Home / افيئر / ثقافتي ڏهاڙي جي نالي تي بلوچن کي سرمو وجهڻ جي ڪوشش
above article banner

ثقافتي ڏهاڙي جي نالي تي بلوچن کي سرمو وجهڻ جي ڪوشش

سياسي عمل ۾ سنڌ-بلوچستان جا تاريخي لاڳاپا سدائين ساراهه جوڳا رهيا آهن. اهڙن سياسي لاڳاپن ۾ هڪ ٻئي کان اثر وٺڻ لازمي عمل آهي. جيئن بلوچ قومي جدوجهد مان متاثر ٿي سنڌ ۾ ڪڏهن ڪڏهن ريلوي ٽريڪ اڏائڻ جهڙا واقعا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ جنهن جو مظاهرو گذريل مهيني پڻ ڏسڻ ۾ آيو، ائين ئي وري سنڌين جي ٽوپي اجرڪ ڊي مان متاثر ٿي بلوچ حلقن بلوچ ڪلچرل ڊي وارو سلسلو شروع ڪيو. ان ڪلچرل ڊي جو 2 مارچ تي اعلان ڪيو ويو ۽ گذريل سال بي ايس او آزاد پاران خضدار انجينئرنگ يونيورسٽي ۾ رکيل وڏي پروگرام ۾ بلوچ مسلح دفاع آرمي پاران بم اڇلايو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ به بلوچ نوجوان ٿڌي تي شهيد ٿيا. ڪيترائي زخمي ٿيا، جهن مان 2 اڄ به معذوري واري حالت ۾ آهن. واضح رهي ته مسلح دفاع آرمي کي اسٽيبلشمينٽ جي ٺاهيل هٿ ٺوڪي تنظيم سمجهيو وڃي ٿو، جيڪا بلوچ مزاحمتي قوتن جي ٽوڙ لاءِ جوڙي وئي ۽ جنهن گذريل هڪ سال اندر بلوچ مزاحمت جي اهم ڪردارن کي رستي تان هٽائڻ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪيو آهي. انهي تنظيم ۾ مبينا طور خضدار جي ڪجهه اهم شخصيتن جو هٿ ٻڌايو وڃي ٿو، جيڪي مشرف دور کان وٺي سرڪار سان تعاون ۾ آهن.

بهرحال گذريل سال ڪلچرل ڊي واري اها تقريب انهي هڙ ڌڙ جي نظر ٿي وئي. جڏهن ته انهي کانسواءِ ٻيو ڪو وڏو ايونٽ به نه ٿي سگهيو. هاڻ جيئن ته اهو عمل رڳو سنڌي ٽوپي اجرڪ جي ڊي مان متاثر ٿي ڪري ڪيو ويو هو، تنهن ڪري ڪنهن قسم جي سنجيده سرگرمي ممڪن ئي نه هئي. سنجيده حلقن پاران پڻ اهڙا ئي سوال اٿاريا ويا ته آخر هن شوشي جو مقصد ڇا آهي؟ سنڌ- بلوچستان جون سياسي حالتون مختلف آهن، بلوچستان جي سياسي صورتحال ۾ ڪنهن به قسم جو ڌمچر ممڪن ئي ناهي. حد ته اها هئي جو ثقافتي ڏينهن ملهائڻ وارن وٽ پڻ 2 مارچ ئي ڇو؟ جو ڪو جواب ئي نه هو. ڇاڪاڻ جو گڏيل قومن پاران عالمي ثقافتي ڏينهن 6 جون تي ملهايو وڃي ٿو، پوءِ ڀلا بلوچ ثقافتي ڏينهن لاءِ 2 مارچ ڇو؟ جڏهن ته تاريخي طور پڻ بلوچ تاريخ ۾ انهي جو ڪو پسمنظر ڪونهي. نتيجو اهو ٿيو جو اها سرگرمي ٻن بلوچ نوجوانن جي موت جو ڪارڻ بڻجي ختم ٿي وئي.

هاڻ وري هلندڙ سال بلوچي زبان جي پهرين نيوز چئنل وش نيوز انهي ايشو کي اٿاريو. جيئن دنيا جي پهرئين سيٽلائيٽ سنڌي چئنل جي دعويدارن ٽوپي اجرڪ جي نالي تي سنڌين کي “ٽوپي” پارائي ايئن ئي گذريل هڪ سال کان هلندڙ وش نيوز پنهنجي رياستي موقف جي ڪري جڏهن بلوچ عوام جو ڌيان حاصل نه ڪري سگهيو ته ساڳئي ئي ”قومي ڪارڊ“ استعمال ڪيو ويو ۽ 2 مارچ تي ڪلچرل ڊي جي نالي سان “جشن بلوچ” ملهائڻ جو اعلان ڪيو ويو. اهو شوشو جنوري کان ئي شروع ٿي ويو ۽ ٻن مهين تائين هلندو رهيو. بلوچ سنيجده حلقن هڪ ڀيرو ٻيهر “جشن بلوچ” تي تنقيد ڪندي ساڳيو ئي سوال اٿاريو ته جڏهن بلوچستان ۾ ماتم واري صورتحال آهي، اهڙي ماحول م جشن ملهائن آخر ڪنهن جي ۽ ڪهڙي مقصد جي پوئيواري آهي. پر نظرانداز ٿيل هڪ چئنل کي جشن ته هڪ اشو هٿ اچي ويو هو ۽ ننڍين قومن کي سدائين قومپرستي جي نالي تي بيلڪ ميل ڪندڙ سرمائيدارن کي سدا بهار “قومي ڪارڊ” کيڏڻ جو موقعو مليو، تنهن ڪري وسان نه گهٽايو پر سندن همت ايتري هئي جو جڏهن بلوچ مزاحمتي حلقن پاران انهي عمل جي واضح مذمت شروع ٿي ته آخر چئنل ڪوئيٽا سميت بلوچستان ۾ اعلانيل پنهنجا پروگرام ڪئنسل ڪيا ۽ پوءِ اندرون بلوچستان جيئن گوادر، تربت، خضدار، پنجگور ۽ ٻين شهرن ۾ اسڪولن اندر اهي پروگرام ڪيا ويا. رڳو ڪراچي ۾ پهرين آرٽس ڪائونسل ۽ پوءِ سي ويو تي هڪ وڏو پروگرام منعقد ڪيو ويو، جيڪو سواءِ ناچ گانن جي ٻيو ڪجهه به نه هو ۽ حالت اها هئي جو جنهن ڏينهن آرٽس ڪائونسل ۾ پروگرام ٿي رهيو هو انهي کان هڪ ڏينهن بعد خضدار ۾ هيومن رائيٽس ڪائونسل جي ڪارڪن نعيم صابر جو چچريل لاش مليو ۽ جنهن ڏينهن سي ويو تي ڪلچرل ڊي جون ڌمالون هلي رهيون هيون، ته مستونگ مان هڪ ٻيو لاش مليو، جيڪو هڪ ڏينهن بعد فيض بلوچ جي نالي سان سڃاتو ويو، پر دنيا جي پهرين بلوچي نيوز چئنل وش نيوز تي اهي خبرون هڪ ٽڪر جي جاءِ به نه والاري سگهيون جو ڪلچرل ڊي جون لائيو ايڪٽوٽيز هلندڙ هيون ۽ ”ايڪهين صدي جي ٻي ڏهاڪي جو ٻيو وڏو اجتماع سي ويو تي گڏ آهي“ ڪراچي ۾ اهڙي دعويٰ ڪندڙ مڪران جي ڪنهن خانه بدوش بلوچن کي تي بيوقوف بڻائي سگهن ٿا، پر اهو ته هاڻ ڪوئيٽا وارا به سمجهن ٿا ته اهڙا ميڙاڪا ته ايم ڪيو ايم جهڙي تنظيم هڪڙي يونٽ ۾ ئي گڏ ڪري وٺندي آهي ۽ سندن نعرو پڻ “قومي” هوندو آهي.

پر حقيقت اها به آهي جو مزاحمتي قوتن پاران ٿيندڙ تنقيد پڻ افراتفري جو شڪار رهي. انهي تنقيد مٿان اهو جائز سوال اٿاريو ويو ته گذريل سال اهو ئي ڏهاڙو بي يس او آزاد پاران ملهايو ويو ته اهڙي قسم جي ڇتي تنقيد تڏهن ڇو نه ڪئي وئي؟ نه رڳو اهو پر هن سال به ڪيترن ئي شهرن ۾ بي ايس او آزاد جي نوجوانن ڪلچرل ڊي ملهايو، جڏهن ته قيادت انهي جي شديد مخالفت ڪئي. اهو شڪ به جائز هو ته ڇا مزاحمتي قوتن رڳو انهي ڪري اعتراض ڪيو ڇاڪاڻ جو هن ڀيري سندن نظرياتي مخالف جماعت بي اين پي مينگل، عوامي، نيشنل پارٽي ۽ بي ايس او جي ٻين ڌڙن انهي جي حمايت ڪئي؟ ۽ جيڪڏهن اها ڳالهه واقعي سهي آهي ۽ اهي اعتراض درست آهن، جيڪي بظاهر درست نظر اچن پيا ته سنجيده حلقن جو اهو تجزيو درست چئبو ته بلوچ حلقن اندر نه رڳو يڪجهتي جو فقدان آهي، پر اندروني طور تنظيمون غيرمنظم آهن.

ليڪن غيرجانبدار حلقا انهي نقطي تي اتفاق رکن ٿا ته بلوچستان جي سياسي حالتن جي پيش نظر ڪنهن به قسم جي غيرسنجيده حرڪتن جيئن جشن بلوچ کي ڪو سٺو سنوڻ نه ليکبو، خود جنهن سرگرمي (ٽوپي اجرڪ ڊي) کان متاثر ٿي اهو ڏينهن ملهايو ويو، انهي تي پڻ سنڌ جي سنجيده حلقن ائين ئي تنقيد ڪئي ته قومن کي ڪلچر جي نالي تي بليڪ ميل ڪرڻ بجاءِ ادارن ۽ تنظيمن جي ذميواري آهي ته اهي اصل قومي مسئلن جي حل لاءِ پاڻ پتوڙين. بلوچستان ۾ گذريل سال کان وٺي “گم ڪيو ۽ ماري اڇلايو” واري جيڪا پاليسي هلي پئي، انهي ڪري قومي تنظيمن ۽ ادارن جون ذميواريون به وڌي ويون آهن. انگن اکرن موجب رڳو گذريل سال جي آخري ڇهن مهين دوران 60 کان وڌيڪ سياسي ڪارڪنن ۽ نوجوانن کي اغوا ڪرڻ کانپوءِ ماري سندن لاش چچريل حالت ۾ ويرانن ۾ اڇلايا ويا، هلندڙ سال جي ٻن مهينن دوران پڻ هڪ درجن کان وڌيڪ اهڙا لاش ملي چڪا آهن. نه ڪنهن ملڪي تنظيم انهي تي هڪ اکر ڳالهايو آهي ۽ نه ئي ملڪ جي آزاد عدالتن ڪو سوموٽو نوٽيس ورتو آهي. گذريل هفتي خضدار ۾ مارجي ويل نوجوان نعيم صابر ڪنهن به سياسي تنظيم سان لاڳاپيل نه هو، بلڪه ايچ آر سي پي خضدار جو ميمبر هو ۽ اغوا ڪري مارڻ واري واقعن خلاف احتجاج ڪرڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ اڳڀرو هو. رڳو انهي جرم ۾ ئي کيس پهرين اغوا ڪيوويو ۽ پوءِ هفتي اندر سندس لاش اڇلايو ويو.

اهڙا واقعا ظاهر ڪن ٿا ته هاڻ رڳو سياسي ڪارڪن نه پر بلوچستان ۾ هر اهو ماڻهو نشاني تي آهي، جيڪو ٿورو به ڳالهائي سگهي ٿو، سوچي سگهي ٿو، لکي ۽ پڙهي سگهي ٿو. بلوچستان ۾ هاڻ رڳو ڍورن جهڙي زندگي گذاريندڙ عوام ئي زنده رهي سگهي ٿو. جيڪو رياستي معاملن تي نه ڪي سوچي سگهي، نه لکي سگهي، نه ڳالهائي سگهي، ۽ بلوچسان جي ترجماني اهڙا چئنل ڪندا جيڪي عوام کي ڪلچرل ڊي جهڙين سرگرمين ۾ مصروف رکڻ واري مهارت رکندا هجن!!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو