Home / ڪور افيئر / ريمنڊ مامرو- وٽ کوٽا يا ڦودني ۾ ڦير
above article banner

ريمنڊ مامرو- وٽ کوٽا يا ڦودني ۾ ڦير

مخدوم شاه محمود قريشيءَ جي پرڏيهي معاملن جي ماهر طور شھرت ويجهي ماضيءَ جي ڳالهه آهي، بطور سجاده نشين پنجاب جي سرائيڪي ريجن ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ تي پيري مريديءَ وسيلي سياسي اثر رکڻ واري سندس خاصيت ته کيس ورثي ۾ مليل آهي. نئين جڙندڙ وفاقي ڪابينا ۾ قسم کڻڻ کان انڪار ڪندڙ شاهه محمود قريشي جي معاملي کي قومي ميڊيا سازشي رنگ ڏيڻ شروع ڪيو آهي ۽ ڳالهه ان منزل تي وڃي پهتي آهي ته شاه محمود کي پيپلزپارٽي ڇڏڻ لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي. قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ چوڌري نثار سان سندس امڙ جي وفات تي تعزيت جي بهاني قريشيءَ پنجاب جي وڏي وزير ميان شهباز شريف سان هڪ ڪلاڪ تائين نويڪلاٿيءَ ۾ ملاقات ڪٿي آهي. ان ملاقات کان ٻه ڏينهن پوءِ شاه محمود قريشيءَ ميڊيا تي اچي چيو ته هو ڪيترن ئي رازن تان پردو کڻي سگهي ٿو. هن معاملي کي نظر ۾ رکي اگر ان ڏينهن وارين خبرن کي ياد ڪجي جيڪي ڪابينا جي حلف کڻڻ واري ڏينهن ٻڌڻ ۽ پڙهڻ لاءِ مليون ته انهن جو زور ان ڳالهه تي هو ته شاه محمود قريشيءَ کي ريمنڊ ڊيوس واري معاملي تي حڪومتي موقف جي تائيد نه ڪرڻ سبب ڪابينا ۾ شامل نه ڪيو ويو. ان سڄي پسمنظر ۾ پيپلزپارٽيءَ جي اڳواڻن جا بيان به اهميت وارا آهن جن چيو ته شاه محمود قريشي محترمه بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف جا وارنٽ جاري ٿيڻ واري معاملي سبب پارٽي قيادت کان ناراض آهي ۽ هن جو حشر فاروق لغاريءَ جهڙو ٿيندو. ان مان اهو مطلب ڪڍي سگهجي ٿو ته پيپلزپارٽيءَ جي قيادت شاه محمود قريشيءَ متعلق ذهن تيار ڪري چڪي آهي ته هو پارٽي ڇڏي سگهي ٿو. آمريڪا جي پرڏيهي وزير هيلري ڪلنٽن ۽ ٻين اهم آمريڪي عملدارن سان ويجهڙائي رکندڙ شاه محمود قريشيءَ متعلق پيپلزپارٽي اڳواڻن اهو به چيو ته پرڏيهي وزير ٿيڻ کانپوءِ هو پارٽي قيادت ۽ وزيراعظم بجاءِ “ڳجهي ايجنسي” جي چوڻ تي قدم کڻندو هو.


2008 ۾ جڏهن حڪومت ٺهڻ وارو عمل شروع ٿيو هو ته شاهه محمود به وزيراعظم جي عهدي جو اميدوار هو پر آصف زرداريءَ يوسف رضا گيلانيءَ کي مٿس فوقيت ڏني. حڪومتي حلقا انهن ڏينهن جي ڳالهين کي ياد ڪندي ٻڌائن ٿا ته اقتدار جي شروعاتي ڏينهن کان وٺي شاه محمود قريشي پارٽي قيادت جي حڪمن کي نظر انداز ڪرڻ شروع ڪيو ان حد تائين جو بينظير ڀٽو جي قتل جي جاچ لاءِ گڏيل قومن کي خط لکڻ ۽ ممبئي حملن جي ڏس ۾ حڪومت جي هدايتن تي عمل ڪرڻ بجاءِ “ايجنسي” جي پاليسيءَ تي عمل ڪيائين. آصف زرداريءَ صدارت جو حلف کڻڻ کانپوءِ جنهن پرڏيهي حڪمران کي رياستي مهمان طور پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني اهو حامد ڪارزئي هو، ملڪ جي سڀ کان وڏي خفيه ايجنسي صدرمملڪت جي ان قدم جي سخت مخالفت ڪئي ۽ شاهه محمود قريشيءَ به اهڙو ئي موقف اختيار ڪيو. آصف زرداري حامد ڪارزئيءَ کي دوري جي دعوت ڏئي ملڪ جي اصل حاڪمن کي اهو نياپو ڏنو ته پيپلزپارٽيءَ جي حڪومت پرويز مشرف واري پاليسي جاري رکڻ بجاءِ پنهنجي پاليسي تي عمل ڪندي. ممبئي حملن کانپوءِ ڀارت عالمي برادريءَ جي سهڪار سان پاڪستان حڪومت تي دٻاءُ وڌو ته پاڪستان اهو قبول ڪري ته ممبئي حملن ۾ پاڪستاني ملوث آهن. ان معاملي تي به شاهه محمود حڪومت جو ساٿ ڏيڻ بجاءِ طاقتور ڌر جو ساٿ ڏنو. نتيجي ۾ پرڏيهي وزير بجاءِ گهرو معاملن جي وفاقي وزير رحمان ملڪ کان اهو بيان ڏيارڻو پيو هو ته ممبئي حملن ۾ غير رياستي عنصر ملوث آهن. شاهه محمود قريشي جيترو وقت به پرڏيهي وزير رهيو هن حڪومت جي ڪنهن به پاليسيءَ جي کليل لفظن ۾ ڪڏهن به حمايت نه ڪئي. ڪيري لوگر بل واري معاملي تي پرڏيهي وزير هوندي قريشيءَ متحرڪ ڪردار ادا نه ڪيو. هيءَ اها چارج شيٽ آهي جيڪا پيپلزپارٽيءَ وارا تيار ڪيو ويٺا آهن. ڪجهه جيالا ته چند ڏينهن جي صورتحال کي نظر ۾ رکي چون پيا ته شاهه محمود پيپلزپارٽي ڇڏي مسلم ليگ (ن) ۾ وڃڻ جو فيصلو ڪري چڪو آهي. جڌهن ته ايوان صدر جو ترجمان فرحت الله بابر اها وضاحت ڪري چڪو آهي ته قريشيءَ خلاف پارٽيءَ جي سطح تي ڪا به ڪاروائي نه ڪئي ويندي. اهي به اطلاع مليا آهن ته شاهه محمود قريشيءَ پيپلزپارٽيءَ جي شريڪ چيئرمين سان ملاقات لاءِ ڪوشش ڪئي آهي پر کيس اڃا ملاقات جو ٽائيم ناهي ڏنو ويو. امڪان اهي به ڏيکاريا پيا وڃن ته پيپلزپارٽي قيادت چند ڏينهن تائين مخالفن کي اهو موقعو فراهم ڪندي ته اهي قريشيءَ جي معاملي جو سهارو وٺي حڪومت ۾ ڏار وجهڻ ۽ پيپلزپارٽيءَ کي ورهائڻ واري خوشفهميءَ جو شڪار رهن ۽ بعد ۾ شاهه محمود کي وفاقي ڪابينا ۾ توسيع جي مرحلي ۾ ٻيهر پرڏيهي وزير بڻائي مخالفن جي پلاننگ تي پاڻي ڦيري ڇڏجي. پر معاملا جنهن انداز سان اڳتي وڌي رهيا آهن انهن کي ڏسي هن وقت ان ڳالهه تي سو سيڪڙو يقين ڪرڻ ڏکيو لڳي رهيو آهي.

اسٽيبلشمينٽ ۽ مخالف ڌر جون پارٽيوڻ چاهن ٿيون ته پيپلزپارٽيءَ کي ٻن يا ٻن کان وڌيڪ حصن ۾ ٽوڙجي ته جيثن آصف زرداريءَ جو طلسم ٽٽي ۽ ايندڙ وقت جي جيڪا سياسي شڪل جڙي رهي آهي ان ۾ پنهنجي مرضيءَ جو رنگ ڀري سگهجي. مخدوم امين فهيم کي وزارت عظميٰ جو اميدوار بڻائي به اها ئي ڪوشش ڪثي وئي ته صفدر عباسي ۽ ناهيد خان کي اڳتي آڻي پيپلزپارٽيءَ ۾ نئون گروپ ٺاهڻ جي حرڪت ڪئي وئي. تازو ئي نبيل گبول کي به استعمال ڪيو ويو پر هن وقت تائين پيپلزپارٽيءَ کي ٽوڙڻ وارو اسٽيبلشمينٽ جو خواب پورو ناهي ٿيو. سينيئر صحافي دوستن جو اهو تجزيو بلڪل صحيح آهي ته پيپلزپارٽيءَ کان ڌار ٿي جتوئي، کر، لغاري، ممتاز ڀٽو، حفيظ پيرزادو ۽ ٻيا ڪيترائي پنهنجو قد ڪاٺ وڃائي ويٺا. شاهه محمود قريشيءَ به شايد ان نڪتي تي سوچيندو ضرور هوندو هاڻي اهو سندس وس ۾ آهي ته آصف زرداريءَ جي سياسي ميراث جو حصو ٿي رهي يا پنهنجي الڳ شناخت لاءِ پاڻ پتوڙي. انهن ڳالهين ۾ به ڪجهه ڪجهه حقيقت آهي ته صدر ۽ وزيراعظم وچ ۾ ڪيترن ثي معاملن تي اختلاف ٿيندا رهيا آهن انهن اختلافن توڙي پارٽيءَ جي ايم اين ايز جي مطالبن واري ڳالهه کي اينگهائي ميڊيا ذريعي اسٽيبلشمينٽ ڪوشش ڪندي رهي آهي ته حڪومت کي ڪمزور ڪجي. تازو مثال نيب چيئرمين کي مقرر ڪرڻ واري نوٽيفڪيشن کي ٻيهر جاري ڪرڻ جو آهي. اهڙن حيلن بهانن ذريعي حڪومت جي مٿي ۾ هر روز نئون ڪوڪو ٺوڪيو وڃي ٿو. ريمنڊ ڊيوس جي معاملي کي به اگر ان انداز سان سمجهڻ جي ڪوشش ڪجي ته شايد صورتحال ڪجهه بهتر سمجهه ۾ اچي.

لاهور ۾ قائم آمريڪي قونصليٽ ۾ مقرر ٿيل ريمنڊ ڊيوس متعلق هن وقت تائين جيڪا معلومات سامهون آئي آهي ان مطابق اهو همراهه آمريڪا جو اڳوڻو فوجي آهي، جنهن کي اليڪٽريشن ظاهر ڪري پاڪستان اماڻيو ويو. لاهور ۾ مزنگ چنگي چوڪ ۾ جنهن وقت هن ٻن پاڪستانين کي گاڏيءَ مان ويهي گوليون هڻي قتل ڪيو ان وقت جيڪي حقيقتون بقول هڪ انگريزي اخبار جي ڪالم نگار ڪامران شفيع مطابق ته ”غيرتمند پاڪستاني ميڊيا“ پاڻ ٻڌايو ته ريمنڊ ڊيوس جن ماڻهن کي گوليون هڻي قتل ڪيو اهي ڦورو هئا ۽ جڏهن آمريڪيءَ کين قتل ڪيو ان کان هڪ ڪلاڪ اڳ هنن ٻن ڄڻن کان موبائل فون ڦر ڪيا هئا ۽ پاڪستان جا اهي قيمتي شهري ان واردات کانپوءِ ريمنڊ ڊيوس جي گاڏيءَ اڳيان ۽ پويان لامارا هڻي رهيا هئا. سندن چيلهه سان پستول به ٻڌل هثا. اهو منظرعام تي اچي ويل سچ ۽ ان واقعي سان جڙي ويل ٻي اهم معلومات هاڻي قومي مفادن خاطر کوهه جي تري ۾ لڪائي وئي آهي. جڏهن ملڪ جي اصل مالڪن اهو طثي ڪري ورتو ته هي اهڙو موقعو آهي جنهن جي آڙ وٺي آمريڪا ۽ پيپلزپارٽيءَ سان هڪ ئي وقت کيڏ کيڏي سگهجي ٿي ته پوءِ لاهور جي پوليس آفيسرن، صوبائي قانون کاتي جي آفيسرن ۽ ميڊيا سچ بجاءِ ڪوڙ ڳالهائڻ تي زور ڏنو. جنهن جو نتيجو اهو آهي ته ريمنڊ ديوس جو معاملو هاڻي پاڪستان جي قومي غيرت جو معاملو آهي. بيان بازين ۽ سياست جو محور آهي.

ڪجهه صحافي دوستن جو خيال آهي ته ان معاملي کي ان سطح تائين وٺي وڃڻ جو اصل مقصد اهو آهي ته جيثن پاڪستاني فوج کي دهشتگرديءَ خلاف جنگ کان ڌار ڪرائي وٺجي. ڇو ته پاڪستان جا عسڪري ادارا ان جنگ کي وڌيڪ وقت لاءِ جاري رکڻ جي حق ۾ نه آهن. انهن ادارن جو خيال آهي ته بدلجندڙ حالتن مطابق پاڪستان پنهنجي اندروني حالتن کي ٺيڪ ڪري خطي ۾ پنهنجي پوزيشن کي ماضيءَ جي انداز سان مستحڪم ڪري. جڏهن ته ريمنڊ ڊيوس جي معاملي تي پيپلزپارٽيءَ کي اهڙي پوزيشن ۾ آڻجي جو اها آمريڪي حڪومت لاءِ بي فائده نظر اچي. پاڪستان جي قيام کان وٺي اڄ تائين اهو آمريڪا ئي آهي جنهن پاڪستان کي پنهنجي مفاد خاطر هميشه ڊالر ڏنا آهن. ڏکين وقتن ۾ مدد ڪئي آهي. 2005 وارو زلزلو هجي يا 2010 واري ٻوڏ آمريڪا پاڪستان جي عوام جي مدد ڪئي. پاڪستان جي فوجي طاقت کي مضبوط ڪرڻ ۾ به آمريڪا جو وڏو سهڪار شامل رهيو آهي جنهن کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. جڏهن کان دهشتگرديءَ خلاف جنگ شروع ٿي آهي تڏهن کان وڏو صوبو ۽ ان جا سڀ حامي آمريڪا کان ڊالر وٺڻ ۾ دير نه ٿا ڪن باقي آمريڪا جو ساٿ ڏيڻ جي نڪتي تي کين ڪيترائي اعتراض آهن. پر آمريڪا ئي آهي جيڪو معاملي جي نزاڪت کي سمجهندي موقف اختيار ڪري چڪو آهي ته پاڪستاني عدالتن جو احترام ڪيون ٿا پر پاڪستان به عالمي قانون جو احترام ڪري.

آمريڪي چڱيءَ ريت ڄاڻي چڪا آهن ته موجوده حڪومت جي وس ۾ صرف اهو آهي ته سٺا بيان جاري ڪري پنهنجي ڪارونهوار کي گهليندي رهي. باقي مخالف ڌر، ميڊيا ۽ عدالتن وسيلي سندن نڪ ۾ جيڪا ناڪيلي وڌي آهي ان جي آڏو سندن هڪ به نه ٿي هلي. لاهور واري واقعي کانپوءِ حڪومت ڪوشس ڪثي ته پرڏيهي وزير ريمنڊ ڊيوس جي حق ۾ بيان ڏئي ته جيئن کيس ويانا ڪنوينشن تحت ملڪ بدر ڪري آمريڪا روانو ڪيو وڃي پر اهڙو بيان جاري نه ٿي سگهيو ان ئي عرصي ۾ مسلم ليگ (ن) وارن پنهنجا سڀ وسيلا استعمال ڪري معاملو عدالت تائين پهچائي ڇڏيو. جنهن بعد حڪومت وٽ سواءِ ان جي ٻيو ڪو به رستو نه هو ۽ ايئن ئي چوندي رهي ته عدالت جيڪو فيصلو ڪندي اهو قبول ڪنداسين. مصر ۽ تيونس جي انقلابن کانپوءِ ميڊيا حڪومت کي جيڪي ڌمڪيون ڏنيون آهن، حڪومت انهن کان ايترو ڊنل آهي جو عالمي قانون تي به عمل نه ٿي ڪرائي سگهي. ڪافي ڏينهن کان اهو محسوس ٿئي پيو ته ملڪ تي اصل حڪمراني ميڊيا ۽ عدالتن جي آهي. عدالتن ۾ ڀلي ڪانٽريڪٽ تي جج ۽ ٻيا آفيسر ڀرتي ٿيندا رهن پر حڪومت لاءِ پابندي آهي ته ڪنهن کي به ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي نه ڪري. ميڊيا سچ ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ بجاءِ قومي مفاد طئي ڪري ۽ انهن قومي مفادن عالمي قانونن کي رديءَ جا ڪاغذ ڪري پيش ڪري. ميڊيا پنهنجي ملڪ اندر ته جيڪو چاهي طاقتور ادارن جي هشيءَ تي اهو سڀ ڪجھه ڪري سگهي ٿي پر ان سوال جو جواب ڪو به مجاهد قسم جو صحافي ڪو نه پيو ڏئي ته پاڪستان عالمي سطح تي ڇا اڪيلو ٿي رهي سگهي ٿو؟

تازو ئي آمريڪي سينيٽر جان ڪيري پاڪستان جي دوري تي پهتو، هن صدر آصف زرداريءَ سان به ملاقات ڪئي پر هن جي دوري جو اصل مقصد ميان نواز شريف سان ملاقات ڪرڻ هو. آمريڪي سمجهن ٿا ته مسلم ليگ(ن) پاڪستان ۾ سندن خلاف عوامي راءِ کي کي منظم ڪري رهي آهي، جنهن ڪري پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا خراب ٿي سگهن ٿا. جان ڪيري آمريڪي حڪومت جي نمائندي طور اها ڪوشش ڪرڻ آيو ته مسلم ليگ (ن) ۽ ٻين ڏاڍن ادارن کي اهو باور ڪراثجي ته ريمنڊ ڊيوس کي آمريڪا حوالي نه ڪرڻ جو نقصان پاڪستان کي ئي ٿيندو!!!پاڪستان جي معيشت ڪمزور ۽ غيرملڪي امداد جي سهاري هلي رهي آهي، آءِ ايم ايف کان سواءِ اهو آمريڪا ئي آهي جيڪو پاڪستان کي اربين ڊالر قرض ۽ امداد ڏئي رهيو آهي. آمريڪا پاران سفارتي ۽ معاشي لاڳاپا متاثر ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پاڪستان کي آڇ ڪئي وئي آهي ته اگر ريمنڊ ڊيوس کي پاڪستان مان باعزت انداز سان هليو وڃڻ جو موقعو ڏنو وڃي ته آمريڪا هن مٿان پنهنجي ڪورٽن جي مدد سان ٻن ماڻهن جي قتل جو ڪيس هلائيندو. توڙي جو آمريڪين جي نيت تي کوڙ سارا شڪ ڪري سگهجن ٿا پر اها آڇ انتهائي معقول آهي. جڏهن ته اهڙين آڇن جي موٽ ۾ پاڪستان مان اهي مطالبا ٿي رهيا آهن ته ريمنڊ ڊيوس عيوض آمريڪا ڊاڪٽر عافيه صديقيءَ کي آزاد ڪري. سفارتي معاملن جا ماهر چون ٿا ته ڊاڪٽر عافيه صديقي هڪ ته سفارتڪار نه آهي ٻيو ته آمريڪي شهري به آهي ان متعلق جيڪو به فيصلو ٿيو آهي اهو آمريڪا جو پنهنجو اندروني معاملو آهي. ان ڪري ريمنڊ ڊيوس عيوض ڊاڪٽر عافيه جي آزادي مسئلي کي حل ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ برابر آهي.

پاڪستان ۾ گهڻن معاملن کي هميشه قومي مفاد جي پني ۾ ويڙهي اهڙي خوبصورت انداز سان پيش ڪيو ويندو آهي جو ان معاملي تي غيرت نه اچڻ ڄڻ ته هڪ قدرتي خامي بڻجي ويندي آهي، پاڪستاني گلوڪار راحت فتح علي خان ڀارتي قانون ٽوڙيندي لکين ڊالر کڻي ڀارت پهتو ۽ ڀارتي قانون جي گرفت ۾ آيو ته ان قصي کي به قومي غيرت تي حملو ڪري پيش ڪيو ويو. پاڪستاني ڀلي ته ٻين ملڪن جا قانون ٽوڙيندا رهن پر کين قانون جي گرفت ۾ نه آندو وڃي ۽ ڪوئي عالمي قانون اگر پاڪستان تي به لاڳو ئيندو هجي ته ان تي عمل ڪرڻ يا نه ڪرڻ پاڪستانين جي مرضيءَ تي منحصر هجي. اها ٻٽي سوچ پاڪستان جي ان عوام لاءِ ضرور ڏکيائيون پيدا ڪندي جيڪو پرڏيهه ۾ رهي ٿو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جو مستقل نمائندو هڪ ڀيري پنهنجي غيرملڪي محبوبا کي تشدد ڪرڻ جو گناهگار ثابت ٿيو، جڏهن ته هڪ ٻيو پاڪستاني سفير هيروئن اسمگل ڪندي پڪڙيو ويو پر انهن ٻنهي پاڪستاني سفارتڪارن کي عالمي قانون تحت ڪا به سزا نه ڏني وئي. اها به هڪ حقيقت آهي ته سفارتڪارن جي روپ ۾ سمورا ملڪ پنهنجي ايجنسين جا ڪارندا ٻين ملڪن ۾ موڪليندا آهن، ٿي سگهي ٿو ته ريمنڊ ڊيوس آمريڪي جاسوس هجي ۽ لاهور توڙي ان جي آسپاس ۾ موجود جهادي ڪيمپن جون تصويروڻ ڪڍڻ جي خيال کان لاهور آيو هجي پر پرويز مشرف نائن اليون کانپوءِ آمريڪين کي پاڪستان ۾ جيڪا آزادي ڏني آمريڪي ان آزاديءَ جو ٿي فائدو وٺندا رهيا آهن ۽ قبائلي علائقن تائين پنهنجو جاسوسي نيٽ ورڪ ڦهلاٿي چڪا آهن. اگر پاڪستان جا عسڪري ادارا مشرف ۽ مريڪين جو ساٿ نه ڏين ها ته ست سمنڊ پار کان آيل آمريڪي اهو ڪم ايڏي آسانيءَ سان نه ڪري سگهن ها. پر مسئلو اهو آهي ته ان سڄي گند ۾ پيپلزپارٽي ڦاسي پئي آهي ۽ اهڙي انداز سان ڦاسي چڪي آهي جو هاڻي ته ان پارٽيءَ کي ٽوڙڻ جو ماحول ٺهي رهيو آهي.

امڪان اهي ئي آهن ته ريمنڊ ڊيوس کي لاهور جي عدالت پاران سزا ٻڌائڻ کان اڳ آمريڪا پاران ان ڪيس ۾ ڌر ٿيڻ لاءِ عدالت ۾ پٽيشن داخل ڪئي وڃي ۽ عدالت جي معلومات ۾ اها ڳالهه آندي وڃي ته سفارتڪارن کي ويانا ڪنوينشن تحت ڪنهن به ٻئي ملڪ جي عدالت سزا ناهي ڏئي سگهندي. ان هوندي به اگر لاهور جي عدالت ريمنڊ ڊيوس کي سزا ڏئي ڇڏي ته پوءِ پاڪستان ۽ آمريڪا جا تعلقات ساڳيا نه رهندا. آمريڪي اهو به ڪري سگهن ٿا ته پاڪستان جي معاشي ۽ فوجي امداد فوري طور بند ڪن ۽ گڏيل قومن جهڙي اداري مان پاڪستان تي پابندين لڳائڻ جو مطالبو ڪن. جڏهن ته مسئلي جو حل اهو نظر اچي پيو ته آمريڪي حڪومت بجاءِ فوج سان سڌو سنٿون رابطو ڪري فوج ذريعي مسلم ليگ (ن) ۽ ان جي حڪومت تي دٻاءُ وجهرائي پنهنجو همراه آزاد ڪرائي وٺن. جان ڪيريءَ جي دوري کانپوءِ اها ئي اميد آهي ته ميڊيا ۽ مخالف ڌر جي موقف ۾ ڪنهن اڻ ڏٺي پريشر تي تبديلي ايندي ۽ مسئلي جو حل نظر ايندو. ڇو ته ان معاملي جي آڙ ۾ پيپلزپارٽيءَ کو جيڪو نقصان پهچائڻو هو اسٽيبلشمينٽ کين اهو نقصان پهچائي چڪي آهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو