Home / افيئر / قصو اڇوت عورت خلاف شاعريءَ جو
above article banner

قصو اڇوت عورت خلاف شاعريءَ جو

“افيئر” جي گذريل پرچي ۾ اشفاق لغاري “اڇوت عورت خلاف ٿيل سنڌي شاعري” بابت مضمون لکي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته سنڌ ۾ جتي هيڏا وڏا ٻيا طبقاتي نظام موجود آهن، اُتي هو سنڌي عورت کي به ڇوت ۽ اَڇوت جي ماپي ۾ ماپڻ ٿو گهري.

ليکڪ سنڌ جي جن شاعرن ۽ نثرنگارن جون جيڪي به سٽون quote ڪيون آهن، اهي سٽون پڙهي، ساڃهه وند پڙهندڙ اهو اندازو ڪري چُڪا هوندا ته اِن شاعري يا انهي نثر ۾ انهن عورتن جي مخالفت ڪيتري آهي؟ ۽ انهن سٽن ۾ موجود آرٽ، بين الاقوامي آرٽ، نثر ۽ شاعري جو سندرو ڇڪڻ لاءِ ميدان ۾ ڪيتري حد تائين لٿل آهي؟

اهو مضمون مون جهڙن انهن ڪيترن ئي ماڻهن لاءِ تڪراري آهي، جيڪي شاعري ۾ سنڌ ڳولين ٿا، ۽ اسان کي اُها سنڌ، سنڌ جي ڪنهن به نجي چينل جي وڊيوز ۾ پينٽ، شرٽ پاتل، سسئي، مارئي ۽ نوري جي ڪردارن ۾ قطعي نٿي لَڀي، اُها سنڌ اسان کي اياز جي نثر، حسن درس، حاجي ساند ۽ فراق هاليپوٽي جي شاعري ۾ ملي ٿي.

جهمپير واري شاعر دوست، ڪوي جي جِن سٽن تي، ليکڪ کي اعتراض ٿيو آهي، سندس خيال موجب ته شيخ اياز جهڙو ماڻهو به انهن سٽن تي چُپ رهيو ۽ کيس پنهنجي جواني کي ٿر جي ڪولهياڻي نه پر ٺٽي جي ڪنهن سياسي خاندان جي ڪنهن ماڻهو سان ڀيٽڻ گهرجي ها. جيڪو ماڻهو پنهنجي من کي مياڻي ٿو چوي. ان جي جواني ڪارن شيشن واري پيجارو ۾ ويٺلن جهڙي ته نٿي ٿي سگهي، پر ان جي جواني کي ان ڪولهڻ سان ضرور ڀيٽي سگهجي ٿو، جنهن پنهنجي ٻانڌڻي سان روپلي ڪولهي جو رت اُگهي، تاريخ جا صفحا ڳاڙها ڪري ڇڏيا.

مون جيتري قدر موجوده سنڌ کي ڏٺو آهي ته ذڪر ڪيل انهن سڀني شاعرن جي اوطاقن تي انهن اڇوتن لاءِ ڪي به جدا ٿانوَ ناهن رکيل. ڪجهه عرصو پهرين ته عمرڪوٽ ۾ اها تحريڪ به هلي هئي ته هوٽلن تي سوناري ڪوپ جدا ڇو هجن؟ ۽ ان ڳالهه جي حق ۾ سنڌ جا اهي سڀ شاعر گڏ هئا، جن جي شاعري ليک لکندڙ کي عورت جي خلاف ٿيل شاعري ٿي لڳي. اهي سنڌ جا اهي شاعر آهن، جن وٽ ڇوت-اڇوت ته ڇا پر اقليت ۽ اڪثريت جو به تصور ڪامريڊ غلام محمد لغاري جي خيال جهڙو آهي.

جن ڪولهين، ڀيلن، مينگهواڙن ۽ اوڏن کي اڇوت چيو ويو آهي انهن کي اگر دراوڙ چئي، “دراوڙ عورت تي ٿيل سنڌي شاعري” جهڙو مضمون لکيو وڃي ها ته اهو ڪم ساراهه جوڳو هو. پر شايد لکاري جهڏي جي ان انتهائي پڙهيل لکيل ڀِيل نوجوان سان به ڪچهري نه ڪئي هوندي، جيڪو راوڻ کي به پنهنجو دراوڙ هيرو چئي، ڏياري ملهائڻ کان انڪار ٿو ڪري، يا شايد هي سٽون به نه پڙهيون هجن:

دل دراوڙ ڇوڪري،

درد آرين جي حوس.

اهي سنڌ جا اصلوڪا وارث، بقول مضمون جي ليکڪ ته هر استحصالي نظام جو شڪار آهن، وڏيرن جاگيردارن، جي زيادتين سان گڏوگڏ اهي ماڻهو چورن ۽ پاٿاريدارن جي به ور چڙهيل آهن. اهي چور ۽ پاٿاريدار جڏهن ڪنهن ڪولهي جي ڍڳن واري چوري ۾ جهلجن ٿا ته پوءِ انهن کي ڇڏائڻ لاءِ ٽنڊوالهيار جي صحافين کي فون ڪير ٿو ڪري؟  اسين سڀ انهن ماڻهن جي استحصال ۾ برابر جا شريڪ آهيون.

جيتري قدر سنڌي شاعري ۾ ذاتين، برادرين ۽ ڪنهن خاص ڪميونٽي جي ذڪر جي ڳالهه آهي ته پوءِ اهڙو مضمون لکڻ کان پهرين، شاهه جو رسالو به پڙهڻ گهرجي ها، جنهن ۾ ڀٽائي سنڌ جي هڪ وڏيري ڪارڻ هڪ عورت کي ڇا ٿو چوي؟

ريٻارڻ ريجهاءِ، لاکو لولاٽين سين.

يا ڀٽائي انهي سونهن کي آرٽ ۾ ڪيئن ٿو شامل ڪري

جهڙا پانن پَن، تهڙيون مٿن سالون،

جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس.

جهڙيون آفاقي سٽون ڪنهن لاءِ لکيل آهن؟

اگر ائين هجي ها ته پوءِ اياز جو هي بيت:

سَر تي نِوڙيون سومريون، جهُٻا ڏين نه جهُل،

جهُومڪ جهُومڪ پاپڙيون، جهرمر جهرمر ڳل،

ڇا ڇا پيارا پَل، وارياسي جي واٽ تي!

هاڻي اگر سوچجي ته هن بيت ۾ سومرين جي سونهن جو جيڪو خاڪو، آرٽ جي ويس ۾ اياز بيان ڪيو آهي، اهو بيت سڀني سومرن پڙهيو هوندو. پوءِ ڇا اِهي سڀئي سومرا ويهي اياز تي تنقيد ڪن ته اياز يئن ڇو لکيو؟

جن مينگهواڙين جي لاءِ لکيو ويو آهي، انهن تي مينگهواڙين لاءِ ڪيترو ئي وقت اڳي سانوڻ سنڌي جيڪو خود مينگهواڙ هو ان چيو هو ته :

مينهن سمي مينگهواڙيون،

ڍنڍ مٿي جيئن آڙيون.

هي دوست هڪ پاسي ته نوجوان شاعرن تي اعتراض ٿو ڪري ته ٻئي پاسي، انهي ئي خورشيد قائمخاني کي جينيس ٿو ڪوٺي، جيڪو پنهنجي هر نجي ڪچهري ۾ اهو چوندو آهي ته “ڀٽڪتي نسلين” لکرائڻ ۾ انهي ڪميونٽي جي هر انهي عورت جو اهم ڪردار آهي، جنهن جي سونهن کان آئون متاثر ٿيو آهيان”

منهنجو خيال آهي ته حسن ۽ آرٽ کي ذات، پات ۽ طبقن ۾ ورهائڻ درست ناهي، ڇو ته حسن ۽ آرٽ ڇوت-اڇوت ناهي ٿيندو.

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو