Home / افيئر / سنڌ جي بندن جي بحالي يا فنڊ ڦٻائڻ جي مهم
above article banner

سنڌ جي بندن جي بحالي يا فنڊ ڦٻائڻ جي مهم

اڄڪلهه سنڌ جي ماڻهن ۽ ميڊيا جو هاٽ اشو سنڌجي درياهي ۽ غير درياهي بندن جي مرمت/بحالي وارو مامرو آهي، جنهن لاءِ اها ڳالهه عام ٿي چڪي آهي ته وفاق طرفان سنڌ کي فنڊنگ نه ڪئي وئي ۽ سنڌ وٽ پئسا هئا ئي نه، ڇاڪاڻ ته سنڌ اڳ ۾ ئي ٻوڏ کان وٺي هن مهل تائين لڳ ڀڳ 15 ارب رپين کان وڌيڪ پئسا خرچ ڪري چڪي آهي ۽ ان ڪري بندن، ڪئنالن ۽ شاخن جن کي هاڻوڪين وڏين ٻوڏن ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو هو، انهن جي مرمت/بحالي واري ڪم ۾ لڳ ڀڳ 5-6 مهينا دير ٿي وئي آهي، ڇاڪاڻ جو جولاءِ، آگسٽ 2010ع ۾ ٻوڏون آيون هيون ۽ آبپاشي نظام جي بحالي جو ڪم 17 فيبروي 2011ع کان شروع ٿيو آهي، جيڪو ڪم به تمام وڏي سياسي ۽ سماجي پريشر کانپوءِ سنڌ حڪومت شروع ڪرايو آهي، جيڪو گهٽ ۾ گهٽ آڪٽوبر يا نومبر 2010ع کان شروع ٿيڻو هو.

سنڌ جو ناليوارو آبپاشي ماهر ۽ اڳوڻو آبپاشي سيڪريٽري ادريس راجپوت بندن جي بحاليءَ بابت سنڌ اسيمبلي جي ڪميٽي روم ۾ ”افيئر“ سان ڳالهائيندي چيو ته ڪم ڏاڍي دير سان شروع ٿيو آهي، پر اسان کي اميد آهي ته اسان سنڌ جي ماڻهن کي ايندڙ امڪاني ٻوڏ کان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين.

درياهي ۽ غيردرياهي بندن، ڪئنالن ۽ شاخن جي مرمت/بحالي واري ڪم ۾ دير واري اسڪيمن جي منظوري ۾ دير جو سڀ کان وڏو ڪارڻ اسان جو صوبائي ۽ وفاقي نظام حڪومت آهي، ڇاڪاڻ ته آبپاشي کاتي پاران سروي سيپٽمبر 2010 کان شروع ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ 76 اسڪيمن جون پي سي ون تيار ڪيون ويون، جنهن ۾ لڳ ڀڳ اڍائي مهينا لڳي ويا، ان حوالي سان آبپاشي کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري مظهر علي شاهه “افيئر” کي ٻڌائي ٿو ته اسان پنهنجي ڊپارٽمينٽ جي روٽين پراسيس مان گذارڻ کانپوءِ اهي اسڪيمون 22 نومبر تي سنڌ جي منصوبابندي ۽ ترقياتي کاتي کي ڏياري موڪليون. هر ادارو پنهنجون اسڪيمون انهي کاتي کي ڏياري موڪليندو آهي، جيڪو وري انهن جي منظوري يا نامنظوري بابت فيصلو ڪندو آهي. جيڪي ڊسمبر جي ٻئين هفتي ۾ پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي کاتي کي موڪليون ويون، جنهن وري اهي اسڪيمون فلڊ ڪميشن کي موڪليون ۽ فلڊ ڪميشن 6 جنوري تي اسلام آباد ۾ چيئرمين فلڊ ڪميشن جي آفيس ۾ گڏجاڻي ڪوٺائي سمورين اسڪيمن جو ٽيڪينڪل جائزو ورتو ۽ اسڪيمن کي نيٺ ڪليئر ڪري انهن مان 64 اسڪيمون سينٽرل ڊيولپمينٽ ورڪنگ پارٽي کي موڪليون ۽ 12 اسڪيمون وري بجلي ۽ پاڻي جي وفاقي وزارت کي موڪليون.

هن وڌيڪ ٻڌايو ته سي ڊي پي ڊبليو پي اهي 64 اسڪيمون 20 جنوري جي گڏجاڻي جي ايجنڊا تي رکيون ۽ سڀني جي منظوري به ڏني. جنهن بعد پسئا رليز ٿيڻا هئا، پر نه ٿي سگهيا آهن. آبپاشي کاتي جي عملدارن منظور ٿيل اسڪيمن جي فنڊنگ لاءِ اسلام آباد جا 20 جنوري کانپوءِ گهٽ ۾ گهٽ 3 چڪر لڳايا، پر فنڊنگ نه ٿي سگهي، مطلب ته لڳ ڀڳ 2 مهينا اسڪيمن کي اسلام آباد جي هڪ ٽيبل کان ٻي ٽيبل تي سفر ڪندي گذري ويو، پر اڃا تائين معاملو حل نه ٿي سگهيو آهي.

ان سڄي صورتحال۾ سمجهي سگهجي ٿو ته سنڌ جي بندن، ڪئنالن، واهن ۽ شاخن جن سان سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جو مستقبل واڳيل آهي، انهن جي بحالي وارين اسڪيمن کي سنڌ ۽ اسلام آباد جي ڪامورڪين آفيسن ۾ گهمندي سيپٽمبر 2010 کان جنوري 2011 ٿي ويو.

يعني 5 مهينا پورا مامرو بيوروڪريسي جي ڪري رولڙي جو شڪار ٿيو.

وفاق طرفان فنڊن کان جواب

اها ڳالهه عام ٿي چڪي آهي ته وفاق سنڌ کي 76 اسڪيمن جي لاءِ گهربل 16 ارب ۽ ڪجهه ڪروڙ نه فراهم ڪيا آهن ۽ اهو جواب ڏنو آهي ته اسان وٽ پئسا آهن ئي نه.

جنهن بعد اهو حڪم جاري ٿيو ته اسڪيمن کي اوليتي بنيادن تي ڏسو ۽ صرف 5 ارب اوهان کي جاري ڪري سگهون ٿا، جنهن بعد وري هڪ ٻيو فرمان جاري ٿيو ته وفاق وٽ 5 ارب به نه آهن، ان ڪري اڍائي ارب وفاق ڏيندو ۽ باقي اڍائي ارب سنڌ حڪومت پاڻ ادا ڪري ۽ وري ان کانپوءِ اها ڳالهه سامهون آئي ته شروع وارا اڍائي ارب سنڌ خرچ ڪري اسان وٽ جڏهن پئسا ٿيا ته تڏهن ڏينداسين، جنهن بعد سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ڪجهه ڏينهن اڳ شروعاتي طور هڪ ارب جاري ڪرڻ جي سمري منظور ڪري ورتي، اهي پئسا به سنڌ جي خزاني واري کاتي هڪ هفتي کانپوءِ جاري ڪيا.

ان سموري صورتحال ڄاڻڻ کانپوءِ سنڌ جا ماڻهو اهو سوال اٿارين ٿا ته وفاق ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت آهي، پارٽي جو شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري ملڪ جو صدر آهي، پارٽي جو ايم اين پارٽي جو هڪ اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني ملڪ جو وزيراعظم آهي، پارٽي جي بدين مان چونڊيل ايم اين اي ڊاڪٽر فهميده مرزا قومي اسيمبلي جي اسپيڪر آهي، پارٽي جو سنڌ جي ڪوٽا تي چونڊيل سينيٽر فاروق ايچ نائڪ سينيٽ جو چيئرمين آهي، ۽ صدر جي خاص دلچسپي وٺڻ باوجود وفاقي خزاني واري وزارت سنڌ جي بندن، ڪئنالن ۽ شاخن جي مرمت/بحالي لاءِ صرف 16 ارب ۽ ڪجهه ڪروڙ ڏيڻ کان بهِ جواب ڏئي ڇڏي ۽ بهانو ڪري ته اسان وٽ پئسا ناهن. ماڻهو سوال ڪن ٿا ته وفاقي سرڪار وٽ پاڪستان ريلوي کي ڏيڻ لاءِ اربين رپيا ته آهن، پنجاب جي بندن جي مرمت لاءِ لڳ ڀڳ ڏيڍ ارب رپيا آهن، متحده قومي موومينٽ جي مطالبي تي واپس ورتل پيٽرول قميتن واري فيصلي جي نتيجي ۾ اربين رپيا سبسڊي ڏيڻ لاءِ ته آهن، پر صدر آصف علي زرداري جي خاص دلچسپي وٺڻ باوجود وفاق وٽ 16 ارب ۽ ڪجهه ڪروڙ ناهن، جيڪا ڳالهه اڃا تائين سنڌ جي ماڻهن کي سمجهه ۾ نه اچي سگهي آهي ۽ سنڌ جو ماڻهو اهو سوال ڪري رهيو آهي ته ملڪ جي مجموعي آمدني ۾ لڳ ڀڳ 20 سيڪڙو حصو ڏيندڙ سنڌ کي موٽ ۾ بندن جي مرمت/بحالي لاءِ صرف 16 ارب رپيا وفاق وٽان نه ملي رهيا آهن.

فنڊ نه ملڻ واري “بهاني” جو پسمنظر:

سنڌ جي آبپاشي کاتي کي سندس کاتي جا ڪامورا ۽ سياستدان اڪثر سڻڀي کاتي طور پڪاريندا آهن، ڇاڪاڻ جو جڏهن به ڪا حڪومت ٺهندي آهي ته آبپاشي کاتي جو وزير ان پارٽي جو ڪو اهم ماڻهو ئي بڻايو ويندو آهي، جيڪو نه رڳو سڀني ڳالهين ۾ اهم هجي، پر ان شخصيت جا پنهنجا پارٽي جي ليڊرشپ سان به ويجها تعلق هجڻ ضروري هوندو آهي.

هن وقت جيڪو به آبپاشي کاتي جو صوبائي وزير آهي، ان جا به پارٽي جي هاڻوڪي ليڊرشپ سان تمام سٺا واسطا آهن، پر چوڻ وارا اهو به چون ٿا ته سندس لاڳاپن ۾ ٿوري ڦڪائي پيدا ٿي پئي آهي.سندس ئي پارٽي سان تعلق رکندڙ ايم پي اي نالو نه لکڻ جي شرط تي ٻڌايو ته ٻوڏ دوران آبپاشي کاتي لڳ ڀڳ اڍائي ارب رپيا خرچ ڪيا، جن جن ڪمن تي ٺيڪيدارن کان 40 سيڪڙو ڪميشن اوڳاڙي وئي، جيڪا روٽين جي ڪميشن کان به 10 سيڪڙو وڌيڪ آهي ۽ اهي قصا ايوان صدر جي ڀتن سان وڃي ٽڪرايا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ ايوانِ صدر به وزير تي ڏمريل آهي. ان ئي حوالي سان اسلام آباد ۾ ويٺل هڪ اهم شخصيت “افيئر” کي ٻڌايو ته ان وزير موصوف جي “ڪردار” جي ڪري سنڌ جي آبپاشي کاتي پاران اسڪيمن جون پي سي ون ٺاهڻ  کان ئي اڳ ۾ وفاقي ڪابينا جي هڪ اجلاس ۾ سنڌ سان لاڳاپيل ڪجهه وزيرن وزيراعظم کي عرض ڪيو ته سنڌ جي بندن جي مرمت جي سلسلي ۾ آبپاشي کاتي کي سڌي سنئين فنڊنگ  نه ڪئي وڃي، پر اهي ڪم FWO يا ڪنهن ٻي اعتماد جوڳي ڪمپني کي ڊائريڪٽ اسلام آباد مان جاري ڪيا وڃن.
وفاقي ڪابينا ۾ وزيراعظم کان ٿيل اهڙي درخواست سڄي وايول منڊل تي انتهائي گهرا اثر وجهي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي طور بعد ۾ جيئن ئي اسڪيمون اسلام آباد پهتيون ته
No Fund جو جواب مليو، جيڪو ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو ۽ سڄي سنڌ سميت ملڪ جي ماڻهن ٻڌو. ان کان اڳ، صدر آصف علي زرداري ڪراچي ياترا تي آيو هو، ان دوران ايم پي ايز جي گڏجاڻي دوران نوشهروفيروز سان تعلق رکندڙ ايم پي اي ڊاڪٽر احمد علي شاهه جي سربراهي ۾ هڪ ڪاميٽي جوڙڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان ڪميٽي کي بندن ۽ ڪئنالن جي مرمت/بحالي واري ڪم جي نگراني جو ڪم سونپيو ويو، صدر صاحب ڊاڪٽر احمد علي شاهه کي اها به هدايت ڪئي ته ڪميٽي ۾ پاڻ سان گڏ نوجوان ايم پي ايز به کڻو.

ڪجهه ئي ڏينهن اندر وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جي قلم سان ڪميٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ٿيو ۽ ڊاڪٽر احمد علي شاهه سمورن بندن جي وزٽ به ڪري آيو آهي. جنهن به مرمت/بحالي جي ڪم ۽ نقصانن جي سروي وارن انگن اکرن تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو آهي.

ڪميٽي چيئرمين ڊاڪٽر احمد علي شاهه افيئر سان ڳالهائيندي چوي ٿو ته پارٽي سربراهه جو ڪميٽي ٺاهي مون کي ان جو چيئرمين مقرر ڪيو آهي ته ان جو مطلب ته پارٽي سربراهه آصف علي زرداري کي خود آبپاشي کاتي مٿان اعتماد ناهي، کيس ڪي تحفظات ضرور آهن. پنهنجي رپورٽ بابت هن ٻڌايو ته مون هن مهل تائين 2 رپورٽون تيار ڪري صدر آصف علي زرداري ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي موڪليون آهن. جن ۾ مون ڪافي مامرن تي شڪ پڻ ظاهر ڪيا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هن کي آبپاشي کاتي ڏيڍ مهيني کان رڪارڊ فراهم نه ڪيو آهي ۽ هن پنهنجي ذريعن کان ڪجهه رڪارڊ حاصل ڪيو آهي. جتي هڪ طرف صدر آصف علي زرداري ڪميٽي ٺاهي آهي اتي وري هڪ ٻي ڪميٽي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه به جوڙي آهي، جنهن ۾ خوراڪ کاتي جو صوبائي وزير مير نادر علي خان مگسي، گهرو کاتي جو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ۽ خود آبپاشي کاتي جو وزير ڄام سيف الله ڌاريجو شامل آهن. ان سان گڏوگڏ سنڌ حڪومت هڪ نجي ڪمپني NESPAK ۽ پاڻي ماهر ادريس راجپوت کي به ڪمن جي مانيٽرنگ لاءِ الڳ الڳ طور تي ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو آهي، جيڪي ٻئي فيلڊ ۾ هلندڙ ڪمن جو جائزو وٺي رهيا آهن.

ان سڄي صورتحال مان هاڻي گهٽ ۾ گهٽ اها ڳالهه واضح آهي ته سنڌ جي درياهي ۽غير درياهي بندن، ڪئنالن ۽ شاخن جي مرمت/بحالي واري ڪم ۾ دير جو سبب صوبائي ۽ وفاقي نظام حڪومت آهي، هن جديد دور ۾ به هڪ فائيل کي حڪومت جي هڪ اداري کان ٻئي اداري جي ٽيبل تائين پهچڻ ۾ ڪيترائي ڏينهن ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته مهينا لڳي وڃن ٿا. جڏهن ته فنڊنگ نه ٿيڻ واري ڪهاڻي جي پردي پٺيان آبپاشِي کاتي عرف سڻڀي کاتي جي ڪامورن جي ماضي جي ڪارڪردگي ۽ هاڻوڪي وزير موصوف جي طرز عمل پڻ آهي، جنهن جي نتيجي ۾ نه رڳو وفاقي حڪومت پر پاڪستان پيپلز پارٽي جي ليڊرشپ کي به اداري مٿان اعتماد نه رهيو آهي، تڏهن ته هيڏي وڏي اداري هوندي ان جو وزير هوندي، ڪميٽين مٿان ڪميٽيون ٺهي رهيون آهن، ۽ ڪنسلٽنٽ مقرر ٿي رهيا آهن. جن جو ڪم صرف ۽ صرف بندن جي بحالي واري ڪم جي باريڪ بيني سان مانيٽرنگ ڪرڻ آهي.

ان سلسلي ۾ آبپاشي واري کاتي جي وزير ڄام سيف الله ڌاريجي سنڌ اسيمبلي جي فلور تي بيهي چيو هو ته مون پنهنجي کاتي جي آفيسرن کي قرآن مٿي تي کڻايو آهي، ان ڪري يقين سان چوان ٿو ته بندن جي بحالي واري ڪم ۾ هڪ رپئي جي به ڪميشن نه ورتي وئي آهي.

بلڪل اهڙي ئي ڳالهه سيڪريٽري آبپاشي رفيق علي ميمڻ افيئر سان ڳالهائيندي ڪئي آهي. هن چيو ته کاتي جو ڪنهن به عملدار بندن جي ٺيڪن ۾ هڪ رپئي جي ڪميشن نه ورتي آهي ۽ نه ئي وٺندو.

ليکڪ پي پي آءِ ۾ اسٽاف رپورتر طور ڪم ڪري رهيو آهي.

بچاءَ بندن جي ٻيهر بحالي ۽ تڪن مان گم ٿيل اسيمبلي ميمبر!

سنڌ اسيمبلي جي ايوان ۾ پهريون ڀيرو حڪومتي بئنچن طرفان حڪومتي ڪم تي تنقيد ڪئي وئي ۽ ان ڏينهن جي ڪارروائي جي اهم سرخي به اها ئي تنقيد هئي،.

24 فيبروري اربع جي ڏهاڙي سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر نثار احمد کهڙي جي اسپيڪرشپ هيٺ شروع ٿيو ۽ ان ڏينهن جي ڪارروائي ۾ گرماگرمي ان مهل شروع ٿي، جڏهن پاڪستان مسلم ليگ (فنڪشنل) جي صوبائي اسيمبلي ميمبر نصرت سحر عباسي پوانئنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي چيوته “ڊاڪٽر احمد علي شاهه جنهن کي صدر آصف علي زرداري ٻوڏ کانپوءِتباهه ٿيل درياهي بندن جي بحالي واري آبپاشي کاتي جي ڪم جي نگراني ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو آهي، ان ڪجهه ڏينهن اڳ ميڊيا تي اها ڳالهه ڪئي آهي ته هو آبپاشي طرفان هلندڙ ڪم مان مطمئن نه آهي.

نصرت سحر عباسي وڌيڪ چيو ته ڊاڪٽر احمد علي شاهه اهو به چيو آهي ته ايم اين اي ۽ ايم پي اي پنهنجن تڪن ۾ وڃي به نٿا سگهن، سو مهرباني ڪري ٻڌائين ته هو ڇو آبپاشي کاتي جي ڪم کان مطمئن ناهن ۽ ايم اين اي ۽ ايم پي اي ڇو پنهنجن تڪن ۾ نٿا وڃي سگهن. جنهن تي اسپيڪر نثار احمد کهڙو ٿورو گهٻرائجي ويو. ڊاڪٽر احمد علي شاهه جيڪو اجلاس دوران موجود هو کانئس پڇيو ته ڇا واقعي اوهان اهڙي ڳالهه ميڊيا ۾ ڪئي آهي؟

نوشهروفيروز ضلعي مان چونڊيل ايم پي اي ڊاڪٽر احمد علي شاهه جنهن جي پڻ آواز ۾ اها گهٻراهٽ صاف محسوس ٿي رهي هئي، هن جواب ڏنو ته ها هن ايئن چيو آهي، سندس چوڻ هو ته نه رڳو مان پر منهنجي پارٽي (پاڪستان پيپلز پارٽي) جو سربراهه (هن نالو نه کنيو) به آبپاشي کاتي جي بندن جي بهالي واري ڪم مان مطئن نه هو، ان ڪري ته هن ان ڪم جي نگراني لاءِ مانيٽرنگ ڪميٽي ٺاهي.

هن وڌيڪ چيو ته مون ذميواري ملڻ کانپوءِ بندن جو تفصيلي معائنو ڪيو ۽ مرمت جي ڪم جو به چڱي ريت جائزوورتو آهي، ان حوالي سان مون رپورٽ صدر آصف علي زرداري ۽ وڏي وزير سيد قائم علي شاهه کي موڪلي به ڇڏي آهي. جنهن ۾ مون ڪم مان مطمئن نه هئڻ جو اظهار ڪيو آهي.

اسپيڪر، ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز  جي تڪن ۾ نه وڃي سگهڻ واري ڳالهه جي جواب ۾ ڊاڪٽر احمد علي شاهه جي ڳالهه سان سهمت جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته منهنجي لاڙڪاڻي واري عاقل آگاڻي بند جنهن جي بحالي واري ڪم جو افتتاح جلد ٿيڻو آهي، اتي مون ڏٺو ته اڃا آبپاشي کاتي وارن جي موبلائيزيشن به نظر نه آئي، سو اهو ڪيئن ممڪن آهي ته هيترو جلدي ڪم ٿي به وڃي ۽ افتتاح به ٿي وڃي؟

جنهن تي روينيو کاتي جي صوبائي وزير وراڻيو ته بندن جي مرمت جو ڪم شروع ٿي چڪو آهي، ۽ سنڌ حڪومت ان ڪم ۾ خاص دلچسپي وٺي رهي آهي. ان تي اسپيڪر نٿار احمد کهڙي وراڻيو ته سنڌ حڪومت ته خاص دلچسپي وٺي رهي آهي، پر اپريل مٿان اچي لڳو آهي، ۽ جڏهن اپريل ۾ تربيلا مان پاڻي جو ڇوڙ ٿيو ته هتي ڪجهه به نه بچندو. بندن جو ڪم ايترو جلدي ڪيئن ممڪن آهي؟

قانون ۽ پارلياماني مامرن جي وزير اياز سومرو جنهن کي تازو صوبائي صلاحڪار امتياز شيخ جي فارغ ٿيڻ کانپوءِ سياحت جو قلمدان به سونپيو ويو آهي، ان اٿي بيهي چيو ته سنڌ حڪومت خاص دلچسپي سان بندن جي بحالي واري ڪم کي شروع ڪرايو آهي. جنهن لاءِ هڪ نجي ڪمپني NESPAK کي به ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو آهي، ان سان گڏوگڏ پاڻي ماهر ۽ اڳوڻي آبپاشي کاتي جي سيڪريٽري ادريس راجپوت کي به ڪنسلٽنٽ مقرر ڪيو ويو آهي، جيڪي ڪمن جي خاص نگراني ڪري رهيا آهن.

ان سڄي صورتحال ۾ پريشان ڪندڙ ڳالهه اها هئي ته ايوان ۾ لڳ ڀڳ سمورا اهي ايم پي ايز صاحبان موجود هئا، جن جو تعلق دادو، ٺٽو، ڄامشورو، جيڪب آباد، ڪشمور، شڪارپور، قمبر  شهدادڪوٽ ۽ لاڙڪاڻي سان آهي، (سرڪاري ۽ عالمي سماجي ڀلائي واري ادارن جي انگن اکرن موجب اهي سمورا ضلعا هاڻوڪين وڏين ٻوڏن ۾ تمام گهڻو نقصان جو شڪار ٿيا) پر سواءِ لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ اسپيڪر نثار کهڙي ۽ اياز سومرو جي ٻئي ڪنهن به هن هيڏي اهم مامري جنهن سان سنڌ جي ڪروڙين ماڻهو جو مستقبل واڳيل آهي، تي ڳالهائڻ گوارا نه سمجهيو.

خميس واري ڏينهن اجلاس وري اسپيڪر نثار احمد کهڙي جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. ۽ ڪافي ڪارروائي هلڻ کانپوءِ آبپاشي کاتي جو وزير موصوف ڄام سيف الله ڌاريجو هائوس ۾ نمودار ٿيو، جيڪو ڪالهه واري اجلاس ۾ بندن تي ٿيل گرما گرم بحٿ دوران موجود نه هو، هتي هڪ ڳالهه اها به واضح ڪجي ته ڄام سيف الله ڌاريجو هونئن به اڪثر اسيمبلي اجلاسن ۾ گهٽ نظر ايندو آهي.

ڄام سيف الله ڌاريجو اجلاس دوران پاليسي بيان ڏيندي چيو ته مان ڪالهه اتفاق سان اجلاس ۾ نه هئس، ان ڪري ڪالهوڪي بحث جو جواب اڄ ڏيڻ چاهيان ٿو. هن چيو ته اسان ٻوڏ کان فورن پوءِ وفاق کي اسڪيمون جيڪي بندن جي بحالي جي حوالي سان آهن، ڏياري موڪليون، جيڪي گهڻي لابنگ کانپوءِ منظور ٿيون، پر وفاق چيو ته اسان وٽ پئسا ئي نه آهن. هن وڌيڪ چيو ته صدر آصف علي زرداري ۽وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي دلچسپيءَ وٺڻ کانپوءِ نيٺ وفاق 16 اربن بجاءِ 5 ارب ڏيڻ لاءِ راضي ٿيو آهي، پر سنڌ حڪومت کي چيو اٿئون ته في الحال پئسا اوهان ڏيو، اسان پوءِ اوهانکي واپس ڪري ڇڏينداسين.

هن چيو ته وفاق طرفان فنڊ نه ملڻ ڪري بندن جي بحالي واري ڪم ۾ دير ٿي آهي، پر اسان ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ان موقعي تي  اهو اعلان اسپيڪر طرفان ٻڌڻ ۾ آيو ته هڪ وڳي جنهن جو اسيمبلي جي ڪميٽي روم نمبر هڪ ۾ آبپاشي عملدار بندن جي ڪمن جي حوالي سان بريفنگ ڏيندا، سو جيڪو به اچڻ چاهي ته ڀلي اچي.

ليڪن حيرانگي ان وقت ٿي، جڏهن صرف 3 ميمبر انور مهر سکر وارو، غلام مجدد اسراڻ (قمبر شهدادڪوٽ وارو) ۽  غلام شاهه جيلاني جوهي وارو ايم پي اي ويٺل هئا.

بهرحال بريفنگ 45 منٽ دير سان شروع ٿي، جنهن ۾ پ پ پ سان تعلق رکندڙ اسپيڪر نثار احمد کهڙو، اياز سومرو، سسئي پليجو، انور مهر، غلام مجدد اسراڻ، غلام شاهه جيلاني، سجيلا لغاري، انجنيئر صادق ميمڻ، ڊاڪٽر احمد علي شاهه، پاڪستان مسلم ليگ (ق) جو شهريار مهر، متحده قومي موومينٽ جي هير اسماعيل سوهو، مسلم ليگ فنڪشنل جي نصرت سحر عباسي، شريڪ ٿيون، يعني 186 ميمبرن مان صرف 13 ميمبر شريڪ ٿيا. مطلب ته سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جي مستقبل سان واڳيل بندن جي بحالي واري حساس نوعيت جي موضوع تي آبپاشي عملدارن جي بريفنگ ۾ صرف 13 ميمبرن جي شرڪت نه رڳو بريفنگ ۾ موجود صحافين کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو، پر ڪروڙين ماڻهن جي چونڊيل نمائندن جي هيڏي وڏي غيرسنجيدگي بابت ڪيترائي سوال پڻ پيدا ڪري ڇڏيا آهن ته آخر چونڊيل نمائندن جي دلچسپي جا مامرا آخر اهڙا ڪهڙا آهن جيڪڏهن هيڏي وڏي ٻوڏ جي هٿان تباهه ٿيل سنڌودرياهه جي بندن جي بحالي وارو مامرو ناهي ته…..؟؟ جيڪڏهن چونڊيل نمائندا ايڏي لاپرواهي ڪندا ته پوءِ بيوروڪريسي کي ڪهڙو لاچار آهي جو اهي پنهنجن لکن ۽ ڪروڙن  جون ڪميشنون ٺيڪيدارن کي خدا ڪارڻ معاف ڪري ڇڏي.

ٻيو ته ٺهيو پر دادو، لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد، ڄامشورو، ٺٽو ۽ ڪشمور ڪنڌڪوٽ جا نمائندا به پوري طرح موجود نه هئا.

مثال طور جيڪڏهن لاڙڪاڻي مان نثار احمد کهڙو ۽ اياز سومرو هئا ته باقي ٻيا جن ۾ عزيز احمد جتوئي، غلام سرور سيال، ۽ منور علي عباسي موجود نه هئا. اهڙي طرح دادو مان عمران ظفر لغاري، جنهنجي تڪ خيرپور ناٿن شاهه تعلقي ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي ايڏي قدر جو ناٿن شاهه شهر جو اڌ کان وڌيڪ حصو 10 فوٽن تائين ٻوڏ جي پاڻي هيٺ اچي ويو هو، فياض ٻٽ ۽ سينيئر صوبائي وزير تعليم پير مظهر الحق به بريفنگ ۾ موجود نه هئا، صرف غلام شاهه جيلاني ۽ عورتن جي مخصوص سيٽ تي چونڊجندڙ ڊاڪٽر سجيلا لغاري موجود هئا. قمبر شهدادڪوٽ مان صرف ايم پي اي غلام مجدد اسراڻ موجود هو، باقي خوراڪ کاتي جو صوبائي وزير مير نادر مگسي ۽ نجم الدين ابڙو بريفنگ ۾ موجود نه هئا. ساڳي طرح شڪارپور مان قائد ليگ جو شهريار مهر ۽ پي پي جو آغا تيمور پٺاڻ موجود هئا، باقي نيشنل پيپلز پارٽي جو عابد جتوئي، آغا سراج دراني شريڪ نه هئا. جيڪب آباد مان چونڊيل چار ئي ايم پي ايز مير محبوب خان بجاراڻي، مير حسن خان کوسو، غلام محمد شهلياڻي ۽ عبدالرحيم کوسو شريڪ نه هئا. ڄامشوري ضلعي مان ناڻي کاتي جو صوبائي وزير مراد علي شاهه، ڊاڪٽر سڪندر شورو ۽ ڊاڪٽر ديارام ايسراڻي ٽئي موجود نه هئا.  ٺٽو مان سسئي پليجو، صادق ميمڻ شريڪ ٿيا، جڏهن ته محمد علي ملڪاڻي، محمد عثمان جلباڻي ۽ شاهه حسين شاهه شيرازي شريڪ نه هئا. اهڙي طرح ڪشمور ڪنڌڪوٽ مان به مير غالب حسين ڊومڪي ۽ مير عابد خان سندراڻي شريڪ نه هئا. مٿي ذڪر ڪيل 8 ئي ضلعا سڄي ٻوڏ ۾ تمام گهڻو متاثر ٿيا. انهن مان چونڊيل ايم پي ايز جو نه شريڪ ٿيڻ تمام گهڻا سوال اٿاري ٿو. بهرحال بريفنگ دوران آبپاشي جي سيڪريٽري رفيق علي ميمڻ ۽ سنڌ حڪومت جي ڪسنلسٽنٽ ادريس راجپوت 6 بندن جيمرمت/بحالي تي ڪم شروع ٿيڻ جو ٻڌايو. ۽ شروعات ۾ عملدارن جي وچ ۾ تکن مٺن سوالن جي ڏي وٺ به ٿي، پر نارمل قسم جي بريفنگ ۾ عملدارن جي به ڪا تياري ٿيل ڪا نه هئي، ان سڄي صورتحال ۾ اها ڳالهه واضح آهي ته شهيدن جي قربانين جي ڪري بڻيل صوبائي اسيمبلي جي ميمبرن کي سنڌ ۽ سنڌي عوام جي ڪنهن به ننڍي يا وڏي مسئلي جي پرواهه ناهي. هيڏي وڏي اهم ۽ حساس مامرن تي بريفنگ ۾ دلچسپي نه وٺڻ تي اسپيڪر کهڙي ئي اجلاس ۾ انهن لفظن سان اظهار ڪيو هو ته شايد ميمبرن صاحبان کي بندن جي بحالي بابت بريفنگ ٻڌڻ جو شوق ئي نه هو….!!

yasirbabbar@gmail.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو