Home / افيئر / عاقل-آگاڻي بند سڄي سنڌ ٻوڙي سگهي ٿو
above article banner

عاقل-آگاڻي بند سڄي سنڌ ٻوڙي سگهي ٿو

گذريل سال جي ٻوڏ کي ياد ڪندي هونئن ئي تباهي جا منظر هڪ ريل وانگر منهنجي ذهن تي هلڻ لڳندا آهن. پر جڏهن ڪو عاقل-آگاڻي بند جو نالو کڻندو آهي ته لونءِ ڪانڊجي ويندي آهي ۽ اهڙين حالتن ۾ عوام کي حالتن کان صحيح واقف نه رکڻ جو فن ته وري آبپاشي کاتي کان ڪو سکي. هي بند جيڪو سکر بند کان پوءِ سنڌ جي فرسٽ ڊفينس لائين آهي، ان تي درياهه بادشاهه جو دٻاءُ ايترو ته وڌيل هيو جو سنڌ اسيمبليءَ جو اسپيڪر نثار کهڙو جنهن جو عاقل ڳوٺ جنم ڀومي آهي، سڀ ليکا چوکا لاهي اچي بند تي چوٿين نمبر اسپر تي ڪيمپ ڪري ويهي رهيو. حالتن سان بظاهر منهن ڏيڻ سولو لڳندو آهي، پر خبر وزن جي تڏهن ٿي پوي جڏهن اچي سر تي ٿي پوي. هڪ پاسي درياهه جي مستي ۽ موج چاڙهه مٿان چاڙهه جا اطلاع ۽ لاڙڪاڻي ضلعي مان وهندڙ سنڌو نديءَ تي ٻڌل بند جيڪي 0/0 نصرت لوپ بند کان وٺي 5/36 (لاڙڪاڻو سيوهڻ) بند تائين 54.03 ميلن ۾ ڦهليل لاڳيتو دٻاءَ جو شڪار هيا ۽ اهو دٻاءُ سڌي اڻسڌي طرح لاڙڪاڻي جي 14 ملين آباديءَ تي پئجي رهيو هو.

ٿورڙو ماضيءَ ۾ ٿا وڃون، جڏهن لاڙڪاڻي جو محنتي ڊي سي او حسن نقوي، اي ڊي او روينيو اسد ابڙي سان گڏ سيري-بنگلا (ڏوڪري تعلقي) تي ان واقعي سان منهن ڏئي رهيا هئا، جتي بندن تي ڪم ڪندي ٻه ڳوٺاڻا درياهه ۾ مٽي ۾ دٻجي فوت ٿي ويا، جي انهن کي ڪڍڻ جو ڪجي پيو ته لارڪاڻو ته ڇا، پوءِ دادو ۽ ان کان هيٺ علائقا هن وقت ڳڙهي خيرو ۽ قبو سعيد خان جهڙا هجن ها ۽ ان تباهيءَ جا اثر هن ضلعي تي تمام گهڻا هجن ها. وقت جي وزيراعليٰ کان وٺي هيٺ تائين آبپاشي عملدارن کان وٺي ڳوٺاڻن تائين سڀني جي ٻولي اها هئي ته ورهين کان وٺي هنن بندن تي ڪم ڪو نه ٿيو آهي ۽ جي بچي پيا ته معجزو ٿيندو. هڪ طرف ماڻهن جي ننڊ اڏامي وئي ۽ انهن جا ساهه مٺ ۾ هئا ته ٻئي طرف تازا ڪلف ٿيل ڪپڙا پائي سنڌ جا ڪجهه وزير وڏين گاڏين ۽ هيليڪاپٽرن ۾ چڙهي درياهه کي هروڀرو به ڊيڄاري رهيا هئا. لاڙڪاڻي جي اوڀر ۾ وهندڙ درياهه چون ٿا ته دنيا جي تهذيب يافته آبادي (موهن جي دڙي کي به تباهه ڪيو هو) اهو هن ٻوڏ ۾ هروڀرو به هتان اچي اسان کي ٻڌائي رهيو هو ته هي اهو درياهه آهي، جنهن جي وهڪرن کي ڪڏهن به ۽ ڪوئي به روڪي نه سگهيو آهي. اهي ڏينهن به هيا جڏهن درياهه بادشاهه کاٻي ڪپ تي زور رکندو هو، اهو اڄ اچي عاقل-آگاڻي بند سان لڳو آهي ۽ وهي به ٿو ته 90 جي اينگل تي سڌو ٽڪرائجي اسپر 4 کان ٿورو موڙ کائي نانگ وڪڙ هڻندو هيٺ لاڙڪاڻي-خيرپور کي ملائيندڙ سوڙهي پل مان نڪرندو مٽيندو ڪوٽڙيءَ طرف وڃي ٿو. ٿورڙو تاريخ جي ورقن کي اٿلائينداسين ته اهو معلوم ٿيندو ته 95-1994ع ۾ سنڌونديءَ نصرت لوپ بند، ڪاقل لوپ بند، عاقل لنڪ بند تي تمام گهڻي کاڌ ڪئي هئي پر درياهه ٽري ويو.

سنڌو درياهه کي هاڻ جيڪڏهن عاقل-آگاڻي بند کان بيهي ڏسندا ته اهو بلڪل واضح نظر ايندو ته اهو هنڌان ٻيٽ ٺاهيندي، وهڪرا مٽائيندي پنهنجو پيٽ ننڍو ڪري ويو آهي. اسپر 4 تي اسپر 3 تي بيهي معائنو ڪيو ته توهان کي واضح نظر ايندو ته هاڻ جيڪڏهن هن وقت صحيح ڪم نه ٿيا ته پوءِ لاڙڪاڻي جو خير ناهي. بند کاڄي ويو آهي. رخ مٽجي ويو آهي، پر حياتي ڏيئي الله اسان جي عملدارن کي ۽ حڪومت کي جيڪي دعويٰ ته وڏيون ڪندا آهن ته سنڌ اسان کي وڏي پياري آهي، (مرڪز ۾) اها رڙيون ڪوڪون (جيتريون اسان جو پيرسن وزيراعليٰ ڪري سگهي ٿو) مسلسل ڪري رهي آهي ته اسان کي ٻيلي رقم ڏيو، رقم ڏيو، پر هنن کي ريمند ڊيوس جي معاملي مان بلڪل به واند نه ٿي ملي جو هيڏي به هڪ نظر ڪري. سنڌ حڪومت چوي ٿي ته ان وٽ فنڊن جي کوٽ آهي، ان جي باوجود هڪ ارب رپيا ڏنا آهن، پر مرڪزي حڪومت پنهنجي واعدي مطابق 5 اربن جي رقم نه ٿي ڏئي. مٿان وري اهي خبرون آهن ته سنڌ حڪومت ۽ مرڪزي حڪومت 5 اربن جو اڌو-اڌ ڏينديون، الله خير ڪري اڳتي ڇا ٿيندو.حد ته اها آهي جو سنڌ سرڪار جي اهم عملدار چيف سيڪريٽري کان جڏهن پڇيو وڃي ٿو ته ڇا اين ايف سي ايوارڊ جي رقم جيڪا ارڙهين ترميم کانپوءِ 56 سيڪڙو بيهي ٿي ته هو وراڻي ٿو ته اها پائيپ لائين ۾ آهي. ته پوءِ هن بند کانسواءِ ٻين ٻوڏن جي نقصانن کي سڌو ڪرڻ لاءِ آخر مرڪزي حڪومت ڇا ڪندي ۽ ڪڏهن ڪندي؟ جڏهن ته پنجاب حڪومت پنهنجن اثاثن مان 3 ارب 80 ڪروڙ رپيا ڪڍي هڪدم ٻوڏ جي نقصانن کي ٺيڪ ڪري ورتو آهي، ۽ هتي شايد ڪنهن غيبي مدد لاءِ انتظار ڪيو ٿو وڃي، آخر اهو سڀ سنڌ سان ڇو ۽ ڇا لاءِ ۽ آخر ڪيستائين؟

آبپاشي ۽ روينيو جا عملدار اهو ٻڌائي رهيا آهن ته عاقل-آگاڻي لوپ بند ميل 6/2-07 تي آهي، عاقل بند خود ميل 7/0-0/0 تائين ان کانسواءِ آباد-منگي بند (جيڪو لاڙڪاڻي-خيرپور جي ڀرسان آهي) ميل 5/1-0/0 تائين لاڙڪاڻي ضلعي ۾ آهي ۽ سڀ جڳهون بلڪل خطرناڪ آهن. جيڪي مستقل طور تي لاڙڪاڻي جاگرافي حدف جيڪي هڪ اندازي موجب 1916ع اسڪوائر ڪلوميٽرن ۾ آهن (يعني 473365 ايڪڙن) لاءِ خطرناڪ آهن. جنهن لاءِ حڪومت کي هنگامي انتظام ڪرڻا پوندا. باقي ٽڪي پنجي سان ڪم هاڻي ڪو نه هلندو. ڇو ته ڊاڪٽر احمد علي شاهه ايم پي اي (جيڪو صدر طرفان جوڙيل پارليامينٽري ڪاميٽيءَ جو سرواڻ آهي) جي چواڻي هن اهو محسوس ڪيو آهي ته ماڻهن ۾ تمام گهڻي ڪاوڙ آهي. هو ان حد تائين به وڃڻ لاءِ تيار آهن جي انهن کي ڪو نقصان ٿيو ته هو ٻي ڪپ وارن کي به ڪو نه ڏيندا. ۽ هٿ سان کنڊ هڻندا. هڪ طرف اهڙيون خطرناڪ خبرون اچي رهيون آهن ۽ ٻئي طرف پهرين مارچ تي هن بند (عاقل-آگاڻي) جي دوري کان پوءِ پاڻيءَ جي ماهرن جنهن ۾ ادريس راجپوت به شامل هو، انهن جو چوڻ آهي ته هي بند ته ٽوڙي بند کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. خدا ڄاڻي ڪيئن بچيو آهي.

چوندا آهن ته اٺ تڏهن پئي رڙيا جڏهن ٻورا پئي سبيا، ٿورڙو ماضيءَ جي ڳڙکي کولينداسين ته اسيءَ واري ڏهاڪي ۾ اهي ڏينهن ذهن تي تري ايندا جڏهن سنڌيءَ جي هڪ اهم ڪهاڻيڪار ۽ ناول بندوليءَ جو ڪن” جو خالق مرحوم ملڪ آگاڻي لارڪاڻي مان صحافين جي هڪ ٽيم ساڻ ڪري آگاڻي ڳوٺ کان سنڌو درياهه مان ٻيڙين تي چڙهي نون ٺهيل بندن تي وٺي هليو ملڪ ان وقت پئي رنو ۽ رڙيو جڏهن درياهه پنهنجو رخ کاٻي پاسي کان ساڄي طرف موڙي رهيو هو. ان وقت علائقي واسين جون دانهون ۽ پريس جو ڪردار شايد محترمه بينظير ڀٽو کي سڌي ڏني جو هن حالتن جو اندازو لڳائيندي نه صرف اسپر ٺهرايا، پر بندن تي پٿر لهرائي حڪم ڪيو ته اهي اتي ئي پيا هجن، جيڪي جيڪڏهن ڪابه ايمرجنسي ٿي ته انهن کي ئي استعمال ڪيو ويندو ۽ ٿيو به بلڪل ايئن. جڏهن تازون ٻوڏون آيون ۽ عاقل-آگاڻي بند تي ايمرجنسي ڊڪليئر ڪئي وئي ته ان وقت روهڙي کان پٿرن جو اچڻ ڄڻ ته ناممڪن هيو ۽ بند کي خطرناڪ حد تائين کائيندڙ درياهه کي انهن پٿرن سان ئي منهن ڏنو ويو. ۽ حالت اهڙي ٿي ويئي جو آبپاشي عملدار ڏئي وٺي بيهي رهيا ۽ ڪم نيشنل هاءِ وي اٿارٽي حوالي ڪيو ويو. مون کان ته اهي ڏينهن به ڪو نه ٿا وسرن جڏهن آبپاشي کاتي ۾ هڪ جينئس انجنيئر شفقت وڌو هن بند لاءِ سرڪار کان 10 سال کن اڳ ڪجهه رقم جي گهر ڪئي هئي ته درياهه جو رخ مٽجي رهيو آهي، ان تي هڪدم اپران ٻڌو وڃي ۽ اپيرن کي مضبوط ڪيو وڃي ته ان لاءِ سرڪار چيو هيو ته هروڀرو به اهڙي ايمرجنسي ڪانهي. پر هن جي هڻ هڻان ۽ انگن اکرن حالتن ۽ درياهي وهڪرن جي تاريخ جاگرافي کي حڪومت آڏو ڪيس پيش ڪيو ۽ آخر ٿيو ايئن جو هتي 80 فوٽن جو اپيران تيار ڪيو ويو. ڳالهه چوڻ جي اها آهي ته هن وقت به جيڪڏهن (چوڻ وارا چون ٿا) اهو 80 فوٽ وارو پٿر جو ايپران نه هجي ها ته پوءِ خبر ناهي ڇا هجي ها لاڙڪاڻي ۽ ان جي ڀرپاسي جي شڪل.

صدر پاڪستان طرفان بندن جي مرامت لاءِ قائم ڪيل ڪاميٽي جي سربراهه مير نادر علي مگسي 24 فيبروري تي جڏهن عاقل-آگاڻي بند جو دورو ڪيو ته اتي ان ڪم جو افتتاح ڪيو تڏهن هن پريس سان به ٻه چار ڳالهيون ڪيون. مون کي اڳي خبر نه هئي پر هن دوري کانپوءِ (جيتوڻيڪ مان ٽيڪنيڪل ماڻهو ناهيان) مون کي لڳي ٿو هي بند ته ٽوڙي بند کان به وڌيڪ خطرناڪ آهي. خبر ناهي الائي ڪيئن بچيو آهي. جڏهن پاڻيءَ جو اڳلو وهڪرو 80 فوٽن جو پٿر جو ايپران لوڙهي ٿو وڃي ته آبپاشي وارن هاڻ 30 فوٽن جو ايپران ڪيئن منظور ڪيو آهي ۽ ان لاءِ مختص ڪيل رقم 137 ملين بلڪل ناڪافي آهن. جڏهن ته هتي ٺهيل ڪجهه اسپرز جون مهاڙيون درياهه کائي ويو آهي. بند سان سڌو ٽڪرائجي رهيو آهي. ان جو پيٽ ننڍو ٿي ويو آهي. اتي هيءَ رقم بلڪل ٿوري آهي. بند جي حالت ڏسي هن چيو ته هي ڪم گهٽ ۾ گهٽ ٻه مهينا اڳ شروع ٿيڻ کپندو هو ۽ هاڻي دير ٿي وئي آهي، پر ڪوشش ڪجي ته ايندڙ ٻوڏ واري سيزنن کان اڳ ڪم ختم ڪجي.

مٿان وري سنڌ حڪومت طرفان مقرر ڪنسلٽنٽ ادريس راجپوت جڏهن پاڻي ماهر نور محمد بلوچ ۽ الهه ورايو چنڊ سان عاقل-آگاڻي بند جو دورو پهرين مارچ تي ڪيو ته هنن جا خيال به نادر مگسيءَ سان ملن پيا. راجپوت صاحب جو چوڻ هو ته اهو مشڪل ٿو لڳي ته ٽن مهينن ۾ ڪم مڪمل ٿئي ۽ بند جي خراب حالت کي نظر ۾ رکندي ان جو ڪو مستقل حل ڳولهڻ کپي. ان لاءِ هن هتي نوان اسپرز لڳائڻ جي راءِ ڏني. پر ان جي ماڊل اسٽڊيءَ کي گهٽ ۾ گهٽ ڇهه مهينا گهربل آهن، جيڪو هن وقت ممڪن نه آهي. پهرين فيز ۾ بچاءَ جو ڪجهه ڪم ۽ پوءِ اسپر ٺاهجن نه ته جيڪڏهن درياهه هتان ٽٽو ته پوءِ لاڙڪاڻو ڇا، سنڌ کي ٻوڙيندو. جڏهن ته نادر مگسي چيو ته ٽوڙي بند کان درياهه هڪ ڪلوميٽر پري ٿو وهي ۽ درياهه عاقل-آگاڻي بند سان ٽڪرائجي هلي ٿو ۽ سڌو سنئون خطرو آهي.

درياهه جي وهڪرن بابت ماهر ان راءِ جا آهن ته اهو جڏهن صرف ٻه لک ڪيوسڪ سان وهي ته بلڪل ٺيڪ آهي، جنهن کي هو نارمل چون ٿا، پر جڏهن 350000 ڪيوسڪ سان سمنڊ ڏانهن سفر ڪري ته ان کي هيٺاهين ٻوڏ چون ٿا، وري جيڪڏهن 5 لک ڪيوسڪ سان وهي ته ان کي وچولي ٻوڏ جو نالو ڏين ٿا ۽ جڏهن ست لک ڪيوسڪ سان هلي ته اها مٿئين درجي جي ٻوڏ ۾ اچي ٿي، جي نون لکن ڪيوسڪس پاڻيءَ سان وهي ته ان کي تمام مٿاهين ٻوڏ چون ٿا ۽ جيڪڏهن 9 لک ڪيوسڪ سان وهي ان کي سپر فلڊ چون ٿا. تازين ٻوڏين ۾ لاڙڪاڻي مان سرڪاري اطلاعن مطابق 10 لک ڪيوسڪ پاڻي گذرندو رهيو آهي. جڏهن ته اڳوڻي ڊي سي او لاڙڪاڻو حسن نقوي مطابق آبپاشي وارا انتظاميا کي صحيح ۽ حقي وهڪري کان به واقف نه ٿا رکن پوءِ ايمرجنسي ڪمن ڪارن ۽ ايندڙ وقت جي تياري ۾ ڏکيائيون پيش اچن ٿيون.

هڪ اطلاع مطابق (سرڪاري انگ اکر) ته لاڙڪاڻي ضلعي جي حدن ۾ جيڪي ڪچي ۾ درياهه جي کاٻي ۽ سڄي ڪپ تي آهن انهن ۾ روينيو رڪارڊ موجب ڪل 97 ڳوٺ آهن، جن جي آبادي 20582 آهي ۽ اها سڀ جي سڀ ٻوڏ کان متاثر ٿي آهي ۽ ماڻهو پڪي تي بندن تي اچي رهيا ۽ سندن سڄيون زمينون درياهه ٻوڙي ڇڏيون. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اتي نقصان ڪيترا ٿيا هوندا. ٻي طرف بندن جي رٿابندي لاءِ آبپاشي کاتي کي 16 ارب 23 ڪروڙ گهربل آهن ۽ سنڌ جو آبپاشي وزير سيف الله ڌاريجو چوي ٿو ته مرڪزي حڪومت اڃا فنڊ مهيا نه ڪيا آهن. پاڻي ماهر ادريس راجپوت چوي ٿو ته ٽن مهينن ۾ هٿ ۾ کنيل ڪم مڪمل ڪرڻ مشڪل آهي. وري سنڌ ۾ جوڙيل بندن جي نگران ڪاميٽيءَ جو سربراهه احمد علي شاهه چوي ٿو ته بندن جو ڪم دير سان شروع ٿيو آهي ۽ هن کي اهو خوف کايو ٿو وڃي ته ڪڏهن آبپاشي عملدارن ملي جلي ڪري ڳڙٻڙ نه ڪن. جڏهن ته بندن جي نگراني ڪرڻ لاءِ صدر آصف علي زرداري جي جوڙيل ڪميٽي جو سربراهه مير نادر مگسي چوي ٿو ته ڪم شروع ڪرڻ ۾ ٻه مهينا اڳ ئي دير ٿي وئي آهي ۽ مٿان فنڊ بلڪل ٿورا آهن.

هاڻ سوال اهو آهي ته ڇا ناردرن ڊويزن اريگيشن جي حوالي 86 ميل ڊگها بند مضبوط آهن؟ جيڪي ايندڙ وقت ۾ درياهه ۾ ايندڙ وهڪرن کي سهي سگهن ڇو ته آبپاشي عمدارن اڳي ئي هر ٿيندڙ نقصان کي ان پردي ۾ لڪايو ته گذريل ڏهن سالن ۾ انهن بندن تي ڪم نه ٿيو آهي؟ تنهن ڪري ڪٿان به ڪڏهن به ڪجهه به ٿي سگهي ٿو؟ ته ڇا هاڻ انهن ايترو ڪم ڪيو آهي جو حالتون ڪجهه اڳي کان ٺهيون هجن؟ ۽ جي ته ڪير آهي (ڪنهن نه ڪنهن بهاني) ته پوءِ ايندڙ وقت جي خطرن کي ڪيئن منهن ڏبو؟ جيڪو سوال صرف عوام لاءِ نه پر پ پ جي حڪومت لاءِ تمام اهم آهي ته هو هن مدي جي پوري ڪرڻ کان پوءِ ماڻهن ڏانهن ووٽن لاءِ ويندي. شل اهي اطلاع غلط ثابت ٿين ته حڪومت کير ٿر ڪئنال ۾ پيل گهارن کي صرف بند ڪرڻ تي ئي اڪتفا ڪيو آهي. جي ائين آهي ته پوءِ ايندڙ مون سون جا درياهي وهڪرا خطرناڪ به ٿي سگهن ٿا، ڇو ته وڌيڪ برف پوڻ کانسواءِ هندستان طرفان وڌيڪ پاڻي ڇڏڻ جو خطرو به موجود آهي. اهڙين حالتن ۾ حڪومت کي کپي ته پنهنجي عوام کي اصلي حقيقت کان آگاهه رکي ۽ انهن کان ڪجهه نه لڪائي ۽ هرڀرو به ادريس راجپوت جي طرفان امن امان جي صورتحال کي ڳنڀير سڏڻ کان نه ڀڄي. ان لاءِ اهڙا انتطام ڪري جو اسان جا ماهر ڪم ڪن ته بلڪل دل سان ۽ ايندڙ وقت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جهڙا ٿي سگهون ۽ حڪومت به منهن ڏيکارڻ جهڙي ٿي سگهي.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو