو ته ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري پارڪ جي رٿا لاءِ جيڪي به مطالبا ڪيا آهن اهي سڀ پورا ڪيا ويندا. هن ٻيلي کاتي جي سيڪريٽري کي هدايت ڪئي ته پارڪ جي هن رٿيل منصوبي کي ٻن سالن ۾ نه پر فقط هڪ سال ۾ جلد مڪمل ڪيو وڃي. هن چيو ته هوءَ 20 ڊسمبر 2012ع ۾ مڪمل ٿيندڙ هن پارڪ جي رٿا جي پاڻ ئي اچي هتي افتتاح ڪندي. هن چيو ته شهيد بينظير ڀٽو جي نالي سان ٺهندڙ هن پارڪ کي سڄي ملڪ جو هڪ اهڙو خوبصورت مثالي پارڪ بڻايو ويندو، جنهن کي ڏسڻ لاءِ ملڪي ۽ غيرملڪي سياح پڻ ايندا. ان کان اڳ گهرو کاتي جي صوبائي وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جيڪو ٻيلي کاتي جو پڻ وزير آهي، ان پنهنجي خطاب ۾  چيو ته هن جڏهن ٻيلي کاتي جي وزارت جي چارج ورتي تڏهن سنڌ جي ميرن پيرن ۽ ڏهيسر وڏيرن وٽ سنڌ جي مختلف ٻيلن جي 65 هزار ايڪڙ زمين قبضي ۾ هئي. جن قابض وڏيرن کان هن هيل تائين ٻيلي کاتي جي 35 هزار ايڪڙ زمين تان قبضو ڇڏايو آهي. جيڪا وڏيرن کان ٻيلن جي ڇڏايل زمين غريب هارين کي ليز تي ڏني وئي اهي. هن ان موقعي تي اهو پڻ اعتراف ڪيو ته وڏيرن کان ڇڏايل ٻيلي کاتي جي اٽڪل 35 هزار ايڪڙن مان ڪجهه زمين سندس ذاتي دوستن ۽ ڪن سياستدانن کي پڻ ڏني ويئي آهي. ان لاءِ هن چيو ته آخر هو به انسان آهي هر انسان جا ڪجهه ويجها دوست پڻ هوندا آهن. هن چيو ته بدمعاش وڏيرن جي قبضي مان سنڌ جا ٻيلا آزاد ڪرائڻ سندس ننڍي هوندي کان خاص خواهش هئي. جيڪو سندس مقصد ٻيلي کاتي جي اهلڪارن جي ڀرپور ساٿ سان پورو ٿي ويو آهي.

بوهڙڪي ٻيلي جو تاريخي پسمنظر:

965ع واري پاڪ ڀارت خونريز جنگ رڻ ڪڇ جي سرحدي تڪرار تان ئي لڳي هئي هن جنگ ۾ رڻ ڪڇ واري محاذ تي پاڪ فوج جيڪي ڪاميابيون حاصل ڪري ڪجهه ڀارتي ايراضي تي جيڪو قبضو ڪري ورتو هو، ان ڪاميابي جو جنگي لحاظ کان مک ڪارڻ رڻ ڪڇ جي سرحد جي ڀر واريون ٿر جون وڏيون ورايءَ جون ڀٽون هيون هن محاذ تي ٽئنڪن جي پڻ گهمسان واري جنگ لڳي هئي. پاڪ فوج جا مورچا ٿر جي اوچن واري جي ڀٽن تي لڳل هئا. جن تي توبون فٽ ٿيل هيون. جڏهن ته ڀارتي فوج جا مورچا سامهون رڻ ڪڇ جي ميداني علائقي ۾ قائم ٿيل هئا. ان ڪري رڻ ڪڇ واري هن محاذ تي ٽئنڪن ۽ توبن جي گولاباري ۾ ڀارتي فوج جو وڏو جاني نقصان ٿيو. جنهن جي جوابي ڪارروائي ۾ ڀارت پاڪ فوج تي سخت هوائي حملا ڪيا. 1965ع واري ان ئي جنگ ۾ ٻن ڀارتي جنگي جهازن حملو ڪري بدين شهر جي ڀرواري پي اي ايف جي ڪينٽ جي اڏي ۾ قائم، قيمتي جديد ريڊار تي بمباري ڪري ان کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو. هن خونريز جنگ ختم ٿيڻ بعد فوج محسوس ڪيو ته رڻ ڪڇ واري سرحد جي مستقل بچاءَ لاءِ ٿر جي واري جون ڀٽون ته جنگي لحاظ کان تمام گهڻيون ڪارائتيون آهن، پر ٿرپارڪر ۽ بدين ضلعي جي دنگ واري قديم درياهه پُراڻ کان اولهه طرف رڻ ڪڇ جي سرحد لڳ بدين تعلقي جي حدن وارو علائقو پڻ ميداني آهي. جتي ڪي به ٻيلا ۽ گهڻا وڻ نه آهن. ان لاءِ اڳوڻي صدر جنرل ايوب خان جنگي نقطئه نگاهه کان 66-1965ع ڌاري ان علائقي ۾ هڪ وڏو ٻيلو ٺاهڻ جو حڪم ڏنو. جنهن ٻيلي لاءِ تعلقي بدين جي ڏاکڻي رڻ ڪڇ جي ڪنڌي وارين ٻن ديهن بوهڙڪي ون ۽ ٽو جي 1741 ايڪڙ ايراضي بوهڙڪي ٻيلي لاءِ الاٽ ڪئي وئي ۽ تيزيءَ سان ٻيلي تي ڪم شروع ڪيو ويو، هن ٻيلي کي مٺو پاڻي مهيا ڪرڻ لاءِ آبپاشي سب ڊويزن ڪڍڻ جي ٻن واهن راڄواهه ۽ سنهي گوني جي آخري ٽيل مان ٻه وڏا واٽر ڪورس ڪڍيا ويا. ٻيلي کاتي جي عملي لاءِ رهائشي ڪوارٽرن کان سواءِ بلڊوزر ۽ ٽريڪٽرن سميت ٻي مشنري ۽ اوزار فراهم ڪيا ويا، خصوصي طور تي هن اهم ٻيلي جي بجيٽ ۾ وڏي رقم رکي ويئي. اهڙي طرح ڪجههسالن ۾ هن ٻيلي جي هزارين ايڪڙن تي پوکيل ٻٻر، ڪوئو ڪارپس، لَئو ۽ بيدمشڪل جي نرسرين جا پوکيل لکن جي تعداد ۾ وڻ ٿي ويا ۽ 70 واري ڏهاڪي تائين بوهڙڪي جو هي ساون چهچ وڻن سان ڳتيل ٻيلو، لاڙ ۾ هٿرادو پوکيل ٻيلن ۾ سڀ کان وڏو خوبصورت ٻيلو ڳڻجڻ لڳو. هزارين ايڪڙن تي پوکيل وڻن کان سواءِ قدرتي طور تي واهن جي مٺي پاڻي ۽ برساتن جي ڪري ڄار، ڪنڊي، ڪرڙ، ڪامهين جهڙن مٺن اڻ لڀ وڻن کان سواءِ هڪ نئين وڻ ديويءَ جا پڻ وڌيڪ هزارين ايڪڙن تي وڏا قدرتي ٻيلا، ڦهلجي ويا ديوي جو انوکو وقت جيڪو انڊيا مان خبر ناهي ڪٿان پهتو. اهو ديوي جو وڻ پڻ قدرتي طور جانورن ۽ پکين رستي پهرين رڻ ڪڇ ۽ بعد ۾ ديهه بوهڙڪي واري علائقي ۾ پهچي برساتن ۾ اهڙو ته تيز رفتاري سان پکڙيو جو پهرين بوهڙڪي جون ڀر واريون يو سي ڪڍڻ ۽ يو سي ڀڳڙا ميمڻ جون ڪيتريون ئي ديهون ان جي لپيٽ ۾ اچي ويون ۽ بعد ۾ هي انوکو وڻ قدرتي طور تي بدين ضلعي بعد ٿرپارڪر ۽ سڄي لاڙ ۾ پيدا ٿي ويو. بوهڙڪي ٻيلي ۾ وڻن کان سواءِ ڪيترن ئي قسمن جا گاهه ٻوٽا ۽ جهنگلي جانور پڻ وڏي تعداد ۾ پيدا ٿي ويا، جن ۾ هرڻ، روجهه، ڦاڙها، سها، سوئر، گدڙ، بگهڙ وغيره شامل آهن. جڏهن ته پکين ۾ اڇا ۽ ڪارڙا تتر، طوطا، ڳيرا، مور، باز، ڪانوَ، جهنگلي ڪڪڙ، وغيره جهڙن ديسي پکين کان سواءِ مهمان پرديسي سهڻن پکين ۾ ڪونج ۽ تلور وغيره لاءِ پڻ بوهڙڪي وارو هي سرسبز علائقو جنت بڻجي ويو. جهنگلي جانورن ۾ وري سوئرن جا ڪٽڪ هن ٻيلي ۾ پيدا ٿي ويا. اهو ئي ڪارڻ آهي ته 70 ۽ 80 وارن هنن ڏهاڪن ۾ ممتاز علي خان ڀٽو ۽ راڻيپور جا پير، مهينن تائين هتي بوهڙڪي ٻيلي ۾ ڪئمپون قائم ڪري شڪار پيا ڪندا هئا.

بوهڙڪي ٻيلي جي تباهي:

بوهڙڪي جو هي خوبصورت ٻيلو اوچتو 80ع واري ڏهاڪي کان ٻيلي کاتي جي ڪارندن جي هٿان تباهه ٿيڻ شروع ٿيو. چند ئي سالن ۾ ٻٻر، ڪونو، لئو ۽ بيدمشڪ جا سهڻا سدابهار وڻ ڪٽجڻ  بعد ۾ اتان گم ٿيڻ شروع ٿيا. اهو سهڻن وڻن جي قتلام وارو قهر آمر جنرل ضياءَ الحق جي مارشلا لائي راڄ ۾ شروع ٿيو. دفاعي مقصدن لاءِ قائم ڪيل هن ٻيلي جي تباهي ۽ بربادي جو خبر ناهي ڇا لاءِ خود فوجين به نوٽيس نه ورتو. جڏهن ته مذڪوره ٻيلي جي انهن ئي ملازمن وارن ڪوارٽرن ۾ ان وقت ڳجهن ادارن جا ڪي جوان ٿاڪ ٺاهيو ويٺا هئا. انهن اهو ٿيندڙ ظلم پنهنجين اکين سان پي ڏٺو، پر خبر ناهي ڪهڙي مصلحت تحت انهن ڪا به ڪاروائي نه ڪئي. اهڙي طرح 1990ع تائين ٻيلي کاتي جي اهلڪارن اڪيلي ديوي جي وڻ کانسواءِ ٻين اٽڪل 10 هزار ايڪڙن تي پوکيل ۽ قدرتي طور تي پيدا ٿيل لکين قيمتي وڻن کي هٿرادو طور تي ڪٽائي انهن وڻن جو ڪروڙين رپين جو ڪاٺ ديده دليريءَ سان وڪڻي ڇڏيو. باقي ٻيلي جي 17 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضي تي جيڪي ديوي جا وڻ وڃي بچيا انهن لکين مڻ ديوي جو ڪاٺ گذريل اٽڪل ويهن ورهين کان پٺاڻ ٺيڪيدار وڍي رهيا آهن. ٻيلي کاتي جا اهلڪار هر سال ديوين جي ڪاٺ جا اهي ٺيڪا پٺاڻن کي ڏيئي رهيا آهن ۽ پٺاڻ ٺيڪيدار ان ڪاٺ مان هر سال ڪروڙين رپين جي ماليت جو ڪوئلو ٺاهي ٽرالرن رستي اهو ڪوئلو کڻي وڃي پنجاب جي شهرن ۾ وڪڻي رهيا آهن. اهڙي طرح هن ٻيلي مان ديوين جي وڻن جو پڻ صفايو ٿيڻ ڪري بوهڙڪي ٻيلي وارو هي علائقو وڻن کان خالي ٿي رڻ پٽ جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي. ٻيلي جي اهلڪارن قيمتي بلڊوزر، ٽريڪٽر ۽ ٻي سموري ڪروڙين رپين جي مشنري ڪٻاڙي وارن کي وڪڻي ڇڏي ۽ ٻيلي کاتي ٻنهي واهن جا واٽر لٽائي تباهه ڪري ڇڏياهئا. جڏهن ته ملازمن جي رهائش وارا ڪوارٽر پڻ ڪيترائي سال اڳ تباهه ٿي ويا. هڪ رپورٽ موجب بدين ضلعي ۾ وڻن جا فقط ٻه سرڪاري ٻيلا هئا. جنهن ۾ سڀ کان وڏو خوبصورت ٻيلو بوهڙڪي جو هو جڏهن ته ٻيو رڙي ٻيلو هو. جيڪو تعلقي گولاڙچي ۾ آهي. اٽڪل 6 هزار ايڪڙن تي مشتمل رڙي ٻيلي کي پڻ ٻيلي کاتي جي اهلڪارن ڪيترائي سال اڳ وڻ ڪٽائي تباهه ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري عملي طرح بدين ضلعي ۾ هن وقت سرڪاري ۽ غيرسرڪاري ٻيلن جو سرزمين تي ڪو به وجود ناهي. ان جي باوجود بدين ضلعي ۾ ڪاغذن ۾ نه فقط ٻيلا قائم ٿيل آهن، پر ڊي ايف او سميت ٻيلي کاتي جا ملازم اهلڪار هر سال ٻيلن ۾ وڌيڪ وڻن جي پوکائي ۽ انهن جي سار سنڀال جا ڪوڙا رڪاڊ ٺاهي سنڌ حڪومت کان بجيٽ منظور ڪرائي رقمون وصول ڪري رهيا آهن. هوڏانهن بوهڙڪي ۽ رڙي جي ٻنهي ٻيلن جي تباهي ۽ لکين وڻن جي ڪٽائي توڙي ڪروڙين رپين جي ڪاٺ جي وڪري ۽ پٺاڻن جي ٺيڪن جو سرڪاري طرح سان ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو آهي. اڄ ڏينهن تائين ان جي ڪا به جاچ ٿي نه سگهي آهي.

تباهه ٿيل بوهڙڪي ٻيلي ۾ سفاري پارڪ قائم ڪرڻ واري منصوبي جي ڪاميابي ۽ ناڪامي جي باري ۾ علائقي جي مقامي ماڻهن جا مختلف رايا آهن. ان سلسلي ۾ ڪڍڻ شهر جي سماجي اڳواڻ ڪفايت سنڌي “افيئر” طرفان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته: پارڪ جو اهو منصوبو تمام ڀلو آهي، پر ان جي ڪاميابي مشڪوڪ بڻيل آهي. ان لاءِ جن بنيادي خدشن جو هن ذڪر ڪيو انهن ۾ پارڪ جي وڻن لاءِ مٺي پاڻي جي عدم دستيابي، ايل بي او ڊي رستي ايندڙ ڀيانڪ سامونڊي ٻوڏون ۽ حڪومت جون تبديليون وغيره جهڙا خدشا آهن. جيڪي سندس خدشا واقع انتهائي اهم ۽ غور طلب آهن. ڪفايت سنڌي پارڪ واري منصوبي جي امڪاني ناڪامي وارن مٿين سندس ٽن اهم خدشن جي وضاحت ۾ ٺوس ثبوت ڏيندي چوي ٿو ته بوهڙڪي ٻيلي کي راڄواهه ۽ سنهي گوني جن ٻن واٽر ڪورسن مان وافر مقدار ۾ پاڻي جي فراهمي ٿيندي. اهي ٻئي واٽر ڪورس ٻنهي واهن جي آخري ٽيل ۾ آهن. هر سال اپريل کان جولاءِ جي مهينن تائين انهن ٻنهي واهن مان واري پئي اڏامندي آهي. انهن پاڻي جي کوٽ وارن ڏينهن ۾ آبپاشي سب ڊويزن ڪڍڻ جي سمورن واهن جي ٽيل ۾ هزارين انسانن ۽ لکين حيوانن کي پيئڻ لاءِ پاڻي جو هڪ ڦڙو به نه پهچندو آهي. تڏهن ايڏي وڏي پارڪ لاءِ ايترو پاڻي ڪٿان ايندو. جڏهن ته زير زمين جر جو پاڻي خطرناڪ حد تائين زهريلو آهي. مٺو پاڻي نه پهچڻ ڪري پارڪ جا وڻ سڪي ويندا ۽ جانور اڃ ۾ مري سگهن ٿا. جڏهن ته موجوده حڪومت جي تبديلي بعد جيڪڏهن ڪا ٻي مخالف حڪومت اقتدار ۾ اچي وئي ته اها حڪومت پڻ پارڪ جي هن منصوبي کي ختم ڪري سگهي ٿي. بوهڙڪي ٻيلي واري علائقي جو هڪ مقامي ننڍو آبادگار الهورايو “مارُو” پارڪ جي منصوبي بابت پنهنجا ويچار ونڊيندي چوي ٿو ته ! اهو منصوبو اصل ۾ پارڪ کان به وڏو آهي. جنهن لاءِ في الحال اسان جي اکين تي هٿ رکي اسان کي سب باغ ڏيکاريو پيو وڃي. اصل ۾ الهورائي جنهن اهم خدشي جو اظهار ڪيو اهو ساڳيو امڪاني خدشو اهي جنهن خدشي جو ٻول ڪڍڻ شهر واري علائقي سميت بدين جي تباهي هيٺ آيل سامونڊي پٽي واري سڄي علائقي جي هزارين ماڻهن جي چپن ت آهي ته :ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جون نظرون بوهڙڪي ٻيلي واري 17 هزار ايڪڙن کان وڌيڪ زمين تي کتل آهن. الهورائي جي ان امڪاني خدشي جي باري ۾ جڏهن هن کان پڇيو ويو ته ايتري 17 هزار ايڪڙ زمين کي آباد ڪرڻ لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟ ان اهم سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهو ٻنهي واهن جو اسان آبادگارن جو ئي پاڻي طقاقت ذريعي ٽيل ۾ بوهڙڪي ٻيلي تائين ائين پهچايو ويندو جيئن راڄواهه شاخ مان ڊاڪٽر مرزا هڪ غيرقانوني هڪ ننڍي واهه جيڏو واٽر ڪورس کوٽائي اسان جي واري وارو پاڻي بند ڪري. پنهنجي ديهه مارڊ ملير واري هزارين ايڪڙ زمين کي آباد ڪري رهيو آهي. جتي هن هزارين ايڪڙن تي اسانجو پاڻي چورائي پنهنجون ساريون پوکايون آهن. مقامي آبادگار الهورائي جي ابتڙ ڪڍڻ جو سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر علي محمد کٽي سفاري پارڪ واري منصوبي تي خوشي مان چوي ٿو ته جهنگل ۾ منگل ٿي ويندا. ڀيانڪ سامونڊي ٻوڏن جي سٽيل هڪ رڻپٽ واري علائقي ۾ رونقون ٿي وينديون. پرڏيهي سياح پڻ هي پارڪ گهمڻ ايندا. هن علائقي ۾ وڏي ترقي ٿيندي. هن چيو ته ديهه مارڊ ملير ۾ 20 سالن کانپوءِ پهريون ڀيرو ڊاڪٽر مرزا پنهنجي هزارين ايڪڙ زمين ۾ ساريون پوکايون آهن. مرزا فارم تائين اٽڪل 10 ڪلوميٽر پڪو روڊ پڻ ٺهي رهيو آهي. جنهن ترقي سان هن علائقي ۾ خوشحالي آئي آهي. بوهڙڪي ٻيلي لڳ ديهه ولهاري جو ننڍو آبادگار ۽ تاريخي ماڳ “سيف الملوڪ جو کوهه” جي رکوالي ڪندڙ علي احمد بروهي افيئر کي مورڳو هڪ خطري واري ڳالهه ٻڌائيندي چوي ٿو ته: “اصل واڳ ڌڻي تباهه ٿيل بوهڙڪي ٻيلي ۾ بارڊر ۽ دفاع واري نقطه نظر کان اهڙو عوامي پارڪ سري سان هرگز ٺاهڻ ئي نه ڏيندا. منصوبو ناڪام ٿي ويندو. رٿا لاءِ منظور ٿيل اهي 15 ڪروڙ رپيا ٻيلي کاتي جا ڪامورا ۽ سندن سرپرست چٽڻي ڪري ڇڏيندا.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو