Home / ڪور افيئر / ريمنڊ ڪيس ۽ وات مٺو ڪرڻ جي مهم
above article banner

ريمنڊ ڪيس ۽ وات مٺو ڪرڻ جي مهم

آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ باراڪ اوباما جي سوڀ کي يقيني بنائڻ ۾ لکن جي تعداد ۾ انهن نوجوانن جو ڪردار هو جيڪي ووٽ ڏيڻ جا اهل ٿي وڃڻ جي باوجود ووٽ ڏيڻ ڪونه ويندا هئا. آمريڪا ۾ ووٽ ڏيڻ لاءِ سبب گهرجي، ڪنهن وڏيري جو نياپو نه. سو اوباما جي حامين هنن “فريش” ووٽرن کي پاڻ ڏانهن ڇڪڻ لاءِ جيڪا مهم هلائي تنهن جو نعرو هو “ها، اسين ڪري سگهون ٿا.” اهو “ڪري سگهون ٿا” سياسي تبديلي آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جو اشارو هو.

ڪجهه عرصو اڳ آمريڪا جي بدترين اقتصادي بحران جي اثرن تي هڪ هندي فلم “ڦنس گيا اوباما” ٺهي جنهن ۾ ڏيکاريو ويو هو ته ڪيئن آمريڪا ۾ ڪنگال ٿي ويل هڪ انڊين آمريڪي پنهنجي مائٽاڻي حويلي وڪڻڻ لاءِ هندستان اچڻ تي اغوا ٿي ويندو آهي. هڪ منظر ۾ اغوا ڪندڙ گينگ جا ماڻهو اغوا ٿيل همراهه جي ڪهاڻي ٻڌي اوباما جي نعري کي فحش Twist ڏيندي چون ٿا: “ڪر تو هم ڀي سڪتي هين!”


ويجهڙ ۾ پاڪستان ۾ “بليڪ واٽر” ۽ “ايڪس اي” جي موجودگيءَ جون خبرون باربار اينديون رهيون آهن. ملڪن جا جاسوس کاتا جيتري حد تائين ڪائونٽر انٽيليجنس ۾رڌل رهن ٿا تنهن کي ڏسندي ڪابه ڳالهه پڪ سان نٿي چئي سگهجي ته ريمنڊ ڊيوس نالي “ٽرائيگر جو ڇوٽ” همراهه هتي ڪهڙي نيت سان آيل هو ۽ جن جان ريمبو ٽائيپ همراهن کي هن ماري وڌو سي مڙيئي چور ڊڊي هئا يا پاڻ به هن وانگر ئي رانديگر هئا. اطلاع آهن ته ريمنڊ ڊيوس جي ڊيوٽي پشاور ۾ هئي جتان هو لاهور آيو هو، تنهن ڪري ٿي سگهي ٿو ته شڪاري سندس پويان لڳل هجن.  جيئن به ٿيو، آمريڪي محاوري مطابق ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن واري ٽيبل اورتي پرتي ٿي وئي. مشهور آهي ته “آمريڪا سان دوستي خطرناڪ ۽ دشمني موت کي دعوت ڏيڻ جي برابر آهي.” پر الائي ڇو لڳي ٿو ته ڪٿي ڪنهن گمنام جاءِ تي ويٺل ڪارن چشمن سان ڪتريل واران وارا همراهه چئي رهيا هوندا: “ڪر تو هم ڀي سڪتي هين!”

حڪومت کان پوءِ حڪمران پارٽيءَ مان خارج ٿيڻ لاءِ ذري گهٽ تيار اڳوڻو پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پنهنجي لفظن جي چونڊ ۽ باڊي لينگوئيج سان محسوس اهو ڪرائي رهيو هو ڄڻ هن هڪ جنگ کانپوءِ ڪنهن دشمن ملڪ سان ٿيندڙ تاشقند معاهدي تي اختلاف رکي وزارت تان استعيفيٰ ڏني هجي. صاف ظاهر هو ته هن جي خواهش اها هئي ته پنڊي ۽ لاهور وارا رستن تي نڪري اچن ۽ ڀنگڙا وجهي کيس ڀٽي وانگر ڪلهن تي کڻن. پر پنڊيءَ وارا ۽ لهوريا وڏا ڪانگ آهن. هنن کي مخدوم جي قرباني ته قبول هوندي پر مخدوم جهڙن کي وڪڻي قيمت هو پاڻ وصول ڪندا آهن.

مخدوم قريشي ذوالفقار علي ڀٽو ته آهي ڪونه جو هو حڪومت خلاف ڪيس ٺاهي عوامي ميڙاڪا ڪرڻ لڳندو. ڀٽو ٿيڻ لاءِ همت گهرجي ۽ ڀٽي جو مخالف ٿيڻ لاءِ بهادري. هاڻي ڏسجي ته ڪنهن زماني ۾ “مشرف به مجلس شوري” ٿيل شاهه محمود قريشيءَ ۾ ڀٽي جي پارٽيءَ سان وڙهڻ جو ڪيترو دم خم آهي. مبصر چون ٿا ته هو جهيڙي جهڳڙي وارو ماڻهو ڪونهي. البته هن مارڪيٽ کي نياپو ڏنو آهي ته جيڪڏهن مٿس سيڙپ ڪئي وڃي ته هو ڪم جو ماڻهو ثابت ٿي سگهي ٿو. پر هتي “ڪم جي ماڻهن” جو هڪ وڏو سرپلس پول ٺهيل آهي جنهن ۾ الائي ڪير ڪير ويٽنگ لسٽ تي آهن تنهن ڪري هن جو وارو اچڻ ۾ ڏاڍي دير ٿي سگهي ٿي.

باقي جيڪڏهن مقصد ڪو ٻيو نه پر حڪومت کان پسند جي وزارت واپس حاصل ڪرڻ آهي ته ان لاءِ به هن جيڪو طريقو اختيار ڪيو آهي سو ايوان صدار ۾ ويٺل شخص کي قطعي پسند ڪونهي، جڏهن ته وزير اعظم جي ڪرسيءَ تي مخدوم صاحب جو هڪ ڳوٺائي براجمان آهي جيڪو کيس پاڻ کان وڌيڪ سڃاڻي ٿو.

روڪي روڪي ۽ ڳڻي ڳڻي وات مان ڪڍيل هڪ هڪ لفظ سان مخدوم قريشي جيڪا پريس ڪانفرنس ڪئي تنهن ۾ هن اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هن حڪومت کان مطالبو ڪيو هو ته آمريڪا اڳيان گوڏا کوڙڻ بدران ڪنڌ کڻي هلڻ وارا فيصلا ڪيا وڃن، جنهن ڪري سندس وزارت وئي هلي.

مخدوم شاهه محمود کي ڇا ملندو؟ ٻه چار ڏينهن اردو ٽي وي چينلز تي ويٺل انتهائي متعصب اينڪر پرسنز ۽ شيخ رشيد جهڙن سڙيل خيالن وارن سياستدانن وٽان شاباسي. ڪير پڇي ته ڇا مخدوم قريشيءَ جي ضمير تي الارم لڳل هو جو اهو ٺيڪ وزارتن ۾ تبديليءَ واري ڏينهن ئي جاڳيو؟ هي اهو ساڳيو مخدوم آهي جنهن ڪيري لوگر بل وقت بار بار ترديدون ٿي ڪيون ته ان ۾ ملڪ جو پٽڪو لهڻ واري ڪا ڳالهه ڪانهي. ساليانو ست ارب ڊالر معنيٰ رکن ٿا. ان کان سواءِ ڪوليشن سپورٽ فنڊ تحت مختلف “خدمتن” جو ڀاڙو به اربن ۾ هوندو آهي جنهن تي آمريڪين کي هميشه اهو اعتراض رهندو آيو آهي ته پاڪستان مان جيڪو به بل اچي ٿو سو ٻڙين جي قطار سان هميشه رائونڊ فگرز ۾  ئي ڇو ٿو هجي. هر ڀيري ٻڌي رقم واري اهڙي بل تي آڊيٽرز جي اعتراض وارڻ کان پوءِ صدر ۽ وزيراعظم آئي وئي انڊر ــ ٽو ــ انڊر ــ ٽو ــ انڊر سيڪريٽريءَ کي پيا ايلاز ڪندا آهن ته بادشاهه مهرباني ڪري ڏوڪڙ جلدي موڪليو. هن ڀيري جڏهن سينيٽر جان ڪيري ڇوڪرو ڇڏائڻ واري خاص مشن تي آيو ته وزيراعظم هڪ ڀيرو وري کيس پئسا موڪلڻ جي پارت ڪئي.

سينيٽر ڪيريءَ سان ملاقات کان پوءِ نواز شريف صحافين سان ڳالهائيندي نهايت توريل تڪيل لفظن ۾ چيو ته وفاقي حڪومت معاملي کي اينگهائي ڏکيو ڪري ڇڏيو آهي. انگريزي ترجمي ۾ جڏهن سينيٽر ڪيري اها ڳالهه ٻڌي هوندي ته هن ان جو مطلب اهوئي ورتو هوندو ته وفاقي سرڪار ڊيگهه ڪرڻ بدران جيڪڏهن پهرئين ڏينهن همراهه جي ٻانهن آمريڪا حوالي ڪري ڇڏي ها ته ايڏو مسئلو ئي ڪونه ٿئي ها. هي رائيونڊ جي خاص ڏيڍ خاني واري چال هئي. سينيٽر ڪيريءَ کي جنرل مشرف ته ڏاڍو ياد آيو هوندو. جي مشرف هجي ها ته پهرئين ڏينهن ئي همراهه آمريڪا حوالي ڪري ڇڏي ها. مشرف ته پاڪستانين کي آمريڪا حوالي ڪرڻ جي مشين هو. هڪ آمريڪيءَ کي آمريڪين حوالي ڪرڻ ۾ هو ڪيتري دير ڪري ها؟ پاڻ واري اسلامي جماعت به ٻن جلوسن کان پوءِ گهڻو ڪري ماٺ ٿي وڃي ها.

هنن جا 45 ڏينهن جا الٽيميٽم هجن يا لانگ مارچ، اهو پهريون ڀيرو آهي جو ميان ڀائر زرداري گيلاني سرڪار سان ايڏي ڏکي چال هليا آهن. چي: اسين ڇا ٿا ڪري سگهون؟ معاملي جو نبيرو هاڻي ڪورٽ ڪندي. زرداري گيلاني سرڪار لاءِ به هاڻي ڪو ٻيو گس ڪونه بچيو آهي سواءِ ان جي ته آمريڪي مهمان کي مايوس ڪري ڪورٽ جو رستو ڏيکارجي.

ان هوندي به سينيٽر جان ڪيريءَ کي ٻڌايو ويو آهي ته قصاص اينڊ ديئت آرڊيننس تحت مقتول ماڻهن جا پونئير جيڪڏهن حساب ڪتاب وٺي معافي ڏين ته ڪيس بند ٿي سگهي ٿو. پر آمريڪين لاءِ بيڊ لڪ….. مقتول ماڻهن جي مائٽن جو ريموٽ ڪنٽرول اڳ ئي طاقتور ڌر وٽ آهي. ڳالهه ايتري هجي ها ته به ٺيڪ هو پر هتي ته الائي ڪيترن مقتولن جا ڪوڙا سچا پونئير حساب گهرڻ لاءِ قطار ۾ بيٺا آهن… هتي وزيرستان ۾ ٿيندڙ ڊرون حملن ۾ مارجي ويلن جو حساب گهرڻ لاءِ به ڪيس فائيل ڪرڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن جن جو ريمنڊ ڊيوس سان سڌي ريت ڪو تعلق ڪونهي. “پاڪستان ڪي بيٽي ـ عافيه” جي آزاديءَ عيوض ڏي وٺ ڪرڻ جا مطالبا الڳ پيا ٿين. ويزائن ۽ شهريتن جي شوقينن کي مس مس آمريڪي ايڏا سولا ور چڙهيا آهن. سوين لهوريا طرح طرح جون پٽيشنون تيار ڪرائي ڪورٽن ڏانهن ڌوڪيندا پيا اچن. سو جيڪڏهن آمريڪين کي ڪورٽ کان ٻاهر فريادين سان نبيرو يا جرڳو ڪرڻو هجي ته هاڻي ايتريون ڌريون پيدا ٿي پيون آهن جو سڀنيءَ جو وات مٺو ڪرائڻ هنن لاءِ شايد ئي ممڪن هجي.

آمريڪي انتظاميا کي خبر هئي ته ڳالهيون شروع ٿيون ته “ڪر تو هم ڀي سڪتي هين” وارا همراهه ان کي ديوار سان لڳائڻ جي ڪوشش ڪندا. تنهن ڪري آمريڪي اهلڪار جي ٻانهن گهرڻ کان اڳ هنن ڪجهه اعتماد بحال ڪرڻ جا قدم به کنيا آهن. مثال طور خيبر پختونخواهه جي قبائلي ايجنسين تي ڊرون حملا بند ٿي ويا آهن. (آخري ڊرون حملو 27 جنوريءَ تي ٿيو هو.) اندرواندر ڳالهه ٻولهه جا ڪئين دور هلائڻ کان پوءِ سينيٽر جان ڪيريءَ کي موڪليو ويو جنهن هر ڌر کي منٿ ميڙ ڪئي. پر پاڪستان جي پراڻي حمايتي سينيٽر کي ڪنهن رپئي جيتري اميد به پلئه ڪانه وڌي ته سندس همراهه جي جان آجي ڪيئن ٿيندي.

هن واقعي ملڪ جي مالڪن کي ٻه ٽي وڏا فائدا ڏنا آهن. سڀ کان پهرين ته ملڪ جي سويلين سرڪار وري مشڪل ۾ ڦاٿي آهي ۽ پنهنجي غير ملڪي حامين جي نظرن ۾ خوار خراب ٿي آهي. ٻيو ته آمريڪا کان هاڻي گهڻو ڪجهه مڃرائي سگهجي ٿو. مثال طور دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ پيش ڪيل سهوليتن جا نه رڳو ڀاڙا وڌائي سگهجن ٿا پر پراڻا رڪيل بل به رليز ڪرائي سگهجن ٿا. ٽيون فائدو اهو آهي ته ڪيترين قومن مان جڙيل ثقافتي طرح منتشر هن ملڪ اندر رياستي نظرئي جي مٽيريل سان جڙيل سرڪاري قومپرستيءَ کي وڌائڻ جو سبب ۽ موقعو حاصل ٿيو آهي. اها ڳالهه طاقتور ڌر کي “هم زندهه قوم هين” واري تاثر سان ڪجهه تسلي ملڻ جو باعث به بڻجي ٿي.

اوهين رات وارن ٽي وي پروگرامن جو ٿورو جائزو وٺي ڏسو. مالڪ جا ڪرم آهن. پاڪستاني ٽي وي چينلز جا تقريبا سمورا اينڪر پرسنز آمريڪي همراهه کي ڪنهن تارامسيح هٿان مزنگ چونگيءَ واري چوڪ تي ڦاسي ملندي ڏسڻ لاءِ بي قرار آهن.

mazharlaghari@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو