Home / افيئر / سومرن جي پڳ تي تڪرار سبب شهيد دودي سومري جي مزار جي مالڪي جو سوال
above article banner

سومرن جي پڳ تي تڪرار سبب شهيد دودي سومري جي مزار جي مالڪي جو سوال

قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر الاهي بخش سومري 21 فيبروري 2011ع تي بدين ۾ آل پاڪستان سموا ايسوسيئيشن جي هڪ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته سومرا برادري ۾ پنڻ جي عادت نه آهي. اهي لکيل پڙهيل آهن ۽ سومرا برادري امن ۽ ايڪي سان رهڻ جي صلاحيت رکن ٿا. هن چيو ته بدين ضلعي کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هتي سنڌ جو لافاني قومي سورمو شهيد دودو سومرو مدفون آهي. هن اعلان ڪندي چيو ته سومرا ايسوسيئيشن طرفان هلندڙ سال مارچ جي مهيني ۾ روپاماڙي ۾ ٻيهر شهيد دودي سومري جي ورسي جي موقعي تي ميلو لڳايو ويندو.

سنڌ جو عظيم قومي هيرو سورهيه سنڌ شهيد دودو سومرو گذريل اٽڪل 800 ورهين کان هاڻوڪي بدين ضلعي ۽ تعلقي جي ڏاکڻي ڪنڌي تي موجود يو سي ڀڳڙا ميمڻ ۾ تباهه ۽ برباد ٿيل سنڌ جي اڳوڻي تختگاهه واري شهر روپاماڙي ۾ دفن آهي. 60 واري ڏهاڪي کان اڳ ۾ دودي جي قبر جي به خبر نه هئي. 60ع واري ڏهاڪي ۾ بدين ضلعي جي ڪجهه مقامي سڄاڻ ماڻهن مرحوم سائين محمد سومار شيخ، محمد موسيٰ جوکيو، سائين عبدالرحمان نقاش ۽ ٻين روپاماڙي جي ڀرپاسي ۾ قديم دور کان رهندڙ ملاحن، جتن ۽ ولاسي جي سگهڙ فقير ناٿو خان لنڊ جي مدد سان شهيد دودي جي قديم قبر جا نشان ڳولي لڌا ۽ ڪن سومرا اڳواڻن شهيد دودي جي قبر پڪي ڪرائي. 1976ع جو اهو خوشنصيب سال هو جڏهن بدين ضلعي جي پهرين ڊپٽي ڪمشنر غياث الدين جوڻيجو جي ڪوششن سان پهريون ڀيرو رات جو روپاماڙي جو رڻ روشن ٿي ويو.

شهيد دودي سومري جو ٽن ڏينهن وارو تاريخي ميلو وڏي ڌام ڌوم سان لڳايو ويو. سنڌ حڪومت ڪراچي کان روپا ماڙي تائين بسون هلايون، جنهن ڪري هن ميلي ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، جڏهن ته بدين ۽ولاسي جا هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا، ڊي سي بدين ۽ ان وقت جي هڪ صوبائي وزير مرحوم پيار علي الانا ۽ شمشيرالحيدري جي ڪوششن سان هن ميلي ۾ هڪ يادگار ادبي ڪانفرنس پڻ منعقد ٿي هئي، جنهن ۾ ان وقت جي سنڌ جي چوٽي جي شاعرن، اديبن ۽ ڏات ڌڻين شهيد دودي کي ڀيٽا ڏني. هن ڏس ۾ دلچسپ ڳالهه اها آهي ته روپا ماڙي واري هن تاريخي ميلي کي دودي چنيسر جي عرس واري ميلي جو نالو ڏنو ويو. هن ميلي ۾ جيئن ته حڪومتي اهلڪارن کان سواءِ سومرا برادري جا اڳواڻ جن مان گهڻا ايم اين اي، ايم پي اي ۽ سنڌ حڪومت جا صلاحڪار ۽ وڏن عهدن تي فائز اعليٰ آفيسر پڻ هئا. انهن وڏا اعلان ڪيا ته جلد شهيد دودي تي هڪ شاندار مقبرو تعمير ڪرايو ويندو. عرس وارو ميلو هر سال باقاعدگيءَ سان لڳايو ويندو روپا ماڙي تائين مٺو پاڻي پهچائي اتي مسافرخانا ۽ ريسٽ هائوس ٺهرايا ويندا. پڪا روڊ تعمير ڪرائي بجلي پڻ پهچائي ويندي. ان بعد ئي سال 1977ع ۾ آمر جنرل ضياءَ الحق شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪري ملڪ تي مارشل لا مڙهي ڇڏي. پر ان عرصي ۾ ايترو ضرور ٿيو جو ان وقت جي سنڌ جي آبپاشي کاتي جي وزير مرحوم در محمد اوستو جي ڪوششن سان قاضيه واهه بدين مان سهرا شاخ جي نالي سان هڪ مائنر کوٽائي روپا ماڙي جي ڀر تائين پاڻي پهچايو ويو، جيئن ته سومرا برادري جا اڳواڻ جيڪي برادري جي اڳواڻي ڪرڻ واري مسئلي تي مذڪوره ميلي ۾ ئي اختلافن جو شڪار ٿي ٻن ڌڙن ۾ ورهائجي ويا هئا ۽ اهو تاريخي ميلو لڳائيندڙ بدين جو ڊي سي غياث الدين جوڻيجو به بدين مان بدلي ٿي ويو، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو ته 1996ع تائين 20 سالن جي ڊگهي عرصي ۾ شهيد دودي جو ڪو هڪ به ميلو لڳي نه سگهيو۽ نه ئي شهيد دودي تي ڪو مقبرو ٺهي سگهيو. ان وچ ۾ بدين ۽ لاڙ جي سومرن شهيد دودي جي مزار تعمير ڪرڻ لاءِ سومرا برادري کان لکين رپين جو چندو گڏ ڪيو ويو، پر اهي فقط  مزار جي بنياد وارو ڪم ڪرائي، تعميراتي ڪم مان هٿ ڪڍي ويا. ليڪن پوءِ 96-1995ع ڌاري حاجي شير محمد سومري نالي هڪ نيڪ مرد پنهنجي ذاتي خرچ سان شهيد دودي سومري جي مقبري جو ڪم ڪرائي مارچ 1997ع ۾ شهيد دودي جي مزار جو ڪم مڪمل ڪرائي ان ئي مهيني ۾ پنهنجي ذاتي خرچ سان 20 ورهين جي عرصي بعد شهيد دودي جو ميلو ڌام ڌوم سان لڳرايو. جنهن ۾ شهيد دودو سومرو ادبي ڪانفرنس پڻ ٿي. ڪانفرنس جي موقعي تي خطاب ڪندي نامور محقق ۽ عالم ڊاڪٽر غلام علي الانا سنڌ جي سومرن کي ڪن نقلي محققن ۽ليکڪن طرفان عرب نسل جو سڏڻ کي رد ڪندي تاريخي دليل ڏيندي چيو ته سومرا وطن ۽ دوست قديم سنڌي نسل جا آهن، جن کي عرب حمله آور لشڪر جاسپاهي سڏي سومرن جي توهين ڪئي پئي وڃي. ٻئي سال 1998ع ۾ به حاجي شير محمد پنهنجي خرچ سان ميلو لڳرايو.  هن ميلي ۾ پڻ ٻين سومرن سان گڏ قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير الاهي بخش سومري خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪئي.ان وقت ملڪ ۾ ميان نواز شريف جي مسلم ليگي حڪومت هئي ۽ الاهي بخش سومرو ميان نواز شريف جي تمام ويجهو هو. هن ڀيري پڻ هن صاحب روپاماڙي جي ترقي لاءِ وڏا اعلان ڪيا. پر 1976ع واري ميلي ۾ ڪيل اعلانن جيان هن ڀيري ڻ هن صاحب جا اسپيڪر جي حيثيت سان اسٽيج تي ڪيل اهي اعلان سکڻا اعلان ئي ثابت ٿيا ۽ روپا ماڙي جي رڻ ۾ اڃا تائين اها ساڳي رڃ ۽ سڃ واڪا ڪري رهي آهي.

حاجي شير محمد طرفان هر سال لڳندڙ اهو ميلو 2000ع ۾ سخت اختلافن جو شڪار ٿي ويو ۽ سومرا برادري جي اڳواڻي تان سومرن ۾ ٻيهر تڪرار شروع ٿي ويو. سومرن جي ان ڄنڊاپٽ واري ويڙهه کي ڏسندي ولاسي جا مقامي ماڻهو اهو چوڻ لڳا ته سوين سال اڳ سومرن ۾ شروع ٿيل اها پڳ ٻڌڻ واري ويڙهه جنهن سومرن جي بادشاهي ختم ڪري کين تباهه ۽ دربدر ڪري ڇڏيو هو، سومرن ۾ پڳ ٻڌڻ واري اها قديم ويڙهه اڃا تائين جاري آهي.حاجي شير محمد طرفان شهيد دودي جو سال 2000ع وارو اهو ميلو جيڪو سومرن جي اڳواڻي ڪرڻ واري پڳ تان سخت اختلافن جو شڪار ٿيڻ ڪري مرحوم حاجي شير محمد گهڻو مايوس ٿيو. هن خلاف اها گهڻي ڀنڊي بدين ۽ لاڙ جي انهن سومرن ٻاري جن جي اڳواڻي حاجي عبدالخالق سومرو ڪري رهيو هو. ميلي تي اعتراض ڪندڙ انهن ئي سومرن حاجي شير محمد سومري کان پنهنجي ذاتي خرچ سان ميلو لڳائڻ وارا اختيار کسي پاڻ ئي سومرا ايسوسيئيشن طرفان سال 2001ع ۾ لاڙ ۽ سنڌ جي سومرن کان لکين رپين جو چندو گڏ ڪري جيڪو ميلو لڳرايو، اهو پڻ سخت بدانتظامي ۽ اختلافن جي ور چڙهي ويو. سنڌ ۽ سڄي ملڪ کان آيل سومرا اديب، شاعر ۽ صحافي مهمان رڻ واهي ٿي ويا. جن مان گهنا رات جو واپس اچي بدين شهر جي هوٽلن ۾ رهيا. هن ادبي ڪانفرنس ۾ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جنهن پنهنجي ڪتاب “سومرن جو دور” ۾ قديم سنڌي سومرن کي عرب نسل جو لکيو آهي، ان خاص طور تي شرڪت ڪئي ۽ ڊاڪٽر بلوچ جي ان موقف سان سخت اختلاف رکندڙ محقق پروفيسر غلام رسول سومرو پڻ شريڪ ٿيو. اهڙي طرح 2001ع ۾ مذڪوره سومرا ايسوسيئيشن طرفان شهيد دودي جو اهو پهريون ميلو آخري ثابت ٿيو، ان بعد گذريل ڏهن ورهين جي عرصي ۾ سومرا ايسوسيئيشن طرفان وري شهيد دودي جو ڪو هڪ ميلو به نه لڳايو ويو، جڏهن ته مرحوم حاجي شير محمد سومري پنهنجي حياتي ۾ سخت بيمار هجڻ جي باوجود ننڍي پئماني تي هڪ ميلو شايد 2005ع ۾ لڳايو، جنهن ۾ روپا ماڙي جو رڻ هڪ ڀيرو ٻيهر روشن ٿيو ۽ ان عرصي ۾ لاوارث بڻيل شهيد دودي جي مزار ۾ جهنگلي ڪبوترن پنهنجا آکيرا ٺاهي ڇڏيا هئا، مزار جي نگهباني ۽ صفائي وغيره لاءِ ڪو به ماڻهو مقرر نه ڪرڻ ڪري دودي جو مقبرو ويران ٿي ويو. مٺو پاڻي نه هئڻ ڪري سياح ۽ شهيد دودي جا عقيدت مند رڻ واهي ٿي وڃن ٿا.

روپا ماڙي تائين پهچڻ لاءِ ٻه رستا آهن، جن ۾ هڪ ڪڍڻ شهر کان روپا ماڙي وايا ٻهڊمي روڊ ۽ ٻيو سيراڻي ڀڳڙا ميمڻ مين روڊ کان روپا ماڙي لنڪ روڊ جيڪي اٽڪل 20 سال اڳ ۾ انڌا منڊا تعمير ٿيا هئا. 2003ع جي ايل بي او ڊي جي ڀيانڪ سامونڊي ٻوڏ ۾ نه فقط روپاماڙي جا قديم آثار ٻڏي ويا هئا، پر اهي علائقي جا سمورا پڪا روڊ اکڙي تباهه ٿي ويا هئا. اڄ ڏينهن تائين تباهه ٿيل انهن روڊن جي ڪا به مرمت نه ٿيڻ ڪري اهي به انتهائي خطرناڪ ۽ اذيتناڪ بڻجي ويا آهن.

شهيد دودي جي مزار ۽ روپا ماڙي جي قديم تاريخي آثارن کي سڀ کان وڏو خطرو ايل بي او ڊي کان آهي، جنهن جو سمنڊ سان ڳنڍيل سم نالو ڪي پي او ڊي چند وکن جي فاصلي تي ڏکڻ طرف آهي ۽ اولهه طرف کان چند ڪلوميٽرن جي فاصلي تي خود سنڌي سمنڊ ڇوليون هڻي رهيو آهي. سمنڊ جي ان ابتي وهڪري کي جيڪڏهن جلد شاهه سمابو ڪريڪ وٽان بند نه ڪيو ويو ته چند سالن ۾ ئي نه فقط روپا ماڙي سمنڊ جي پيٽ ۾ هوندي، پر سڄي بدين ضلعي کي سمنڊ هڙپ ڪري ويندو.

سهرا شاخ پڻ سڪل رهي ٿي، جنهن ڪري پيئڻ جو پاڻي به اڻلڀ آهي. جڏهن ته ويجهڙ ۾ موجوده حڪومت شهيد دودي جي مزار تائين تازو هن ئي مهيني ۾ بجلي پهچائي مزار کي روشن ڪيو آهي، جڏهن ته مزار تائين بجلي پاڻي ۽ روڊ پهچائڻ جا اعلان اڄ کان13 ورهيه اڳ ان وقت جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر الاهي بخش سومري روپا ماڙي ۾ هزارين ماڻهن جي اڳيان اسٽيج تي اچي ڪيا هئا، جنهن مان ڪنهن هڪ اعلان تي عمل ٿي نه سگهيو. الاهي بخش سومري طرفان هن سال مارچ جي هن ئي مهيني ۾ ٻيهر شهيد دودي جو روپا ماڙي ۾ ميلو لڳائڻ ۽ سومرا ايسوسيئيشن جو نئون صدر چونڊڻ واري بدين ۾ ڪيل اعلان جي سلسلي ۾ افيئر طرفان جڏهن ڪراچي ۾ رهندڙ  سومرا نيشنل ڪائونسل جي صدر جڳ مشهور مشهور محقق مرحوم ايم ايچ پنهور جي تحقيقي ڪتاب “سومرا ڪنگڊم آف سنڌ” جي مترجم عمرو سومرو سان رابطو ڪيو ويو ته هن ويچار ونڊيندي چيو ته الاهي بخش سومرو جي نيت صاف نه آهي، ان کي شهيد دودي جو ميلو لڳرائڻ روپا ماڙي جي ترقي سان ڪا به دلچسپي نه آهي ۽ نه ئي هن کي سومرا برادري سان ڪا همدردي آهي. هو هن وقت سياسي يتيم آهي. کيس هن وقت شهيد دودو سومرو، روپا ماڙي ۽ سومرا برادري ڪيئن ۽ ڪهڙي طرح سان ياد آئي آهي؟ هو پاڻ جڏهن اسپيڪر هو تڏهن هن روپاماڙي لاءِ ڪهڙا اڪ ڪارا ڪيا؟ 1998ع واري ميلي ۾ هن جيڪي اعلان ڪيا اهي به اسان پنهنجي ڪنن سان ٻڌا هئا. هو خود به ارب پتي ماڻهو آهي. روپا ماڙي تي هن هيل تائين گهڻا پيسا خرچ ڪيا آهن ۽ شهيد دودي تي هن کان اڳ هن ڪهڙا ميلا لڳرايا آهن؟ هو اصل ۾ پاڻ ئي سومرا برادري جي صدارت واري پڳ روپا ماڙي ۾ وڃي اتي ئي ٻڌڻ چاهي ٿو. سندس اصل مقصد ئي اهو آهي. عمر سومري افيئر سان ڳالهائيندي اهو پڻ انڪشاف ڪيو ته مرحوم حاجي شير محمد سومري طرفان پنهنجي ذاتي خرچ سان هر سال روپا ماڙي ۾ شهيد دودي جو لڳندڙ ميلو ڦٽائڻ وارو ڪم الاهي بخش سومري ئي ڪيو هو. جنهن 17 ڊسمبر 2000ع تي ڪراچي ۾ حاجي عبدالخالق سومري جي بنگلي تي سومرا برادري جي هڪ اجلاس ۾ چيو هو ته روپا ماڙي ۾ شهيد دودي جو ميلو هاڻ ايندڙ سال 2001ع ۾ مرحوم حاجي شير محمد نه پر حاجي عبدالخالق سومرو لڳرائيندو. اهڙي طرح هن سالياني ميلي ۾ ڏڦيڙ وڌو ۽ 2001ع وارو اهو ميلو آخري ثابت ٿيو. عمر سومري تجويز ڏني ته شهيد دودي جو روپا ماڙي وارو ميلو سنڌ ثقافت کاتي کي هر سال لڳائڻ گهرجي، جنهن ميلي لڳائڻ لاءِ ثقافت جي وزير سسئي پليجو 2009ع ۾ اعلان پڻ ڪيو هو، جنهن تي عمل ٿي نه سگهيو، ڪڍڻ شهر جي ليکڪ سماجي اڳواڻ احمد علي جمالي افيئر طرفان رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اهي سومرا پاڻ ۾ ڪڏهن به ڪو نه ٺهندا. سندن روايتي پڳ واري ويڙهه ڪڏهن به ختم نه ٿيندي. الاهي بخش سومرو هن کان اڳ روپا ماڙي ۾ اهڙا ڪيترائي اعلان ڪري ويو آهي،  هو ميلو لڳائڻ ۽ شهيد دودي جي مزار ۽ قديم آثارن کي بچائڻ لاءِ هرگز مخلص ڪونهي. هن چيو ته ايل بي او ڊي جي تباهي وسيلي سمنڊ روپا ماڙي جي قديم تاريخي آثارن کي ڳڙڪائڻ لاءِ ڀر ۾ اچي پهتو آهي. ان ڪري سامونڊي چاڙهه کي جلدي بند ڪري شهيد دودي سومري جي مزار روپا ماڙي واري قديم ڀڙي کي تمام جلد هڪ مضبوط چوديواري ڏياري هڪ وڏو مک دروازو، هڪ وڏو مسافر خانو، هنگامي سينٽر ۽ شهيد دودو سومرو ميوزيم ۽ لئبرري ٺهرايوڃي. احمد علي ثقافت کاتي کان گهر ڪندي چيو ته روپا ماڙي جي قديم آثارن کي هڪدم سياحت ۽ ثقافت جي حوالي ڪري شهي دودي سومري جو هر سال ميلو ثقافت کاتي طرفان مارچ جي مهيني ۾ لڳايو وڃي ۽ان ڏينهن تي سڄي سنڌ ۾ عام موڪل ڪئي وڃي. سنڌ حڪومت طرفان روپا ماڙي کي سمنڊ کان بچائڻ لاءِ فوري طور تي هنگامي بنيادن تي اپاءَ وٺي ثقافت کاتي طرفان هر سال ميلو لڳرائڻ جو اعلان سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاههکي بنا دير ڪرڻ گهرجي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو