Home / ويندي ويندي / رياست جو چوٿون ٿنڀ
above article banner

رياست جو چوٿون ٿنڀ

الائي ڪڏهن، ڪنهن يا ڪيئن، ميڊيا کي رياست جو چوٿون ٿنڀ قرار ڏنو، پر جنهن به ڏنو، تنهن هاٿي کي هندستان ڏيکاري ڇڏيو. ڄڻ ڀولي جي هٿ ۾ لٺ ڏيئي ڇڏي هجي- هاڻ اسان جو مٿو آهي ۽ رياست جي چوٿين ٿنڀ جي هٿ ۾ جهليل لٺ- مڙون اسان به نه ٿا جو سنسني ۾ مزو آهي. روز شام جو ٽي وي آڏو ويهي ٽاڪ شوز ٻڌڻ ۾ ايترو ئي مزو آ جيترو اڳي ريسلنگ ڏسڻ ۾ ايندو هو. ڳالهه مڙئي ساڳي. نورا ڪشتي! ڪو زمانو هو جو صحافت ۾ شورش ڪاشميري جو زمانو هو. شورش، مولانا جوهر، ابوالڪلام آزاد، طارق اشرف ۽ اهڙا ڪردار صحافت جي سونهن هئا. اکرن جي لڄ رکندڙ. پر پوءِ پهرين انفارميشن ٽيڪنالاجي جو انقلاب آيو، جنهن قلم ۽ جسم سان طلبگار ريجهائڻ جو فرق مٽائي ڇڏيو. الائي ڪٿان ڀانت ڀانت جيان صحافي هٿ ۾ مائيڪ جهلي رياست جو چوٿون ٿنڀ بڻجڻ لاءِ ميدان ۾ لهي پيا. کين رياست ڪمزور نظر آئي ان ڪري رياست جي نظرياتي پهلو جو دفاع ڪرڻ لاءِ هو پڙ تي پڙاءُ ڪري ويهي رهيا. هاڻ سڄي ملڪ جي ساڃاهه انهن مان جند ڇڏائڻ لاءِ آتي آهي.

روز بي ايمان خان ڪي ساٿ، گهٽيل ٽاڪ جامد مير سان، دوٽوڪ، بلا تڪلف، سڌي ڳالهه، الٽي ڏياريندڙ ڳالهه ۽ اهڙا انيڪ ٽائيٽل انهن ٽاڪ شوز جا ٿيا جن ۾ روز رات جو ملڪ کي ڪرپٽ سياستدانن مان نجات ڏياري ڪنهن هي مخلوق ملندي آهي. ۽ ماڻهن وٽ تفريح جو ڪو ٻيو ذريعو ناهي بچيو، سو انهن مشڪرن کي ٻڌندي وقت گذارين ٿا. پر بدقمستي اها آهي ته ماڻهن جي اڪثريت هاڻ ان مسڪري کي سيريس به وٺڻ لڳي آهي. مثال طور: جڏهن کان پ پ سرڪار جڙي آهي، اهي مشڪرا ماڻهن کي روز نئين ڊيڊلائين ڏيندا اچن ته فلاڻي مهيني جي فلاڻي تاريخ تي زرداري اينڊ ڪمپني جي ڇٽي! راءِ عامه جوڙڻ لاءِ کين الائي ڪٿان ٿي ٽاسڪ ملي جو شل نه ڪنهن کي بنا وردي ڏسن- اصل ان جي کل لاهيو وڃن. مجال آ جو وردي وارن جي دور کي ياد ڪري اهو ٻڌائين ته هي جيڪي سياسي سسٽم ۾ ٻاراڻيون آهن سي ان ڪري آهن جو وردي وارن سياست کي، سياسي ادارن کي هتي بالغ ٿيڻ ئي ڪو نه ڏنو. انهن ”موالي جو اعلان آ، 5 رپيا گلاس“ جي گٺل پيٺل هوڪي وانگر ٽي ويءَ تي اچي ”ملڪي مفادات“، ”عوامي خواهشات“ جو راڳ آلاپيندڙ انهن اينڪرز کي ڀائو لوگن ۽ ملن تي تنقيد ڪرڻ جي همت ئي نٿي ٿئي. ڪراچي ۾ هلندڙ ٽاڪ شوز جا اينڪرز ته ڀائي لوگن جا ميڊيا تي ڇڏيل ايجنٽ ۽ سندن پارٽيءَ جا ميمبر لڳندا آهن،  جو ڀائي لوگ جڏهن پ پ کان ڪاوڙبا آهن ته اهي اينڪرز سندن ڪيس وڙهي لنڊن ۾ ويٺل ”وڏي ڀائي“ کي نهايت عزت ۽ احترام سان ”قائدِ تحريڪ“ جي خطاب سان ياد ڪندا آهن.

هاڻ کين ماڻهن کي ”سامراج دشمن“ بنائڻ جو ٽاسڪ مليو آهي. آپگهاتي حملا کين ڊرون حملن جو ردعمل لڳي ٿو ۽ ريمنڊ ڊيوس ڪيس کين ڪنهن طارق بن زياد جي ياد ڏياري ٿو. سلمان تاثير ۽ شهباز ڀٽي کي “ڪيفرِ ڪردار“ تائين پهچائڻ لاءِ انهن ڪمال ڪري ڏيکاريو. ڇيڻي ڀور جي مهارت کين هاڻ ان غلط فهمي ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي ته هو حڪومتون ڊاهي به سگهن ٿا ته ٺاهي به. ٺاهڻ ته خير وڏو هنر آهي، ڊاهڻ لاءِ هنر کان وڌ تخريبي جبلت ۽ ڪنهن ڳجهي هٿ جو اشارو کپي. جنهن جي پاڻ وٽ کوٽ خير سان ناهي رهي. مُلا کان پوءِ اسٽيبلشمينٽ کي ميڊيا به ونگار وهڻ لاءِ هٿ لڳي وئي آهي. ڏسون ته هي غازي ملڪ کي ڪٿي ٿا پڄائن!

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو