Home / شوبز / سوناڪشي جي اک ۾ ڪير
above article banner

سوناڪشي جي اک ۾ ڪير

تازو ئي بالي ووڊ جي مارڪيٽ ۾ آيل ۽ اچڻ سان ئي شهرت جي بلندين تي پهچي ويل شتروگهن سنها جي ڌيءَ سوناڪشي به دل ڦينڪ نڪتي. هونئن به بالي ووڊ ۾ پير رکڻ کان اڳ ۾ ئي سندس پيار ڪهاڻيون مشهور هيون. هاڻ جڏهن سندس اڳوڻو بواءِ فرينڊ کانئس ڇڊو ٿي ويو آهي ته هن نئين بالي ووڊ هيرو رنوير سنگهه کي اک ۾ رکيو آهي. سندس دل جي ڳالهه تڏهن پڌري ٿي جڏهن ”ڪافي وٿ ڪرن“ شو ۾ هوءَ چئي ويٺي ته ”جيڪڏهن رنوير سنگهه ڇڙو هجي ها ته هوءَ ساڻس نينهن جو ناتو جوڙي ها.“ سوناڪشي اهڙن خيالن بابت جڏهن شو جي ميزبان رنوير جي گرل فرينڊ انوشڪا شرما کان پڇيو ته سندس ڇا چوڻ آهي ته انوشڪا، سوناڪشي ڏانهن مخاطب ٿي چئي ڏنو ته ”هي ته سڄو سارو تنهنجو آهي، اڳتي وڌ.“ اها ڳالهه انوشڪا خبر ناهي ساڙ مان چئي يا خوشيءَ سان بهرحال سوناڪشي کي يقينن ڦڪائي جو منهن ڏسڻو پيو هوندو. انوشڪا ۽رنوير سنگهه جي جوڙ جون خبرون اڄڪلهه بالي ووڊ جي مارڪيٽ ۾ زور شور سان جاري آهن. اها جوڙي فلم ”بينڊ بجا بارات“ جي شوٽنگ دوران هڪٻئي جي ويجهو آئي هئي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو