Home / افيئر / شڪارپور ۾ ٻوڏ ستايلن جي روپ ۾ افغانين جي آبادڪاري
above article banner

شڪارپور ۾ ٻوڏ ستايلن جي روپ ۾ افغانين جي آبادڪاري

اپريل مهيني کان سنڌ ۾ آدمشماري جي پهرين مرحلي ۾ گهر شماري ٿي رهي آهي. سنڌ سرڪار ان ڏس ۾ ضروري تحرڪ ورتو آهي. آدمشماري جي آڌار تي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين، اين ايف سي ايوارڊ، وفاقي ۽ صوبائي نوڪرين ترقياتي ڪمن ۽ ٻين ڪيترن ئي حوالن سان گهٽتائي يا واڌ ٿيندي آهي. مختلف حوالن سان ملندڙ فنڊن جو دارومدار به آدمشماري تي ئي هوندو آهي. سنڌ ۾ ڪيترن ئي سالن کان ڌاري آباديڪاري خلاف سياسي سماجي سطح تي وڏي پئماني تي احتجاج ٿيندو رهيو آهي. جنهن جو ڪوئي داد نه ٿيو آهي ۽ نتيجو اهو ٿيو آهي جو سنڌي ماڻهن جي اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جا خدشا ۽ جواز وڌندا پيا وڃن. ان حوالي سان ضروري آهي ته اتر سنڌ ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ افغان آباديءَ جو جائزو وٺجي ۽ ان جي نتيجي ۾ پوندڙ اثرن جي خبر وٺجي. ان حوالي سان مثال طور اسان شڪارپور ضلعي کي آڏو رکون ٿا جتي جي سمورن تعلقن خانپور، لکي ۽ ڳڙهي ياسين سميت شڪارپور ۾ پڻ افغانين پنهنجو ديرو ڄمايو آهي. اهي ڊکڻ، سلطان ڪوٽ، مدئجي ۽ ضلعي جي ڪچي واري علائقي توڙي ٻهراڙين ۾ پڻ وڏي تعداد ۾ رهن ٿا ۽ زبردست طريقي سان مختلف حوالن سان ڪاروبار به ڪري رهيا آهن. نيشنل هاءِ وي، انڊس هاءِ وي، توڙي شهرن اندر هوٽلن ۽ ٽرانسپورٽ جو ڪاروبار عروج تي آهي. هنن جا رعايتي سيل ۽ قسطن تي سامان جي فراهمي وارا دڪان آهن جتي ايئرڪنڊيشن کان ايئرڪولر تائين زندگي سان لاڳاپيل سموريون شيون ملي سگهن ٿيون. واهن ۽ شاخن جي کاٽي هجي يا ٻيلن جي وڏي پئماني تي غيرقانوني واڍي. مٽي جي کڻائڻي هجي يا واري جو کاپو، هي همراهه اوها نکي هن معاملي ۾ اڳڀرا نظر ايندا. شهر جي اهم چوڪن تي خشڪ فروٽ کان ويندي هر مال جي ريڙهن تائين. ڊائرين ۽ بڪن جي وڪري کان ڪمبل ۽ چادرن تائين زندگي جي ضرورت جو هر سامان وڪڻن ٿا. جيڪڏهن ٻيو ڪجهه ڪو روزگار نه ٿو ملي ته ڪيمرا کڻي ڳوٺن ۾ فوٽو ڪڍي روزي ڪمائين ٿا. شڪارپور جي مين اسٽيشن روڊ تي فرنيچر جي اڌوراڻي سامان کان گرم ڪپڙن ۽ بوٽن چپلن تائين پختون آبادي وڏي انگ ۾ ڪاروبار ڪري ٿي، انهيءَ اسٽيشن روڊ تي ريلوي ڦاٽڪ، لکي در تائين ڪيترائي سندن چانهه جا وڏا هوٽل آهن.

حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته هي ماڻهو نو گو ايرياز ۾ به وڏي آسانيءَ ۽ بي خوفيءَ سان ڪپڙي سميت ڪيترن ئي حوالن سان روزگار ڪن ٿا.

سوچن ۽ سمجهڻ جو نڪتو اهو آهي ته آخر هنن کي اهو تحفظ ۽ اهو ڏڍ ڪير ڪهڙن مفادن جي حاصلات لاءِ فراهم ڪري رهيو آهي. هي ماڻهو ٻهراڙين ۾ بيٺل فصل جو اڳواٽ سودو ڪري مختلف برادرين جي ماڻهن کي هٿيارن سميت سيڌو سامان ۽ روڪ رقم به ڏين ٿا. جڏهن ته وياج جو ڌنڌو به هلندو اچي ٿو، هنن مان هزارين ماڻهن جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهي چڪا آهن ۽ وڏي تعداد ۾ کين وطن ڪارڊ به ملي چڪا آهن، شڪارپور ضلعي ۾ سندن هزارين ووٽ رجسٽرڊ آهن ۽ انهن جي رجسٽريشن، رهائش ۽ آسائشي اهتمامن جو سلسلو رهيو آهي.

هي پاڻ کي پشاوري، ڪوئيٽا يا ڪنهن ٻئي شهر جي شهري جي حيثيت سان متعارف ڪرائين ٿا، پر حقيقت اها آهي ته اهي پاڪستاني ناهن، هنن مان ڪيترائي منشيات جي ڌنڌي ۾ به ملوث آهن.

۽ انهن مان ڪيترن کي ٻارن جي اغو وارين وارداتن ۾ به ملوث ڏٺو ويو آهي. نادرا جو رڪارڊ ٻڌائي ٿو ته هڪڙي ڪارڊ جي نسبت سان پنج سو کان وڌيڪ ماڻهن جا شناختي ڪارڊ به ٺهيا آهن، وڏي پيماني تي ايڊريسون تبديل ٿيون آهن ۽ ڪوڙا رهائشي سرٽيفڪيٽ ٺهيا آهن، ڪيترن کي شڪارپور جا پي آر سي ۽ڊوميسائيل ٺهي مليا آهن. ڪن کي سرڪاري نوڪريون به مليون آهن. سندن اهم ڪاروباري مرڪزن تي مخصوص موسيقي کان دڪانن، گهرن ۽ هوٽلن تي ڳاڙهن جهنڊن کان ديوارن تي ڳاڙهي رنگ تائين هڪ قسم جي سياسي ۽ نظرياتي وابستگي جو پيغام پسي سگهجي ٿو. ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد لوڊرا ۽ قومي شاهراهه ڀرسان نيو پٺاڻ ڳوٺ ٻڌجي رهيو آهي ۽ اُتي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي ڪوٽا مان هنن همراهن کي پڪا گهر ٺاهي ڏيڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن. ايئن ناهي ته هي ماڻهو ڪي اڄ جا ويٺل آهن، هي ماڻهو گذريل ڏهن ويهن سالن کان سياري جي مند ۾ هتي اچي مزدوري ڪري اونهاري ۾ هليا ويندا هئا، انهن مان ڪيترائي خاندان مستقل طور هتي رهندا آهن. تازو جڏهن ٻوڏ آئي ۽ بند ٽٽا ته لوڊرا فارم ۽ آس پاس جو علائقو پاڻي جي لپيٽ ۾ آيو ته هنن همراهن به عارضي طور باءِ پاس تي پکا اڏيا هاڻ جيئن ته پاڻي سڪي ويو آهي، انڪري هي ماڻهو ساڳي پلاٽ تي اچي ويٺا آهن. سو دعوائون تمام وڏيون آهن ته هنن جا پڪا گهر هئا، انهن ۾ قيمتي سامان هو، ٻوڏ سڀ ڪجهه لوڙهي وئي. “افيئر” ٽيم خود زراعت کاتي جي پلاٽ جي تنبن ۾ آباد انهن ماڻهن سان جڏهن ملي ۽ حال احوال اوريا ته انهن پٺاڻن جي هر طرح جي سهڪار ۽ مدد جي نشاندهي ڪئي. هتي وڏي ۽ پڪي مسجد جي تعمير ٿي چڪي آهي، اڃا گهرن جي تعمير شروع نه ٿي سگهي آهي . ذريعن جو چوڻ آهي ته ترڪي حڪومت پاران شڪارپور ضلعي ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ ٻن هزارين گهرن ٺهرائي ڏيڻ جو جيڪو اعلان آڏو آيو آهي، تنهن مان هنن کي به حصي پتي ملڻ جي پڪ ڏياري وئي آهي. ۽ اهو ممڪن به آهي، پر جي ايئن ٿيو ته اها ڳالهه شڪارپور جي خانن لاءِ ڪيترائي سوال اٿاري ڇڏيندي، هن وقت آغا سراج خان، آغا تيمور خان ۽ آغا ارسلان خان سنڌ حڪومت جي اهم وزارتن ۽ مشاورتن ۾ آهن. سوال اهو آهي ته چند ووٽن جي لاءِ ڇا هو اها تهمت پنهنجي مٿان اچڻ قبوليندا ته ٻوڏ متاٿرن جي آڙ ۾ هنن افغانين کي آباد ڪرايو آهي. ۽ رڳو هتان جا سنڌي پٺاڻ سياستدان نه، پر ٻيا به سياستدان ڄاڻايل آبادي تي ووٽن جي لالچ ۾ شفقت جو هٿ رکندا پيا اچن. شڪارپور جي رستم روڊ واري علائقي آرائين محلا ۾ پڻ افغاني رهن ٿا. ڪوٽ اختر وارو علائقو سندن موجودگي ۽ آبادي جو ساکي آهي، ان يونين ڪائونسل ۾ هزارين سندن ووٽ ڪنهن داخل ڪرايا آهن ۽ اهي ڪنهن کي ملندا آيا آهن. شڪارپور شهر ۽ تعقلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ پنج هزار ووٽ پختونن جا ٻڌايا پيا وڃن. هي ماڻهو گڏجي سڏجي جيڪڏهن ڪو ايم پي اي جو اميدوار بيهارين ته اهي پنهنجي اثر رسوخ سان ڏهه ٻارنهن هزار آسانيءَ سان ووٽ سان حاصل ڪري سگهن ٿا. هتان جي همراهن جا شاهي سيد سان سڌا سنوان رابطا نه پر وذاتي نوعيت وارا واسطا به آهن. انتهائي شرمناڪ حقيقت اها آهي ته جڏهن هن معاملي تي هڪ چونڊيل نمائندي کان هڪ صحافي سوال ڪري ٿو ته اهو سياستدان چئي ٿو ته اڳ ۾ ان معاملي کي اشو بڻايو پوءِ اسان به ردعمل رڪارڊ تي آڻينداسيون. جڏهن سياسي قيادت جي اها ائپروچ هجي ته پوءِ اٻوجهه ماڻهن جي ڪهڙي بصيرت هوندي؟ هن معاملي کي اهميت نه ڏيندڙ ڌريون ان ڳالهه کان اڻڄاڻ آهن ته اهي خاموش تماشائي وارو ڪردار ادا ڪري تاريخ جو ڪيڏو وڏو گناهه ڪري رهيون آهن.

سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو سربراهه جڏهن ڌارين جي آبادڪاري ۽ آدمشماري ۾ سنڌين کي پنهنجي حصي جي ڪردار جي ادائگي لاءِ اتساهڻ لاءِ هڪ جلسي ۾ شريڪ ٿيو ته اُتي سندس ڌيان نوروز خان پٺاڻ ڳوٺ طرف ڇڪايو ويو. شڪارپور ضلعي ۾ افغانين ۽ پختونن جو وڌندڙ آبادي جو دٻاءَ اهڙين حالتن ۾ آڏو آيو آهي، جڏهن هتي پوري سنڌ ۾ پهريون ڀيرو جيڪڏهن ڪي نٽو آئل ٽينڪرز تي حملا ٿين ٿا ۽ سڀ جو سڀ ٽن ڊزنن جي لڳ ڀڳ آئل ٽينڪر سڙي رک ٿي وڃن ٿا ته اهي به شڪارپور ۾ ته ٿيا ۽ جڏهن ڏهين محرم تي پوري پاڪستان ۾ ڪو خودڪش بم ڌماڪو ٿئي ٿو ته اهو به شڪارپور جي تعقلي خانپور جي نيپئر آباد ڳوٺ ۾ ٿئي ٿو ته اهڙين حالتن ۾ هتي مشڪوڪ ماڻهن جي سرگرمين تي ڪنهن ڪهڙي اک رکي آهي، ڪو پتو ناهي، پر علامتون امڪاني خطرن جو گهنڊ ضرور وڄائي رهيون آهن. شڪارپور ۾ افغانين جي آبادڪاري خلاف لاڙڪاڻي ۾ مظاهرا ٿيا آهن. شڪارپور ۾ سياسي ڌريون سڪتي ۾ ورتل ٿيون ڏسجن. هو پنهنجون پنهنجون مجبوريون ۽ مصلحتون آهن، ان سڄي پس منظر ۾ قومي ترجيح غائب ٿي وئي آهي.

افغاني پٺاڻ پاڻ ڇا ٿا چون؟

نيو پٺاڻ ڳوٺ عرف نيو افغاني بستي ۾ رهندڙ اختر جان محمد رمضان ۽ غلام حيدر ”افيئر“ ٽيم پاران سرڪاري زمين تي قبضو ڪري ويهڻ بابت جڏهن سوال ڪيو ته هن چيو ته جڏهن ٻيا قبضا ڪن ٿا ته پوءِ اسان ڇو نه ٿا ڪري سگهون؟ هنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسان سڀني نوروز خان ڳوٺ جي ايڊريس سان ڪارڊ ٺهرائڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي، اسان هتان هُتان جي ايڊريسن هئڻ ڪري وڏو ڌڪ کاڌو آهي، اسان کي اميد آهي ته سرڪار اسان کي پڪا گهر ٺهرائي ڏيندي.

افغانين لاءِ پاڙيسري ڪهڙي راءِ ٿا رکن؟

نوروز خان پٺاڻ جي ڀرسان قائم ڳوٺ تڳيو جعفري جي رهواسين سان جڏهن “افيئر ٽيم” ملي ته انهن جو چوڻ هو ته افغان جنگ کانپوءِ هتي لڏي آيل افغاني هتان جا ٻيلا وڍي مقامي سطح تي ملي ڀڳت سان پنهنجي اهم حيثيت ٺاهي ورتي آهي. اهي منشيات جي ڪاوربار ۾ پڻ ملوث آهن ۽ گرفتار به ٿي چڪا آهن، اهي چون ٿا ته ڪوئيٽا جا آهيون، پر ڪوئيٽا ۾ کين ڪو به سڃاڻي نه ٿو، اهي بلوچستان ۽ پختونخواهه جا نه پر افغانستان جا اهن،شروع ۾ هو اٺن ذريعي وڻن جون ڪاٺيون وڪڻندا هئا، هاڻ ٽريڪٽر ٽرالين ذريعي مٽي ڍوئين ٿا، ڳوٺاڻن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسان کي احساس آهي ته هي ماڻهو اسان جي روزگار جي ذريعن تي قابض ٿي ويا آهن، پر اسان جا خان ۽ ڀوتار کين تڙڻ بدران مستقل طور هتي آباد ڪرڻ جي جستجو ۾ رڌل آهن.

naseembukhari@yahoo.com

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو