Home / افيئر / تباهه حال سنڌ ۽ چانورن تي ٽئڪس جو باڪمال فيصلو
above article banner

تباهه حال سنڌ ۽ چانورن تي ٽئڪس جو باڪمال فيصلو

چانور، خريف جو اهم فصل، گذريل ٻوڏن ۾ تقريبن لُڙهي ويو ۽ جيڪي ٿيو سو وري اهي اطلاع آهن ته پرڏيهه ۾ گهڻي گهرج هئڻ ڪري اوڏانهن اماڻيو ويو. چڱو ٿيو ڪجهه نه ڪجهه ته ڪنهن اسم مان ملڪ کي ٿورو ڪي گهڻو پرڏيهي ناڻو ڪمائڻ جو ذريعو مليو، پر ان کان پوءِ سنڌ جي آبادگارن، واپارين ۽ مل مالڪن کي اچي ان خوف وڪوڙيو آهي ته ڇا ايندڙ خريف جو فصل چڱو ٿيندو يا سنڌ جي تقريبن برباد ٿي ويل آبپاشي نظام جي ور چڙهي ويندو. ڇو ته اڃا تائين سنڌ حڪومت پنهنجي خزاني جي ڪنجي هٿيڪي ڪيون ويٺي آهي ۽ مٿان وري مرڪز پنهنجي ٽجوڙي کي هٿ لائڻ نه ٿو ڏئي، ته پوءِ آخر ڇا ٿيندو” ڇا وقت سر پيل گهارا ۽ کنڊ ٻڌجي سگهبا ۽ ها جي ٻڌجي ويا ته پوءِ اها پڪ آهي ته ڪو حصي مطابق پاڻي به ملندو يا هر شئي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جي حوالي ٿي ويندي ۽ پوءِ مرڪز ۽ پنجاب جي مرضي هلندي؟


اهڙين حالتن ۾ چانورن جي پيداوار سان لاڳاپيل سڀ ڌريون هاڻي کان ئي پريشان آهن، پر اهو سوچي ڇرڪجي وڃن ٿيون ته حڪومت، جنهن جي وت ۾ اهو به ڪونهي جو اهو عوام سان ڪيل واعدو (80 هزار رپيا ٻي قسط طور ٻوڏ سٽيلن کي ڏيڻ) به وفا ڪري سگهي. جيتوڻيڪ ان لاءِ وزيراعظم ۽ وزيراعليٰ سنڌ هر هر اهي وچن ڏئي چڪا آهن ته ڇا اها حڪومت ڀڳل ٽٽل واهن، ڪئنالن ۽ درياهه جي ڪپن ۽ بندن کي وقت سر مضبوط ڪري سگهندي جو اهي ايندڙ پاڻيءَ ۽ ان جي دٻاءَ کي برداشت ڪري سگهن ۽ خيرخوبيءَ سان زراعت سان لاڳاپيل ماڻهن کي ايندڙ خريف لاءِ ڪي اهڙيون حالتون ميسر ٿي سگهن ته پوءِ چانورن جي پوکي ڪن ۽ پوءِ لابارا ڪري ڪجهه پيٽ گذر ڪرڻ جي لائق ٿين. اهڙاڪيترائي سوال کڻي جڏهن زراعت سان واڳيل جهوني شخص گدا حسين مهيسر، جيڪو سنڌ بلوچستان رائس ملرز ۽ ٽريڊرز جو باني آهي ۽ هينئر سنڌ آبادگار بورڊ جو مرڪزي نائب صدر آهي، ان وٽ وڃجي ٿو تڏهن هو چوي ٿو ته “مان نه ٿو سمجهان ته سنڌ حڪومت وٽ ڪا وٿ آهي يا ذريعا آهن جو اها وقت سر هيڏا سارا پيل گهارا بند ڪري سگهي. ان ڪري پاڻي جيڪڏهن بئراجن ۾ آيو ته ڪئنالن ۽ واهن ۾ اها صورتحال پيدا ٿيندي نظر نه ٿي اچي ته ڪو آباديءَ جيترو پاڻي پڇڙي تائين پهچي سگهي. ان ڪري جو سنڌ حڪومت وٽ ٻيو ته ٺهيو صوبي ۾ ساريال جي پوک لاءِ پورو ٻج به ڪونهي. هن وقت سنڌ صوبي ۾ پوکيءَ جي لائق زمين 25 لک ايڪڙ ٿيندي، جنهن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 9 لک مڻ سارين جو ٻج کپي ته پوک ٿي سگهي. جڏهن عجب جهڙي ڳالهه اها آهي جو سنڌ حڪومت وٽ صرف هڪ لک مڻ ٻج موجود آهي. ان لاءِ به پڪ نه آهي ته ان کي خاص حالتن مطابق رکيو به ويو آهي يا نه. ان ڳالهه مان اهو بلڪل چٽو آهي ته ايندڙ خريف کي پاڻي جي نه هجڻ ۽ هوندو ته تمام گهٽ مقدار ۾ ۽ ٻج جي غيرموجودگي هڪ تمام وڏو مسئلو پيد اڪندي.

ملڪ ۾ آيل ٻوڏن آبادگارن جو چوڻ آهي ته ان زمين جي جوڙجڪ ئي مٽائي ڇڏي آهي. گهڻي پاڻيءَ ڪري زير زمين لوڻياٺ ۽ ڪلر جي ڪري سطح تي اچي وڃڻ ان جي هيئت مٽائي ڇڏي آهي. جنهن لاءِ زراعت جا ماهر چون ٿا ته ان زمين کي وري ٻيهر فصل لائق بنائڻ لاءِ اشد ضروري آهي ته ان کي فصل (خريف) کان اڳ پاڻي پياريو وڃي نه ته اها ٺوٺ زمين فصل لائق نه ٿيندي ۽ پوءِ ان تي هر سخت فصل ثابت ٿيندو. ان لاءِ ان اپائڻ کان اڳ ان واري ڌرتيءَ کي اهڙو مٺي پاڻي جو ريج ڏجي ته اها وري ان لائق ٿئي جو فصل ڏئي سگهي.  اڳ ۾ ئي ٻوڏ جي بربادين ڪري ڪڻڪ جي پيداوار جيڪا سالياني 21 لک ٽنن جي برابر آهي، ان جي اپت ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي جو امڪان آهي. اهڙين حالتن ۾ مٿان وري آبادگارن کي هڪ ٻيو جهٽڪو اهو لڳو آهي جو زمين ۾ استعمال ٿيندڙ مختلف ڀاڻن جون قيمتون وڌڻ لڳيون آهن. هڪ اندازي مطابق اسان جي (سنڌجي) هڪ سال جي ضرورت 690000 مئٽرڪ ٽن ڀاڻ آهي. ان کانسواءِ 214000 مئٽرڪ ٽن فاسفيٽ ڀاڻ جي آهي ۽ وري اهڙي طرح 8 هزار ٽن پوٽاش جي آهي ته جيئن ساڍا چار لک هيڪٽر زمين تي ٿيندڙ  فصلن جي ڀاڻ جي سلسلي ۾ پورت ڪري سگهجي. هڪ طرف گهرج وڌي رهي آهي ٻئي طرف ڀاڻ جي قيمتن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ مٿان وري پاڻيءَ جي اچڻ جو امڪان به (ضرورت مطابق) ڪجهه گهٽ لڳي. مارڪيٽ ۾  يوريا جو اگهه معلوم ڪجي ته هن وقت 1150 رپيا في ٻوري آهي. جڏهن ته ڊي اي پي 3200 رپيا وڪامي ٿو، جنهن تي سرڪار وري 20 سيڪڙو ايڪسائز ۽ سيلز ٽيئڪس لڳائي آبادگارن کي مٿي ۾ سور وڌو آهي.

ان ئي ڏس ۾ تازو صدر آصف علي زرداري پاران جوڙيل هڪ ٽيم نوشهروفيروز مان چونڊيل ايم پي اي ڊاڪٽر احمد علي شاهه جي اڳواڻيءَ ۾ 2 فيبروري تي لاڙڪاڻي پهتي ۽ لاڙڪاڻي شهر لاءِ خطرو بڻيل عاقل-آگاڻي بند جو معائنو ڪيو ۽ اتي موجود آبپاشي ماهرن جي چواڻي ته هن بند کي محفوظ ڪرڻ لاءِ درياهه جي ايندڙ وهڪري کي منهن ڏيڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ چئن SFURS جهي ضرورت آهي. پر ان لاءِ اڃا اسٽڊي هلي ٿي پئي. شاهه صاحب جو چوڻ هو ته هو ۽ هن جي ٽيم ڪمن کان بلڪل مطمئن نه آهي ۽ ان کان صدر پاڪستان کي 15 روزه رپورٽ ۾ آگاهي ڏني وئي آهي. چوڻ جي ڳالهه اها آهي ته هن ٽيم جنهن ۾ زراعت ۽ آبپاشي جا ماهر به آهن، اهو چئي ڇڏي آهي (اڻسڌي طرح) ته ايندڙ وقت ۾ جي پاڻي وڌيو ۽ بند مضبوط نه ٿيا ته پوءِ وڏي تباهي ايندي. ساڳي ئي ڳالهه سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر ضلعي لاڙڪاڻي جو صدر سراج لاشاري ڪري ٿو ۽ ان لاءِ مهيسر جو خيال آهي ته هيل ڪشمير، هندوستان ۾ گهڻي برف پوڻ ۽ ان جو رجڻ به آهي، جنهن ڪري درياهي وهڪرن تي وڏا اثر پوندا. ته پوءِ ڇا حڪومت يا وري هي اين جي اوز جا انبوهه اهڙين حالتن ۾ خريف جي ايندڙ فصل لاءِ ڪي دڳ چارا اڳ ۾ ئي گهڙڻ لاءِ ڪجهه ڪري به رهيا آهن يا اسان جي وزيراعليٰ جي روزاني جي بيان وانگر ته بندن تي ڪم سڀاڻي شروع ٿيندو، پر اهو سڀاڻي الائي ڪڏهن ايندو ڇا تڏهن ايندو جڏهن بگهڙ سڀ رڍون کائي ويندا.

هڪ طرف چانورن جو فصل ۽ ان سان لاڳاپيل ماڻهو پريشان آهن ته ٻي طرف حڪومت جون حسناڪيون انهن کي ويتر پرشان ڪري ٿيون ڇڏين. هڪ اندازي مطابق سنڌ ۽ بلوچستان جنهن ۾ ساريال پوک گهڻي ٿي ٿئي، اتي هن وقت 11 هزار رائيس ملون ڪم ڪن ٿيون. سنڌ بلوچستان رائيس ملز ايسوسيئيشن جي هاڻوڪي صدر عارف مهيسر مطابق ته انهن ملن سان لاڳاپيل مزدور طبقو جنهن ۾ ڏهاڙي وارو مزدور به شامل آهي، انهن جو تعداد 70 هزار کان مٿي آهي ۽ انهن 70 هزار مزدورن سان لاڳاپيل ڪٽنب ۽ گهراڻن جي شمار ڪجن ته گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڪٽنب تي چار ڀاتي هجن ته اهو انگ چئوڻو ٿي ويندو. مطلب ته اهي 280000 تائين اچي ويندا. مطلب ته انهن سڀني جو روزگار اهو ئي آهي.

هاڻ حڪومت پنهنجي مهربانين ۾ اضافو ڪندي مرڪزي بورڊ آف روينيو (سرڪار جي دعويٰ جي خلاف ته هاڻ صوبا ٽيڪس اوڳاڙي گهڻي قدر ڪندا) 21 ڊسمبر 2010ع تي هڪ سرڪيولر جاري ڪري چانورن جي خريداري ۽ وڪري تي 3.5 سيڪڙو وٿ هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪري ڇڏيو آهي ۽ چانورن کي “جنرل ڪلاز” ۾ رکيو آهي. جنهن سان رائيس انڊسٽري جيڪا اڳ ۾ الائي ڪيترين ٽيڪسن هيٺ چٿي ٿي ان کي ويتر ڪاپاري ڌڪ لڳڻ جو امڪان آهي. ان کان سواءِ رائيس ملز مالڪن جو اهو وزندار موقف به اڳيان آيو آهي ته ان سان ڪرپشن جا نوان دروازا کلندا. ڇو ته اڳ ئي ٽيڪس اوڳاڙيندڙ ادارن  جو ڪردار ڪو تعريف جوڳو نه رهيو آهي. چانورن جي هڪ واپاري انور شيخ جو چوڻ آهي ته 3.5 سيڪڙو وٿ هولڊنگ ٽيڪس هڪ ڪارو قانون آهي، جيڪو وڌيڪ ڪرپشن کي هٿي ڏيندو ۽ ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ هڻندو. ٿورڙو تاريخ جي ڦيٿي کي پوئتي وٺي وڃجي ته معلوم ٿيندو ته سينٽرل بورڊ آف روينيو 3 جون 1991ع تي هڪ سرڪيولر جاري ڪري چانورن جي ڪاروبار تي 1.5 وٿ هوڊلنگ ٽيڪس لاڳو ڪئي هئي، پر ان وقت چانورن جي اسم کي خاص ڪلاز ۾ رکيو هيو، پر خبر ناهي حڪومت کي ڇا سجهيو جو هن فصل تي اوچتو مهربان ٿي ان کي جنرل ڪلاز ۾ رکي وٿ هولڊنگ ٽيڪس 3.5 سيڪڙو ڪري ڇڏيو.

هن ڪاروبار سان لاڳاپيل ماڻهن جو چوڻ آهي ته 2010ع ۾ جڏهن سنڌ مان پاسڪو خريداري ڪٿي پهتي ته ان وقت به 1.5 سيڪڙو وٿ هولڊنگ ٽيڪس لاڳو هئي، هاڻ ته نئون قانون ۽ نوان قاعدا هڪ ملر کي ان ۾ قابو ڪري رهيا آهن ته اُهي اهڙو رڪارڊ ضرور رکن ته هنن ڪنهن کان ۽ ڪيترو ان خريد ڪيو آهي ۽ ان سان اهو لازمي هوندو ته هو پنهنجي زمين جا ڪاغذ ڏيکاري اها اپت جيڪا هو وڪڻي رهيو آهي، اها بلڪل ان جي نالي آهي.

جيڪڏهن ڪو آبادگار پنهنجون ساريون کپائڻ چاهي ته ان لاءِ به اهو ضروري ڪيو ويو آهي ته هو پنهنجي زمين جا ڪاغذ خريدار کي ڏيکاري ۽ خريدار وري اهي پنهنجي رڪارڊ تي رکي وڏي ارهه زورائي آهي. جيڪڏهن ڪاغذ ڪونهن ته پوءِ 3.5 سيڪڙو وٿ هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ٿي ويندو. ٿيندو آخر ۾ وڃي ايئن جو هڪ عام خريدار جڏهن ڪنهن ڀرپاسي واري دڪان تان چانور خريد ڪندو ته ان کي اهو مهانگو ملندو ۽ پوءِ اهو ئي غريب غريب مان غريب ٿيندو ويندو. هي وٿ هولڊنگ ٽيڪس ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي ٿي. پهريون اهو ته ڇا سنڌ ۾ روينيو رڪارڊ محفوظ آهي (ڪجهه سرڪاري ڪارندن جي ڪري ۽ ڪجهه وري 27 ڊسمبر واري شهيد بينظير ڀٽو جي واقعي کانپوءِ لڳل باهين ڪري) ٻي ڳالهه جيڪا عام آهي اها اها آهي ته 50 سيڪڙو آبادگار يا ڪڙمي ماڻهو پنهنجو مال دلالن معرفت منڊي ۾ وڪرو ڪندا آهن، جيڪو پوءِ هڪ  هٿ کانپوءِ ٻي هٿ ۽ نيٺ وڃي پرڏيهه واپار ڪندڙ ڪنهن وڏي ڊنگ واپاري وٽ پهچي ٿو، اهڙي طرح هڪ آبادگار کان ويندي پرڏيهه ۾ واپار ڪندڙ تائين جيترن ماڻهن وٽ مال پهچندو، اوترا ڀيرا اها 3.5 سيڪڙو وٿ هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ٿيندي. عارف مهيسر جو چوڻ آهي ته اهڙي قسم جي ڪاروبار ۾ نه ته رڪارڊ (زمينن جو) هڪدم هٿ اچي سگهندو ۽ نه وري ايترو رڪارڊ هڪ واپاري يا مل جو مالڪ ڪيئن ٺاهيندو. آخر هڪ ملز جو ۽ هڪ کاتيدار يا آبادگار کي ڪهڙي اچي پئي آهي جو وتي پرائو رڪارڊ سنڀاليندو ۽ پرائو مٿي جو سور پنهنجي مغز ۾ وجهي.

ان کانسواءِ ڇا اهو ممڪن لڳي ٿو ته ايترا پڙهيا لکيا منشي هنن ملرز کي ملن ۽ راتوواهه روينيو کاتو حج ڪري اچي ۽ هر شئي سوني ٿي پوي. ان کانپوءِ ڇا اهو نظر اچي ٿو ته بينظير ڀٽو جي شهادت وقت سڙي ويل روينيو رڪارڊ هڪدم ٻيهر وري صحيح ۽ جلدي ٺهي سگهي. انهن سڀني ڳالهين جو في الحال ته جواب نفي ۾ نظر اچن ٿا، پر شيون هڪدم به بدلجي نٿيون سگهن. اهڙين حالتن ۾ جڏهن چانورن جي پيداور سان لاڳاپيل ملز بجليءَ جي هڪ وڏي بحران جي ور چڙهيل آهن جو انهن کي ٻيو ته ٺهيو صحيح وولٽيج به فراهم نٿي ڪئي وڃي ۽ ان جو  سڌو يا اڻسڌو اثر وري ان جي پيداواري قوت تي پوي ٿو ۽ آخر ۾ وري جي ڪو معاشي طور تي ڌڪجي ٿو ته اهو آهي آبادگار ۽ هڪ عام خريدار جيڪو پنهنجي پاڙي مان روزانو چانورن لپ خريد ڪرڻ لاءِ بنا اگهه پڇي ٻچڙن لاءِ وٺي اچي ٿو.

سنڌ حڪومت جي هڪ ڪٿ مطابق ته سنڌ جي 62 سيڪڙو جاگرافي، ائرڊ زون تي مشتمل آهي، جنهن ۾ ٿر، نارا، ڪوهستان اچي وڃن ٿا. ان کانسواءِ 350 ڪلوميٽرن جي سامونڊي پٽي آهي، جڏهن ته ڪل پوکي لائق ايريا 05.76 ملين هيڪٽر آهي ۽ 6.27 ملين هيڪٽر پوکي لائق نه آهي ۽ اهڙي طرح 01.37 ملين هيڪٽر زمين جيڪا پيل آهي، جنهن کي پوکي لائق بڻائي سگهجي ٿو. انهن انگن اکرن تي نظر وجهنداسين ته اسان کي ان ڳالهه جو احساس ٿيندو ته سنڌ حڪومت کي ڪيترو نه ڪم ڪرڻو اڃا آهي. باقي رڳو حڪومت پنهنجي هڪ اهم اتحادي جي ڪري وتي ٿي هروڀرو زرعي ٽيڪس لڳائڻ لاءِ زور آزمائي ڪندي. هڪ طرف ٽيڪنس ۾ واڌارو روزبروز آهي ٻي طرف سنڌ جي ايندڙ پوکيءَ لاءِ سارين جو ٻيجارو ڪو نه آهي، مٿان وري ڀڳل ٽٽل واهه، ڪئنال ۽ درياهه جا بند ايندڙ وقت ۾ ڪنهن خطرناڪ صورتحال جو ڏس ڏئي رهيا آهن. رائيس جي ڪارخانن تي نظر وجهون ته پتو پوندو ته 1100 ڪارخانن مان تقريبن 80 ڪارخانا بجلي جي بحران ڪري ڊيزل انجڻن تي هلي رهيا آهن، جنهن جو به سڌو يا اڻسڌو اثر ڦري گهري ملڪي معشت تي پوي ٿو.

ان ڪري هي وقت آهي ته حڪومت بجاءِ ان جي جو آبادگارن، واپارين، ملرز لاءِ ڪي سهولتون مهيا ڪري، اها هروڀرو به نوان ٽيڪس مڙهي هن سيڪٽر کي تباهي طرف ڇو ٿي ڌڪي. جيڪڏهن موجوده حالتن ۾ وقت سر خريف لاءِ پاڻي نه پڄايو ويو ته پوءِ هڪ خطرناڪ صورتحال جنم وٺي سگهي ٿي. جنهن ۾، زمينن جو مستقل طور نه ڦرجڻ ۽ پوءِ وري پيداواري ذريعن جو گهٽجڻ ۽ آخر ۾ هروڀرو جي ٽيڪسن ڪري هي شعبو ويندو ويهندو، ڇو ته هتي ڪو به متبادل فصل ڪونهي. حڪومت کي کپي ته هن اهم صنعت کي بچائڻ جا سنجيده ۽ وقت سر اپاءَ وٺي ته بهتر نه ته ايندڙ وقت ۾ ٿي سگهي ٿو اسان کي چانور به ٻاهران گهرائڻا پون. جنهن جو وري به اثر هڪ عام مزدور (جيڪو هن شعبي سان لاڳاپيل آهي) تي ۽ آبادگارن تي پوندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو