Home / افيئر / زندگي شطرنج راند
above article banner

زندگي شطرنج راند

ٽيون ڏينهن رات جو ساڍي ٽين وڳي ڪنهن جي دردناڪ پڪار تي اک کلي وئي ۽ آءِ سي يو وارڊ جي هلڪي ڌنڌيل روشني ۾ هڪ ڪسرتي جسم واري پٺاڻ تي نظر پيم. جيڪو الله الله الله جو ورد ڪندي سجدي ۾ ڪري پيو ۽ اتي ئي سندس آواز ڪبوتر جي ڳُٽڪار ۾ بدلجي ويو ۽ پوءِ شايد هو گهري ننڊ سمهي رهيو.

هي پهريون ڀيرو هو، جنهن ۾ ڏٺم هڪ شخص تڪليف ۾ فقط الله پاڪ کي پئي ياد ڪيو. نه ته هن کان اڳ، مان ڪيئي ڀيرا آءِ سي يو ۾ مريضن کي درد جي شدت ۾ گهڻي ڀاڍي پنهنجي جيجل ماءُ کي يا ورلي پيءُ کي ياد ڪندي روئندي ڏٺو هو.

زندگي جي وڇايل بساط تي انساني قسمت جو اڇلايل ڇڪو ورلي ڪو پنهنجو جلوو ڏيکاريندو آهي. نه ته گهڻي ڀاڱي ڪڻي، چار، ٽي ئي پلئه پوندا آهن ۽ هر ڀيري اسان پارن فقيرن جي ڳوٽ ئي مارجي ويندي آهي. مان رات جي ڌنڌلڪي ۾ آءِ سي يو جي اڇين چادرن ۾ ستل مريضن کي ڏسان ٿو، ٻارنهن بسترن تي سُتل، ٻارنهن مرين شطرنج جي ڳوٽن جهڙا ٿا لڳن، ڳوٽون، جنهن ۾ ڪو به وزير ناهي، ڪو به بادشاهه ناهي، سڀ پيادا آهن. ٿڪل هاريل، وقت جي تيز رفتار ڊوڙ ۾ پٺتي رهجي ويل. جن جا روح عالم برزخ ڏانهن روانا ٿي ويا هجن. منهنجي دل چاهي ٿي. هن وقت اوچتو مون ۾ اهڙي قوت اچي وڃي، جيڪا استعمال ڪري مان هنن کي ڀڳل ٽٽل نوڪدار شيشن جي عذاب خوابن مان جاڳائي ڇڏيان ۽ هو سڀ عذاب ۽ مايوسيون وساري، پنهنجن بسترن تي ٻارن وانگر ناچ ڪرڻ لڳن، مان بانسريءَ مان مڌر آلاپ ڪڍي مرڪندو رهان.

پر افسوس جو ناڪام حسرتون پُرزا پرزا خوابن جون خاڪروب ڪڏهن به بڻجي نه سگهنديون آهن.

اڃ جي مسيحا اديب الحسن رضوي ۽ سندس جانفشان ٽيم، جنهن ۾ ڊاڪٽر مرلي ڌر، ڊاڪٽر بخش علي ۽ ڊاڪٽر منظور جهڙا ڪامريڊ ئي آهن، جيڪي هن ٽائيٽينڪ جهڙي يخ ماحول ۾ نگاهه جي آخري حد تائين نيم زنده ترندڙ ماڻهن تي ٽارچن جي روشني اڇلائي، اسپيڪر تي رڙيون ڪندا رهن ٿا:”ايني باڊي از ديئر…؟“ ۽ لاش لهرن تي ڪنول جي گلن جيان ترندا رهن ٿا، جن ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ ڪو زنده آهي.

۽ مان، جيڪو زندگيءَ سان هميشه ڪنچي راند رهيو آهيان. مان پنهنجو هر سفر، آخري حد تائين شروع ڪيو آهي. ”افيئر“ جي ڪالم کان، زندگي جي آخري ساهن تائين ۽ سال اڳ جڏهن مون کي سنڌ جي مايه ناز رسالي ”ٽماهي مهراڻ“ جي ذميواري سونپي وئي، ته زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو پنهنجو سفر پهرين ڏينهن کان سنجيدگيءَ سان شروع ڪيو، ۽ پنجاهه سال قديم ۽ عجيب چهري واري رسالي کي اڄ جي رسالي جو روپ ڏنم.

اٺ مهينا اڳ جڏهن SIUT آيو هئس ته ڊاڪٽر روبينا منهنجون رپورٽون ڏسي چيو هو: ”اب آپ ڪو ڪون سمجهائي؟ آپ ٺهري آرٽسٽ آدمي. آپ ڪي وائيٽ سيل صحيح طور په ڪام نهين ڪر رهي، آپ ڪي ڪرٽني بڙهي هوئي هي. تين دن ڪي دوا لو کائو، او لوٽ آئو.“ مان آفيس ويس ته رسالي ڪڍڻ جي جنون ۾ سڀ ڪجهه وساري ويٺس. چئن مهينن بعد واپس پهتس ته هر شئي ڊانوانڊول ڪري آيس. هيموگلوبين، ڊبليو بي سي، ڪريٽني، مٿان ڊاڪٽر ٻڌايو ته “تنهنجي تري وڌي وئي آهي. (هيپاٽائٽس سي) پازيٽو آهي.” اهو سڀ ٻڌي مون کي ڏاڍي کِل آئي. کلڻ لڳس ته ڊاڪٽر مون کي عجب مان ڏسڻ لڳو، ۽ عجب مان پڇيائين ”کلين ڇو ٿو!؟“

چيومانس”زندگي م پهرين ڀيرو سفر کي آخري حد جا بجاءِ، پهرين وک کان شروع ڪيم ته زندگي مون سان ڪنچي بازي شروع ڪري ڏني آهي.“ هن ڊاڪٽر کي منهنجي ڳالهه سمجهه نه آئي، ۽ مان پنهنجي بستري تي اچي سوچيو، مان اڳي به منافقت کان ڪم نه ورتو آهي. هاڻي ته بلڪل نه وٺبو، هڪ اڇو ڇٺو لکبو، جنهن ۾ هر هڪ نام ڪٺئي دوست، جي باري ۾ صاف لکي وڃبو ۽ سختيءَ سان وصيت ڪبي ته ڪهڙا مهربان منهنجي تعزيت ۾ شامل نه ٿين، منهنجي مڙهه کي جيڪڏهن چار نيڪ نيت دوست ۽ گهر ڀاتي ڪلهو ڏين ته منهنجي روح لاءِ ڪافي ٿيندو.

صبح جو ڊاڪٽر مرلي ڳالهين ڳالهين ۾ واضح طور چيو ته ”رضوي صاحب سان تنهنجي باري ۾ گفتگو ڪيم، هلندي چيائين، مون کي خبر آهي، طارق عالم وٽ ڊونر آهي، ان کي تيار ڪري ڇڏي ته جيئن طارق جي وقت سِر پيوندڪاري ڪري ڇڏيون.”

مان ڊاڪٽر صاحب کي وچٿرو جواب ڏنو. دل ۾ سوچيم ته مان محبتن ۾ شاهه رخ جهڙو ته برابر آهيان، پر ضد ۾ سني ديول وانگر بيحد ارڏو، مان ايڏي آسانيءَ سان زندگي کان هار نه مڃيندس، مان انهيءَ گردي کي جيارڻ جي ڪوشش ڪندس.

ڪالهه هڪ مهربان ڊاڪٽر ڪچهري ڪندي چيو“هڪ اظهار جي آزاديءَ جي پيامبر اخبار جي صحافي فون ڪري پڇيو طارق عالم ابڙي جي طبيعت ڪيئن آهي؟“

مون چيو:“اڳي کان بهتر آهي.“

چيائين ته ”معنيٰ ناٽڪ ٿو ڪري نا…..؟، نصير مرزا کڻي واويلا مچائي آهي.“ اهو ٻڌي مون کي ڏاڍي کلِ آئي، اسان ٻيئي ڏاڍو کلياسين، مون سوچيو، ’جيڪڏهن ان صحافي کي ٻه ڏينهن آءِ سي يو ۾ رکجي ته هوش ٺڪاڻي اچي وڃنس. پر مون ڊاڪٽر کي چيو:ان صحافي کي چئو ڪلچر جي ڪرينا ڪپور جا ٻه چار رنگين فوٽو شايع ڪري، مانجهي کان دعا جو  تعويذ وٺي ڇڏي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو