Home / سياسي افيئر / لاڙ، جتي سياسي گرناري راڄ ڪن ٿا
above article banner

لاڙ، جتي سياسي گرناري راڄ ڪن ٿا

سنڌ جي ڏاکڻئين پاسي کي لاڙ چوندا آهن،جنهن ۾ ٿرپارڪر(جيتوڻيڪ ٿر جي سڃاڻپ جو هڪ حصو انهي کان علاوه به آهي)،بدين ۽ ٺٽو ضلعو شمار ٿين ٿا،تاريخي طور تي لاڙ ۾ اڃا به ڪيترائي علائقا شمار ٿين ٿا،پر سراسري طور تي انهن علائقن کي ئي هاڻي لاڙ ۾ ڳڻيو وڃي ٿو،ان ڪري پاڻ هن علائقي جي موجوده معاشي ۽ سياسي حالتن جو جائزو وٺنداسين،

ٺٽو

ڪراچي کان هڪ سئو ڪلو ميٽر اوڀر ۾ ٺٽو ضلعو موجود آهي،ٺٽي جي تاريخي حيثيت انتهائي شاهوڪار آهي،ان ڪري ،هي سنڌ جواهڙو شهر آهي ،جتي سياحن جي اچ وڃ عام جام آهي،1998ع جي آدم شماري موجب ٺٽي جي آبادي11لک 13 هزار194 آهي،هن ضلعي ۾ ڪراچي جي آبادي جي حساب سان، پان ۽ گٽڪي جو وڪرو تمام گهڻو ٿئي ٿو، هن علائقي جي زمين سٺي هئڻ سبب هتي فصل تمام سٺا ٿين ٿا،سياسي طور تي هتي شيرازي سياسي ۽ معاشي طور تي تمام گهڻا مضبوط آهن،۽ پيپلز پارٽي ٻئي نمبر تي ڳڻپ ٿئي ٿي، جنرل مشرف جي سڄي دور ۾ شيرازي ٺٽي ضلعي ۾ اڇي ڪاري جا ما لڪ رھيا،جنهن ڪري نه رڳو هنن جي دولت ۽ جاھ ۽ جلال ۾ اضافو ٿيو،پر سياست کي راڄ ڀاڳ واري انداز ۾ هلائڻ جي نتيجي ۾ اهي ماڻهو عوام سان مڪمل طور بظاھر بيٺا رهيا، پر جڏهن هو اقتدار مان نڪتا ته ان جو پوتا ميل ڪرڻ سان اسان کي اندازو ٿيندو ته ٺٽي ضلعي جو هڪ به اهڙو شهر اوهان کي نظر نه ايندو جنهن کي مثال بڻائي اهو سگهجي ته اهو شيرازين جو ڪارنامو آهي،مشرف جي سڄي دور ۽ خاص ڪري مڪاني ادارن جا ٻئي دور شيرازين جي حوالي هئا پر انهي ۾ ڪو به اهڙو ڪم نه ٿيو جنهن سان سڌي ريت عوام جي ترقي  ٿي هجي يا ان جو عوام کي فائدو ٿيو هجي، شيرازي ذاتي اثر ۽ دٻدٻي جي بنيادن تي چونڊون کٽڻ جو هنر سکي ويا آهن،هن علائقي ۾ لٺ ۽ چٺ جي ڪاريگري ڪو هنن کان سکي، شيرازي ڀائر جيئن ته ڪا تنظيم يا ادارو ناهن ان ڪري هنن کان پڇاڻي جو ته سوال ئي پيدا نٿو ٿئي،ان ڪري هي عوام کان ووٽ وٺڻ جي باوجود به ان جي آڏو جوابده ناهن،جيتوڻيڪ هنن جي جيڪا طاقت هئي اها جيڪڏهن پوليس،روينيو، بدران ڪنهن ٻئي هنڌ به استعمال ٿئي ها ته ٺٽو تبديل ٿي وڃي ها. پر ڳالھ اها ته ڪاري وارا ڪک ساڳيا ئي رھيا،جڏهن ته ٻئي پاسي هنن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پيپلز پارٽي موجود هئي، پر انهي جي مقامي قيادت جي پاڻ ۾ ڄُنڍا پٽ جي ڪري نه رڳو پارٽي کي نقصان ٿيو پر پارٽي جي ڪارڪنن کي به لوڙڻو پيو، ضلعي ٺٽي ۾ اڄ به اها گنجائش موجود آهي ،پر مناسب رٿابندي جي کوٽ سبب ۽ مقامي اڳواڻن جي نااهلي جي ڪري ملڪ جي هيڏي وڏي پارٽي شيرازين جي حڪمت عملي آڏو بيوس نظر اچي ٿي. ۽گذريل سال ٺٽي ۾ آيل ٻوڏ جو سياسي نقصان پيپلز پارٽي کي ئي ٿيو، سجاول ۽ ٻين علائقن مان لڏ پلاڻ سبب جيڪي ماڻهو بدين ۽ ٻين علائقن ۾ لڏپلاڻ ڪري ڪئمپن ۾ ويا شيرازي انهن جي پوئيواري لاءِ انهن ڪئمپن تائين ويا،پر پي پي پي جو ڪوبه ماڻهو نظر نه آيو، جڏهن ته حڪومتي سطح تي ڪوششون ته ٿينديون رهيون پر انهن ۾ ڪابه تنظيمي رٿا بندي شامل نه هئڻ ڪري ڪوبه ماڻهوڪنهن تان نه پئي پيو،اڄ به اوهان ضلعي ٺٽي جي ڪنهن به شهر ۾ هليا وڃو،اقتدار ۾ نه هئڻ جي باوجود اوهان کي ماڻهو ٻڌائيندا ته “شيرازي وٽن پير ڀرين ٿا” پيپلز پارٽي جي مقامي قيادت لاءِ چار چڱا ٻول ڳالهائيندي اوهان کي ڪوبه نظر نه ايندو، اڄ به ٺٽي جي ماڻهن جي اڪثريت اوهان کي اهو ٻڌائيندي نظر ايندي ته سجاول ۾ پاڻي انهي ڪري آيو ته اهو شيرازين جو تڪ هو.

بدين

بدين ضلعو 5 تعلقن تي مشتمل آهي،جن ۾ بدين،تلهار،ماتلي،ٽنڊوباگو ۽گولارچي شامل آهن.هن ۾ ٻه قومي اسيمبلي۽ صوبائي اسيمبلي جون پنج سيٽون آهن. ۽ اهي سڀئي پيپلز پارٽي وٽ آهن، 1998ع جي آدم شماري موجب ضلعي جي آبادي11لک 36 هزار636 آهي، هن وقت ڊاڪٽر فھميده مرزا بدين گولارچي تڪ ۽ غلام علي نظاماڻي ماتلي ٽنڊو باگو تڪ تان قومي اسيمبلي ۾ نمائندگي ڪن ٿا،جڏهن ته بدين مان ڊاڪٽر سڪنڌر منڌرو،گولارچي مان محمد نواز چانڊيو،ماتلي مان مير محمد حسن عرف ميربابو ٽالپر،تلھار مان رئيس بشير احمد خان سريوال،۽ ٽنڊي باگي مان ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا ايم پي اي چونڊيا ويا، هن دفعي محترما بيظير ڀٽو جي شهادت کانپوءِ ٿيل چونڊن ۾ جتي پي پي پي مخالف اميدوارن جا ايجنٽ به موجود نه هئا،انهي صورت ۾ قاف ليگ جي اڳواڻ ياسمين شاھ، ڊاڪٽر فھميدا مرزا جي سامھون 24 هزار ووٽ کنيا هئا، ساڳي صورتحال تلھار واري ۽ ماتلي واري تڪ تي به هئي،ماتلي تڪ تان 2002ع جي چونڊن ۾ به پيپلز پارٽي غلام علي نظاماڻي کي ٽڪيٽ ڏني هئي، جيڪو ڪامياب به ٿيو پر تڪ ۾ هڪ ڏينهن به نه آيو،انهن ڏينهن ۾ هن وٽ اهو بهانو هو ته هو مخالف ڌر ۾ آهي ان ڪري کيس مٿي لفٽ ناهي،تنهن ڪري هو ماڻهن جا ڪم نه پيو ڪرائي سگهي،پر جڏهن 2008ع وارين چونڊن ۾ ساڳئي اميدوار کي ٽڪيٽ ڏني وئي ته سندس تڪ جي ماڻهن شديد مخالفت ڪئي، ۽ ڪيترين ئي جاين تي کيس ماڻهن جي شديد تنقيد به کيس برداشت ڪرڻي پئي،ان دوران محترما جي شهادت بعد صورتحال ئي تبديل ٿي وئي، ۽ هو اهڙي ريت ڪامياب ٿي ويو، هن دفعي به هن ائين ئي ڪيو جو هڪ دفعو به تڪ ۾ موٽي نه آيو آهي،غلام علي نظاماڻي هن تڪ تي پيپلز پارٽي کي جيترو نقصان ڏنو آهي ايترو نقصان پيپلز پارٽي  جا مخالف به نه ڏئي سگهيا آهن، ان ڪري ايندڙ چونڊن ۾ پي پي پي مڙسي ڪري چونڊون کٽي ته ٺيڪ ٻي صورت ۾ ڏاڍي ڏکي ڳالھ آهي، گولارچي مان  پي پي پي ٽڪيٽ تي چونڊيل محمد نواز چانڊيو به ٿورن ووٽن تان شهيد فاضل راهو جي پٽ اسماعيل راهو کان کٽيو هو ، هن تڪ تي ايندڙ چونڊن ۾ پي پي پي کي ٽف ٽائيم ملندو،بدين ضلعي جو اڳوڻو ناظم ۽ پيپلز پارٽي ضلعي بدين جو جنرل سيڪريٽر ڪمال خان چانگ انهي تڪ تان ايندڙ چونڊن ۾ مضبوط اميدوار طور ٻڌايو وڃي ٿو،جنهن کي اسماعيل راهو سان سخت مقابلو ڪرڻو پوندو،۽ جيڪڏهن پي پي پي ڪمال خان کانسواءِ ڪنهن ٻئي اڳواڻ کي پارٽي ٽڪيٽ ڏنو ته اهو ڪمال خان جيترو مضبوط نه هوندو، ٽنڊي باگي واري تڪ تي ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا گهڻا ڪم ڪرايا آهن،هن وقت اسپيڪر قومي اسيمبلي ڊاڪٽر فھميده مرزا ۽ ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا سندن تڪ کي تمام گهڻو وقت ڏنو آهي،۽ سامهون مضبوط سياسي ڌر نه هجڻ سبب ايندڙ سياسي منظرنامي ۾ هو انهي ئي انداز سان موجود نظر اچن ٿا،بدين جي ٻن قومي ۽ پنجن صوبائي تڪن باقي نمائندن جي ڪارڪردگي ساراه جوڳي ناهي، توڻي جو ان جو هڪ سبب اهو ٻڌايو وڃي ٿو ته “هنن” جي هلي ڪونه ٿي،ٿوري دير لاءِ انهي تي اعتبار به ڪري وٺجي ،پر  “هنن” کي ڪنهن روڪيو ته ناهي جو هو ماڻهن وٽ وڃن،انهن کي وقت ڏين،انهن جي ڳالھ ٻڌن،پوءِ ڀلي ڪم ٿئي يانه ٿئي،ماتلي مان چونڊيل ايم پي اي مير محمد حسن عرف مير بابو ٽالپر سان هڪ ڀيري سنڌ اسيمبلي ۾ ملاقات ٿي،اسان کيس دعوت ڏني ته توهان بدين پريس ڪلب اچو. هن چيو ته هو اسيمبلي اجلاس ۾ گهڻو مصروف هوندو آهي، باقي ڇنڇر ۽آچر جا ڏينهن هوندا آهن،اهي ڏينهن هن جي شڪار جا آهن، ۽ هو اهي ڏينهن ڪنهن کي به نٿو ڏئي سگهي،ڪجھ ڪلاڪن کانپوءِ جڏهن اسان جي بدين جي هڪ ٻئي ايم پي اي سان ملاقا ت ٿي ته اسان مير محمد حسن عرف مير بابو ٽالپر جي اهائي ڳالھ ڪئي ته هن ٻڌايو ته “هو اسيمبلي ۾ به نه ايندو آهي” زرداري صاحب هن جو ۽ غلام علي جو به ٺاهوڪو ڪلاس ورتو هو،پر هنن ٻنهي تي ٽڪي جو به اثر نه ٿيو.

بدين ۾ هن وقت ترقياتي ڪم تمام گهڻا ٿين پيا،جن ۾ سنڌ يونيورسٽي ڪئمپس جي تعمير،300 بسترن واري60 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان جديد اسپتال جي تعمير، تعلقي هيڊڪوارٽرن ۾ پبلڪ پارڪ، ضلعي جي سوين ڳوٺن ۾ وڏي پئماني تي بجلي ۽ گئس جي فراهمي،۽ سرڪاري ادارن ۾ نوڪريون قابل ذڪر آهن،پر ٽي ايم ايز معرفت ٿيندڙ ڪمن ۾ مناسب رٿا بندي نه ٿيڻ جي ڪري ڪروڙين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود اها رقم سرڪاري ناماچاري ۾ اضافي جو سبب بڻجڻ بدران ان جي پاپولرٽي کي نقصان پھچائڻ جو سبب بڻجي وئي آهي،  جڏهن ته هن وقت پي پي پي مخالف ڌرين جي مڪمل خاموشي ۾ هاڻي ڏار پوڻ شروع ٿي ويا آهن. شهيد فاضل راهو جي 24 هين ورسي تي جڏهن نون ليگ جو اڳواڻ ميان نواز شريف راهوڪي آيو ته ان ڏينهن ورسي ۾ موجود پي پي پي مخالفن جي  منهن تي خوشي ڏسي ائين لڳي رهيو هو، ڄڻ سکر مان بس ۾ سوار ٿي نڪتل مسافر کي ڪراچي جي ٽول پلازا تي ويهڻ لاءِ سيٽ ملي هجي، بدين ۾ پي پي پي مخالف ووٽ ۽ ڌريون تمام گهڻيون آهن،پر اهي هڪ ٻئي سان به سچيون ناهن،اهي رڳو وقت اچڻ تي پي پي پي خلاف ٺهندڙ محاذن تي گڏ ٿينديون آهن،۽ جڏهن حالتون نارمل ٿي وينديون آهن ته اهي به هڪ ٻئي سان لاتعلق بڻجي وينديون آهن،ٽنڊي باگي ۽ ماتلي تڪ ۾ پير پاڳاري جو چڱو خاصو ووٽ بئنڪ آهي،جڏهن ته گولارچي ۾ پيپلز پارٽي ۽ اسماعيل راهو جو ٿوري گهڻي فرق سان هڪ جيترو ووٽ بئنڪ آهي،هاڻي مذهبي ڌرين به هن علائقي ۾ پنهنجو ديرو ڄمايو آهي ، تازو گولارچي ۾ پيپلز پارٽي پاران هڪ وڏو عام جلسو ڪيو ويو. جنهن ۾  ۾ هڪ اندازي موجب 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئي،جڏهن ته سخت سيڪيورٽي، کاڌي جي عدم فراهمي سبب صبح سوير آيل ماڻهن مان هڪ وڏو تعداد به روانو ٿي ويو، انهي جلسي ۾ پر عام ماڻهن جي توقع موجب وزير اعظم اهي اعلان نه ڪيا ،جيڪي کيس ڪرڻ گهرجن ها

ٿرپارڪر

44 يونين ڪائونسلن تي ٻڌل ٿرپارڪر ۾ 4 تعلقا آهن،جن ۾ مٺي،ڏيپلو،ڇاڇرو۽ ننگر پارڪر شامل آهن، هن ضلعي جي آبادي 13 لک ۽ پکيڙ 22 هزار چورس ڪلو ميٽر آهي،هتي قومي جون ٻه ۽ صوبائي اسيمبلي جون  چار سيٽون آهن،گذريل عام چونڊن ۾ هتان ارباب خاندان ئي سموريون سيٽون کٽي ورتيون هيون،سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم جي وڏي ڀاءُ ارباب حاجي عبدالله جي روڊ حادثي ۾ وفات کانپوءِ خالي ٿيل سيٽ تي پيپلز پارٽي جو اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ  بنا مقابلي ڪامياب ٿيو هو، انهي ڪاميابي ۾ شرجيل انعام ميمڻ جي سياسي جوڙ ٽوڙ جو ڪوبه ڪمال نه هو،پر  ڪيترن ئي بااعتبار ماڻهن جو چوڻ آهي ته اها ڪاميابي هڪ ڊيل جو نتيجو هئي، جنهن ڪري ارباب گروپ جو اميدوار  شرجيل انعام ميمڻ جي حق ۾ هٿ کڻي ويو هو، ۽ اهڙي ريت هو بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويو هو. پيپلز پارٽي ٿر پارڪر ۾ اربابن سان باقائده مقابلو ڪرڻ لاءِ جيڪا حڪمت عملي ترتيب ڏني ،اها جيڪڏهن ڪامياب ٿي وڃي ها ته ممڪن هو ته ٿر ۾ پي پي پي کي فائدو حاصل ٿئي ها پر جن ماڻهن جي حوالي واڳون ڪيون ويون نهن انهي حڪمت عملي کي سمجهيو،۽ نه هو پنهنجا پير ڄمائي سگهيا،پي پي پي ٿر جي ٻن مقامي اڳواڻن گل محمد لاٽ ۽ کٽو مل جيوڻ کي سينيٽ تي چونڊرايو.۽ پيپلز پارٽي جي ضلعي صدر ڊاڪٽر مهيش ملاڻي کي اقليتن جي سيٽ تي ايم اين اي چونڊرائي ڀرپور موقعو ڏنو جيئن هڪ طرف مقامي ماڻهن جا مسئلا حل ٿين ته ٻئي طرف پارٽي هن علائقي ۾ مضبوط ٿئي. پهرين مرحلي ۾ سمورا اختيار شرجيل انعام ميمڻ کي ڏنا ويا،ترقياتي رٿائن لاءِ هڪ سنڌ پيپلز ڊولپمينٽ ڪميٽي جوڙي وئي جنهن جو کيس چيئر مين مقرر ڪيو ويو، چيو وڃي ٿو ته انهن ٻن اڍائي سالن جي عرصي ۾ سرڪاري آفيسن ۾ بدعنوانين جا رڪارڊ ٽٽي ويا، پيپلز پارٽي جي اهم عهديدارن کان ويندي عام ڪارڪنن تائين شڪايتن جو هڪ ڊگهو سلسلو شروع ٿي ويو، انهي صورتحال بعد شرجيل کي هٽائي گل محمد لاٽ کي انهي ڪميٽي جو چيئرمين مقرر ڪيو ويو، ان بعد ڪيترن ئي آفيسرن کي بدعنوانين جي الزام هيٺ نه رڳو هٽايو ويو پر مٿن انڪوائريون به ڪرايون ويو، جيڪي اينٽي ڪرپشن حوالي ڪيون ويون آهن.

ارباب ٿر کي سدائين پنهنجي ذاتي ۽ سياسي جاگير سمهجيو آهي،۽ انهي جاگير تي هو پنهنجو حق ثابت ڪندا آيا آهن، اڄ به جيتوڻيڪ هو ميڊيا جي منظرنامي تان گم آهن ،پر سندن ماڻهن سان جيڪو به ۽ جهڙو به تعلق آهي اهو جيئن جو تيئن برقرار آهي،  مرحوم ارباب امير حسن جي خاموش مخالفت جي باوجود ارباب غلام رحيم مشرف دور ۾ پهرين ڪميونيڪيشن منسٽر ۽ بعد ۾ وزيراعليٰ ٿيڻ بعد ٿر ۾ رستن جو هڪ اهڙو ڄار وڇرايو ،جنهن ڪڏهن ڪنهن تصور به نٿي ڪيو، ڪيترن ماڻهن جي گمان ۾ ئي ها ڳالھ نه هئي ته ڪو ماڻهو هڪ ڏينهن اندر بدين مان ننگر پارڪر مان گهمي واپس اچي سگهي ٿو،

چيو پيو وڃي ته ننگر پارڪر جي ٽي ايم او رڳو ڳوٺن کي ٽينڪرن ذريعي پاڻي پهچائڻ جي بهاني 24 لک رپيا اڪائونٽ مان حاصل ڪيا آهن، پر چوڻ وارا اها دعوا ڪن ٿا ته اها پاڻي واري رقم ننگر پارڪر ۾ تعمير ٿيندڙ شرجي ميمڻ جي ذاتي بنگلي تي خرچ ڪئي پئي وڃي، ٿر ۾ ان قسم جون انڪ ڪهاڻيون هاڻي ڪا نئين ڳالھ ناهي، مقامي پ پ پ اڳواڻن کي بااختيار ڪرڻ بدران انهن ماڻهن کي بااختيار ڪيو ويو آهي جيڪ اتان جي عام ماڻهو جي درد کي نه ٻڌن ٿا ۽ نه سمجهن ٿا، جيتوڻيڪ گل محمد لاٽ جنهن جو سياسي تعلق هن علائقي سان تمام گهڻو رهيو آهي ،۽ هن لاءِ عام راءِ اها آهي ته هو “کانچائي” ناهي ، پر ان جي باوجود  ٿر ۾ ارباب جي سياسي مقابلي لاءِ اڪيلو گل محمد لاٽ ڪجھ به نٿو ڪري سگهي،شرجيل انعام ميمڻ کي سمورن پارٽي ڪارڪنن ۽ پارٽي جي گهڻگرن کي گڏ کڻي هلڻ جو هنر نٿو اچي

razak.khatti@gmail.com

 

below article banner

پنهنجو رايو ڏيو

توهان جو اي ميل پتو ظاهر نه ڪيو ويندو. گهربل معلومات تي هيءَ نشان لڳل آهي: *

*

You may use these HTML tags and attributes: <a href="" title=""> <abbr title=""> <acronym title=""> <b> <blockquote cite=""> <cite> <code> <del datetime=""> <em> <i> <q cite=""> <strike> <strong>

صفحي جي چوٽيءَ تي وڃو