Home / ڪرنٽ افيئر / حسني مبارڪ جي تڏا ويڙهه: عرب دنيا ڪٿي بيٺي آهي
above article banner

حسني مبارڪ جي تڏا ويڙهه: عرب دنيا ڪٿي بيٺي آهي

وچ اوڀر جو ٻرندڙ جبل ڦاٽي پيو آهي، جنگ، امن معاهدن ۽ تيل جي عالمي سياست جي مرڪز هن علائقي ۾ عوام جو احتجاج ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي. اها هڪ لحاظ کان عالمي سياست ۾ بنيادي تبديلي آهي، جنهن ڪري مصر ۾ ٽيهن ورهين کان طاقتور حسني مبارڪ حڪومت مصري نوجوانن جي مزاحمتي تحريڪ اڳيان ڪيئن هٿيار اڇلائي چڪي آهي، مصر جو مرحوم شاهه فاروق چوندو هو ته دنيا ۾ فقط ڇهه بادشاهه رهجي ويندا، چار تاش جي پتن جا بادشاهه، پنجين برطانيا جي راڻي ۽ ڇهون هو پاڻ. ليڪن کيس ان حقيقت جو اندازو نه هو ته مصر جي ٻهراڙيءَ جي هڪ غريب ڪٽنب ۾ اک کولڻ وارو پوسٽ آفيس جي هڪ ملازم جو پٽ ناصر ۽ هڪ فوجي اسپتال ۾ ڪلارڪ جي حيثيت سان ڪم  ڪندڙ ملازم جو پٽ انور سادات انتهائي طاقتور شاهه فاروق جي حڪومت کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندا. ياد رهي ته ان دور ۾ ملٽري اڪيڊمي ۾ غريب ماڻهن جي ٻارن کي ملازمت نه ڏني ويندي هئي ۽ کين اڇوت سمجهيو ويندو هو. جڏهن انور سادات کي انٽرويو لاءِ فوجي اڪيڊمي ۾ گهرايو ويو هو ته اڪيڊمي جي سربراهه سندس مذاق اڏائيندي چيو هو ته هڪ معمولي هيلٿ ڪلارڪ جو پٽ هليو آهي فوجي آفيسر ٿيڻ. ايئن پوءِ ان اڪيڊمي مان ئي ناصر ۽ سندس دوستن تعليم حاصل ڪئي، پنهنجو گروپ ٺاهيو ۽ پوءِ شاهه فاروق جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو. ناصر حڪومتي معاملن کان اڻ واقف ۽ عالمي سياسي پيچيندگين کان به بي خبر هو. ان ڪري عرب سياست ۾ روايتي اثر رسوخ رکندڙ قوتن سان ان جو ٽڪراءُ اڻٽر هو. رچرڊ نڪسن پنهنجي ڪتاب ۾ ناصر ۽ سادات بابت لکي ٿو ته “ناصر دل سان ۽ سادات دماغ سان سوچيندو هو.” حقيقت اها آهي ته ناصر شعله بيان تقريرن وسيلي عوام تي حڪمراني ڪرڻ کي پسند ڪندو هو ۽ پنهنجي سياسي مخالفن کي ظالماڻي طريقي سان چيڀاٽڻ جو قائل هو، جڏهن ته سادات جو حڪمراني جو انداز مختلف هو، هن اقتدار ۾ اچڻ شرط ناصر جي دور حڪومت ۾ گرفتار ڪيل سمورن قيدين کي آزاد ڪري ڇڏيو.


چارلس ڊيگال عرب دنيا بابت چوندو هو ته عرب ۽ اسرائيلي شديد احساس رکندڙ قومون آهن ۽ اهي هميشه پنهنجي حق کان وڌي مطالبو ڪنديون آهن. ليڪن ڊيگال جي وچ اوڀر بابت راءِ هئي ته آمريڪا ۽ ٻين ملڪن کي گهرجي ته اهي مصالحت جي بنياد تي انتقامي جذبن کان هٽي ڪري هن خطي جي امن خاطر اتحاد قائم ڪن. هُن اهو پڻ چيو هو ته هيلتائين اسرائيل عربن سان سموريون جنگيون کٽيون آهن، ليڪن آخرڪار اسرائيلي نفرت جي سمنڊ ۾ پنهنجو وجود برقرار رکڻ ۾ ناڪام ٿيندا.

تاريخ ٻڌائي ٿي ته 1967ع ۾ اسرائيل هٿان شڪست مصر جي اسٽريٽجڪ سياسي ڪردار کي محدود ڪري ڇڏيو هو. ان وقت مصر جي هوائي فوج جو سربراهه حُسني مبارڪ هو. جڏهن 1973ع جي عرب اسرائيل جنگ ۾ انور سادات جو ڀاءُ عاطف به مارجي ويو هو. هو مصري ايئرفورس ۾ پائلٽ هو. چيو وڃي ٿو ته اسرائيل سان مفاهمت ڪرڻ پٺيان انور سادات لاءِ تمام گهڻا محرڪ هئا. 1973ع جي جنگ ۾ روسين اهم ڪرادار ادا ڪيو هو، انهن پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪرڻ لاءِ واشنگٽن تي دٻاءُ وڌو. انور سادات کي پڪ هئي ته جيڪڏهن ان جنگ ۾ مصر جي هوائي فوج مک ڪردار ادا نه ڪيو ته پوءِ مصر کي شڪست يقيني هئي. ان ڪارڻ ئي هن حسني مبارڪ کي پنهنجو نائب صدر مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. هن وقت مصر ۾ هلندڙ بغاوت کانپوءِ حسني مبارڪ ايندڙ مدي لاءِ صدارتي چونڊ نه وڙهڻ جو فيصلو ڪيو هو، ان جو سبب به اهو هو ته هو ٽيهن ورهين جي صدارت کانپوءِ عزت سان اقتدار کان الڳ ٿيڻ واري خاڪي کي ترجيح ڏئي رهيو هو.

حقيقت اها آهي ته حسني مبارڪ 30 ورهين تائين مصر تي بي رحماڻي طريقي سان حڪمراني ڪئي، ليڪن هاڻ وقت سندس هٿن مان نڪري چڪو هو، جنهن مصري فوج ٽيهن سال سندس اقتدار جو تحفظ ڪيو، اها ساڻس گڏ نه بيٺي. هن وقت مصر جي معيشت به دٻاءُ جو شڪار آهي، عالمي سياست جو رخ به تبديل ٿي چڪو آهي ۽ سڀ کان اهم مسئلو حسني مبارڪ جي 82 ورهيه عمر ۽ خطرناڪ بيماري جو شڪار هو. ان ڪري ئي  آمريڪا اڳوڻي شاهه ايران وانگر حُسني مبارڪ کان به اکيون ڦيرائي ڇڏيون، لڳي ائين ٿو ته هن وقت حسني مبارڪ اولهه جو سڀ کان وڌيڪ قابل نفرت شخص آهي، ٽيهن ورهين تائين آمريڪا ۽ اولهه جي مفادن جي جنگ وڙهندڙ حسني مبارڪ کي آمريڪا هڪ پل لاءِ به تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه هو، اهو عمل سمورن آمريڪا نواز حڪمرانن لاءِ سبق آهي، جنهن مان کين سبق پرائڻ گهرجي.

حسني مبارڪ جو اقتداري دور ۾ ستن آمريڪي صدرن سان سندس تعلق رهيو، انهي دور دوران اسرائيل کانپوءِ مصر اهو ملڪ آهي، جنهن کي آمريڪا سڀ کان وڌيڪ فوجي ۽ اقتصادي امداد مهيا ڪندو رهيو آهي، ليڪن هاڻي حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن،   حسني مبارڪ ماضيءَ جو حصو بڻجي چڪو آهي، عرب دنيا کيس رد ڪري چڪي آهي. ليڪن عالمي نبض شناس اهو چڱي ريت سمجهن ٿا ته اها تحريڪ فقط مصر تائين محدود نه رهندي، ٻين عرب ملڪن ۾ به ان جا اثر پئدا ٿيندا. اهو ئي ڪارڻ آهي جو عرب دنيا ۾ ڀونچال جهڙي ڪيفيت آهي. نار جي ٻنهي جنگين ۾ آمريڪا جي اسٽريٽجڪ ۽ سياسي مفادن جو تحفظ ڪندڙ حسني مبارڪ پينٽاگون ۽ وائٽ هائوس ۾ شجر ممنوعه قرار ڏنو ويو آهي. حسني مبارڪ، ناصر ۽ سادات جي دور اقتدار جو تسلسل رهيو آهي. هن جي روايتي حڪمراني آمراڻي هئي. هو اسرائيل جي تمام ويجهو رهيو آهي. فلسطينين سان اسرائيل جي مفاهمت ڪرائڻ ۾ سندس اهم ڪردار هو ۽ هاڻي حسني مبارڪ جي زوال کانپوءِ اسرائيلي سربراهه به پريشان آهن.

دراصل اسرائيل لاءِ مصر جي صورتحال وڏو ڌڪ ثابت ٿي سگهي ٿي، اهو ئي ڪارڻ آهي جو اسرائيل تيونس کانپوءِ مصر، اُردن، يمن ۽ سوڊان جي حالتن جو جائزو وٺي رهيو آهي. اسان کي اهو نه وسارڻ گهرجي ته اسرائيل جو هڪ اڳوڻو وزيراعظم بن گوريان وچ اوڀر ۾ فقط اسرائيل کي ئي جمهوري ملڪ سمجهندو هو، ليڪن بن گوريان کانپوءِ اڄوڪي اسرائيلي قيادت عرب دنيا جي انقلاب کان ڊنل آهي، جنهن جي قيادت ڪنهن به مذهبي تنظيم بدران عرب نوجوانن جي هٿ  ۾ آهي، جنهن جا يقيني طور تي اسرائيل تي به اثر پوندا. ان ڪري اسرائيل کي حقيقت کي تسليم ڪندي فلسطيني رياست جي قيام بابت عملي قدم کڻڻ گهرجن.

وچ اوڀر ۾ مصري حڪومت جو زوال رڳو حسني مبارڪ جي اقتدار جو خاتمو ناهي، بلڪه حسني مبارڪ جي پاليسين کي به مصر جي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي. مصر جي عدالت عظميٰ جي ججن جي تنظيم عوامي تحريڪ جي حمايت ڪري قانون جي حڪمراني تي زور ڏنو آهي، آمريڪي حڪومت کي جڏهن اهو احساس ٿيو ته حسني مبارڪ جي خلاف عوام جي نفرت عروج تي آهي ته ان به تحريڪ جي حمايت شروع ڪري ڇڏي. ياد رهي ته مصر ۾ ٻئي مدي جي صدارتي چونڊن جي سلسلي ۾ اوباما انتظاميا جون نظرون مصري صورتحال تي آهن. اوباما اهو ثابت ڪرڻ ٿو چاهي ته هو اڳوڻي آمريڪي صدر بش جي ڀيٽ ۾ آمريڪا کي عرب ملڪن جي وڌيڪ ويجهو وٺي آيو آهي ۽ عرب ملڪن جي سياسي انقلاب جي حمايت ڪري اُتي موجود آمريڪا خلاف نفرت کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.

آمريڪا جي جڳ مشهور دانشور نام چومسڪي عرب دنيا جي انقلاب لاءِ چيو آهي ته “11 سيپٽمبر جي واقعن کانپوءِ بش چيو هو ته ملسمان اسان کان اسان جي آزادي سبب نفرت ڪن ٿا، اهڙين آمريڪي پاليسين جي ڪري القاعده جي جهادين کي فائدو پهتو آهي.” نيويارڪ ٽائمز سميت سمورين وڏين آمريڪي اخبارن جو خيال آهي ته هاڻوڪو مصري بحران سخت ترين بحران آهي، جنهن ۾ حسني مبارڪ جهڙي آمر ۽ بدعنوان جي حڪومت جي تڏا ويڙهه ٿي چڪي آهي، هي اهڙي ئي صورتحال هئي، جهڙي ماضيءَ ۾ اڳوڻي شاهه ايران ۽ پوءِ فلپائين جي آمر مارڪوس کي سامهون هئي.

29 مارچ 2008ع تي عرب رهنمائن جي اجلاس ۾ ڪرنل قذافي تقرير ڪندي چيو هو ته “هڪ وقت اهڙو هو جڏهن صدام حسين آمريڪا جو سڀ کان وڏو اتحادي هو ۽ آمريڪا صدام حسين کي استعمال ڪري جهڙي ريت سندس حشر ڪيو اهو عربن لاءِ هڪ سبق آهي ۽ توهان جو وارو به اچڻ وارو آهي. قذافي ان اجلاس ۾ موجود عرب سربراهن کي چيو هو ته اڄ عربن جو وقار ۽ مستقبل شديد خطري ۾ آهن ۽ جيڪڏهن توهان پاڻ ۾ ايئن وڙهندا رهيا ته اهو وقت پري ناهي جڏهن توهانکي تاريخ جي ٽوڪريءَ ۾  ڦٽو ڪيو ويندو. حسني مبارڪ جو زوال ڏسي ايئن ٿو لڳي ته قذافي جي اڳڪٿي اڄ سچ ثابت ٿي رهي آهي.

آمريڪا ٽيهن ورهين تائين حسني مبارڪ جي آمريت جو ساٿ ڇو ڏنو ان بابت اولهه جي اڪثر تجزئي نگارن جو خيال آهي ته مصر ۾ ڪنهن ٻئي آيت الله خميني يا جمال ناصر جي اقتدار ۾ اچڻ جي خوف سبب ان جو ساٿ ڏنو ويو. هتي اهو به ياد ڏياريندو هلجي ته پهرين جنوري 1957ع ۾ واشنگٽن ۾ مصر جي سفير ان وقت جي صدر ناصر کي پيغام موڪليو هو ته آمريڪا سندس تختو اونڌو ڪرڻ جي رٿابندي ڪري رهيو آهي، فوجي بغاوت جي راهه هموار ڪئي پئي وڃي. جيتوڻيڪ ناصر ان بغاوت کي غيرموثر ڪري ڇڏيو هو پر تڏهن به تجزئي نگارن جو خيال هو ته مصر جي فوج ۾ آمريڪا جو اهو اثر رسوخ ڪافي حد تائين آهي ۽ هاڻوڪو نائب صدر عمر سليمان به اولهه جي ويجهو آهي، ان ڪري حسني مبارڪ جي زوال ۾ فوج جي ڪردار کي به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي.

آمريڪي يونيورسٽي ۾ پروفيسر ۽ مصري تجزئي نگار ڊاڪٽر ڪريم ايم ڪامل جو مصري صورتحال بابت خيال آهي ته مصر جي قيادت اسٽريٽجڪ وزن کان محروم آهي ۽ عرب دنيا تيزيءَ سان ٿيندڙ تبديلين جو ادراڪ ناهي ڪري سگهي، اهو ئي سبب آهي جو مصر خطي ۾ خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي ۽ عالمي سياست ۾ ان جي اهميت ڏينهون ڏينهن گهٽجي رهي آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته تيونس ۾ ۽ مصر ۾ آيل انقلاب سعودي عرب ۽ ٻين عرب ملڪن کي پنهنجي لپيٽ ۾ ڪڏهن ٿي آڻي؟

عوامي بغاوت جي نتيجي ۾ نيٺ حسني مبارڪ ٽيهن ورهين جو اقتدار ڇڏي ڏنو، ايئن ظلم، جبر ۽ آمريت جي ڊگهي رات جي پڄاڻي ٿي، ظلم جي اها ڪاري رات ختم ڪرڻ ۾ ٽي سو ماڻهن پنهنجي رت جو نذرانو ڏنو. سوين زخمي ۽ گرفتار ٿيا. مصر ۾ هڪ آمر جي پڄاڻي جي آمريڪا برطانيا جرمي، فرانس، اسرائيل ۽ ٻين ملڪن طرفان آجيان ڪندي ان تبديليءَ کي هڪ سياسي فرعون جو موت قرار ڏنو ويو آهي. مصر ۾ بغاوت واري تحريڪ جي نتيجي ۾ عرب دنيا ۾ هڪ نئين انقلاب جو گس کليو آهي، جنهن کان عرب دنيا جا روايتي حڪمران ڏڪي رهيا آهن.

حقيقت اها آهي ته حسني مبارڪ استعيفيٰ ۾ مصري دفاع واري وزير فيلڊ مارشل محمد حسن مصري فوج جي سبراهه جو اهم ڪردار هو. واضح رهي ته مصر ۾ آيل هاڻوڪي تبديلي کي وچ اوڀر جي مستقبل سان ڳنڍيو پيو وڃي. مصر مان ٽيهه ورهين جي آمريت جي خاتمي کانپوءِ هاڻي اهم معاملو ايندڙ سياسي ۽ آئيني نظام جو آهي. هن وقت سياسي اتفاق راءِ سان ٺهندڙ حڪومت ئي مصر جي سياسي، سماجي، معاشي ۽ اقتصادي صورتحال بهتر بڻائي سگهي ٿي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو